سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :19

سترهن ارڙهن سالن جي، ڊگهي قد ۽ چيلهه تي پوندڙ چوٽيءَ واري زيبو ڪاليج جي سهڻين ڇوڪرين مان ليکبي هئي. جيئن سندس ڪاريون، چنهنبياريون اکيون ماڻهو لهنديون هيون، ائين ئي وري اڌ ڳٽي تائين ايندڙ پنبڻ هئا جن جي اصليت تي به جيڪر ڪير شڪ ڪرڻ لڳي. زيبوءَ وٽ سونهن هئي ته البيلائي ازخود سندس من ۾ سموئجي ويئي. تڏهن ئي ڪاليج ۾ سارو وقت مذاق ڪندي هن ڪئين رئندڙن کي کلايو ته ڪيترا کلندڙ کائنس رُسي به ويا. هن ڪيترن استادن ۽ هڪ جيڏن تي نالا رکيا. ڪا ”چُوپڻي“ ته ڪا ”لغڙي“ يا ”ڍڳي“ سڏبي هئي. ائين هن ڪڏهن هڪ بينچ تي ويٺل ٻه ڇوڪرين جون چوٽيون ٻڌي ڇڏيون ته ڪڏهن ڪنهن جي پٺيءَ تي ڪارٽون وارو اسٽيڪر چنبڙايو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي. کل ته هن ڄڻ مڻن ڳنهي ورتي هجي ۽ هر طرف مسڪراهٽون پکيڙيندي رهي. تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ائين ضرور ٿيو ته هوءَ جُوه وجهي منصور ڏي ڏسندي هئي ۽ پوءِ خاصي دير چپ چاپ خبر نه ته الائي ڇا سوچيندي رهندي هئي. اهو ڪنهن به نٿي ڄاتو ته چلولي ۽ چاڳلي زيبو، دل ئي دل ۾ منصور کي چاهڻ لڳي هئي ۽ مائٽن جي ڊپ کان هن اهو راز زندگيءَ جي محل ۾ لوهي دروازي واري وڏا تالا لڳل هڪ ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ شايد ته منصور کي اِها خبر نه پوي ها... پر زيبو پاڻ ئي هڪ ڏينهن اِها ڳالهه کولي وڌي، جڏهن پيرڊ هلڻ دوران ”جان ڪيٽس“ جي پيار بابت هڪ بيت تي ڳالهائيندي منصور چيو هو: ”سڀ ماڻهو هڪجهڙا هوندا آهن، پر جڏهن ڪنهن سان پيار ٿي ويندو آ ته اُن جي نه هجڻ تي ساهه ٻوساٽبو آ.... ائين لڳندو آهي ته انسان کان وٺي خدا تائين جيترا به رشتا آهن، اُتي گڏ ڪندي به ماڻهو جو پيار وڌيڪ ٿيندو ۽ پوءِ ماڻهو، آڪاش جي اوچاين جيترو وڏو ستارن کان سهڻو بت، دل جي مندر ۾ سجائي رات ڏينهن اُن جي پوڄا ڪندو رهي.

ائين ڳالهائيندي ڪو نئون بحث ڇيڙجڻ تي جڏهن هن چيو: ”منصور، ارڏا، اڏول ۽ سرڦريا هوندا آهن... توهان عباسي حڪمران منصور کي ڏسو، منصور الحلاج يا اهڙي نالي واري ڪنهن ٻئي ماڻهو کي... هو يا ته تخت يا وري تختي تي بيٺل نظر ايندا آهن.“

”تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو کين چاهي ته...“ ڪنهن جي پڇڻ تي منصور وراڻيو:

”تخت بابت سوچي يا...“

”تختي بابت....“

”اهڙا خيال رکندڙن کي احتياط ڪرڻ کپي.... ڇو ته منصور جي ڀاڳ وارو سڪو اڪثر کوٽو نڪري پوندو آهي.“

”جيڪڏهن ڪو تختي بابت ڄاڻي به ڪنهن کي چاهي ته اُهو ڀاڳ جي کوٽي سڪي بابت ڪونه سوچيندو....“ الائي ڪيئن زيب النساء چيو ته هال ۾ ويٺل ڪيترين ڇوڪرين ڪنڌ ڦيري ڏانهنس ڏٺو هو.

”جيڪڏهن توهان ماڻهو جي نالي مان اُن جي ڪردار بابت ٻڌائي سگهو ٿا ته زيب النساء جي باري ۾ ڇيا چونؤ.“ زيبوءَ جي اِن سوال تي کيس ڇيڙڻ لاءِ ڪلاس جي ڪنهن ڇڪري، مرڪي منصور کان پڇيو ته ورندي ملي هئس: ”مان رڳو هڪ زيب النساء بابت ڄاڻان ٿو... دهليءَ جي ٽيهه هزاري باغ ۾ دفن زيب النساء ’مخفي‘ مغل حاڪم اورنگزيب جي وڏي ڌيءُ هئي.“ منصور چيو هو..... ”اورنگزيب بابت تاريخدانن جي راءِ آهي ته هند جو بادشاهه هوندي به هٿ سان قرآن لکي، اُنهن جي وڪري واري ڪمائيءَ مان پنهنجو خرچ ڪڍندو هو، پر تاريخ لکندڙ اِهو وساري ويٺا ته تخت ۽ تاج جي لالچ ۾ هن پنهنجي پيءُ شاهجهان کي جيل ۾ وجهرايو. قاضين ۽ عالمن جي هٿ ٺوڪين فتوائن جي بنياد تي پنهنجن ڀائرن دارا شڪوڪ ۽ مراد بخش کي قتل ڪرايو. پنهنجي ڌيءُ زيب النساءِ جي عاشق کي ٽهڪندڙ تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ اُڇلارائي ماريو.“

مذاق ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ منصور تاريخ جي هڪ باب کولي وڌو ته دلچسپي وڌڻ تي ڪنهن ٻيءَ ڇوڪري پڇيو هو: ”ڇا اُن کان پوءِ زيب النساءِ عشق نه ڪيو؟“

”تاريخ جي ڪتابن ۾ اُن بابت ڪي خاص حوالا ته ڪونه ٿا ملن پر اِها حقيقت آ ته هوءَ پنهنجي پهرئين پيار کي وساري نه سگهي هئي. تڏهن ئي هن عشق واري شاعري به ڪئي.“ منصور چيو هو.... ”ڇو ته عشق ڪنهن لاءِ اُن تيزاب وانگر آ جو ساوا وڻ به سڪائي.... ۽ ڪنهن لاءِ وري اُن امرت جيان، جو سڪل وڻ به ساوا ڪري.“

منصور جي اِها ڳالهه روزاني واري پڙهائيءَ جو حصو هئي پر ڪنهن به نه ڄاتو ته زيبو اُنهن ڳالهين تي حد کان وڌ ماٺيڻي ٿي اڃا به ڪجهه ٻيو سوچي رهي هئي. تڏهن ئي اُن ڏينهن لائبريريءَ ۾ منصور سان ملي هن چيو هو: ”توهان مون کي سٺا ٿا لڳو.“ ننڍي شهر ۾، سماجي رسمن ۾ بند هڪ نينگري جا دليريءَ وارا اِهي اکر منصور لاءِ حد کان وڌڪ حيران ڪندڙ هئا. تنهن هوندي به هن ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو ۽ مرڪي پڇيائين: ”ڪو خاص سبب؟“

”ڇا ضروري آ ته هر ڪم لاءِ ڪو نه ڪو سبب هجڻ کپي.“

”پوءِ به ڪنهن کان متاثر ٿيڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه ضرور هوندي آ.“

”مون کي وڌيڪ خبر ته ناهي پر الائي ڇو اڪيلائيءَ ۾ اوهان بابت سوچيندي آهيان.“ هوءَ چوڻ لڳي..... ”رات جي وقت هنڌ تي پيئي هوندي منهنجي ننڊ ڦٽي ويندي آ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات پاسا ورائيندي گذري ٿي.“ زيبوءَ جي اِن ڳالهه کي منصور پهريائين ته سندس مذاق جو انداز ڀانيو پرهن جي وساميل چهري ۾ ماٺيڻائپ کيس تمام گهڻو مُنجهايو. کيس اِهو به عجب لڳو ته وقت کي هر ويل کِل جي ڪاتيءَ سان ڪهندڙ نينگريءَ وٽ اهڙا خيال ڪيئن آيا.... ۽ سندس چونڊ ۾ به رڳو منصور ئي ڇو؟ ”پر هُو ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيو. هو وچولي طبقي جو سهر هو، جتي ماڻهو نه چاهيندي به مخصوص دائرن ۾ قيد ٿي جيئي ٿو. سڀ کان وڌيڪ کيس پنهنجي شهرت جو خيال هو، ڇو ته ”سج ڪڏهن به کاري هيٺان لڪي نه سگهيو آ.“ ۽ اهڙيون ڳالهيون واءُ مينهن ٿي رڳو خوار ئي ڪنديون آهن. تڏهن ئي هن زيبوءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُهو سڀ کيس ڏڌل کير وانگر واپس ٿڻين وجهڻ وانگر لڳو. عقل جي ڌارا کان پري بيٺل نينگري جيئن ٿڌ تيئن وڌ وانگر سندس ڪابه ڳالهه نه مڃي. کيس خبر نه هئي ته زيبو ڪئين هفتا يا ڪئين مهينا اڳ کان هن بابت سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي کيس ڪوبه اُنهن خيالن تان ڦيرائي نٿي سگهيو.

منصور ڄاتو پئي ته حاجيءَ وارا پنهنجائپ کان ٻاهر سڱ نه ڪندا آهن ۽ هو خود فريبيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارن مان نه هو. هن کي پنهنجي حيثيت ۽ حال جي خبر هئي. غريب مائٽ ۽ وڏو ڪٽنب، جن جو ذري گهٽ سڄو بار سندس مٿان هو. اهڙن ئي حقيقين جي ڪري، هن پاڻ کي زيبوءَ کان تمام پري بيٺل ڏٺو. ائين ڄڻ ته باهه جي درياءَ جي ٻن الڳ الڳ ڪنارن تي بيٺل ٻه انسان، جيڪي چاهيندي به پاڻ ۾ نه ملي سگهن ۽ سندن ضد جو انت رڳو موت ئي هجي ٿو، انڪري ئي هن زيبوءَ کي چيو: ”حقيقت اِها ناهي، جيڪا تون سوچين پيئي.“

”حقيقت اهوئي عمل آ، جيڪو اسان ڪيون ٿا.“

”تنهن هوندي به تنهنجا وارث ئي تو بابت صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿا.“

”مان عاقل، بالغ ۽ وات وڪيل آهيان.“

”تون زندگيءَ جي اهنجن رخن کان اڻ واقف آن.“ منصور چوڻ لڳو.... ”توکي خبر ناهي ته ڪيتريون ئي خوشيون ڪيترن ئي ماڻهن جي ڏکن جو سبب بڻيون آهن.“ ائين منصور کيس سندس مائٽن ۽ ڪاليج جي پرنسپال وٽ وڃڻ جو دڙڪو به ڏنو، پر زيبوءَ نه مڙي.

”ڪنهن کي اُن بابت ڪجهه چئي تون مون کي خوار ته ڪري سگهين ٿو، پر منهنجي ارادي جي اٽل ديوار کي ڪيرائي نٿو سگهين.“ زيبوءَ روئڻهارڪو ٿي چيو هو... ”مان زهر کائي پاڻ مارينديس... ۽ تو وٽ منهنجي يادن، وڇوڙي ۽ سوداءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو.“

منصور کي لڳو ته زيبو جنون جي هر حد اورانگهي چڪي هئي ۽ اهڙيءَ ويل ڪنهن جو ٿورو چوڻ به کيس هٿ وٺي مارڻ برابر هو. تنهن هوندي به منصور کيس رخ نه ڏنو ته هوءَ ڏينهون ڏينهن سوچن جي ڪُن ۾ ڦاسندي رهي. دل جي بي چيني ۽ اڻ کٽ خيالن کيس افعالن مان ڪڍي ڇڏيو. هن کل ڀوڳ ۽ مذاق سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو. لاڳيتن اوجاڳن، وسوسن ۽ اُڻ تڻ ڪري سندس بلڊ پريشر گهٽجڻ لڳو. رنگ ڦِٽي ويو ۽ ذهن ڄڻ ته انيڪ سوچن جو آستان بڻيل هجي. زيبوءَ جي اهڙي حالت منصور کي پريشان ڪندي رهي پر هو چاهيندي به کيس اهڙن خيال مان ڪڍي نه سگهيو. زيبو هن کي سٺي لڳندي هئي. هوءَ حقيقت ۾ به ايتري سٺي هئي جو ڪير بنا ڪنهن هٻڪ جي کيس پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، پر منصور لاءِ اهو هماليه جي ڪا اوکي چوٽي اُڪرڻ برابر هو، ڇو ته برادريءَ جون پنهنجون ريتون رسمون هيون ۽ پنهنجن کان ٻاهر مِٽي نه ڪرڻ جي ڪري سندن ڪيتريون ئي حسين ڇوڪريون ويٺي وَهي کائي مُيون، ته منصور جي ڪا سَڌ ڪيئن سچ بڻجي ها.

”توکي خبر هجي ته مان امير ناهيان.... مون وٽ مسڪراهٽون، خلوص، محبت ۽ پيار ته آهي، پر اُن سان ڪنهن به طرح ڪنهن جو پيٽ ڀرجي نٿو سگهي.“ هڪ ڏينهن منصور موقعو وٺي زيبوءَ کي چيو ته هن وراڻيو: ”ڇا زندگي گذارڻ لاءِ رڳو سُک ئي ضروري آهن.“

”پر گهڻن ڏکن ۾ ڪو گهڻو جِي نه سگهندو آ.“

”سُکن ۾ رهي به ماڻهو مري ته سگهي ٿو،“ ۽ منصور ماٺ ٿي ويو. سندس هر سوال جي موٽ ۾ زيبوءَ جو ائين امالڪ جواب کيس مُنجهائي ڇڏيندو هو. هو سندس اهڙي

ذهانت بابت ته ڪڏهن سوچي به نه سگهيو هو، تنهن هوندي به کيس سمجهائيندي چيائين: ”تون مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر زيبو!... تنهنجن مائٽن جي صدين پراڻين ريستن رسمن جي ڪري تون مون لاءِ اُن ماڪ وانگر آن جيڪا ٿوري اُس لڳڻ تي اُڏامي ويندي آ.“

”مان ڪنهن به طرح پنهنجن مائٽن کي مڃائي وٺنديس.“

”تون ڀُليل آن زيبو.... تنهنجا مائٽ اِها ڳالهه ٻڌي توکي ماريندي به نه مُڙندا.“ اِها حقيقت هئي ته بعد ۾ زيبوءَ پاران، ماءُ سان اِها ڳالهه ڪڍڻ تي تمام وڏو ممڻ متو. پڪي عمر ۽ ڳاڙهي مٿي واري پوڙهي حنيفا، مڙس سان اِهو سور ته نه سليو پر زيبوءَ کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍي هئي. هوءَ اهڙين عورتن مان هئي، جيڪي مرد جي مان لاءِ مرڻ تائين به تيار هونديون آهن. توڙي کڻي زيبو کيس گهڻي پياري هئي پر هن حاجي بابت به چڱي پر ڄاتو پئي. تڏهن ئي ڌيءُ کي سمجهائڻ جي ڪيائين پر ڪوشش ڪندي به ڪجهه ڪري نه سگهي. هڪ رات لوڪ ستي، اُٿي، ڪوئن جي دوا کائي زيبو پاڻ مارڻ جي ڪئي هئي.

مائٽن جي سخت ڪوشش تي زيبو بچي ته ويئي پر سندس اُن حرڪت تي جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون. حاجي ۽ حنيفا يا سندن پٽ ته ڪنڌ کڻڻ جهڙا به نه رهيا. پوري راڄ جي چؤپچو، سُس پُس ۽ ڪنن ۾ ڀُڻڪا ٻڌي هو ڄڻ ته جيئري ئي مري ويا. ائين زيبوءَ جو ڪاليج وڃڻ بند ڪيو ويو. ڇوڪريءَ جي پڙهائيءَ کان حاجي پنهنجن ريتن، قبائلي رسمن ۽ خاندان جي روايتن کي وڌيڪ اهميت ڏني. ائين لڪ ڇپ ۾ هن تَر جي چئن چڱن وٽ به دانهيو. واسطا وڏا، راڄ جا وڏيرا ۽ شهر جا ڀوتار پر منصور تي ڏوهه اچي نه سگهيو، ڇو ته زيبوءَ کي چاهيندي به ظاهر ۾ هُو هر ڳالهه کان وانجهه بيٺل هو. تڏهن ئي ڪنهن مٿس الزام نه آندو. پر سندس مائٽن کي اهڙي حرڪت زيبوءَ کي اڃا به وڌيڪ چيڙائي وڌو. هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هڏن جي مُٺ بڻجي ويئي. هڪ اهڙي ٻار وانگر جو من پسند رانديڪو کسجڻ تي کيٽو ڪري روئي ۽ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ تي نه ريجهي کيس اهڙو مرض لڳو جو ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه آيو. ڊاڪٽرن وس ڪيا. ويد، حڪيم، ويڄ طبيب... پر هر ڪنهن ائين ئي چيو: ”خبر نه هيءَ الائي ڇا پئي سوچي؟“ اِها خبر زيبوءَ جي پيءُ، ماءُ، ڀائرن، منصور، سندس ساهيڙين يا رڳو کيس ئي هئي.

”اسان پنهنجو ضد نه ڇڏيو ته هوءَ مري ويندي.“ هڪ رات سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ مصلي تي ويٺي ئي نظر جي عينڪ پائي، قرآن جو ورق ڪري، حاجي دعا گهرڻ لڳو ته سندس پاسي ۾ ويهي تسبيح پڙهندڙ جوڻهنس حنيفا کيس چيو.... ”خدا کي مَڃ حاجي.... ائين نه ڪر.“

”ڪنهن ٻئي جي حُالي رڪڻ بجاءِ مان کيس مُئو سهسائڻ پسند ڪندس.“

”پوءِ تون سندس سڄڻ ڪيئن ٿئين... سلان جي دعائن پويان ئي ته هوءَ ڄائي هئي.“

”تڏهن ته مون کي به پڳ ٻڌرائي ڇڏيائين.“

”هن جي ٻاراڻي طبيعت آ... کيس ڪهڙي ڪل ته ڇا ڪرڻ ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي“

”ته هاڻي ضد ڇو ٿي ڪري؟“

”اٻوجهه آ... من ۾ ڳالهه ويهي ويئي اٿس ته ڇا ڪجي.“

”سندس من ۾ ڪا غلط ڳالهه ويٺي ته مان مڃيندس ڇا؟“

”تون پيءُ آن... توکي هن جي مرضي رکڻ کپي.“ مڙس جي ڪاوڙ بابت اندازو لڳائيندي حنيفا هوريان هوريان چوڻ لڳي... ”وري به چڱو ٿيو جو گهر نه ڇڏيائين.... نه ته الائي ڪٿي ڪٿي رُلي ها.“ ائين حاجي ڪنڌ ڦيري ڏانهس ڏٺو، پر هوءَ چوندي رهي... ”ڪنهن ٻُڌايو پئي ته ڇوڪرو ڏاڍو سٺو آ.... سهڻو، اخلاق وارو ۽ نوڪري به ڪري ٿو.“

”ڀلي هجي، پر هو اسان مان ناهي... ڌاريو... هِتان جو سنڌي آ...“ زال جي ڳالهه تي مڇرجي حاجي چڙ مان چيو پر جوڻهنس ماٺ نه ڪئي. هوءَ ڄڻ ته اول ڪو فيصلو ڪري چڪي هئي:

”ڌاريو آ ته ڇا ٿيو:... مسلمان ته آهي... اسان پنهنجي مرضيءَ سان سڱ ڪيو ته راڄ ۾ گلا به نه هلندي... هونئن به پنهنجائپ ۾ اهڙو سڱ آهي ڪٿي؟“ ۽ توڙي کڻي حاجي ڪابه ورندي نه ڏني پر حنيفا چوڻ لڳي... ”مون کان زيبوءَ جي حالت ڏٺي نٿي ٿئي حاجي.... خدا لڳ پنهنجو ضد ڇڏ.“

”توکي خبر ناهي ته برادريءَ وارا اسان کي ڀَت ڀوت مان ڪڍي ڇڏيندا.“ هن چيو... ”هنن ته هاڻي به مهڻا ڏئي اڌ مئو ڪيو آ.“

”اسان جي معاملن ۾ برادري وارن جو ڇا؟... هوءَ تنهنجي منهنجي نياڻي آ. جو جي ڳالهين تي اسان هن کي نڌڻڪو ڪري ته نه اڇلائينداسين.“ حاجي کي ٿڌو ٿيندو ڏسي جوڻهنس چوڻ لڳي.... ”الله کي مڃ حاجي... مون کي منهنجي ٻچڙي بچائي ڏي... نه ته مان سندس پويان ئي مري ويندي سان.“ ائين حاجي کيس ماٺ رهڻ جو چئي دعا گهرڻ لڳو ته به حنيفا نه مڙي... هوءَ چوندي رهي.... ”تون جنهن هستي کان دعا ۾ سڀ ڪجهه پنين ٿو... اُن جي صدقي منهنجي نياڻي بابت سوچ.... هٺ ڇڏ، نه ته هوءَ مري ويندي...“ ائين خاصي دير کان پوءِ دعا ختم ڪري حاجي ڏانهنس ڪنڌ ڦيريو ته مڙس جي اکين ۾ اُڀري آيل ماٺيڻائپ مان حنيفا فرعونيت جي صديون پراڻي ميڻ رجندي ڏٺي.

ائين نه ته اِها رڳو زيبوءَ جي ضد ۾ اچي ڳچي پوڻ واري ڳالهه هئي، پر منصور به کيس حد کان وڌ چاهيو. هو ته لڄارو، حضور شم، ڊڄڻو يا حد کان وڌ شريف هو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته کيس زيبوءَ جي مائٽن ۽ پنهنجي مالي توڙي شخصي پوزيشن جو خيال هجي، تڏهن ئي هو کُلي طرح اِها ڳالهه ڪري نه سگهيو. پر حاجي ۽ سندس پٽن جي راضپي سان زيبو هن جي رڙ ٿي ويئي ته منصور کيس ساهه سمان ڀانيو.

”هن جڳ ۾ ڪنهن به هنڌ اهڙو ڪو به ماپو ڪونهي جو منهنجو پيارُ ڪَري سگهي.“

”مون کي خبر آ.“ مڙس جي ڳالهه تي جڏهن به زيبو مرڪي ڏنو ته هو پڇندو هو:

”ڪهڙي خگر اٿئي؟“

”اِهائي ته تون مون سان پيار نٿو ڪرين.“ پر زال جي ڳالهه تي منصور مِٽون سُڄائي منهن ڦيريو ته هوءَ کيس چنبڙي پوندي هئي:

”دل چوندي آ ته تون هر هر ڪاوڙجين ۽ مان رڳو پئي توکي پرچايان.“

”ائين ڪرڻ ۾ مزو ايندو اٿئي ڇا؟“

”تمام گهڻو.“ زيبو چوندي هئي... ”پنهنجو امتحان وٺندي هان ته تنهنجي پيار ۾ ڇا ڇا ڪري سگهان ٿي.“

”پوءِ ڇا ٿي سمجهين.“ منصور جي پڇڻ تي زيبو سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي سيني سان لڳي چوندي هئي:

”اڃا اهڙي ڪابه مهل نه آئي آ جو مان ٿڪجي پوان... تنهنجي پيار مان ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي. دل چوندي آ ته تون اڳيان هجين ۽ مان رڳو توکي ڏسندي رهان.“

”لڳيم ٿو ته تون هاڻي ٿوري ٿوري چري به ٿي پيئي آن.“

”چري ته مان اڳي به هئس.... پر تڏهن وات تي مُهر هجڻ ڪري ڪجهه ئي نه سگهي هيس.“

”مون کي ته مٿي ۾ سور وجهي ڇڏندي هئينءَ.“ زيبوءَ کي چيڙائڻ لاءِ منصور ائين ئي چوندو هو ته هوءَ تال ڪندي کيس ڌڪ هڻڻ لڳندي هئي.

منصور سان زيبوءَ جي زندگي ڏاڍي سٺي گذرڻ لڳي. هن کيس سندس سوچڻ کان به وڌ پيار ڏنو. ايتري محبت، جيتري شايد ته ڪير پاڻ سان به نه ڪري. ائين زيبو به مثالي زال وانگر مڙس جي لاءِ سارو وقت در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺي رهندي هئي. سندس ٿوري دير به کانئس سَٺي نه ٿيندي هئي. ڪنهن ڪم ۾ ڦاسي منصور ڀلي سڄو ڏينهن گهر نه اچي، ته زيبو به ماني نه کائيندي هئي ۽ بعد ۾ اُن ڳالهه تان مڙس کيس ڇِنڀيو به ته کلي چوندي هئي: ” تنهنجو اوٻاريل کائندي هان ته سڄو ڏينهن بک ئي نٿي لڳيم.“ ائين هوءَ پاڻ ئي مڙس جا ڪپڙا ڌوئيندي هئي. صبح سان اٿي ننڍي ٻار وانگر تياري ڪري کيس ڪاليج موڪليندي هئي. هن لاءِ هر ڏينهن نئين بهار جي شروعات ٿي آيو ۽ اهو قصو ڇهه سال هلندو رهيو. ان وچ ۾ کين ٻه ٻار به ٿيا، رينو ۽ غوث. ڌيءُ پٽ ڄڻ ته به سهڻا رانديڪا هئا، جي سارو ڏينهن ڪڏهن پيءُ ته ڪڏهن ماءُ جي پٽن تي چڙهي ڪڏندا رهيا. هو تمام گهڻو خوش هئا.... ۽ عجب لڳندو هو جڏهن منصور ٻارن بجاءِ زيبوءَ کي پٺن تي کڻي سڄي گهر جي آڳر ۾ ڊڪندو هو ۽ جوڻهنس جي رڙين تي به نه بيهندو هو. ماڻهو هنن جي پيار تي ريس ڪندا هئا. تڏهن ئي شايد کين ڪنهن جي نظر لڳي ويئي جو هڪ ڏينهن قسمت ساڻس مذاق ڪري وڌو. برسات جي هڪ رات، موٽر سائيڪل تي گهر موٽندي، ’چين اسڪوپ‘ ۾ ڦاسي، منصور جو پير کڙي وٽان وڍجي پيو ته هو کٽ وٺي ويهي رهيو.

پير جي کڙي سخت هجڻ ڪري، جيئن ته Blood circulation گهٽ ٿئي ٿي، انڪري اهڙا ڦٽ سوالائي سان نه ڇُٽندا آهن. شهر جي ڊاڪٽرن وٽان منصور کي جوڳو فائدو نه ٿيو ته هو پهريان بدين ۽ حيدرآباد جي هڪ نالي واري سرجن وٽ هليا آيا، جنهن گهربل ٽيسٽ رپورٽون چيڪ ڪندي منصور کي چيو مو... ”ڪيس ڏاڍو ڳنڀير آ ڇو ته ڌڪ جي ڪري مُرئي وٽ ملندڙ تنتن مان به ڪئين وڍجي ويون آهن... ۽ سڀ کان اوکي ڳالهه ته تون شگر جون مريض آن، تڏهن ئي ڦٽ مڙڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ان ڪري هاڻي گهڻ رخي علاج جي ضرورت آهي. هڪ طرف ڦٽ سُڪائڻ جي ته ٻئي طرف شگر جي ليول گهٽ ڪرڻ جي دوا ڏبي.“ ۽ منصور کي ماٺ اچي ويئي هئي.

”توهان کي ڪنهن به حالت ۾ پنڌ ڪرڻو ناهي.“ ڊاڪٽر کيس تاڪيدي هدايت ڪئي هئي ”ڇو ته نسن جي چرپر، وَڍُ خراب ڪري ڇڏيندي.... ۽ اِها ويتر نقصان جي ڳالهه آ.“

تنهن هوندي به منصور نه مُڙيو. هو پير جي کُڙي کوڙڻ بجاءِ پٻ تي هلڻ لڳو ۽ سندس اِها عادت اُن وقت ويتر وڌي ويئي جڏهن ڪاليج مان کيس موڪلڻ به بند ٿي.

”تون نٿو ڄاڻين ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ڦٽ وڏا وڍ وجهي ويندا آهن.“ هڪ ڏينهن منصور کي زيبوءَ چيو هو: ”تون هيڪلو ته ناهين... توسان گڏ ٽي جيون ٻيا به آهن. ها باقي اسان مان ڪڪ ٿيو آن ته ڀلي جيئن وڻئي تيئن ڪر.“

”تون ائين ڪيئن ٿو چوين زيبو؟“

”ڇو نه چوان...؟“ زيبو روئڻهارڪي ٿي ويئي هئي. ”پنهنجو تِر جيترو به خيال نٿو ڪرين.... ڊاڪٽر جي نصيب کي ته ليکين به نه پيو.“

”ڀلي هلي وڃي...“ سندس ڳالهه ڪٽي زيبو چوڻ لڳي: ”جيءُ آ ته جهان آ.... زندگي ۽ صحت رهي ته ماڻهو ٻئي هنڌ به لڳي سگهي ٿو.... پر ائين لاپرواهه ٿيڻ چڱو آ ڇا؟“ ۽ اِها هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه هئي. لاڳيتو ڇهه ست مهينا منصور جو علاج هليو ۽ فائدو ذري برابر به نه ٿيو ته ڏهاڙي واري اچ وڃ کان تنگ ٿي، ڪنهن جي صلاح تي هنن کيس حيدرآباد واري ”لال بتي“ ۾ داخل ڪرايو.

”همت نه هار، مان توسان گڏ آهيان.“ منصور جي پاسي ۾ ويهي کيس دلجاءِ ڏيندي زيبو چوندي هئي... ”تون ڇا ٿو سمجهين ته مان بس ڪري ويهنديس.“

”تون ڇا ڪندينءَ؟“

”تنهنجي علاج لاءِ مان پنهنجو سڀ ڪجهه کپائينديس.“

”تو وٽ ڇاهي...“ نه مڙس جي چوڻ تي هوءَ ماٺ ٿي کيس ڏسندي هئي. واقعي به وٽس ٺلهي جان کان سواءِ ٻيو ڇا هو. هلڪو ڦلڪو ڳهه ڳٽو ۽ پاسي ڪيل پئسا ته هو اول ئي خرچ ڪري چڪا هئا. هن معاملي ۾ توڙي کڻي ساهرن به سندن ساٿ ڏنو پر ڪيستائين؟ اهڙا ڊگها علاج ته رڳو ڪنهن امير ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه هئي. تنهن هوندي به زيبو دل نه لاٿي. هن چيو هو:

”ٻيو ڪجهه ڪيان يا نه پر قرآن کڻي الله سائين کي ايلاز ڪنديس ته منهنجي مڙس کي ٺيڪ ڪر.“

”تون نٿي ڄاڻين ته وڃڻ وارا ڪيئن ويندا آهن... سڏ ٿيو، ساهه جي تند ٽُٽي ته ويندڙن جي رستي جي ڌوڙ به نظر نه ايندي آ ۽ پويان رڳو پيار، جهيڙي، ويڙهه ۽ تڪرار جون يادون هونديون آهن.“ زيبو جي ڳالهه پويان منصور به ڪجهه چوڻ چاهيو پر اکر نه اُڪليس، ته ماٺ ڪري زال ڏي ڏسڻ لڳو. سندس اکيون آليون ٿي ويون هيون.

مڙس جي علاج لاءِ زيبوءَ وسان نه گهايو. پر خبر نه ته الائي ڇا هو جو ٺيڪ ٿيڻ بدران منصور ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي هڏن جي مُٺ وڃي بچيو ۽ پوءِ وفد جي صورت ۾ ٻاهران آيل ڪجهه ڊاڪٽرن کيس ڪينسر هجڻ جي ڇرڪائيندڙ ڳالهه ٻڌائي، زيبوءَ جو ساهه سڪائي ڇڏيو. بي پاڙي جهڙو، ڪنهن به سائي ڪاٺي ۾ تنتون ٽنبي ست چوسيندڙ ڪينسر هن جي اڌ جسم ۾ پکڙجي چڪو هو.

”هاڻي ته ڄنگهه ڪپڻ مان به ڪو فائدو ڪونهي.“ وفد ۾ شامل ڊاڪٽرن چيو هو... ”ڇو ته مرض سٿرن کان مٿي وڌي چڪو آ.“

”پوءِ ڇا ٿيندو ادا!“

”هاڻي ته خدا ئي کيس بچائي سگهي ٿو.“ زيبوءَ جي پڇڻ تي هڪ ڊاڪٽر چيو... ”هن لاعلاج مرض جي علاج طور ايندڙ هڪ سُئيءَ جو ملهه به هڪ لک روپيا آهي، جيڪا سگهه ڪو ڪروڙ پتي ئي ساري سگهي ٿو... ائين جيڪڏهن توهان لاهور کڻائي وڃو ته اُتان وارا به ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون ويٺا هوندا. اُتي به اهو سڀ مفت ۾ ته نه ٿيندو.“ ڳالهه ٻڌي زيبوءَ جو ست ڇڏائجي ويو. کيس لڳو ته ڄڻ سندس هيٺيون ڌڙ سُڪي ويو هجي. ڄنگهون بي سَتيون ۽ هيانءُ ٻڏڻ لڳو. بعد ۾ هوءَ ريهون ڪري رُني. دانهون ڪوڪون، رات جو نماز کان پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي دعائون پنڻ لڳي، پر ٿيڻو اُهوئي، جيڪو منصور سان واسطي ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن يا هن پاڻ به ڄاتو ٿي.

”لڳيم ٿو ته ڪونه بچنديس.“

”تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟“ منصور جي چوڻ تي زيبوءَ کيس ڏڍ ڏيندي هئي... ”ماڻهو کي الله جي رحمت مان مايوس ٿيڻ نه کپي.“

”پر مون لاءِ رحمت جو اُهو مينهن شايد ڪڏهن به نه وسي.“

”ائين نه چئو چريا!“ زيبو سندس وات تي هٿ رکندي هئي... ”توکي خبر آ ته غير جي خدا لاءِ به گٿا لفظ ڪڍڻ گناهه آ... پر تون پنهنجي رب لاءِ ائين پيو سوچين.“ ۽ توڙي کڻي زيبوءَ جو اندر خالي هو، پر مڙس کي همٿائيندي هوءَ چوندي هئي.... ”تو خدا ڏٺو آ؟“

”اونهون....!“

”پوءِ به اُن جي هجڻ جي پڪ اٿئي.“

”ها...“

”ته سندس وجود وانگر اُن جي رحمت به موجود آهي.“ زيبو چوندي هئي، پر ڪجهه به ڪڇڻ بنا منصور ماٺ ڪيو کيس ڏسندو رهندو هو. هن کي پنهنجي سڀاڻي جي سڀ خبر هئي. هو بُردبار هو ۽ ڄاتائين پئي ته پريشان ٿيڻ سان موت موٽي نه ويندو، پر شايد ته زندگي به پياري آ. پيار وارا ماڻهو، محبت ڪندڙ زال ۽ ڇاتيءَ جي وارن مثل ٻار ساري ڪو مشڪل سان ئي ماٺ ڪري سگهندو هوندو. منصور کي سڀ کان وڌيڪ زيبو، رينو ۽ غوث جو خيال ايندو هو، جن جي زندگي، سندس نه هجڻ ڪري يقينن ته اونداهين طرف ڌڪبي رهندي هئي.

”هوءَ پنهنجي وَهيءَ جو بار ڪيئن کڻي سگهندي؟“ رات جي هيڪلائيءَ ۾ جڏهن زيبو چپ چاپ سندس پيرن کان ويهي تسبيح پڙهندي هئي ته کيس ڏسي منصور سوچيندو هو... ”بهتر ٿيندو ته مون کان پوءِ هن کي ٻي شادي ڪرڻ کپي.“ ۽ بعد ۾ هڪ صبح سان زال جو هٿ پڪڙي هن کيس جڏهن اهڙي وصيت ڪئي ته زيبوءَ جون اکيون ڪينجهر جيان ڇُلڻ لڳيون هيون:

”ڇا تو اُن شاعر واري ڳالهه وساري ڇڏي، جنهن زال پاران ٻي شادي لاءِ زور ڀرڻ تي کيس چيو هو... تون شايد اِهو چاهين ٿي ته پارسين جي لاش جيان منهنجي ماهه کي به آسماني ڳجهون کائين.“

”مان تنهجي دل کي سمجهان ٿو زيبو... پر دنيا ڏاڍي ظالم آ... تنهنجو حسن ئي تنهنجو ويري بڻبو.“

”مان توکي بچائي وٺنديس ته دنيا وارا مون ۾ اکيون ڇو وجهندا.“ زيبو چيو ته ٽوڪ واري کل کِلندي، ۽ منصور چپن ۾ ڀڻيڪو هو:

”انڌي ماڻهو پاران سج ڏسڻ جي خواهش رڳو خواب ئي هوندي آ.“ ۽ پوءِ سندس علاج جو اُهو سلسلو ڪو گهڻو وقت هلي نه سگهيو. وقت گذرندي منصور جو مرض وڌندوويو. سندس ٽنگ جو گوشت ڳري ويو ۽ ڦٽ سهپ کان وڌيڪ ڌپ ڪري ويو. ايتري قدر جو اسپتال جا ماڻهو به نڪ تي ڪپڙو رکي کيس چيڪ ڪرڻ ايندا هئا. حقيقت ۾ هُو هاڻي رڳو پساهه پڄڻ جي انتظار ۾ هو. ائين هڪ ڏينهن اوچتو هن جي طبيعت خراب ٿي پيئي. اهو نظارو ڪنهن ننڍي قيامت کان گهٽ نه هو. جڏهن ريهون ڪندي زيبو ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جي ڪمري ڏي ڀڳي ته ٽيبل تي ٽنگون ڊگهيري ڪنهن سان ٽيليفون تي ڪچهري ڪندڙ ڊاڪٽر اهو سوچڻ بنا ته هوءَ ڪير آ، کيس الله جي نالي تي ٻه روپيه خيرات ڏني.

”مان فقيرياڻي ناهيان.“ زيبو دانهون ڪري ڪرڻ لڳي... ”منهنجو مڙس ٿو ڦٿڪي، ڊاڪٽر!... خدا جي واسطي اُن کي ڏسو...“ پر جيسين ڊاڪٽر منصور تائين پهچي، هو کانئس موڪلائڻ بنا اوکي پنڌ جو راهي بڻجي چڪو هو. هو نه ته پيءُ ماءُ ۽ ٻارن کي آخري ڀيرو ڏسڻ لاءِ ترسيو ۽ نه وري زيبو کيس ٻک وجهي روڪي سگهي.

ائين هو مري ويو. قضا پڄي آئي ته اڻ مندائتو موت سندس مقدر بنيو. ”حيلي رزق بهاني موت“ وانگر ڪينس ته رڳ بهانو ٿي آيو ۽ آڪاش جي اتاهين بلندين تي اوندهه جي آکيري ۾ رهندڙ وت جو اڻ ڄاتل پکي ڪنهن بکئي باز وانگر جهپٽ هڻي سندس جيون جي ڏور ڇني ويو. هن جو جيون، هوا ۾ رکيل ميڻ بتي جو اُهو شعلو بڻجي ويو، جيڪو واءُ جي هلڪي جهوٽي تي ئي پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آ. ننڍپڻ کان پيريءَ تائين وک وک تي ساٿ ڏيڻ واري حقيقت موت، پنهنجي هجڻ واري حيثيت ظاهر ڪري ويو هو. موت جنهن لاءِ ڪنهن به تياري جي ضرورت نه پوندي ۽ کيس موت به رڳو ان ڪري چون، جو اوچتو اچي تاريخ جو هڪ باب بند ڪيو وڃي. اسٽيشن تي ايندڙ اُن ريل گاڏي وانگر، جيڪا ڪڏهن به ليٽ نه ٿيندي آ. زيبوءَ جي دنيا ويران ڪري منصور پيارَ، محبت جون يادون ۽ گلن جهڙا رينو ۽ غوث ڇڏي هليو ويو ۽ سندس ٻارن کي خبر نه پيئي ته هُو ڪاڏي ويو ۽ ڪڏهن موٽندو. منصور جي دل ۾ به جيئري رهڻ جي آس ۽ امنگون هيون، پر هُو جي نه سگهيو. ”سدرة المنتهيٰ“ تي بيٺل ٻير جي وڻ مان سندس نالي وارو سائو پن، پيلو ٿي هيٺ ڪِريو ته دنيا مان پنهنجو ”مَن وسلويٰ“ کٽائي هو هميشه لاءِ اُڏامي ويو ۽ زيبوءَ جي دل اهو مندر بڻجي ويئي، جنهن ۾ انتظار جا ڏيئا ته ٻرندا رهن ٿا، پر هاڻي اُتي سيس نوائڻ وارو ڪير به نه ڪونهي.

نئين صبح سان سڀ ڪجهه ساڳيو هو. واهن ۾ وهندڙ پاڻي، پکين جي اُڏام، سج، چنڊ، ڪڪر ۽ هوا جا جهوٽا... پر منصور ڪونه هو. چون ٿا ته ڦٽ مان ايندڙ ناسون ساڙي دماغ تائين رسندڙ ڌپ جي ڪري، هن جي لاش جي ڀرسان ڪير به نه ويٺو. ڳوٺ جا مرد ۽ مايون پري پري هئا. کيس وهنجاريندڙ ماڻهن ڪپڙي سان منهن ويڙهيو. نماز واري توڙي قرآن بخشيندڙ مولوي، لاش کي ڪلهو ڏئي مقام تائين ويندڙ ڪانڌين ۽ مڙهه قبر ۾ لاهيندڙ همراهن جا به ٻوٿ ٻڌل هئا. منجهانئن هر ڪنهن اِها ڪوشش ڪئي ته تمام جلدي اها بدبوءَ مٽيءَ ۾ پوري ڇڏين پر اسپتال واري اهڙي حالت کان آخر تائين زيبو، کيس ڀاڪر کان نه ڪڍيو. هن ڪنهن به طرح کيس پاڻ کان پري نه ڪيو هو.

نسيم پارس گاد

ڪرسمس جو وڻ

ڊسمبر جا آخري ڏهاڙا آهن. پارو وسي رهيو آهي. پرهه ڦٽيءَ ۾ اڃان کوڙ سارو وقت پيو آهي. سيءُ ۾ ڏڪندو وڃي چانهه جو دڪان کوليو اَٿئين. حسب معمول سندس پهرين نظر روڊ جي ٻُهاري ڏيندڙ ڇوڪري تي پيئي آهي، جو روزانو پرهه ڦٽيءَ کان اڳ هن روڊ جي ٻهاري ڏيڻ ايندو آهي. سندس عمر مشڪل سان ست ورهيه ٿيندي. هو پيرين اگهاڙو، بنا گرم ڪپڙن جي يخ سرديءَ ۾ روڊ ٻهاري رهيو آهي. کيس پوريءَ طرح خبر آهي ته اڄ ڪرسمس جو ڏڻ آهي. اڄ دعا گهرن جو ڏڻ آهي. اڄ کين موڪل هئڻ گهرجي ــــ پر پوءِ به هو، ماءُ سان گڏ ڪرسمس جي ڏينهن روڊ کي ڄڻ يسوع مسيح جي آمد لاءِ سنواري رهيو آهي.

ننڍڙي ڇوڪري جو نانءُ يسوع آهي. يخ سرديءَ ۾، ڪرسمس ڏهاڙي، روڊ ٻهاريندي سندن ذهن ۾ انيڪ سوالن جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي. هو ويران ۽ ويڪري روڊ کي يڪ ٽڪ تڪي رهيو آهي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪان آهن، جي معمول جيان بند پيا آهن، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ چانهه جي دڪانن جي، جي پرهه ڦٽيءَ کان کُلڻ شروع ٿيندا آهن. يسوع اُنهن دڪانن کي تڪي رهيو آهي، جن جي هو صفائي ڪندو آهي. شايد هو اُنهن دڪانن ڏانهن سندس ذهن ۾ ڀٽڪندڙ سوالن جا جواب وٺڻ لاءِ تڪي رهيو آهي.

ماءُ ۽ پٽ روڊ ٻهاري، معمول جيان چانهه جي دڪان ٻاهر رکيل بينچن تي ويهي رهن ٿا. مجال آهي جو ڪوبه ڀنگي هنن بينچن تي ويهي سگهي! جيئن ته صبح جو پهر آهي، دڪان گراهڪ کان سواءِ ٻسو لڳو پيو آهي، سواءِ گڏهه گاڏين وارن جي، جي پنهنجن گڏهن گاڏين تي ويهي چانهه پيئندا آهن، تنهنڪري ٻئي ماءُ ۽ پٽ ٻاهرئين بينچ تي ويٺا آهن.

شام جي پهر ۾، ڪو صفائيءَ وارو هن روڊ جي ڪنهن به چانهه جي دڪان تي چانهه پيئڻ جي جرئت ڪري ناهي سگهندو. جڏهن روڊ ٻهاري ٿڪجي چور ٿي پوندا آهن، تڏهن هي ويچارا پاڻ سان گڏ آندل ڪوپن ۾ روڊ جي هيٺ ويندڙ گهٽيءَ ۾ پلٿي ماري چانهه جي چسڪي هڻندا آهن. ٿيا ته ”ويچارا“، جو شهر جي گهٽي گهٽي ٻهارين، پوءِ به ڪنهن هوٽل تي شاندار نموني چانهه پي به ناهن سگهندا. چانهه پيئڻ ته ٺهيو، هي هن روڊ تي ٺهيل ٻن سئنيمائن منجهه سڪون سان فلم ۾ ڪونه ڏسي سگهندا آهن. هنن جي وڏي عياشي فلم ڏسڻ هوندي آهي.

ٽولن جا ٽولا ٺاهي فلم ڏسڻ جا ارمان کڻي ايندا آهن، پر سئنيما جو مالڪ جڏهن ڏسندو آهي ته رش گهٽ آهي ۽ فلم جا پويان هفتا آهن، تڏهن هنن کي اجازت ملندي آهي ٿرڊ ڪلاس جي پهرين سيٽن اڳيان ڇڏيل فرش تي پلٿي ماري ويهڻ جي. وڏي اسڪرين آڏو ساندهه ٽن ڪلاڪن جي فلم سندن ڪنڌ کي مروٽي ڇڏيندي آهي. جي اوهين سئنيما اسڪرين آڏو پلٿي ماري فلم ڏسو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته هنن ويچارن سان ڪيڏي نه جُٺ آهي!

ننڍڙي يسوع اسٽان جي ڪنڊ ۾ رکيل ٻه ڪوپ ڌوئي اچي چانهه ٺاهيندڙ جي آڏو رکيا آهن. چانهه کڻي اچي ماءُ سان بينچ تي ويهي رهي ٿو. ماڻس چانهه کان بي خبر سئنيما جي پوسٽرن ڏانهن تڪي رهي آهي. پوسٽر جنهن ڏانهن هوءَ ٽِڪ ٻڌي تڪي رهي آهي، يخ سردي ۾ کيس گرم ڪمبل جو ڪم ڏيئي رهيو آهي. پوسٽر ڪنهن ڪنوار جو آهي جا گهونگهٽ ۾ پنهنجو منهن ڍڪي رهي آهي ۽ هڪ خوبصورت نوجوان ڪنوار جي گهونگهٽ کي مٿي ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيري رهيو آهي. ٻنهي جي چهري تي حياءُ جو ڏيک نمايان آهي، جو پينٽر نهايت خوبصورتيءَ سان ٺاهيو آهي.

ڪنوار جو پوسٽر ڏسي، يسوع جي ماءُ کي پنهنجي شاديءَ جي رات تڙپائي ٿي ڇڏي. خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي تنها ڪمري ۾ کٽ تي، گهونگهٽ سان ڍڪيل چهري مان، کٽ تي ويٺل ڏسي ٿي. انتظار اٿس پنهنجي سهاڳ جو، جو اجهوڪي اجهو اچي سندس گهونگهٽ کي مٿي ڪري سندس مُک پَسندو ۽ نيڻ چمندو.

ذهن ۾ ڊوڙي وڃيس ٿو يسوع جي پيءُ جو چهرو، جو سانورو، قدآور ۽ جانٺو هو. دل سان کيس چاهيندي هئي. دل جا ارمان اُن ڏينهن پورا ٿيس، جڏهن سندس دل جي راڻي اچي گهونگهٽ مٿي ڪري سندس نيڻ چميا هئا.

”شرمائين ڇو ٿي، مان تنهنجو پنهنجو سونو آهيان....“ شرمائجي پاڻ کي گهونگهٽ ۾ ويڙهي ڇڏيو هئائين. پر سونو، هن کي ڇهڻ بجاءِ هن ڏي منهن ڪري سندس جوانيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو هو، پوءِ هوءَ پاڻ مرادو هن جي هنج ۾ پيئي هئي.

پوسٽر مان نظرون هٽائيندي، لڙڪ نيڻن منجهان لارون ڪري وهي اچڻ ٿا. يسوع جي پيءُ جي اوچتي موت جي خيال کيس ڏنڀي وڌو.

”امان... هوءَ پٽ جي سڏ تي خوابن جي دنيا ۾ جاڳي پوي ٿي. ”امان چانهه ٿڌي ٿي ويئي...“ يسوع نمانا نيڻ کڻي ماءُ کي چيو.

”امان! اڄ ڪرسمس آهي نه.... “

”ها.... پٽ .... اڄ ڪرسمس آهي.“

ماءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ هڪ طويل خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.

ننڍڙو يسوع زهن جي ويرانن ۾ ڀٽڪندڙ سوال کڻي ويران روڊ ڏانهن نهار ڪندي ماءُ کان پڇي ٿو. ”امان.... پوءِ هي دڪان سينگاريل ڇو ناهن.... اڄ ته خوشي جو ڏينهن آهي نه...“

ماڻس يسوع جي حيرت زده سوال تي ڇرڪي پوي ٿي. ماڻس وٽ ڪوبه جواب ناهي. هوءَ کيس ڇا چوي؟ هوءَ کيس ڪهڙي ورندي ڏئي ته هن به خواب ڏٺا هئا، ڪرسمس جي رنگين جا، جي سندس وَر جي موت کان پوءِ اڻپورا ۽ اڌورا رهجي ويا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com