(61) حواشي مڪلي نامه – حسام الدين شاهه راشدي ص
412.
- تحفة الڪرام.
منڌرن جي روايتن ۾ فرخ سير جو نالو ڪافي ڀيرا ڪم
آيو آهي. عطر خان (1124- 1125هه)، مير لطف علي خان
(1128هه) نواب اعظم (1128- 1132هه)، سلطان محمود
خان (1134- 1138هه)، نواب سيف الله خان، (1138-
1142هه) نواب دلير خان، (1143- 1148هه) نواب همت
دلير خان (1148- 1149هه) ۽ نواب صادق خان (1149هه
– 1151هه) جي ڏينهن ۾ منڌرن جو نالو بار بار
تاريخن ۾ آيو آهي (س ش).
(62) منڌرن جي طاقت کان خوفزده ٿي نواب صادق مانڌر
تي ڪاهيو. محسن ٺٽوي کيس جنگ لاءِ چڱو اُڀاريو.
روزميه شهعر چيا پر هو سگهه ساري نه سگهيو ۽ واپس
وري ويو.
- تحفة الڪرام – مير علي شير قانع (سنڌي ادبي
بورڊ).
(63) تاريخ ڪلهوڙا. ج 1- غلام رسول مهر سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ).
(64) تاريخ سنڌ حصو 6 جلد 2، غلام رسول مهر 1964 ص
421.
(65) تاريخ سنڌ حصو ڇهون جلد 2 ص 645- 658.
غلام شاهه ڪلهوڙي، ڪڇ فتح ڪري موٽڻ کان پوءِ درگاه
قرهيو ڀانڊاري جي مرمت ڪرائي. چانگن ۾ ٻه ڀيرون
ڇڏيون، جي هينئر بدين جي جيلاني پيرن وٽ موجود
آهن.
(66) تاريخ سنڌ حصو 6 – ج 2- غلام رسول مهر.
بدين ضلعي ۾ جيڪي به دڙا آهن، انهن مان گهڻو سيڪڙو
مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه جي ياد تازي ڪن ٿا.
(67) تاريخ اميران ميرپور خاص، مير حاجي محمد بخش
ٽالپر (خطي).
- ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه – محمد سومار
شيخ (خطي).
- تاريخ مانڪاني ٽالپور – مهر ڪاڇلوي.
- تاريخ تمدن سنڌ، مولائي شيدائي.
- جنت السنڌ – مولائي شيدائي.
- خليفي نبي بخش لغاري جو رسالو – ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ.
- لاڙ جون نيم تاريخون ڪهاڻيون – محمد سومار شيخ
(خطي).
سنڌ سڄي جيجل سندم پر، لاڙ ۾ منهنجو بدين،
محتاج تعارف جو نه آه، تاريخ جنهن جي آه قديم،
شال منهنجي ديس جا، مارو مٺا خوش باش هون،
”عبد“ آءٌ بادين سارو، لاڙ ۾ منهنجو بدين.
- خليفو عبدالله ”عبد“ ميمڻ).
منڌرو محمد عيسى ”بلبل“
مانڌر
”مانڌر“ رياست چاچڪان (بدين) جو اهو حصو آهي، جيڪو
”سمان“ دور کان وجود ۾ آيو. انهي رياست تي اهو
نالو ”منڌرن“ تان پيل آهي، ڇاڪاڻ ته ”منڌرا“ قوم
جي هڪ شخص ”راڌڻ منڌرو“ جنهنجو تختگاهه ”مالهين جو
دڙو“ هو، اُتان اهڙا سِڪا مليا آهن، جن تي ”راڌڻ
منڌرو“ لکيل آهي. ”راڌڻ منڌري“ کان پوءِ ”گجڻ
منڌرو“، مير خان منڌرو ۽ آخري حاڪم ”تاجن منڌرو“
به ٿي گذريا آهن، جن هن رياست تي ڪلهوڙا دور تائين
خود مختياري سان حڪومت ڪئي.
”ريڻ“ ۽ ”ڳٺو ڍورو“ مانڌر کي آباد ڪندڙ وهڪرا هئا،
جن تي اڄ به ڪافي پير فقير آرامي آهن. ”مانڌر“ دڙن
سان ڳتيل رياست آهي. وک وک تي کنڊر ۽ بزرگ ملن ٿا،
سومرن جا تختگاه ”وير ٿري“ ۽ روپا ماڙيءَ هن سر
زمين ۾ موجود آهن. هتي مختلف دورن ۾ ڪئين صوفي
ڪرام آيا، جن پنهنجي ڪاني ڪرامت ۽ تبليغ سان قومن
کي مسلمان ڪيو. ڪن ڪارو اصحابي، شيخ ذڪريو ملتاني،
نظام شاهه، ڀاليرو پير، گهيٽار پير، شاهه صابر،
شاهه غني عبدالله شاهه، شاهه حسيني، سيد لال شهيد
دودو سومرو، چنيسر، شيخ دائود، ميران شاهه، ”ريڻ
درياءَ“ تي آرامي آهن. پير شيخ قرهيو ڀانڊاري
(جيڪو ”مانڌر“ ۾ چشتيه طريقي جو روحاني پيشوا ٿي
گذريو آهي)، کير سر پير، وانر پير، ڍال ڇٽو، احمد
شاهه، سيد اسماعيل بخاري، محبوب ساهه، مخدوم
ابراهيم منڌرو ۽ پير دوستن ڳٺي ڍوري تي ستل آهن.
سيد باجيت بخاري، راحت پير، سچا سيد، پکرالدين،
جعفر شاهه، رڪن الدين، بي بي بصران، لال ڇتو ۽ کاٻ
کنڊو، ميرواهه تي آرامي آهن. ان کانسواءِ پير يار
محمد شاهه قريشي، ريڻ جي ڇاڙ تي آرامي آهن، انهن
سڀني بزرگن جا ڏهاڙا ۽ ميلا لڳن، محفلون ۽ مجلسون
به ٿين.
مالهين جو دڙو، ڪوڪل جو دڙو، مائي ٿڌيءَ جو دڙو.
ويرٿري، روپاماڙي، مانجهي، رتاڀڙا، ڪونرسر جو ڪوٽ،
ريڻ درياءَ تي، مر کان جو دڙو، وانر جو دڙو، پير
شيخ قرهيو ڀانڊاري جو دڙو، سهڻيءَ جو دڙو، گنبو جو
دڙو، شيخ نورئي جو دڙو گجڻ جو ڪوٽ، نندڪوٽ، ساميءَ
جو دڙو، تاجن جو ڪوٽ، مرکئي جو دڙو، توت جو دڙو،
ٻاپئي جو دڙو، ڳٺي ڍوري تي، سيد باجيت جو دڙو،
سومري پليءَ جو دڙو، سهيلي جو ڪوٽ ميرواهه لڳ: اهي
سڀئي ڪوٽ، قلعا ۽ دڙا ڪنهن وقت آباد شهر هئا، جيڪي
اڄ سڃ جي سوکڙي بڻيل آهن. برسات ۾ انهن تان ڪافي
سڪا، زيورات، مڻيا، موتي، رانديڪا ۽ برتن لڀن ٿا.
”مانڌر“ ۾ ڪافي قومون رهن ٿيون، جن مان صرف منڌرن
جا 90 (نوي) راڄ آهن. منڌرن کان سواءِ ميمڻ،
ٽالپر، ملاح، سومرا، شورا، خاصخيلي، شيخ، جوڻيجا،
گوپانگ ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون. موجوده وقت سيراڻي،
ڀڳڙا ميمڻ ۽ آڪري ”مانڌر“ جا مرڪزي هنڌ آهن.
ماضيءَ ۾ ارباب عبدالرسول، ارباب غلام رسول، ارباب
رمضان، حاجي ڪمال الدين، ابراهيم ميمڻ، ڪرم الله
ميمڻ، مير علي ٽالپر، نور محمد منڌرو، متارو
منڌرو، سهيلو منڌرو، منٺار منڌرو، ”مانڌر“ جون اهم
شخصيتون ٿي گذريون آهن.
موجوده وقت ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو منڌرا قوم جو
اڳواڻ آهي. ازانسواءِ ابراهيم شورو، پٽيل محمد
عثمان ميمڻ، وڏيرو اسحاق منڌرو، عبدالرحمان منڌرو،
پير علي محمد، ٺارو منڌرو، ۽ وڏيرو مصري منڌرو
مانڌر جون اهم شخصيتون آهن.
ادبي دنيا جي لحاظ کان مانڌر جي اُڀ ۾ ڪئين ستارا
چمڪيا ۽ غروب ٿيا. اڳوڻن ۾ پير مٺو شاهه، رئيس
حيدر جوڻيجو، ڀاڳو ڀان، مر کان شيخڻ، سليمان
سوالي، مهراڻ راڄو، ڀرو ٻڍاڻي (منڌرو)، منٺار
منڌرو، پير غوث محمد شاهه، لال بخش جت، گل محمد
پاڳارو، پنجتني پيڃارو شيخ، الهه بچايو ۽ مولوي
احمد ملاح، مشهور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن جا
شعر ۽ ليکتون ڪي قلمي صورت ۾ ڪي راوين کان مليون
آهن. موجوده وقت ۾ عبدالحڪيم ”سنياسي“، محمد عيسى
”بلبل“، محمد خان ميمڻ، محمد سومار شيخ، ابوبڪر
شيخ، صاحبڏنو شيخ، حاجي محمد ”حاڪم“، محمد علي
موسيپوٽو، عبدالجبار جوڻيجو، رشيد صابر، الله بخش
ٽالپر، اُستاد غلام محمد ٽالپر، غلام مصطفى شاهه،
الهه بخش منڌرو، محمد خان ”مصروف“، غلام رسول
”عطائي“، دريا خان ملاح مانڌر جا اديب ۽ شاعر
آهن، جيڪي اهو ورثو سنڀاليو اچن. اُستاد لطف شيدي،
اسماعيل شاهه، سمون پيڃارو ۽ مهر علي لنڊ، سقر
ملاح راڳ ڪافيون ڳائيندڙ هئا. آچار ملاح، سکايو
ملاح، اسحاق ٻڍاڻي، جيارو منڌرو وڄائيندڙ هئا.
عبدالحڪيم ڪڇي، اُستاد محمد هاشم ٽالپر، حاجي سخي،
آمون سوڍو، اسحاق منڌرو (لالاڻي) مولود ڪڇندڙ هئا.
هن وقت جمعو شيخ، تماچي ملاح رزميه داستان ۽ ڳاهن
سان ڳالهيون يڪتاري تي چوندا آهن. ازانسواءِ
نورمحمد خاصخيلي چنگ، شاهه محمد شاهه پاوا، آچار
ملاح ڪاني، لال منڌرو دلو وڄائيندڙ مشهور آهن.
جان محمد لوهار، اسماعيل ميمڻ، سهيلو منڌرو، الله
بندو شاهه، مير علي، ابراهيم ميمڻ مانڌر جا مشهور
سخي ٿي گذريا آهن. رهاڻيون ۽ رس ٿيندا هئا، ماڻهن
۾ حيبئڻ هئا، ملڪ ۾ لاءَ ۽ ساءَ هئا، تڏهن اهي
سڀئي فنڪار ۽ سگهڙ جن ۾ پيرومنڌرو، پيرون خاصخيلي،
پيرو شاهه سيد، اڳي جا ۽ استاد بچل منڌرو، جمع
ڌانڌل، حسين شيخ، چنيسر ملاح، علو منڌرو، سليمان
سوڍو، سامتيو ڀڳت، اُڪيو ميگهواڙ، ڦوٽو جت، محمود
شيخ، طاهر منڌرو، علي چانگ، امام بخش ٽالپر هاڻي
جا شامل آهن. ڪچهرين جا مور هئا ۽ آهن. جيڪي مانڌر
جي لوڪ ادب کي پنهنجن سينن ۾ سموهيو ويٺا آهن، تن
مان محمد سومار شيخ، باديڻ شيخ، سائينڏنو منڌرو،
ارباب غلام رسول، بلو راڄو، عرس منڌرو (لالاڻي)،
ابراهيم منڌرو (جوڻيپوٽو)، عارب ڪورو مکيه آهن.
مانڌر جا مکيه اڳواڻ ملهه ۽ پهلوان ٿي گذريا آهن.
موجوده وقت ڏنون، محمد ملهه، طاهر راڄو، ابراهيم
وڍڙيو، علي پرهياڙ، حميد منڌرو، اسماعيل لوڻائي،
ناٿو ملاح، ”مانڌر“ جا مشهور پهلوان ۽ ملهه آهن،
جيڪي اهو ثقافتي ورثو سنڀاليو اچن.
اڳي ڏڙهو، ٻيلهاڙو، دريون، راند ٿيندي هئي، جن جا
چانڊوءَ جي ڊوڙ، روپا ماڙي، آڪري، سيراڻي ۽ ڀڳڙا
ميمڻ ۽ قرهيو ڀانڊاري مرڪز هئا. صادق سوڍو، جيارو
منڌرو، علو ٽڪورو، ماڪو شيخ، مبلو شيخ، رحيمڏنو
ملاح، الهه بچايو شيخ، راڌڻ شيخ ۽ ميوو شيخ مشهور
رانديگر هئا. هن وقت ورو جت، ملڪ محمد ٽالپر، فدا
حسين منڌرو (ٻتڙه) جهنڊو چانگ، عرس سوڍو، اهو پيشو
زندهه رکندا اچن.
اسڪولن کان اڳ ”مانڌر“ ۾ تعليم مدرسن ۽ کٿابن ۾
ڏني ويندي هئي، جيڪا قرآن شريف، نور نامي، عربي ۽
فارسيءَ تي مبني هئي. ڀڳڙا ميمڻ، پير عالي شاهه،
ويرٿري، سيراڻي، آڪري، قاضيا، پير فتح شاهه، دينار
خان ٽالپر، منٺار منڌرو، لاکيار منڌرو، نور محمد
منڌرو، ابراهيم منڌرو ۽ پير شيخ قرهيو ڀانڊاري ۾
اهڙا مڪتب ۽ کٿاب هئا. انهن مدرسن ۾ جيڪي عالم ۽
مولوي تعليم ڏيندا هئا. تن ۾ جان محمد جاتيءَ
وارو، محمد هاشم ساٽي، غلام علي گوپانگ، عثمان
ڀان، ولي محمد ٽالپر، ميانجي يعقوب منڌرو، ميانجي
محمد موسى، حمر پرهياڙ، محبت موسيپوٽو، حاجي احمد
ملاح، محمد حسن ٻاٻريو، اهم هئا. هن وقت مانڌر ۾
ڀڳڙا ميمڻ ۾ هڪ هاءِ اسڪول، سيراڻي ۾ مڊل اسڪول
کان سواءِ هر ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇايل
آهي.
مانڌر جو شڪار به مشهور آهي، ساحلي علائقي ۾
روهاڪي پکي رائي سان رهاڻيون ڪن. ڍنڍن ۽ ڍورن ۾
آڙي، ٻگهه ۽ ٻيا پکي رهن. جهنگل ۾ تترن ۽ سهن جو
شڪار ٿئي. ڍنڍن ۾ مڇي، ڪانيون ۽ پن جام ٿئي، جيڪا
هتي جي وڏي آمدني آهي. ڪمند، وونئڻ، ڪڻڪ ۽ تيلي
ٻجن کان سواءِ هتي سارين جا فصل ٿين. موجوده وقت
قاضيا واهه، مورجهر ۽ مير واهه مانڌر کي آباد ڪندڙ
واهه آهن.
سامونڊي ساحل نزديڪ هئڻ سبب هر سال ڪافي ديهون ٻوڏ
جو شڪار ٿين ٿيون ۽ ڪن ديهن ۾ لوڻ ڄميل آهي، جن ۾
آبادي جي ڪابه اميد ڪونهي.
شيخ قرهيو ڀانڊاري، روپا ماڙي، مخدوم ابراهيم
منڌرو، جا ميلا ڌوم ڌام سان ٿين، جن ۾ ادبي محفلون
۽ مجلسون به ٿين. شيخ قرهيي جي ميلي کي ثقافتي رنگ
ڏيڻ جو سهرو شيخ محمد سومار جي سِر تي آهي.
ازانسواءِ سڀني بزرگن جي تڪين تي ميلا ۽ ڏهاڙا
مقرر تاريخن تي لڳن، جن ۾ واپار سان گڏ، ملاکڙا،
گهوڙن ۽ ڍڳن جون ڊوڙون، رانديون، سماع، راڳ ۽ رس
کان سواءِ مولودن جون به محفلون ٿين. موجوده وقت
ماستر محمد ابراهيم جي ٻاري، ملڪ موسيپوٽي، گل
شاهه ۽ عبدالله منڌري ۽ محمد سومار گهمناڻي جون
ٻاريون مشهور آهن، جيڪي ماپيري سومار يت اوليائن
تي حاضري ڀرين.
مانڌر جو ويس جديد ذهنن ۽ پراڻن دهلن تي نچڻ وارن
کانسواءِ باقي سڀ مردن ۾ پٺڪو، صدري ۽ سلوار جو
رواج هليو اچي. مايون گربي، پڙو، ٻانڌڻ، گج ۽
ڪنجريون پائين، ليڪن نئون نسل انهن ڳالهين کان
باغي آهي. مانڌر جو ڀرت به مشهور آهي، مايون
پنهنجي ڀرت جي ڪماليت ڪنجرين، رومالن، گجن تي ظاهر
ڪنديون اچن. رليون به هتي جو مشهور هنر آهي،
ازانسواءِ ڪافي واڍا، لوهار تڏن تونرين، پکن ۽ سٽ
ڪتڻ ۽ اُڻڻ وارا شامل آهن، جيڪي پنهنجو ورثو
سنڀاليو اچن. اُستو ڀنگر، جمعو ڌانڌل، علي منڌرو،
محمد ملاح، عبدالله حجام، استو عبدالله، انهي ڪم ۾
تمام مشهور آهن.
اڳي جڏهن هٿ جي لکڻ جو رواج هو تڏهن ڪاتب پنهنجا
ڪرتب لکيت ۾ ظاهر ڪندا هئا. جمعو ڪاتب، حاجي شير
محمد سيد، حاجي هاشم، محمد حسن ٻاٻريو، حافظ حاجي
ڦُل ۽ طاهر فقير هتي جا مشهور ڪاتب هئا، جن جا اڄ
به قلمي نسخا موجود آهن.
”مانڌر“ ۾ اڄ به ماستر محمد ابراهيم منڌرو، حاجي
احمد منڌرو، جمن شاهه سيد، عبدالله منڌرو درزي،
پوچ جي ڪم کان سواءِ اڳٺ، مورڙا، راسون ۽ ڳانڍيا
به ٺاهين.
مانڌر ۾ ٻروچن کانسواءِ (جيڪي پنهنجي گهگهي جو ننگ
رکيو اچن،) باقي سماٽ قومون، نٿ، وينڍو، تائٿ،
پنڙا، دهري، ٻارکيون، سريون ۽ چوڙيون، وينڍ، ورڻا
به پائين، جت قوم ۾ وينڍي ۽ نٿ جو رواج هليو اچي.
ميمڻ مانڌر جي واپاري قوم آهي. ڀڳڙا ميمڻ ۾ سيٺ
محمد رحيم ميمڻ ۽ احمد ميمڻ جون مشهور ڪوٺيون آهن.
”مانڌر“ جي ڌرتيءَ کي وڏو شرف آهي، ڇاڪاڻ ته هتي
ڪافي بزرگ، مست ۽ پير فقير آرامي آهن، جن جي
مريديءَ ۾ هتي جون قومون ٻڌل آهن.
سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي هتان ڀيرو ڪيو هو. عبدالله منڌرو، مهراڻ
راڄو ۽ مهراڻ پوٽو ساڻس گڏ هئا، جن جا پويان اڃا
تائين پاڻ کي ڀٽائي جا خليفا سڏائين ٿا. هتي جيڪي
به قومون آباد آهن، سي جيلاني جي گادي، ٻوچڙائي
پيرن جي گادي، پير سائين پاڳاري جي گادي، شاهه
ڪريم جي گادي ۽ ڀٽائي صاحب جي گاديءَ سان وابسته
آهن، انهن کانسواءِ پير صوبدار قريشي مست جا به
ڪافي مريد آهن. اهي سڀ قومون منڌر ڀٽ،
ڪڇ، ٺٽي، جاتي ۽ ولاسي کان هتي مختلف وقتن ۾ آيل
آهن.
رُوپا ماڙي، ماري جو دڙو، مالهين جو دڙو، مهري جو
دڙو، هُميت، وانر (راوڙ) مانڌر جا مکيه ميدان
ڪارزار آهن، جتي اڄ به ڪافي هڏا ۽ کوپڙيون پسجن
ٿيون ۽ لوهي تير به ملن ٿا.
مانڌر جتي ٻين ڳالهين سان مالا مال آهي، اُتي هيءَ
سر زمين عشقي داستانن ۽ نيم تاريخي داستانن جو به
ڀنڊار آهي. سانوڻ فقير هجي يا ليلان چنيسر، اُملي
۽ سوايو هجن يا حافظ فقير ۽ محبوبہ، ڪانڊيرو ۽
ٻانهياري هجي يا سامي ۽ راڻي، ٺوڙهو ملاح ۽ ويرٿري
هجن يا پنيو ملاح ۽ سڌئين سڀ هن سر زمين جا عاشق
آهن، جيڪي مجازي محبوبن جي نيڻن جون نشانيون ٿي
ويا ۽ نيٺ پنهنجا اُڌما، آواز، شاعري، لکيت يا
ڳائڻ وڄائڻ سان ظاهر ڪري هميشہ لاءِ جدا ٿي ويا.
اهي سڀ ڳالهيون اڄ بره جو اهم باب آهن، جن مان
شعور مند انسان ڪئين نتيجا اَخذ ڪري سگهي ٿو.
|