ڀنڀور وارين ٺڪرين تي لکيل لپينءَ جي جائزي مان نه
فقط لاڙ ۾ مروج لپين جي ڄاڻ ملي ٿي پر انهن جي ڇنڊ
ڇاڻ سان سنڌي زبان جي لکت جي تاريخ جي باري ۾ گهڻو
مواد ملي سگهي ٿو.
هن ڏس ۾ سڀ کان اڳ ۾ ابن نديم (وفات 955ع) ۽ پوءِ
البيروني سنڌي زبان جي هن گم ٿيل باب تي روشني
وجهي اُن کي منظر عام تي آندو. البيرونيءَ ته سنڌ
وارن تي اهو وڏو احسان ڪيو جو هن پنهنجن ڪتاب –
ڪتاب الهند ۾ سنڌ ۾ مختلف علوم جي لفظن جهڙوڪ علم
جاگرافي، علم هيئت، علم نجوم، علم طب، وڻج واپار ۽
روزانه زندگيءَ لاءِ ڪم ايندڙ لفظن جون لڙهيون
ڏنيون، جيڪي اڄ به معمولي ڦير گهير سان سنڌ ۾ ڪم
ايندا آهن، انهن مان ڪي لفظ هي آهن:
ڪتاب الهند ۾ ڏنل
عام سنڌي لفظ ڪتاب الهند
عام سنڌي لفظ
لفظ
پُروش پُرش
ماش ماهه
موڪُش موک
اُگڪ انگ
راڪشس راڪاس گگن
گگن
لوڻ مشتي لوڻ مٺ چيتر چيٽ
آڪشر اکر پوش پوهه
اُتر اُتر دڪشڻ
ڏکڻ
راتري رات ڪشڻ کن
برهه ورهه آدر
آڌڙ
جدولون:
1 ماش (ماسو) = 4 اندي (وڻ جو ٻج)
1 انڊي = 4 يَو (جو)
1 يَو = 6 ڪلا
1 ڪلا = 4 پاد
1 پاد = 4 مدري
8 جَو = 1 اَڱگل (آڱر)
24 اڱگل = 1 هٿ
4 اڱگل = 1 لام
4 هٿ = 1 پان
40 پان = 1 نلو (نري)
15 نلو = 1 ڪروش (ڪوهه)
ابن نديم جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن هن سنڌي زبان کي
ڌار ڌار قومن وٽ ڌار ڌار لپين يا رسم الخط ۾ لکندي
ڏٺو هو. هو لکي ٿو:
”سنڌ جي ماڻهن جون ٻوليون ۽ مذهب مختلف آهن ۽ رسم
الخط متعدد آهن. سنڌ ۾ ويندڙ هڪ سياح مون کي ٻڌايو
ته ’سنڌي ٻوليءَ جا تقريباً 200 رسم الخط آهن.‘“
اُن ساڳئي سياح ٻڌايو ته ”سنڌ جي ماڻهن ۾ عموماً 9
رسم الخط رائج آهن.
البيرونيءَ جو بيان ته وڌيڪ وضاحت وارو آهي. هو
پنهنجي تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ لکي ٿو ته ’سنڌ جي
ڏاکڻئين خطي ۾، سامونڊي ساحل تائين، مالو شائو
نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ملواڙي،
چيو ويندو آهي.‘
بمنوا ۾ سئندو رسم الخط ڪم ايندو هو. لاڙي خط لاڙ
۾ ڪم ايندو آهي. ارڌ اکري خط ڀاٽيا ۽ ٻين خطن ۾
گهڻو ڪم آڻبو هو.
ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي بيانن انهن دعوائن کي
مضبوط ڪيو، جن موجب ائين چيو ويو هو ته اها راءِ
غلط آهي ته سنڌي زبان سنڌ ۾ عربن جي حڪومت کان
پوءِ موجوده صورت ورتي آهي، پر سياحن جا احوال هن
دعوى کي ٽيڪو ڏين ٿا ته سنڌي زبان سنڌ ۽ عرب حڪومت
کان اڳ هڪ معياري روزمره جي اشيا واري ۽ واپاري ڏي
– وٺ لاءِ ڪم ايندڙ ۽ هڪ معياري ٻولي هئي، جا
مختلف قومن جي ماڻهن ۽ مختلف ڌنڌن ۽ طبقي وارن ۽
ڌار ڌار خطن ۾ رهندڙ باشندن پنهنجي پنهنجي حلقي ۽
ماحول ۾ نه فقط ڳالهائڻ ۾ ڪم ٿي آندي، پر ڌار ڌار
لپين ۽ رسم الخطن ۾ پئي لکي. معلوم ٿو ٿئي ته اهي
لپيون ماڻهن سان گڏ مختلف مرحلا طئي ڪنديون، هر
حال ۽ هر حادثي سان گذرنديون، پنهنجن لکندڙن يا
وارثن سان گڏ قائم ۽ دائم رهنديون آيون آهن. زمانو
جيئن انهن جي لکندڙڻ کي ختم ڪري نه سگهيو، تيئن
انهن جا لکندڙ وري هر زماني ۽ هر حال ۾ انهن کي
سانڍيندا ۽ سنڀاليندا آيا. ايتري قدر جو ڪلهوڙن،
ٽالپرن جي دور ۾، جو هي انگريز سياح سنڌ ۾ آيا،
انهن کي به هتي عرب سياحن وانگر ڪيترائي رسم الخط
نظر آيا، جن ۾ سنڌي زبان لکي ٿي وئي ۽ جيڪي ڌار
ڌار قومن جا ماڻهو، ڌار ڌار ڌنڌن ۽ ڪسرتن وارا ۽
پنهنجي پنهنجي خطي ۾ واپاري روزناما، بنديون، ٻيجڪ
۽ ڪالابا وغيره لکندا هئا. هت هي سوال پيدا ٿئي ٿو
ته ممڪن آهي ته ڪلهوڙي ۽ ٽالپري دور واريون لپيون
جن جو انگريز سياحن ذڪر ڪيو آهي، اهي ساڳيون هجن
جيڪي البيروني ۽ ابن نديم جي دور ۾ سنڌ ۾ رائج
هيون، انهي سوال جي جواب لاءِ ڀنڀور جي کوٽائي مان
مليل ٺڪرين تي لکيل اکر اهو دليل پيش ڪن ٿا ته اهي
سنڌ ۾ عربي حڪومت کان اڳ واري دور جون آهن ۽ جن
لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر اهو رايو قائم
ڪيو هو ته اهي مقامي آهن ۽ ڪاريءَ ڪلڪ سان لکيل
آهن.
ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن کي ٽالپري دور ۾
رائج اکرن سان جڏهن ڀيٽجي ٿو ته ائين دعوى سان چئي
سگهجي ٿو ته انهن مان ڪي رسم الخط نه فقط ٽالپري
دور ۾ قائم ۽ دائم هئا پر انهن مان ڪي سومرن، سمن
ارغونن ترخاني دور ۾ ۽ ٿوري تبديليءَ سان اڄ به
لوهاڻڪي رسم الخط ۽ لاڙي رسم الخط جي نالي سان نه
پر خواجڪي رسم الخط ميمڻ رسم الخط جي نالن سان
مروج آهن.
لاڙ ۾ ميرپور ساڪري، جاتي، غلام الله ديري طرف جا
خواجا مسلمان ٿيڻ کان اڳ لوهاڻڪو رسم الخط استعمال
ڪندا هئا، جنهن کي پوءِ خواجڪا اکر يا چاليهه
اکريري سڏيو ويندو هو. اهو رسم الخط اڄ به هندستان
۽ آفريڪا ۾ سنڌيءَ جي نالي سان آهي. اهڙي طرح جوڻ،
فتح باغ، بدين، راهموڪي بازار مشهور قديم شهرن ۽
بندرن جا نومسلم خواجه لاڙي رسم الخط ٿوريءَ
تبديلي سان ڪم آڻيندا هئا. انهي لاڙي رسم الخط جا
ڪي نمونا جوڻ شهر جي ڦٽل دڙن جي ڀر ۾ اوڀر طرف،
سيد ڪبير شاهه جي درگاهه جي پاسي ۾ خواجه جماعت جي
قبرستان ۾ قبرن تي اُڪريل ڏسي سگهجن ٿا.
اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته ابن نديم 9 رسم الخطن جو ذڪر
ڪيو آهي، ممڪن آهي ته هن اهي فقط لاڙ ۾ ڏٺا هجن،
ڇو ته ٽالپوري دور تائين سنڌ ۾ ديوانگريءَ مان
ٺاهيل جيڪي رسم الخط رائج هئا، اهي هي هئا:
(i)
ٺٽي شهر ۾ ٻه رسم الخط لکبا هئا، اُنهن مان هڪ کي
لوهاڻڪو رسم الخط چيو ويندو هو، جو لوهاڻا قوم
استعمال ڪندي هئي، ٻيو ڀاٽيا رسم الخط جيڪو ٺٽي
شهر جا ڀاٽيا ڪم آڻيندا هئا.
(ii)
لاڙائي يا لاڙي رسم الخط:
هي رسم الخط لاڙي بندر جا واپاري ۽ فتح، باغ جوڻ،
رڙي، راهموڪي بازار جا واپاري ڪم آڻيندا هئا.
(iii)
راڄائي رسم الخط:
هي رسم الخط دبي، ميرپور ساڪرو ۽ جاکي بندر جا
ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.
(iv)
ميمڻڪو رسم الخط:
هي رسم الخط ٺٽي جا ميمڻ ڪم آڻيندا هئا، جيڪي پوءِ
سنڌ جي ٻين حصن ڏانهن لڏي ويا.
(v)
خواجڪا اکر:
هي خط نو مسلم لوهاڻا خواجه ڪم آڻيندا هئا. هي خط
لوهاڻڪي خط سان گهڻو ملي ٿو.
(vi)
ڏاکڻي لوهاڻو رسم الخط:
هي خط اڳوڻي چاچڪان سرڪار جي جوڻ، فتح باغ ۽ بدين
طرف جا لوهاڻا ڪم آڻيندا هئا.
(vii)
ونگائي رسم الخط:
هي رسم الخط موجوده بدين ضلعي ۽ اڳوڻي چاچڪان
سرڪار جي ونگو، ولهار، ڪوڇي، پرڳڻن ۾ ڪم ايندو هو.
پراڻ تي هڪ وڏي بندر ونگي پتڻ، ٻنگار جي شهر ۽ باغ
جي پتڻ جا رهاڪو توڙي ولهار، ڪوڇي جا ماڻهو هي رسم
الخط ڪم آڻيندا هئا، انهيءَ ڪري ان کي ونگائي رسم
الخط چون ٿا.
هن مقالي ۾ اسان کي فقط لاڙ تائين محدود رهڻو آهي،
نه ته اُتر سنڌ ۾، خدا آباد ۾ خدا وادي رسم الخط
ڪم ايندو هو، اهڙيءَ طرح شڪارپور ۾ ڪم ايندڙ رسم
الخط کي شڪارپوري رسم الخط ۽ سيوهڻ ۾ ڪم ايندڙ
لپين کي ساکرو ۽ سيوهاڻي لپي سڏيندا هئا.
هن بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته موجوده بدين
ضلعو، جو مغلن جي دور ۾ چاچڪان سرڪار سڏبو هو،
موجوده، درياهه، فتح باغ، ونگو، ولهار، ڪوڇي ۽
بدين محلن ۾ ورهايل هو، انهي محلن يا پرڳڻن مان
جوڻ، فتح باغ رڙي ۽ بدين ۾ لاڙي رسم الخط رائج هو
ته ونگي، ولهار، ڪوڇي ۽ ولاسي ۾ ونگائي رسم الخط
ڪم ايندو هو.
ونگي، ولهار ۽ ڪوڇي جي طبقي جي جاگرافيائي ۽
اقتصادي حالت جو مطالعو ڪافي دلچسپ آهي. هي سڄو
خطو پراڻ درياءَ جي ٻن ڍورن جي دو – آبي جي وچ ۾
آباد هو، جتي سنڌ جا وڏا وڏا دريائي بندر هئا، جن
۾ ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ، ٻنگار جو شهر، راهموڪي
بازار، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر آباد ۽ وسندڙ بندر
هئا.
انهن ٻن ڍورن مان هاڻ هڪ کي اُڀرنديون پراڻ ڍورو
چوندا آهن ۽ ٻئي کي الهنديون پراڻ ڍورو سڏيندا
آهن. هي ٻئي ڍورا ونگي پتڻ کان هيٺ ڏکڻ ۾، ڇنڊڻ وٽ
گڏجن ٿا. اُڀرنديون پراڻ ڍورو ضلعي ٿرپارڪر کان
ايندو، ڪنري فضل ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦرندو بدين
ضلعي جون حدون ڏيکاريندو، ونگي پتڻ جي ڀر مان
لنگهي ڏکڻ طرف راهموڪي بازار ڏانهن ويندو هو.
ٻيو ڍورو (اُلهنديون ڍورو) جهنڊي، محراب جي ڳوٺ
باغ جي پتڻ، ٻنگار جي شهر ۽ ڏيهي جرڪس اولياءَ جي
درگاهه جي ڀرسان لنگهندو، نندي شهر طرف وارا پٽ
پسائيندو ڇنڊڻ وٽ اڀرندي واري ڍوري سان ملندو هو.
اهي ٻئي هيٺ ڏکڻ ۾ گڏجي هڪ وهڪري جي صورت ۾ ڪوري
کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا.
انهن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن جا مقامي نالا پڻ هوندا
هئا. مثال طور: لوهاڻو درياءَ، وڏو نيرو، ننڍو
نيرو، سهڻي درياءَ، بدرو وغيره.
انهن ۽ اهڙن ٻين ڍورن، واهن ۽ درياءَ جي شاخن
جوڻيءَ کي سامهون رکي سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي
کان پڻ خطي وار محاورن ۽ انهن کي وري ننڍن ننڍن
مقامي گروهن يا روزمره وارن نالن موجب ورهايو ويو
آهي، اُهي نالا آهن!
(i)
ڪراچي وارو محاورو،
(ii)
ٺٺائي محاورو،
(iii)
ساڪرائي محاورو،
(iv)
کارائي محاورو،
(v)
جاتيءَ وارو محاورو،
(vi)
ماڃري محاورو ۽
(vii)
بدين جي طرف وارو محاورو. موجوده بدين ضلعي ۾ جيڪو
محاورو ڳالهايو ويندو آهي، اُن کي هيٺئين ننڍن
گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(i)
مانڌر وارو محاورو:
هي محاورو بدين ۽ گولاڙچي تعلقن جي انهيءَ ايراضي
۾ عام طور ڳالهايو ويندو آهي، جنهن کي مانڌر چوندا
آهن، ولاسي واريءَ ايراضيءَ ۾ پڻ آهي محاورو
ڳالهائبو آهي.
(ii)
ونگي ۽ ولهار وارو محاورو:
هي محاورو بدين ٽنڊي باگي، نندي، پنگرئي، ڪڍڻ ۽
راهموڪي بازار وارن حصن يعني بدين ۽ ٽنڊي باگي
تعلقن ۾ ڳالهايو ويندو آهي. هن ايراضيءَ مان
الهندي پراڻ وهي ٿي، جنهن کي مقامي طور نندونيرو
يا بدرو چوندا آهن.
انهن سڀني محاورن جون پنهنجون پنهنجون انوکيون
خصوصيتون، پنهنجا پنهنجا انوکا ۽ اڇوتا لفظ، فقرا،
چوڻيون ۽ پهاڪا آهن، انهن جو صوتياتي، صرفي ۽ نحوي
مطالعو سنڌي ٻوليءَ جي لساني مطالعي لاءِ دلچسپ
ٿيندو.
اهو اسان جو فرض آهي هاڻ سنڌي زبان جي هر لهجي جو
مطالعو ڪريون ۽ انهن جي خوبين کي نروار ڪريون.
واهه بديڻا تنهنجا رنگ
واه جا واليءَ واريي واڳ، واه بديڻا تنهنجا ڀاڳ،
ساٿي تنهنجا ٿيا سجاڳ، واه بديڻا تنهنجا ڀاڳ.
(احمد خان نظاماڻي)
محمد سومار شيخ
بدين ضلعي جي تاريخ
بدين ضلعو هونئن ته 1975ع ۾ وجود ۾ آيو پر سندس
تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌ جي پراڻي آهي.
ٺڪر جا ٿانوَ 8 هزار سال قبل مسيح کان ٺهڻ شروع
ٿيا، اُهي اسان جي دڙن تي، پنهنجي ياداشت دهرائڻ
لاءِ ڦاٽل ڪتاب وانگر پکڙيا پيا آهن.
”آمري“ جي تهذيب موهن جي دڙي کان به اڳ جي آهي، ڇو
ته، آمريءَ مان مٽيءَ جا زيور، مڻڪا، چوڙيون وغيره
مليون آهن. اسان جي دڙن مان وڳہ ڪوٽ، ڪونجسر، يوسف
فقير، قرهيو ڀانڊاري، مڱريا، مر کان ۽ ڪاڪيجاڻيءَ
مان مٽيءَ جا هار، مڻڪا، وغيره آمري ۽ موهن جي دڙي
جي تهذيب جهڙا مليا آهن. (1).
اهي اهڃاڻ دڙن جي مٿين تهن مان مليا آهن، اسان جي
ضلعي ۾ ڪنهن به دڙي جي کوٽائي نه ڪرائي وئي آهي،
اگر کوٽائي ٿئي ته ڪو به سبب نه آهي ته اسان جا
دڙا موهن جي دڙي ۽ آمريءَ جي دڙي کان به اڳ جي
تاريخ پڌري ڪن (2).
جن دڙن جي مٿين تهن تان ڀريل پيالي وانگر ڇلڪي
هارجندڙ آثار به آمريءَ جي تهذيب جي برابري ڪن ٿا،
انهن جي اندر ڪهڙي ميٺاڄ ڀري منڌ هوندي، انهي جي
اندروني مٺاڻ ڪيتري پياري ۽ امر هوندي، انهيءَ جي
خبر هتي جي دڙن جي کوٽائي سان پئجي سگهي ٿي.
اسان جي ملڪ جي تاريخ هڪ ته دڙن ۾ دفن آهي، ٻي
پٿرن تي اُڪريل آهي، ٽي راوين جي سينن ۾ سانڍيل
آهي، بدين ضلعي جو ڪو به دڙو کوٽيو نه ويو آهي.
بدين ضلعي جي پٿرن تي لکيل ڪتبن جي ڪابه تحقيقات
نه ڪئي وئي آهي. دڙن مان ملندڙ آثارن تي توجهه نه
ڏنو ويو آهي. راوين کان روايتون حاصل نه ڪيون ويون
آهن، انهيءَ ڏک ۾ دڙا زمين ۾ سمائجندا پيا وڃن
(3)، پٿر ڳرندا پيا وڃن ۽ پوڙها مرندا پيا وڃن
(4).
سومرا، هتي جي قديم قوم عراق ۾ وڃي رهي، انهيءَ
”پاتال“ جو نالو پنهنجن لوحن ۾ ورتو آهي (5). هندن
جي پاڪ ڪتاب ۾ به ”پاتال“ ڏيهه جو نالو کنيو ويو
آهي. اسان جي ضلعي بدين ۾ ”پاٽار“ يا ”پاتال“ نالي
ڪافي ديهون آهن، سومرن ۽ هند جي ”پاتال“ اُها آهي،
جنهن ڏيهه ۾، جنهن ضلعي ۾ اڄ اسان جشن ملهائي رهيا
آهيون، انهيءَ پاتال ڏيهه جو نئون نالو ”بدين
ضلعو“ آهي. انهيءَ پاتال يا پاٽار ڏيهه جي پراڻي
نالي کي اسان محدود ڪندي ڪندي ”ديهه“ جي حيثيت تي
وڃي ڇڏيو آهي (6). پر تاريخ جي اثرن کي اسان
بدلايو نه آهي، جڏهن به ڪو محقق نالن جي تحقيقات
پويان پوندو، تڏهن الک ڪندو ته هن کي هن هنڌ،
”پاتال“ ڏيهه ملي ويندو. اسين پاتال واسي پنهنجي
نئين ضلعي بدين جي نالي سان، پنهنجو ثقافتي ورثو
لوڪ اڳيان رکي رهيا آهيون (7). بدين ضلعي ۾ ڪافي
دڙا آهن، انهن دڙن جو نظارو اهڙو ئي آهي، جهڙو
موهن جي دڙي جو نظارو، کوٽائي کان اڳ هو (8). پر
موهن جي دڙي جا وڏا ڀاڳ آهن، جو انهيءَ جي امانت
جو بار کوٽائي سبب اسان تائين پهچي ويو (9) ۽ اسان
جي پاتال جا دڙا اهو ڳرو بار سيني ۾ دفن ڪريو ستا
پيا آهن. اهڙن دڙن مان اگهاماڻو، ڪاڪيجاڻي، جاکرا،
مڱريا، مالهيا، علي بندر، روپاماڙي، مرکان دڙو ۽
قرهيو ڀانڊاريءَ جا دڙا مکيه آهن، انهن دڙن مان
مٽيءَ جا زيور، مڻيان، هار ۽ چاندي، سون ۽ ٻين
قيمتي چيزن جا قيمتي آثار به مليا آهن. ته عاج جا
بت، زيور، پيتيون وغيره به مليون آهن. فارسي، عربي
رسم الخط وارا سڪا به دڙن ڏنا آهن ۽ اُهي سڪا به
دڙن مان حاصل ٿيا آهن، جن جي صورتخطي اسان جي پڙهڻ
کان زور آهي (10).
موهن جو دڙو ۽ آمريءَ جو دڙو اُن وقت آباد ٿيا،
جڏهن سنڌو ندي اُتر کان ڏکڻ طرف وهڻ شروع ڪيو، پر
اسان جي بدين ضلعي جا دڙا گهڻو ڪري انهيءَ وقت
آباد هئا، جڏهن ڀرومي ۽ سرسوتي نديون اوڀر کان
اولهه طرف وهنديون هيون، ڇو ته، اڌ کان وڌيڪ دڙن
جي ڀرسان جيڪي قديم دريائن جا وهڪرا ڏٺا ويا آهن،
سي اولهه اوڀر طرف وهڪري جي نشاندهي ڪن ٿا. اهڙن
دڙن مان گهڻا دڙا زمين دوز ٿي ويا آهن ۽ ڪي ٿورا
باقي وڃي رهيا آهن. گهڻا اهڙا به دڙا آهن، جن جي
ڀرسان نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ اتر وهڪري جي نشاندهي
ڪري ٿو (11). سڪندر جڏهن سنڌ تي ڪاهيو هو، تڏهن هن
جي سپہ سالار ارسطو بيواس ڏکڻ سنڌ ۾ ڪافي ڦٽل شهر
لڌا، جيڪي هاڪڙي دريا تي آباد هئا (12). اسان جي
بدين ضلعي جون قديم قومون: جت، سومرا ۽ پڻي سنڌ
جون جڳ مشهور قومون هيون. سڄي سنسار ۾ انهن وڻجارن
جي هاڪ هئي. لاڙ ملڪ ته هوئي وڻجارن جو ڏيهه.
وڻجارن جون ويهون سنڀرنديون هيون ۽ انهن جون ونيون
انهن لاءِ جرجاٽون ڪنديون هيون، ڏيئا موهينديون
هيون ۽ وڻجارن جي ورڻ جون آسون رکنديون هيون (13).
پر وڻجارا ڪانڌ اهڙا هوندا هئا، جي لنڪا، لنڪا پيا
ڪندا هئا ۽ چين بنگال ڏي منهن ڪائو ڏيئي ويندا
هئا. هتي جا وڻجارا جڳ جهان سان سنڌ کي ڳنڍيو ويٺا
هئا. رڳو پنهنجي اولاد ۽ ونين کان سڱ ڇنيو ويٺا
هئا، دنيا جا ٿيا ويٺا هئا. دنيا جو ناتو ئي اهڙو
آهي جو ڪنهن سان ڳنڍجي ٿو ته ڪنهن سان ٽوڙجي ٿو.
دنيا جي وهنوار کي ته دنيا وارو ئي سمجهي. اجهو
ڪجهه صديون اڳ هتي جي وڻجاري جي ونيءَ جا ورلاپ
سندس واتان ٻڌو:
وڻجاري جي ماءَ، وڻجارو نه پلئين،
آيو اڄ سڀا، پڻ ٿو وڃڻ جي ڪري.
سڪندر يونانيءَ جي لشڪر سنڌ تي ڪاهيو، تڏهن اهو
لشڪر نيرڪوس جي سرداري هيٺ پٽالا (پاٽار) کان سنڌي
سمنڊ ڏانهن روانو ٿيو هو. انهيءَ لشڪر سان هتي جي
ملاحن سٺيون چوٽون ڏنيون هيون ۽ سڪندر جي لشڪر کي
ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هئا، ٺوڙهه (اسولہ) يا
ويرٿري واريءَ جاءِ تي ملاحن ڪافي يوناني ماريا.
خود سڪندر جي مرڪزي لشڪر سان به ملاحن هٿو هٿ
مقابلا ڪيا هئا ۽ لشڪر کي گهڻو ڇيهو رسايو هو.
سڪندر خود هاڪڙي جي رستي پاتال کان پيهي، سنڌي
سمنڊ ڏٺو هو، جي پوءِ هتي جي هڪ پوڙهي ملاح سان
پار پئجي سگهيا (14). سڪندر 327 ق. م کان 324
تائين ڪل 3 ورهيه هن ڏيهه ۾ رهيو ۽ سنڌي سمنڊ ڏسي
چيائين ته، ’مون دنيا جو ڇيڙو ڏسي ورتو (15)‘.
گپتا خاندان 320ع کان 525ع تائين راڄ ڪيو. چندر
گپت عرف وڪرماجيت جو سنڌ تائين راڄ هو. وڪرماجيت
جي ڏينهن جو بت مڱرين جي دڙي مان مليو آهي (16).
راءِ گهراڻن مان راءِ سهاسي ثاني کي هتي ملاحن،
لوهاڻن ۽ جتن مڃيو ۽ راءِ گهراڻي جي انهيءَ پاسي
پيڙهه پڪي ٿي.
راءِ گهراڻي کانپوءِ برهمڻ گهراڻي (632ع کان 762ع
تائين) راڄ ڪيو.
چچ (632- 662ع) ڏکڻ سنڌ جي، برهمڻ آباد (ڪاٺ
ٻانڀڻ) جي حاڪم، اگهم لوهاڻي سان جنگ ڪئي. اگهم
مري ويو ۽ هن جو پٽ سربند چچ جي پيش پيو. هن
ڪنوهار (ڪورياڻي) ۾ هڪ ٻڌ ساڌوءَ کي مارڻ جو
سوچيو، پر پوءِ ڊڄي کيس ڇڏي ڏنو (17). هو ڪچيءَ
مٽيءَ جي سرن تي گوتم ٻڌ جي بت جو ٺپو هڻي بت
ٺاهيندو هو. اهڙا بت ڪورياڻي (نزديڪ ڪڙيو گهنور)
مان مليا آهن، جنهن تي انهيءَ ٻڌرکو جا ٺپي لڳل بت
اڄ به نشانبر بيٺا آهن، جنهن جڳهه تان اهي بت مليا
آهن، انهيءَ جڳهه جي اتر کان 4 ميلن تي پراڻي
برهمڻ آباد عرف ڪاٺ ٻانڀڻ جي ڦٽل شهر جا آثار
موجود آهن (18).
جنگ لوهاڻن ۽ جتن تي انسان سوز بندوشون وجهي هليو
ويو. قادسيه (635ع) ۾ ايراني لشڪر اسلامي لشڪر کان
هارايو ته، ڪافي ايراني سنڌي وڻجارن جي سهاري سان
سنڌ ۾ آيا ۽ ڪجهه ڏکڻ سنڌ ۾ رهيا ۽ ڪجهه گجرات
ڏانهن هليا ويا (20).
رسول ڪريم ﷺ جا اصحافي سڳورا تبليغ لاءِ نڪتا هئا.
انهن اصحابن مان هڪ اصحابي ريڻ درياءِ جي ڪناري تي
تبليغ سان اچي رهيو ۽ تبليغ ۾ زندگي گذاري اتي ئي
وفات ڪري ويو. اتي جا رهاڪو کيس ”ڪن ڪارو“ اصحابي
جي نالي سان اڄ به ياد ڪندا اچن ۽ مٿس ميلو به
ڪندا پيا اچن. اهو بزرگ سيراڻي جي ڀرسان ريڻ جي
ڪناري تي آرامي آهي (21).
راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ ملاحن ديبل جي ڀرسان عربن جا
جهاز ڦريا، جن ملاحن کان اشور جي راڻي سميراس ۽
سڪندر اعظم پلؤ بچائي نڪري نه سگهيا، انهن لاءِ
عربن جا ڪجهه ٻيڙا ڪجهه به ڪو نه هئا، انهيءَ
ڳالهه سبب نيٺ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهي آيو (22).
راوڙ جو شهر بدين ضلعي جي ڇيهه ڏکڻ ۾ دڙو ٿيو پيو
آهي، انهيءَ کي وانر به چيو ويندو آهي. راجا ڏاهر
گرميءَ جا ڇهه مهينا اتي رهندو هو. عربن ڪاهيو ته
ان وقت هو اتي هو، جت ۽ راجپوت وڏي تعداد ۾ راجا
ڏاهر جي ساٿ ۾ هئا. راجا ڏاهر جنگ ڪندي 10 رمضان
خميس جي ڏينهن زندگي جي بازي هارائي ويٺو ۽ ڏاهر
جي ڪسجڻ کانپوءِ راوڙ جي قلعي تي اسلامي جهنڊو
جهولايو ويو. جتن اسالمي لشڪر سان راوڙ جي فتح
کانپوءِ به ساٿ نه ڏنو. انهيءَ ڪري محمد بن قاسم
جتن لاءِ اها سزا بحال رکي (يعني ريشمي ۽ بخملي
ڪپڙن جي منع، ڪنڌ ۾ ڳرهي وانگر چادر، اگهاڙي مٿي ۽
پيرن گهمڻ، پاڻ سان گڏ ڪتو کڻڻ، گهوڙي تي نه چڙهڻ)
جيڪا سزا چچ هنن لاءِ مقرر ڪئي هئي، اڄ به مشهور
چوڻي آهي ته، ”جاتي جو جت، پيرين اگهاڙو.“ اها
جتن تي سزا سندن بهادري ۽ ملڪ تان سر ڏيڻ جي عيوض
چچ ۽ محمد بن قاسم جاري ڪئي. اسان جي موجوده بدين
ضلعي ۾ جاتي جو ڪجهه ٽڪرو اچي ويو آهي، جنهن ۾ اها
تاريخ ۽ بهادر قوم اڄ به آباد آهي، اها حالت ڏسي
ڪاٺ ٻانڀڻ ( پراڻي برهمڻ آباد) جي جتن اطاعت قبول
ڪري ورتي ۽ انهيءَ پراڻي سزا مان جان آجي ڪرائي
(23).
عربن پنهنجي ابتدائي ڪاهه ۾ منجنيقون استعمال ڪيون
هيون. منجنيقن ۾ استعمال ڪيل گول ڳوڙها مون کي
ٺريءَ مان مليا آهن. ٺري جيئن ته، ماتليءَ کان
اڀرندي ساڱري درياءَ تي آباد ٿيل شهر هو، انهيءَ
شهر جي اڀرندي پاسي کان درياءَ ساڱرو وهندو هو.
انهيءَ ساڱري جي ڪناري تي لڊاڻو، اگهاماڻو، ٺري،
مريد جو شهر، وهڻائي، ڪڍڻ، مٺو کاهوڙي ۽ ولاسي جي
ڦٽل شهرن جا آثار آهن. ساڱري درياءَ جي اولهه کان
ريڻ درياءَ وهندو هو. انهيءَ ريڻ درياءَ جي
پوڇڙيءَ ۾ راوڙ جو شهر آباد هو. هن ريڻ تي مانجهي،
پير قرهيو ڀانڊاري، ڪومل، مالهيا، وڄڻو دڙو، ڇٺن
جو دڙو، جوڻ، فتح باغ جهڙا تاريخي شهر آباد هئا.
عربن راوڙ جي ڀرسان وهندڙ ندي کي ”مهراڻ“ ڪري لکيو
آهي، اگر اهو سچ آهي ته پوءِ اسان ريڻ کي ”مهراڻ“
ڪري سڏڻ جا حقدار آهيون، اسان جي ضلعي ۾ ”مهراڻ-
پوٽا“ نالي ذات به رهي ٿي. اِها ذات به شايد
انهيءَ تاريخي هٿ ڏس لاءِ پنهنجو نالو زنده رکندي
اچي.
عباسين جي ڏينهن ۾ محمد بن منصور مهدي (158- 169
هه) جي پاران روح بن حاتم سنڌ جو گورنر هو. انهيءَ
جي ڏينهن ۾ سنڌ جي، زوراور ذات جت وري جاڳي پئي.
ويچارو حاتم جو ٻچڙو روح جتن اڳيان بيهي نه سگهيو،
تڏهن بسطام کي رکيو ويو. پر جتن انهيءَ کي به وٺ
نه ڏني، پوءِ انهي جي گاڏي به هلي چري ۽ محمد بن
سليمان کي رکيو ويو. پر هن کي به وڃڻ تي دل نه ٿي،
هن پنهنجي نائب عبدالملڪ بن شهاب مسعصي کي سنڌ
موڪلي ڏنو هو. موصوف کي ويهه ڏينهن به نه گذريا
هئا ته ٻيو ڀيرو نصر بن محمد اشعث کي سنڌ جو گورنر
مقرر ڪيو ويو، اُهو به جلد معزول ڪيو ويو ۽ زبير
بن عباس کي سنڌ سونپي وئي. اِهو تماشو ڏسي، هتي جي
جتن کي، حڪومت جي سگهه تي کل اچڻ لڳي ۽ ملڪ ۾ عرب
حڪومت جو رعب تاب گهٽجي ويو ۽ بدامني وڌي وئي.
|