سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 5

بدين ضلعي جي انتظاميه ۽ خاص ڪري اڳوڻي هڪ نوجوان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر منظور ڀٽي جي اڻٿڪ محنت ڪري ثقافتي ميلو قائم ڪري، هن ضلعي جي قديم ۽ جديد ثقافت کي اجاگر ڪري هن ضلعي جي عوام ۾ روح ڦوڪي هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن لاءِ هو سڀ مبارڪ باد جا مستحق آهن.

بدين شهر ۾ هن وقت ڪيترائي پرائمري اسڪول ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ ٻه هاءِ اسڪول هڪ ڇوڪرن ۽ هڪ ڇوڪرين لاءِ ۽ هڪ ڪاليج قائم آهن، جتي هر وقت تعليم جو چهچٽو چالو آهي.

بدين ضلعو تازو برپا ٿيو آهي ۽ ان جو مستقبل بلڪل روشن آهي. حيدرآباد ضلعو، حيدرآباد شهر سان گڏي هڪ وسيع ضلعو ٿي پيو هو، جنهنڪري هن لاڙ واري حصي ڏانهن توجهه ڏيڻ مشڪل ٿي پيو هو، هاڻي هي نئون ضلعو آهي ۽ بدين سندس مرڪز آهي، تنهنڪري انتظامي ۽ ترقياتي پروگرام ۽ تعليمي وغيره ڪمن تي پوري طرح آساني سان نظرداري ٿي سگهندي. تعليم جي نقطه نظر کان جهڙي طرح واڌارو ٿي رهيو آهي، ان مان ڏسجي ٿو ته ٿوري عرصي ۾ هي سارو ضلعو تعليم جي لحاظ کان روشن ٿي ويندو ۽ ساري سنڌ ۾ چمڪندو رهندو. آمين.

بدين جو ثقافتي ورثو

لاڙ جنهن جو مرڪز بدين ضلعو آهي، سو سنڌ جو قديم ترين علائقو آهي. لاڙ جي سادن سٻاجهڙن ۽ سهڻن ماڻهن مان هميشہ پئي بهار جي بوءِ اچي. سندن ٻاٻاڻي ٻولي اڄ به ماڻڪ ٿي مڙهي. شاعرن جي شاه، سنڌ جي سپوت حضرت ڀٽائي گهوٽ ؒ پنهنجو روح پرور ڪلام گهڻو ڪري لاڙيءَ لهجي ۾ چيو آهي.

لاڙ جي تهذيب، ثقافت ۽ ادب اُن وقت اوج تي هئا، جڏهن دنيا جا ملڪ انهن لفظن کان ناآشنا هئا.

جيڪو هٽ ۾ هوندو اُن جو هوڪو ڏبو. لاڙ وٽ تهذيب آهي، ادب آهي ۽ ثقافتي ورثو آهي. لاڙ جي ثقافتي ورثي کي پيش ڪرڻ لاءِ بدين جو ثقافتي ميلو لڳرايو ويو هو.

(منظور حسين ڀٽو، اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر

          ۽ چيئرمين بدين ثقافتي ميلو 1974ع)

نياز همايوني

بدين علائقي ۾ طب جو علم ۽ فن

سنڌ جي سر زمين پنهنجي تهذيب جي ۽ تمدن جي امين رهندي اچي ٿي، هتي هر اها ڳالهه جنهن جو اسان جي جسماني ۽ روحاني قدرن سان تعلق آهي، ماڻهن جي سينن کان وٺي ڪتابن جي جبينن تائين محفوظ رهي ٿي. منهنجي خيال ۾ قومن جي زنده رهڻ جو راز اهو ئي ٿي سگهي ٿو.

هتي جي هر وسندڙ ايراضي پنهنجي تهذيبي ۽ تمدني ورثن جي حفاظت ڪندي اچي ٿي، جنهن جا قديم آثار اڃا تائين جتي ڪٿي موجود آهن، جيتوڻيڪ زماني جي لاهين چاڙهين وقت به وقت سنڌ جي هر حصي کي پائمال ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو، تڏهن به هتان جي رهاڪن هر دفعي برباد ٿيڻ کانپوءِ به پاڻ کي آباد پئي ڪيو آهي. جيئري رهڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا وڃن ٿا تن جي درحق سنڌ ڪڏهن به پوئتي ڪانه رهي آهي، انهي جدوجهد جي مهابي، تاريخ جي هر دور ۾ هن ملڪ جي سرفرازي نمايان نظر اچي ٿي. سنڌ جي تهذيبي ميراث، هتان جو علم ۽ فن، دنيا جي لاءِ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. هڪ ته هن ۾ بنيادي خوبيون نهايت اهم آهن، ٻيو ته منجهس ڪنهن به ٻاهرين ۽ چڱي ڳالهه کي قبول ڪرڻ جو مادو رهي ٿو، ان ڪري هن ۾ تخم جي تاثير سان گڏ، صحبت جي اثر کان به ڪيتريون خصوصيتون شامل ٿي وڃن ٿيون. سنڌ جي بي نظير علم ۽ فن ”طب“ بابت مجموعي طرح آءٌ هڪ ضخيم ڪتاب ترتيب ڏئي چڪو آهيان. هتي جيئن ته صرف بدين جي علائقي ۾ طب جي علم ۽ فن بابت ڪجهه روشني وجهڻي آهي، انهي لاءِ هن وقت مضمون کي ايستائين محدود رکيو وڃي ٿو.

سنڌ جي ٻين علائقن وانگي بدين جي علائقي ۾ پڻ طب جو علم ۽ فن آڳاٽي زماني کان عروج تي آيل هو. هن علائقي جي اوائلي اوج بابت، اسان سنڌ جي برک عالم، محترم ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا جو بصيرت افروز بيان پڙهون ٿا ته ’بدين ضلعو جنهن جي سنڌ جي نقشي تي تازو نشاندهي ڪئي وئي، سنڌ جي تاريخ ۾ هميشہ برک رهيو آهي‘.

’هي خطو اڳي ”چاچڪان“ پرڳڻو سڏبو هو. هتان ريڻ ۽ پراڻ درياهه وهندا هئا، جن تي هاڪارا بندر هوندا هئا، جيڪي وڻج واپار جا مرڪز هوندا هئا. ونگو، پتڻ باغ جو پتڻ، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر هن خطي جا خاص واپاري مرڪز هوندا هئا، جتي سدائين چهچٽو لڳو پيو هوندو هو.‘ ڊاڪٽر الانا صاحب پڇاڙي ۾ فرمائي ٿو: هي ضلعو وڻج واپار، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۽ علم ادب ۾ دل وارن جو ديس رهيو آهي.

انهي تحقيقاتي شهادت کان پوءِ اسان جو ڌيان بدين علائقي جي انهي ترقي يافته دور ڏانهن کڄي وڃي ٿو، جنهن وقت انساني زندگي پوري عروج تي آيل هئي، ان مان ظاهر آهي ته هي علائقو ڪنهن به حالت ۾ پٺتي پيل ڪين هو، جيتري قدر طب جي علم ۽ فن جو تعلق آهي، تنهن باري ۾ ياد رکڻ کپي ته طب جي علم ۽ فن جي هر انهيءَ دؤر ۽ ماحول ۾ پرورش ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾ سياسي توڙي سماجي حالتون سڌريل پئي رهيون آهن.

سنڌ جو هر درسگاهه قديم زماني کان وٺي جديد دور تائين، زندگي سان واسطو رکندڙ قدرن جي تقاضائن موجب هر علم ۽ فن جي تعليم ۽ تربيت کي به درس و تدريس جي زمري ۾ شامل ڪيو ويندو هو ۽ اتان ئي هن علم ۽ فن جو فيض جاري ٿيندو پئي رهيو.

قديم زماني ۾ اسان جي بزرگن، شيخ ابوالحسن سنڌي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٺوي جي مدرسن ۾ طب جي باقاعدي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي، جنهن جو ثبوت سندن ڪتابن جي ڪن طبي نسخن جي موجودگي مان ملي ٿو. پنهنجي دور جا اهي لاثاني عالم ديني علم سان گڏ طبي تعليم جو سلسلو به هلائيندا ٿي آيا، جنهن جو رواج سندن پوين تائين قائم رهندو آيو. اهي ناميارا عالم ٺٺي کان بدين بلڪ پوري سنڌ تائين علم ۽ فضل جو چراغ روشن رکندا ٿي آيا. ان کان علاوه لواري شريف ۾ خواجه محمد زمان، کور واهه پاسي نورنگ زادن مخدومن جو خاندان پڻ طب جي تعليم ۽ تربيت سان پنهنجي مريدن ۽ معتقدن جي رهنمائي ڪندو ٿي رهيو. اتر سنڌ جا مشهور لکيءَ وارا سيد جيڪي اڃا تائين طب جي علم ۽ فن ۾ وڏي شهرت جا مالڪ آهن، تن جي حضرت خواجه محمد زمان لواري شريف واري سان قديمي تعلق آهي، انهيءَ خاندان جو هڪ عالم ۽ برک حڪيم، نور علي شاهه خواجه صاحب جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ اتان ئي فيض پرايو هوائين. اهڙي طرح نورنگزادن مخدومن جو خاندان پڻ ٻين علمن سان گڏ علم طب سان پڻ گهرو لاڳاپو رکندڙ هو. هن خاندان جو مشهور حڪيم حافظ محمد نورنگزادو جنهن کي پنهنجي دور جو لقمان سڏيو وڃي ٿو، هن صدي جي اوائل (1916ع) ۾ گذر ڪري چڪو آهي.

پوئين زماني ۾ حڪيم مولوي تاج محمد ”مشتاق“ افغان ۽ پير ڀاون علي شاه ”ساقي“ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ علمي ادبي ۽ طبي شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن جو تذڪرو اڃا سوڌو لاڙ ۾ هلندو رهي ٿو.

حڪيم تاج محمد افغان – عالم، شاعر، حڪيم ۽ ڪيترن طبي ڪتابن جو مصنف هو، پاڻ راڄي خاناڻي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ پريس قائم ڪري اتان ”الشفاءِ“ نالي ماهوار طبي مخزن جو اجراءَ ڪيو هئائين. سندس دواخانو نهايت شاندار پيماني تي برپا ڪيل هو، جتي هر مريض جو مفت علاج ڪيو ويندو هو.

حڪيم صاحب مرحوم، پنهنجي حياتي ۾ طب تي جيڪي ڪتاب لکيا هئا تن مان ڪتاب الحميات، شرح قانونچہ ۽ قرابادين مشتاقي سندس طبي شاهڪار مشهور آهن.

پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“ جنهن جي وفات 1918ع ۾ ٿي هئي، بدين جي نامور قادري خاندان جو فرد، پنهنجي وقت جو درويش، عالم، شاعر ۽ حڪيم هو، سندس قلمي ڪتابن ۾ ڪي طبي بياض پڻ شامل آهن. پاڻ ديني خدمتن سان گڏ طبي خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو.  سنڌي، هندي، عربي، فارسي، گجراتي وغيره زبانن جو ماهر ۽ وڏو داناءِ راز هو. سندس ڪتب خانو هر قسم جي قلمي ڪتابن جو خزانو هو ۽ وقت جا ڪئين ناميارا، عالم، درويش، طبيب توڙي شاعر سندس صحبت مان فيض حاصل ڪندا هئا.

حڪيم مولوي نظر محمد خان: هن بزرگ 1936ع ۾ وفات ڪئي هئي، ڪنهن زماني ۾ علي ڳڙهه جي يونيورسٽي ۾ استاد رهي چڪو هو. طب جي علم ۽ فن تي قابل تعريف دسترس مليل هيس. ڳالهه ٿا ڪن ته: ”ڀورا سنگهه نالي ماتلي جي هڪ وڏي زميندار کي ڪا وچڙندڙ بيماري ٿي پئي، جنهن لاءِ هنڌ سنڌ جا ڪيئي حاذق ڀيٽيائين ۽ ڪافي پئسو خرچ ٿي چڪو پر بيماري مان نجات نه ملي سگهيس. آخرڪار حڪيم نظر محمد خان جي معمولي علاج مان شفاياب ٿيو.“

قاضي محمد ماتلي وارو: هن بزرگ حڪيم جي رحلت 1940ع ڌاري ٿي هئي. وڏي نالي وارو حڪيم ٿي گذريو آهي. ماڻهوءَ کي پري کان ڏسندي مرض جي تشخيص ڪري وٺندو هو ته اهو مرض ڪهڙي سبب کان پيدا ٿيو؟ ساڳي طرح سندس علاج به حيرت انگيز حد تائين ڪامياب هوندو هو. پاڻ وڏي ڄمار ماڻي لاڏاڻو ڪري ويو. پاڪستان کانپوءِ بدين جي تاريخي علائقي ۾ هي لاثاني حڪيم ٿي گذريا آهن: سيد پريل شاهه ترائي وارو (وفات 1925ع) ميان مدد شاهه ٽنڊي باگي وارو، قاضي رحيم بخش بدين اورو، جنهن جو فرزند حڪيم قاضي شاهه نواز ”شائق“ پنهنجي والد جي نالي زندهه رکڻ لاءِ بدين ۾ مطب هلائي رهيو آهي ۽ وٽس پنهنجي نامور والد جو قلمي بياض پڻ موجود آهي.

حڪيم حسن شاهه اگهيماڻيءَ وارو به وسارڻ جهڙو نه آهي. بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي هي وڏو حاذق حڪيم هو. سندس لکيل قلمي نسخو سنڌالاجي ۾ موجود آهي.

حڪيم الهه رکيو ”آزاد“ جنهن جو لواري شريف ۾ شفاخانو هو، نبض شناسي ۽ صحيح علاج ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هو. مرحُم 1947ع کانپوءِ رحلت ڪئي هئي.

نذير حسين حيدري: هن بزرگ پهريان بدين ۾ طب جي شروعات ڪئي پوءِ نندي شهر ۽ ڪڍڻ ۾ دواخانو کوليائين. پاڻ هڪ قومي خادم ۽ مخلص سياسي رهنما به هو، جنهن ڪري غريبن جو مفت علاج ڪندو هو. مرحوم حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ ۾ لاڙ جي چڱي نمائندگي ڪيائين، نهايت مخلص ۽ ديانتدار شخص هو. حڪيم محمد عثمان: هن دور جو فارغ التحصيل طبي عالم جنهن بدين ۾ مهراڻ دواخاني جو بنياد رکي پنهنجي ايجاد ڪيل ديسي دوائن وسيلي نوجوانيءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. اُن سان گڏ طبي ادب ۾ پڻ بهرو وٺندو رهي ٿو. سندس طبي ڪتاب به تصنيف ڪيل آهن.

حڪيمن کان علاوه اهي ڏاها به هن وقت هن علائقي ۾ موجود آهن، جيڪي جانورن جي علاج، نجوم، تعويذن، علم قيافه، نانگ کاڌل جي علاج ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪماليت جو درجو رکن ٿا، جهڙوڪ:

آدم جت: رهندڙ جتن جي منهي لڳ گولاڙچي، جانورن جي علاج درحق وڏي مهارت جو مالڪ آهي. ميانجي محمد عارب منڌرو تعويذن جو ڄاڻو ليکيو وڃي ٿو. محمد خاصخيلي دست شناسي ۽ علم قيافه ۾ وڏي شهرت رکي ٿو ۽ علم نجوم جو پڻ ماهر آهي.

ڪلو ملاح: نانگ جهلڻ، نانگ جي زهر چوسڻ يا زهر جي اثر کي ڦيڻن وسيلي زائل ڪرڻ، سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. پاڻ بدين جي ڀرسان ميمڻن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.

اڃا به ڪي غير معروف ڪاريگر هن علائقي جي ٻهراڙين ۾ ٻڌجن ٿا، جيڪي ڀڳل هڏن کي جوڙڻ ۽ ٿڙيل هنڌن کي جائتو ڪرڻ لاءِ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جڏهن ڪو مڪمل ڪتاب لکيو ويو ته انهن جو تفصيلي ذڪر پڻ ڪيو ويندو.

پڇاڙي ۾ آءٌ پنهنجي انهن بزرگن ۽ دوستن جو ٿورائتو ٿيڻ واجب ٿو سمجهان، جن جي ڪتابن ۽ مضمونن جي مدد سان هي مختصر مقالو ترتيب ڏئي هن مجلس ۾ پيش ڪيو اٿم، اُهي آهن، جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، جناب محمد سومار شيخ ۽ جناب نيڪ محمد بلوچستاني.

ثقافتي ميلو

 

بديڻن ۾ بهاري ٿي، لڳو ميلو ثقافت جو،

سڀن کي هاڻ هت پوندو، پتو پنهنجي لياقت جو.

(مخمور مهيري)

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۽ بدين جو محاورو

سنڌ جي تاريخ جي ورق گرداني مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ لاڙ واري ايراضي جا ماڻهو اسلام جي آمد کان به گهڻو اڳ، يعني راءِ گهراڻي جي راڄ ۾، پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان واپاري ۽ تجارتي ناتا رکندا هئا[1].

نه فقط ايترو پر ڀروارن ملڪن جا واپاري بندر عباس، بصري ۽ ايراني نار جي بندرن وٽان سڙه ساڄا ڪري نڪرندا هئا ۽ سنڌ جي سامونڊي ۽ دريا جي بندرن تي ڊاٻو ڪندا، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان به هيٺ، ملبار جا ڪنارا، لنڪا ۽ چين جي سامونڊي ساحل تي وسندڙ بندرن ۽ واپاري منڊين تائين ويندا هئا.

اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ هتي جا واپاري ۽ تاجر خشڪي رستن ذريعي پڻ ايران، سيستان، بلخ ۽ بخارا تائين قافلا ڪاهي ويندا هئا.

انهي اچ وڃ ۽ واپاري ڏي وٺ جو اثر جيئن ملڪن جي اقتصادي حالت تي ٿيو هوندو، تيئن هن خطي جي ثقافت ۽ ٻولي پڻ هن اثر کان بچي نه سگهي هوندي. ڪيترن ئي لفظن جي ڏي وٺ ٿي هوندي، ڪيترائي سنڌي لفظ ايراني، عربي ۽ ڀر وارين زبانن جي لغت ۾ داخل ٿي ويا هئا. اهڙيءَ طرح انهن زبانن جا لفظ سنڌي زبان جي لغت جو حصو بڻيا آهن.

سنڌي زبان قديم زماني کان شاهوڪار روزمره واري ۽ وڻج واپار واري معياري ٻولي رهي آهي. عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تاريخي کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ ۾ عرب حڪومت جي شروع واري زماني ۾، بلڪ اُن کان به اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزمره واري تجارت توڙي واپار جي ٻولي هئي، هي ٻولي هر دور ۾، ٻين ٻولين کان متاثر رهي آهي ۽ متاثر رهڻ جي ڪري، هن جي لغت ۾ ڌارين زبانن جا ڪافي لفظ نظر اچن ٿا.

اسلامي حڪومت جي ابتدائي دور ۾ عربي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي طور رائج ٿي پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي عام ماڻهن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول هئي. هن دعوى جي دليل لاءِ مسعودي (957ع) اصطخري، بشاري، مقدسي ۽ ٻين عرب سياحن جا سفرناما پڙهي سگهجن ٿا.

عرب سياحن جي سفرنامن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌ جي وڻج واپار، سنڌ جي علم ادب توڙي ٻين خوبين جا لکت ۾ ثبوت ملن ٿا، انهن سفرنامن مان اهو پڻ پتو پوي ٿو ته سنڌي ٻولي اُن زماني ۾ به باقاعدگي سان لکي ويندي هئي ۽ پڙهي به ويندي هئي. انهن ڪتابن مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ان عرصي دوران سنڌي ٻولي ڪهڙين ڪهڙين لپين توڙي رسم الخطن ۾ لکبي هئي. هن ڏس ۾ ڀنڀور جي کوٽائي مان جيڪي ٺڪريون هٿ آيون آهن، انهن ٺڪرين تي لکيل اکرن ۽ اُن زماني ۾ ڀنڀور ۾ مروج لکت جي ٽن نمونن، عرب سياحن جي اُن دعوى کي سچو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي زبان سنڌ ۾ عرب حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ به هڪ معياري، روزمره واري ۽ وڻج واپار واري ٻولي هئي، جنهن کي پنهنجا رسم الخط هئا، نه فقط ايترو پر ٺڪر جي ٿانوَن جي هاشين تي پڻ اهڙا نشان ۽ چٽ ڪڍيا ويندا هئا، جيڪي ڌار ڌار اکر يا حرف يا حرفي صورتون معلوم ٿين ٿيون. اهڙن مڙني نشانين ۽ چٽن تي تحقيق ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ لکت جي گهڻي ضرورت آهي.


[1]  قاضي اشرف مبارڪ پوري: عرب و هند عهد رسالت مين“ ندوة المصنفين جامع مسجد، دهلي، سن 1956ع، ص 19- 22

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org