بيگلارنامه جو مصنف لکي ٿو ته ’سنڌ فتح ٿيڻ کان
پوءِ، عرب قبيلي ”تميم“ سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڪجهه
وقت کان پوءِ سومرا قوم پوري سنڌ تي قبضو ڪيو ۽
500 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ سندن تخت گاهه ”مهاتم تور“
هو.‘ تاريخ سنڌ جو مصنف عبدالغني ولد عبدالله چوي
ٿو ته ’تميم جو اولاد، 4 صدي هجري ۾ ”سامرهه“ مان
سنڌ ۾ آيو. ته پاڻ کي سومرا سڏائڻ لڳو.‘ محمد
سومار شيخ، جنهن سومرا قوم تي تمام گهڻي تحقيقات
ڪري، ’روپاماڙي‘ ڪتاب لکيو آهي، تنهنجو چوڻ آهي ته
سومرا سنڌ جي اصل قوم آهي، پر ڪن سببن جي ڪري هن
قوم جا ڪجهه خاندان عراق ويا. جتان وري سامره جي
نالي ۾ واپس سنڌ ۾ آيا انهيءَ سبب ڪجهه سومرا پاڻ
کي عرب نسل مان سمجهن ٿا ۽ ڪجهه راجپوت نسل مان
سمجهن ٿا، بهرحال سومرا سنڌ جي قديم قوم آهي، جنهن
جا گهڻي وقت کان بدين ۾ آثار آهن. هن قوم جي
(ويهه) 20 حڪمرانن حڪومت ڪئي. خاص ڪري هن قوم جو
هيرو ”دودو“ بدين تعلقي ۾ روپا ماڙي ۾ آرامي آهي،
هن قوم جا ڪيترا آثار ۽ ڳوٺ بدين ۾ آهن، ڪيترا
ڪتاب، عالم، شاعر، سياستدان، اڄ به بدين جي بستي ۾
رهن ٿا.
هن قوم جي حڪومت 1554ع کان ”سومر ابن سومار“ کان
شروع ٿي ۽ آخري حاڪم همير هو، جنهن جي حڪومت 1451ع
تائين هلي. بدين ضلعو هن قوم جو مرڪز هو.
سومرن کانپوءِ، سما سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ وڏي
اهميت جا حامل آهن.
سمه:
سمن کي گهڻا عالم عرب سمجهن ٿا، پر ڪن عالمن جو
رايو آهي ته سما راجپوت آهن.
تاريخ فرشته جو مصنف سمن کي ايران جي حاڪم جمشيد
جي اولاد مان سمجهي ٿو. تحفة الڪرام جو صاحب سمن
کي سام بن عمر بن هشام بن ابي لهب جي اولاد مان
سمجهي ٿو. تاريخ معصومي جو مصنف سمن کي عڪرمہ بن
عصام بن ابوجهل جي اولاد مان سمجهي ٿو. چچ نامه
مان معلوم ٿئي ٿو ته ’سما سنڌ جي قديم، قوم هئا‘
جيڪي نيروڪوٽ ۽ الور جي حاڪمن سان نه ٺهندا هئا.
سمہ بن سيوراج راءِ چچ جي ڏينهن ۾، ديبل جو حاڪم
هو.
سنڌ ۾ جن قومن پهرين پهرين اسلام قبول ڪيو، سي سما
۽ چناهئا. سومرن جي آخري حاڪم همير جي ڏينهن ۾ سما
سنڌ جي طاقتور قوم هئا.
سمن کان پوءِ ارغون سنڌ جا حاڪم بنيا. ارغونن جي
سڄي حڪومت جو زور لاڙ جي علائقي تي هوندو هو. بدين
هنن جي حڪومت جو ذيلي مرڪز هو.
عباسي:
ارغونن جي حڪومت کان پوءِ سنڌ تي ڪلهوڙن (عباسين)
جي حڪومت شروع ٿي. عباسين جا، هن وقت بدين ۾ ڪافي
ڳوٺ آهن، انهن ۾ حسو ڪلهوڙو، اشرف آباد، قاضي نور
محمد ڪلهوڙو، خليفو محمد عمر، ٽنڊو باگو ۾ خليفو
عمر ڪلهوڙو وغيره.
عباسين کانپوءِ سنڌ جي سر زمين تي بلوچن (ٽالپرن)
جي حڪومت ٿي، جيڪا بدين سميت پوري سنڌ تي اثرانداز
هئي.
ميرن جي دور حڪومت ۾ بدين ضلعي ۾ ڪافي سڌارا آيا
تبديليون آيون، انهن ۾ ٽنڊو باگو، پنگريو، ڪيٽيون،
کڏهرو ميرن جا خاص شهر هئا، جيڪي اڃا تائين عظمت
جو يادگار بڻيل آهن.
بدين جي علائقي جي آبادي لاءِ کوٽايل ميرواهه اڄ
تائين هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪرائي ٿو.
هن وقت بلوچن جا ڪافي قبيلا بدين ضلعي ۾ آباد آهن،
انهن ۾ لغاري، لاشاري، کوسا، چانڊيا، ڀرڳڙي،
نظاماڻي، عمراڻي، جمالي، چانگ، نوحاڻي، گوپانگ ۽
رند خاص آهن.
عبدالغني شيخ
بدين شهر جون شخصيتون
بدين شهر تي گذريل هڪ صدي کان جناب شيخ عبدالقادر
جيلاني جي خاندان مان حضرت شيخ شهاب الدين ۽ سندس
پوين جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي. شاهه فادري رحه
جي خاندان مان سائين غلام شاهه مرحوم هڪ عظيم بزرگ
۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس انگريز گهڻو احترام
ڪندا هئا.
انهيءَ خاندان مان پير علي قطب شاهه جيلاني مرحوم
جي شخصيت هڪ عجيب ۽ غريب تصوراتي شهزادي جي شخصيت
آهي، جنهن جي وفات اڄ به سندس مريدن ۽ ضلعي بدين
جي عوام لاءِ هڪ معمو بڻيل آهي. پير علي قطب شاهه
مرحوم هڪ حسين و جميل ۽ هڪ وڏي خاندان جو بهترين
نمونو هو. وٽس وڏا وڏا عالم ۽ فنڪار هميشه رهندا
هئا. سندس اصطبل ۾ بهترين گهوڙا ۽ خوفناڪ شڪاري
ڪتا ٻڌل هوندا هئا. سندس جادو گهوڙو جنهن تي پير
صاب چڙهي روزانو شام جو بدين کان حيدرآباد انگريزن
سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويندو هو ۽ فجر نماز مهل واپس
گهوڙو بدين پهچيو ويندو هو، جنهن جي ڪري ماڻهو
جادوئي گهوڙو سڏيندا هئا.
پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“ به شاهه قادري جي خاندان
۾ وڏو شاعر ۽ بزرگ هستي آهي، سندس درٻار ۾ وڏا وڏا
عالم ۽ شاعر گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا ۽ روزانه
علمي، ادبي ۽ روحاني مجلسون ٿينديون هيون.
سيد گل محمد شاهه بخاري:
هي صاحب بدين شهر جو پهريون مسلمان واپاري هو،
جنهن کي اناج، گيهه جا دڪان ۽ تمام گهڻي جائداد
بدين شهر ۾ هئي. هي صاحب اهل سنت ولجماعت جو مقامي
قائد هو.
ڀلو پٽيل:
هي صاحب شهر جو دولتمند ماڻهو هو. ميمڻ برادري جو
چڱو مڙس ۽ پير علي قطب شاهه جو مير منشي هو.
ولي محمد خواجو:
بدين شهر جو قديمي رهاڪو هو. چمڙي، گيهه ۽ اناج جو
وڏو واپاري هو، جنهن جو واپار ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي
۽ احمد آباد سان هلندو هو. پاڻ شيعي فرقي جو مقامي
قائد هو. سندس وقف ڪيل امام بارگاهه اڄ به ”ڪاشانه
زينبيه“ جي نالي سان موجود آهي.
حاجي اڪرم گوپانگ:
مدرسي علوم حنفيه جو نگران اعلى ۽ عالم دين هو.
اردو، فارسي ۽ عربي جو استاد هو. سندس ڪيترا شاگرد
مشهور عالم ٿي گذريا آهن، جن مان مولوي محمد سعيد
ديوبندي مشهور آهن.
راوت خان آريسر:
هي صاب انگريزن جي وقت ۾ پوليس آفيسر هو. ڪو اهڙو
ظلم هن کان ٿيو جو نوڪري ڇڏي، مسجد تعمير
ڪرايائين، جتي رات ڏينهن توبهه جي تسبيح پيو
پڙهندو هو. سندس مسجد ’راوت خان‘ اڄ به موجود آهي.
حاجي صديق سونارو:
هي صاحب پهريون مسلمان زرگر هو. کانئس وڏا هندو
سيٺيون شهر ۽ ٻهراڙي جا مسلمان زيور ٺهرائيندا
هئا. شاه قادري جي خاندان وٽ سندس گهڻي عزت هوندي
هئي.
راءِ صاحب ريجهومل:
هي صاحب هڪ وڏو هندو زميندار ۽ مل اونر هو. ڪمشنر
جو درٻاري هو، پنڊت جواهر لال نهرو هڪ دفعو وٽس
بدين ۾ ترسيو هو.
ميرڪسو:
هي صاحب هو واڻيو سيٺ، پر مسلمانن ۾ سندس عزت گهڻي
هوندي هئي. عيدن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ تمام گهڻي انعام
ڏيندو هو. محرم ۾ اِمام حسين رضه عالي مقام جو نذر
نياز ڪندو هو. ڏياري جي موقعي تي غريب مسلمانن کي
گهڻو ڪجهه ڏيندو هو، جنهن ڪري سڏيندا ئي ’مير ڪسو‘
هئس.
راڻو ڪولهي:
هي ڪولهي پنچائت جو چڱو مڙس ۽ مالدار ماڻهو هو.
مسلمانن ۽ هندن ۾ مقبول هو.
محمود بٺارو:
شهر جو تمام پراڻو رهاڪو هو. ٻهراڙي جي مسلمانن
لاءِ سندس اوطاق هميشہ کليل هوندي هئي. مسلمان
سندس معرفت هندن سان واپار ڪندا هئا.
خليفو ميوو شيدي:
هي صاحب مرحوم پير علي قطب شاه جي حاضري جو نوڪر
هو. پير صاحب جي وفات جو ٻڌي پاڻ کي سرن سان ڦٽي
ماري وڌائين.
جمو سائي:
هي صاحب ڪم ته مڇي پکي جو ڪندو هو، ليڪن سندس گفتن
۽ ڳالهين ۾ تمام گهڻي ڪشش هوندي هئي. عيدن، ميلن،
ملاکڙن ۽ ڀڳتن جي موقعي تي مجلس جو مور هوندو هو.
مائي گلابي:
هڪ درويش ۽ الله واري ٻانهي هئي. پاڻ هڪ ڪشته ۾
گدائي ڪندي هئي، جيڪو کاڌو ۽ پاڻي ملندو هوس سو سڀ
هڪ ڪشته ۾ وجهندي هئي، جنهن ڪري ڪو به انسان سندس
کاڌو نه کائيندو هو، سواءِ پير علي قطب شاه جي
سندس قبر اڄ به شهر ۾ سندس مسجد جي ڀرسان موجود
آهي.
مولانا حاجي احمد ملاح:
مولانا صاحب پاڻ عظيم شاعر، سچو عالم دين ۽ اصول
پرست سياستدان هو. شرڪ ۽ بدعت کي ختم ڪرڻ ۾ سندس
نمايان ڪردار هميشہ بدين شهر وارن کي ياد رهندو.
تنهن کان سواءِ شهر بدين ۡ ڪيترا فقير، معزز شهري،
فنڪار ۽ ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جن شهر بدين جي ترقي
۽ خوشحالي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جن مان هيٺيان
خاص آهن:
شير محمد ڪورائي ٽائيپيسٽ پهريون تعليم يافته
مسلمان هو، جيڪو مئٽرڪ پاس هو ۽ ديواني ڪم جو ماهر
هو. اوستو سڀاڳو شيدي مرحوم پهرين جوڙ جو ملهه هو.
عارو ملاح هڪ بورچي هو، پير علي قطب شاه جي هي ٻن
يا اڍائي مڻن جي وهڙي سالم دمه پخته ڪري انگريزن
جي ٽيبل تي سجائيندو هو ۽ وڏيون انعامون کڻندو هو.
طيب وينجهر ۽ مٺو خان، سونارو بهترين جڙا ۽
ميناڪاري جا ڪاريگر هئا. عبدالستار شيخ پهريون
مسلمان هو جو سوٽ بوٽ ۽ ٽوپلو پائيندو هو.
انگريزي، اردو، سنڌي، فارسي ۽ عربي جي مهارت حاصل
هئس. هميشه هندن سان هندومت ۽ اسلام تي بحث ۽
مناظرا ڪندو هو. سيٺ امام ڏنو زواجو، حاجي سومار
کوڀاٽي، مولوي آفاتاب ۽ رشيد الدين احمد هتي جا
معزز شهري ۽ اهل علم ٿي گذريا آهن. حاجي عارف
ميمڻ، حاجي محمد ڪاڍڻي ۽ شيخ الله بچايو بااخلاق
شريف النفس ۽ پنهنجي قومن جا چڱا مڙس هئا. ماڪوڙو
ماڇي، گل اڍيجي ۽ وڏيري درزي جي نالن وٺڻ سان اهل
بدين جي لبن تي مسڪراهٽ اچي ويندي آهي.اهي مزيدار
چرچي ڀوڳ جي ڪري مشهور آهن. غريب آباد ۾ حاجي عمر،
رسول بخش خواجو، رحيم ڏنو سومرو، حاجي سومار
لغاري، اوستو ٻڍو، ڪنڀار نيڪ ۽ پرهيزگار انسان
هئا.
آخر ۾ آءٌ بدين شهر جي آخري خاندان ۽ شاه قادري ؒ
جي خاندان جي آخري شمع جو ذڪر ڪرڻ، هڪ قديمي شهري،
درگاهه شريف جي موروثي خادم جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض
ٿو سمجهان.
سائين عالي شاهه مرحوم جي شخصيت نه صرف شهر بدين
بلڪ پوري لاڙ، ٿر ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ هڪ خاندان جي حيثيت ۾
سڀني انسانن کان بالا ۽ اعلى آهي. سائين مرحوم
غريب پاڙي وارن لاءِ هڪ رحمت جو ڪڪر هو. مرڻي پرڻي
غريب پاڙي وارن جو خرچ پکو برداشت ڪندو هو. سخي
مرد، رحم دل، بااخلاق ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو.
ٻارن سان ٻاراڻي انداز ۾ ۽ پوڙهن سان پيري واري
انداز ۾ گفتگو ڪندو هو. هڪ دفعي پنهنجي نياڻين جو
عقيقو ڪيائين. غريبن بيواهن ۽ يتيم پاڙي جي ٻارن
کي دعوت ڏنائين. اندر حويلي ۾ تمام قيمتي غاليچن
تي سڀني ننڍن وڏن کي پاڻ هٿ ڌورايائين، پنهنجي هٿن
سان ماني کارائين ۽ آخر ۾ هٿ وري به پاڻ ئي
ڌورايائين، حالانڪ ٻارن جا پير گپ ۽ مٽي سان ڀريل
هئا ليڪن نفرت نه ڪيائين. پاڻ مساوات محمدي جا وڏا
شيدائي هئا.
روپا ماڙي
هت رواجي ناهي روپا، ٿا لکن لکپت اڃان،
ڪيئن وساريان ڪوٽ وڳهه، شل ڏسڻ ويجهو وڃان،
ديس ۾ دودي جي دهشت جا مقالا پيو مڃان،
هي قديم آثار آهن، ڪيئن ڀلا ڀُلي ڀڃان،
ٿئي عجب توکي اڃان جي روبرو روپاءَ رسين،
پيار وارن پارکوئن کي مرحبا چئون اسين.
- (حاجي محمد حاڪم)
خواجه فرمان علي جعفري
بدين ضلعي جا سخي مرد
شخصيتن جا ڪارناما ملڪ ۽ قوم جي تاريخ جو تاڃي ۽
پيٽو آهن. انهي جي تعميري ڪردار ۾ سخي پڻ شامل
آهن. بدين ضلعي جي سخي مردن مان مير غلام محمد خان
ٽالپر مرحوم جو نالو هميشہ قائم رهندو، جنهن
پنهنجي هڙان بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ مدرسو
کولي، غريب شاگردن جي تعليم و تدريس، کاڌي پيتي،
ڪتابن ۽ ڪپڙن جون مددون ڏيئي، انهيءَ پٺتي پيل
علائقن جي سخي مردن ۾ اهڙا نقش ڇڏيا جي وسارڻ جي
قابل نه آهن، جيستائين اهو ٽنڊي باگي جو مدرسو
قائم آهي، تيستائين مير صاحب زنده جاويد آهي ۽
رهندو.
اهڙن بزرگن مان مرحوم محمد اشرف ٿيٻو پڻ درياه دل
ٿي گذريو آهي، جيڪو غريبن جي پرگهور لهڻ ۽ غريبن
جي کاڌي خوراڪ جو خيال رکندو هو. پنهنجي ٻني جي
پيدائش جا کرن جا کرا غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. پاڻ
رپ ڳوٺ جو رهاڪو هن ضلعي جو هڪ مخلص مرد هو.
گرهوڙي شريف جي الهه بندي شاهه کي وسارڻ به مناسب
نٿو سمجهان، جنهن صاحب جي سخاوت جي اها حالت هئي
جو هڪ دفعي برسات وسندي هڪ سؤ ماڻهو، هڪ سؤ گهوڙن
تي سوار ٿي، سندس اوطاق تي آيا، اُن وقت وٽس گهر ۾
ڪجهه به ڪين هو، فقط هڪ ڍڳي هئي جا هڪدم ذبح ڪرائي
رڌائڻ شروع ڪيائين. تيستائين کيس اوچتو ٻاهر سڏ
ٿيو. پاڻ ٻاهر وڃي ڏٺائون ته هڪ شخص هڪ گڏهه جهلي
بيٺو آهي، مٿس هڪ اَن جي ڳوڻ پيل آهي، اهو شخص
شاهه صاحب جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائين ته ”اهو ان
مون اوهان لاءِ آندو آهي.“
|