سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 10

بيت

جڳ کي ڏس جکا ۾، يا رهي منجهه رُوپا،

يا پٽيجيءَ جي پٽ جا، چر هلي چُوپا،

يا جهانگيئڙن جهوپا، ڏس قرهيي جي ڪپ تي.

- (شيخ الهه بچايو مرحوم)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

بدين ضلعي جو سنڌي نثر ۾ حصو

منهنجي ڳوٺ ڏي بدين کان جيڪو رستو وڃي ٿو، سو ايشيا جو قديم ترين رستو هوندو، تنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي. اسين ڳوٺ ۾ جيڪي لالٽين ٻاريون ٿا، سي اسان جا پراڻا ساٿي آهن. اُن جو مطلب اهو ناهي ته اسين پڪو رستو ۽ بجلي جا ٻهڪندڙ بلب نٿا گهرون. اسين گهرون ٿا، پر اسين علم ادب جي ترقي به گهرون ٿا، انهن ڪچن رستن، جهڪين روشنين اسان کي بي همت نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي. جو اڄ آءٌ ڪچن رستن ۽ جهڪين روشنين بدران سنڌي نثر بابت مقالو پڙهي رهيو آهيان.

جڏهن ڪو به ادبي جائزو لکجي ته، اُن ۾ مقرر ادبي معيار جو لحاظ ضرور رکڻ گهرجي. ادب جي تاريخ، ابتداءَ ارتقاءَ جو جائزو وٺڻ نهايت نازڪ مسئلو آهي. ڏسبو ته هن سلسلي ۾ ’نه لکندڙ‘ کي ’لکندڙ‘ ۽ ’لکندڙ‘ کي ’نه لکندڙ‘ ڪري آڻڻ جا واقعا به ٿيا آهن. ادبي جائزي لکڻ وقت اهم ادبي لاڙن ۽ اهم ليکڪن جو تذڪرو ضروري ٿئي ٿو. دوست نوازي ۽ دشمن ڪشيءَ لاءِ ٻيا ئي ڪيترا موقعا آهن.

اڳي اسين لاڙ جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته ان جي حدن ۾ ڪا مقرر سرحد موجود نه هئي ۽ ٿوري چرپر توڙي ڦير گهير جي گنجائش هئي. هاڻي بدين ضلعو ٿا چئون ته مون کي خوف آهي، ڪٿي آءٌ اهڙي نثر نگار جو ذڪر نه ڪري وڃان، جنهن جو ڳوٺ ضلعي بدين جي ڀليڪار جي بورڊ جي ٻئي طرف هجي پر، اُميد اٿم ته منهنجو دوست محمد سومار شيخ جيڪو دڙا ڀڙا، وسيون واهڻ ۽ ڳوٺ ڳوٺ گهميو ويٺو آهي. سو ضروري درستي ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. جيتوڻيڪ هن مقالي جي تياري ۾ مون کانئس اڳ ئي انگ اکر ۽ مدد ورتي آهي.

بدين ضلعو چئن تعلقن يعني بدين، ٽنڊي باگي، ماتلي ۽ گولاڙچي تي مشتمل آهي. ضلعي جي حدن اندر ماضي ۽ حال ۾ جيڪو به اهم نثر نويس آهي، اُن جو مان پنهنجي علميت آهر ذڪر ڪندس. مونکي هن ضلعي جا مايه ناز شاعر وڌيڪ متاثر ڪندا رهيا آهن،جهڙوڪ: عبداللطيف ڪيسر، خواجه سلطان الاولياءُ محمد زمان، سانوڻ فقير، پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“، پير بخش فاروقي ”داريش“، ڄام خان چانڊيو، حاجي مراد چانڊيو ۽ مولوي احمد ملاح وغيره. نثر به هن پَٽ ۾ گهڻو ملي ٿو. پر شعر جو حصو، نسبتاً، سٺي معيار جو آهي. بهرحال ڪيترن نثر نويسن هن تر ۾ ڌاڪو ڄمايو آهي.

ڪڙئي وارو خليفو محمود نظاماڻي ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ هن بزرگ جا ”ملفوظات“ موجود آهن. اڄ جو اسين چئون ٿا: ”ڏڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي،“ سو سندس ملفوظات ۾ موجود آهي. هن متبرڪ هستيءَ جو نالو هن وقت تائين ٿيل کوجنا موجب بدين ضلعي جي تاريخ ۾ ابتدا ۾ ملي ٿو، جيڪڏهن بدين ضلعي جي نثر بابت گفتگو ڪجي ته محترم محمد صديق ”مسافر“ (1879- 1961ع) جو هڪ نالو بس آهي. هو ديني ۽ ادبي تحريرن ۾ سنڌ ملوڪ ليکڪ جي درجي تي فائز آهي. کانئس وڌيڪ محنتي ۽ بسيار نويس هن پٽ ۾ ٻيو ڪو ورلي ٿيو. البت هاڻي اها پڳ محمد سومار شيخ تي آهي.

”مسافر“ صاحب جيڪي ڪتاب پنهنجي نالي لکيا ۽ شايع ڪيا تن جو تعداد چاليهه کان مٿان آهي. هو صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. مسافر صاحب جي تحريرن ۾ وڌ ۾ وڌ طبعزاديت، ادبي ذوق ۽ علميت جا اهڃاڻ ۽ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جوش ۽ جذبي جا پرتوا ملن ٿا. پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي قبيلي يعني شيدي قوم جي ماضيءَ ۽ حال جو جائزو وٺندي، هڪ ڪتاب ”غلامي ۽ آزادي“ جا عبرتناڪ نظارا لکيائين، جنهن ۾ سندس جوش ۽ جذبو جيڪو اثر ڪري ٿو، سو لفظن ۾ آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان. نيڪي لاءِ تلقين ۽ ترقي ڏي راغب ڪرڻ لاءِ ڪجهه لکڻ فقط هڪ دردمند دل واري جو ڪم آهي، جيڪو مسافر صاحب خوب ڪيو آهي. طعزاديت جا هن ڪتاب ۾ ملي ٿي سا سنڌي ٻولي جي ٿورن ڪتابن ۾ هوندي. اڄ نه رڳو ٽنڊو باگو شهر يا بدين ضلعو پر ساري سنڌ ”مسافر“ تي ناز ڪري ٿي.

منهنجو ڏاڏو حيدر خان جوڻيجو بنيادي طرح ڪو ليکڪ نه هو، پر هن پنهنجي اولاد جي رهنمائي لاءِ هڪ ڪتاب ”دانشمندي“ 1918ع ۾ لکيو جيڪو 1958ع مون اصل نسخي تان اُتاري شايع ڪيو.

راڄي خاناڻي جي حڪيم تاج محمد ”مشتاق“ (وفات 1953ع جو نالو به مقامي ادبي حلقن لاءِ نئون نه آهي. ”مشتاق“ هڪ رسالو ”الشفاع“ شايع ڪندو هو ۽ طب بابت ڪئين ڪتاب لکيا اٿس. اهڙي طرح مشهور صوفي شاعر فقير پير بخش فاروقي ”دلريش“ به ڪجهه نثر لکيو آهي، جنهن ۾ سندس سير سفر جو احوال به اچي وڃي ٿو.

حڪيم نذير حسين حيدري (وفات 1972ع) هتي جو هڪ بي خوف سياسي رهنما ۽ شعله بيان مقرر ڄاتو وڃي ٿو. سندس تحريرن ۾ تقرير وارو جوش موجود آهي. سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شروع ۾ جيڪي ليڊر ٿيا، نذير حسين انهن مان هڪ اهم ليڊر هو. مون جڏهن شروع ۾ کيس هاري جلسن ۽ ٻين اجتماعن ۾ تقرير ڪندي ڏٺو ته، اُن وقت مون ۾ سمجهه نه هئي ۽ اهو نه سمجهندو هوس ته هو ڇا ٿو چوي: پر اڄ اهي لفظ ڪنن ۾ پڙاڏا ٿا ڪن ۽ نه رڳو مطلب سمجه ۾ اچي ٿو پر مقرر جي قوت بيان جو به اندازو ٿئي ٿو. نذير حسين نندي شهر کان لڏي بدين آيو ۽ نه رڳو حڪمت جي ڪري مشهور ٿيو، پر پنهنجي علميت ۽ مذهبي معاملن جي ڄاڻ ۽ سياسي ڳالهين جي پروڙ جي ڪري نالو ڪڍيائين. هن جي ڪتابن مان ”درنجف“ ۽ ”جمهوريت سان تماشو“ اهم آهن. سندس تحرير مؤثر منفرد ۽ دلنشين آهي. ڪتاب ”جمهوريت يا تماشو“ ليکڪ جي سياسي اڀياس جي ساک ڀري ٿو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته جمهوريت جي وصف ڪهڙي آهي. اُن جي عمل جو دائرو ڪيترو وسيع آهي ۽ جمهوريت جي جڙتو ٺيڪيدارن خود اُن کي ڪيئن تماشو بنايو آهي. نذير حسين جو انداز بيان نه رڳو منفرد بلڪ متاثر ڪندڙ آهي. تحرير ۾ تقرير جو زور ملندو محسوس ٿيندو هو ته هو جيڪي چوي ويٺو سو ڪنن جي درين مان ٿيندو، اسان جي دل جي گهر ۾ جاءِ وٺندو پيو وڃي. زندگي جي آخرين گهڙين تائين هو سياست سان لاڳاپيل رهيو ۽ اڄ به هن جو آواز هن پَٽ ۾پڙاڏو پيو ڪري.

کور واهه ملوحسن ۽ بجاريءَ جو پاسواڳ وسندڙ ڪو نه هو پر اُن طرف جا عالم ڪنهن کان ڳجها ڪونه آهن. هنن جي علمي پالوٽ جهرجهنگ کي سيراب ڪيو آهي، انهن ۾ مولوي محمد عثمان، مولوي محمد نورنگزادي ۽ انيس مهيري جا نالا اهم آهن. پهريان ٻه بزرگ گذاري ويا آهن پر سندن علمي، ادبي ۽ ديني مقالا موجود آهن. هنن بزرگن جون ادبي خدمتون ضلعي جو مان مٿاهون ۽ ڳاٽ اوچو ڪن ٿيون.

مولوي احمد ملاح (1877- 1969ع) لاڙ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاعري جي ڪري هن جو مقام نهايت اعلى آهي. نثر ۾هن جو ڪم گهڻو ڪونهي پر توحيد بابت هڪ مفيد ڪتاب لکيو آهيس: معرفت لاالله. ڌڻي جي هيڪڙائي بابت هن جو شعر ساک ڏيندو. رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت سندس هر لفظ مان بکي ٿي.

نثر ۾ هن موضوع تي قرآن شريف جي روشني ۾ مولوي صاحب جو هي ڪتاب به منفرد آهي.

اسلم نندائي (وفات 1967ع): هي نوجوان ليکڪ به چند نثري تحريرن کي اسان وٽ ڇڏي ويو آهي. سندس ڪتاب گهڻو ڪري ناول ۽ افسانن تي مشتمل آهن. ”حسرت زده موت“ سندس اهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان اسلم جي سوچ ۽ سندس تحريرن جي عام نهج ظاهر ٿئي ٿي. معلوم ٿو ٿئي ته مايوسي جي زندگي جي ڪنهن گهري صدمي ۾ هو لکي رهيو هو. اسلم جي نثر نويسيءَ ۾ ڪنهن پختي ليکڪ بدران پرجوش ۽ جذباتي انداز بيان ملي ٿو. هن کي جن ڳالهين متاثر ڪيو، تن تي هو لکندو رهيو ۽ زبان توڙي بيان جي خامين ڏي توجهه نه ڏنائين. موت برحق آهي، پر ڪي ڪي ماڻهو تمام جلد وڇڙي ٿا وڃن.

ڪي علم دوست هستيون اهڙيون به ٿي گذريون آهن، جن ۾ بظاهر لکڻ جي قابليت نظر نه ايندي آهي پر جڏهن هنن جي تحرير جو ڪو نمونو اڳيان اچي ٿو ته حيرت وٺيو وڃي. منهنجو اشارو محترم پير عالي شاهه صاحب مرحوم ڏي آهي. پير صاحب بدين تعلقي جي هڪ معزز ۽ برگزيده هستي ٿي گذريو آهي. سندن ڪتاب ’منهنجي حياتي جا چند ورق‘ سندن وفات کان ٻه سال پوءِ 1975ع ۾ شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب ٻوليءَ ۽ انداز بيان جي لحاظ کان سنڌي نثر ۾ سٺو اضافو آهي ۽ خود نوشت سوانح عمري تي هڪ منفرد ڪتاب آهي. پير صاحب جي نثر نويسي ۾ هڪ قسم جي پختگي موجود آهي. مصنف جو هن علائقي جي سياست ۾ اهم مقام هو ۽ پنهنجي مطالعي ۽ تجربي جي بنياد تي گهڻو ڪجهه لکي سگهي ها، اها اسان کي هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي.

هن وقت جيڪي ليکڪ بدين ضلعي جي نثر نويسي ۾ اهم آهن، تن علم ادب جي مختلف موضوعن تي لکيو آهي. ڪيترا اهڙا آهن، جن جو اڄڪلهه ڪو علمي ڪارنامو ظاهر ڪو نه ٿو ٿئي، پر ماضي ۾ هنن نهايت مفيد ڪم ڪيوآهي.

محترم محمد حسين ترڪ اقتصاديات جي موضوع تي ڪتاب لکيا آهن.

جناب مير محمد نظاماڻي ادب جي موضوعن مان ڊراما ۽ شعر بابت لکيو آهي. سندس ڪتاب ”عورت ۽ سماج“ ۽ ”سنڌي ڊراما“ ۽ ”ڪلام ڪريم“ علمي ادبي حلقن ۾ مشهور آهن.

تلهار مان غلام احمد ’بيدم‘ هڪ شاعر آهي، پر هن نثر به لکيو آهي. ’مهراڻ‘ جي پهرئين دور ۾ ڀيرومل جي مضمونن تي تنقيد لکيائين ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. احسان ’پرويز‘، غلام حسين ’شاد‘ ۽ ٻيا نوجوان تلهار جي ادبي حلقن ۾ مشهور آهن.

اسان جي مشهور شاعر شمشير الحيدري به نثر جي ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي، هن ڪي ڪتاب به مرتب ڪيا آهن. سندن نثري ڪم ۾ ”انسان ڪامل“ ۽ ”ڪاروان ڪربلا“ اچي وڃن ٿا، اُن کان سواءِ علمي مقالا مختلف مخزنن ۾ موجود اٿس.

ماستر محمد سومار شيخ جي تحريڪ سان به بدين جي نوجوانن ۾ سجاڳي آئي آهي، اُن تحريڪ ڪيترائي نوجوان ميدان ۾ آندا ۽ انهن جا نالا ماستر صاحب پنهنجي تاليف ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ ۾ ڏئي، انهن جي همت افزائي ڪئي آهي. ڪي ليکڪ آهن، ڪي تيارين ۾ آهن، اڄ نه سڀاڻ ماستر صاحب جي پيشنگوئي سچي ثابت ڪندا. ماستر محمد سومار شيخ سنڌي ادب ۾ هاڻي نئون نه آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪنهن فن جو خفت رکن ٿا، تن مان هڪ، بلڪ لکن ۾ هڪ آهي. مونکي جيستائين ياد پوي ٿو ته اڄ کان ٻاويهه، سال پهرين مون هن کي ادبي ميدان ۾ هڪ ناول ’آڌي رات‘ سان ڏٺو هو. هن جي ادبي زندگي ڀرپرو ادبي زندگي آهي. هن سَون جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ نثر، نظم شامل آهن. هن نثر ۾ ادب، تاريخ، ثقافت ۽ لسانيات ۽ آثار قديم تي لکيو آهي. هو هر هنڌ موضوع جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ ڏوري ڏسڻ وارو ليکڪ آهي.

چاليهن کان مٿي سندس ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ٻيا ڪٻٽن ۾ سنڀالي رکيا اٿس ته سندس پويان يا ڪي ڪي قدر دان ادارا شايع ڪندا. شيخ صاحب ڪتاب ڇپائڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي.هن وٽ نفعي ڪمائڻ جو خيال اوهان کي نه ملندو آثار قديم جي اهميت جون نادر شيون گڏ ڪري واسطيدار ادارن کي ڏيڻ به سندس زندگي جو معمول آهي. مون ڄام شوري ۾ هڪ نوجوان کي ٿيلهو نادر پٿرن سان کڻي ايندي ڏٺو، هن جو خيال هو ته ”سومار ملڪ ۾ پٿر، ٺڪر ۽ سر ڇڏي ناهي ۽ انهن مان گهڻو ڪمائي ويو آهي.“ مون چيو ته ”ماستر صاحب جيڪو ڪمايو آهي، سو پئسو ڪونهي، پر ٻيو ڪجهه آهي.“

سندس تازو ڪتاب ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ افاديت جي لحاظ کان نهايت ئي اهم آهي. هن ۾ شيخ صاحب جيڪو به مواد گڏ ڪيو آهي، تنهن ۾ ڪٿي ڪٿي سندس تڪڙ جا مثال به ملن ٿا. هن ڪتاب ۾ سڀني کان اهم باب دڙن بابت آهي، شيخ صاحب آثار قديم جي اهميت وارن هنڌن جا پنڌ ڪري ڪافي کوجنا ڪئي آهي ۽ هتي هن مختلف اوچاين ۾ دڙن جي تقسيم ۽ نشاندهي ڪئي آهي. اها جاکوڙ، کوٽائي ۽ کوجنا لاءِ رهبر ثابت ٿيندي. آءُ کيس هن ڪم لاءِ واکاڻ جي ورکا پيش ڪندي، سلام ٿو ڪريان! بدين ضلعي ۾ گهڻا سخي سردار ۽ چڱا مڙس، ڪوپا ۽ جوڌا، اديب ۽ عالم، شاعر ۽ فنڪار ٿي گذريا آهن ۽ اهي اهم آهن. محمد سومار شيخ به هن ضلعي جو اهم ۽ وڏو ماڻهو آهي، اها ڳالهه ايندڙ وقت ثابت ڪندو.

نور محمد پرواز مرحوم به ڪي مضمون لکيا آهن، جيتوڻيڪ هو مزاحيه ۽ طنزيه نظمن لکڻ ڪري مشهور آهي.

محمد صديق ’مرهم‘ مقامي ادبيات جو سٺو اڀياس رکي ٿو. خاص طور مولوي احمد ملاح جي ڪلام جو عاشق آهي. ’غزليات احمد‘ مرتب به ڪيو اٿس. هن کي مون سان شڪايت آهي ته ’آءٌ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”غزلن جي غنچي“ ۾ بدين واسي هوندي به مولوي صاحب کي غزل گو شاعر تسليم ڪو نه ٿو ڪريان‘. منهنجو عرض آهي ته مولوي صاحب هڪ عظيم شاعر آهي. مداح، ڪافي، نظم ۽ ڪن هنڌغزلن نما ڪافين ۾ اعلى پايو رکي ٿو، پر آءٌ خاص طور کيس غزل گو شاعر تسليم ڪو نه ٿو ڪريان ۽ ڪو عظيم نثر نگار به تسليم ڪو نه ٿو ڪريان.جيتوڻيڪ سندس ذڪر هن مقالي ۾ ڪيو اٿم، ’مرهم‘ صاحب سٺو لکي ٿو. اهو اسين بدين واسطي تسليم ڪريون ٿا.

تلهار مان محترمه خيرالنساءِ جعفري نفسياتي مقالا ۽ افسانه لکي ٿي. هو سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ سندس افسانن ۾ ”پيڙاءُ ۽ پڙلاءُ“ ۽ مان ۽ تون“ دادِ تحسين حاصل ڪري چڪا آهن.

جن نثر نگارن جي قلم ۾ گهڻو زور هو ۽ وري قلم مان ائين هٿ ڪڍي ويا جو ڄڻڪ ڪڏهن ڪجهه لکيو ئي نه هو، انهن ۾ فرمان علي جعفري هڪ قابل ماڻهو آهي. هن ڪافي مفيد مضمون لکيا آهن پر زمانو ٿيوآهي جو لکي ڪو نه ٿو. اڄ شايد مقالو پڙهي. محترم محمد يعقوب مغل گوهر به هاڻي ڪو نه ٿو لکي، مون به ڪي رنڍا روڙيا آهن ۽ ماستر محمد سومار هڪ سٿي جي صورت ۾ نمائش ۾ منهنجي ڪتابن ۾ ڪنز اللطيف، مائو جي ملڪ ۾ پيش ڪيا آهن، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ لاڙ جي لغات کي ڪي قدر مفيد سمجهان ٿو. فيصلو ان جو مون وٽ ڪونهي. ڪي افسانا ۽ مقالا لکيا اٿم. نوجوانن ۾ گهڻو اتساهه آهي. ڪامريڊ علي احمد جوڻيجي ’ميلن جي ڪهاڻي ميلن جي زباني‘ نالي ڪتاب لکيو آهي، پاڻ ’جدوجهد‘ مخزن به ڪڍيائون، جنهن جا فقط ٻه پرچا نڪتا. محمد شريف کوسي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪٺيس ڪويڄن“ شايع ٿيل آهي. عبدالمجيد ’مارو‘ ۽ عبداللطيف زرگر ٻارن جي ڏانوَ جون ڪهاڻيون لکيون آهن. محمد هاشم ”خادم“ ٽالپر، تاريخ ’شعراءِ لاڙ‘ جو ٻيو ڀاڱو مرتب ڪيو آهي ۽ عبدالرحمان ’نقاش‘ لنواري جو پرجوش ليکڪ آهي. ٽنڊي باگي مان ڪنول لوهاڻو، پالو مل، موتي ۽ ٻيا ڪافي نثري تخليقون ڪن پيا.

ڳايان بدين کي

اي اهل نظر آءٌ ٿو ڳايان بدين کي،

گل پنهنجي عقيدت جا ٿو پايان بدين کي،

گهر امن آشتيءَ جو ٿو ڀانيان بدين کي،

ميندي مان مداحن جي ٿو پايان بدين کي،

جو ويس وڳا پائي، گهڻو گهوٽ ٿيو آه،

۽ چهچٽي ۾ يار اِهو چوٽ ٿيو آه.

(’نياز‘ جتوئي)

بدين ضلعي جو مذهبي مطالعو

مدرسن، درگاهن ۽ ڌرمي آستانن اخلاقي ڪردار کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ وڏي واهر ڪئي. ماڻهن جي قلب تان ڪس لاهڻ، سنئين راهه سنوارڻ لاءِ مذهبي قدرن بدين ضلعي جي ماڻهن کي وڏو سهارو مهيا ڪيو.

بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾ سنڌ جي اديبن بدين ضلعي جي مذهبي مطالعي متعلق پڻ سٺيون تقريرون ڪيون، محمد عمر گهراڻي بدين ضلعي جي مدرسن جو ذڪر ڪيو هو محمد پناهه ڦرڙي صوفين جي تحريڪن تي روشني وڌي هئي. پروفيسر اسحاق ابڙي ”بدين ضلعي جي ميلن“ جو ذڪر ڇيڙيو هو ۽ ڀڳت نانگجي هندن جي ڌرمي آستانن جي ڳالهه ڇيڙي هئي. اِهي ميڙيئي مقالا هن باب جي سونهن آهن، انهن ڀلارن جو ذڪر جيترو ٿئي، اوترو ٿورو آهي ۽ اهو ذڪر ڪنهن به نعمت کان گهٽ نه آهي (س ش).

محمد پناهه ڦرڙو

بدين ضلعي ۾ صوفي تحريڪون

صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،

تڏهن تن ٿيو جيئري پسڻ پرين جو.

صوفين جي تحريڪن جو اندازو جديد تحقيقات موجب ٽيهارو کن آهي، مگر هت انهن جو ذڪر خير ڪجي ٿو، جن جو تعلق بدين ضلعي سان رهيو آهي. اُهي هي آهن:

نقشبنديه، قادريه، راشديه، سهرورديه، چشتيه، اسماعيليه ۽ مهدويه.

نقشبنديه: هن طريقي جو توصل خواجه محمد بهاءُ الدين نقشبند جي سان حضرت نبي ڪريم صلعم تائين پهچي ٿو. حضرت نبي سڳوري صلعم کان وٺي حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان قدس سره تائين هي سلسلو آهي:

حضرت محمد ﷺ، حضرت ابوبڪر صديق، حضرت سلمان، خواجه قاسم، امام جعفر صادق، بايزيد بسطامي، خواجه ابوالحسن خرقاني، خواجه بوعلي، خواجه يوسف همداني، خواجه عبدالخالق عنجدواني، خواجه عارف ريو ڪري، خواجه محمود الخيري فغفوري، خواجه علي معروف، خواجه محمد بابا سماس، خواجه مير گلال، خواجه بهاءُ الدين نقشبند، خواجه يعقوب چرخي، خواجه عبيدالله احرار وارو، خواجه محمد زاهد، خواجه محمد درويش، خواجه امڪنڪي، خواجه باقي باالله، خواجه احمد سرهندي مجددالف ثاني، خواجه محمد سعيد، خواجه عبدالاحد، خواجه محمد حنيف، خواجه محمد زڪي، خواجه محمد ابو المساڪين ٺٽوي، خواجه محمد زمان سلطان اولياءُ. ان بعد هن طريقي جي امانت هت قائم آهي. ان جا رهنما هي آهن:

حضرت خواجه گل محمد محبوب الصمد، حضرت خواجه محمد زمان ثاني صاحب حصار، حضرت خواجه محمد حسن مهاجر مدني، حضرت خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي، حضرت خواجه احمد زمان صاحب لوا، حضرت خواجه پير گل حسن شاهه صديقي جن هن وقت مسند پاڪ تي جلوه افروز آهن، جيڪي نقشبندي طريقي کي امانت باسلامت هلائيندا پيا اچن.

سهرورديه: هن طريقي جا پرچارڪ بدين ضلعي ۾ لواري، ملتان شريف وارو غوث بهاؤالدين قدس سره، حضرت شاه جلال جهانيان، هالن سونهارن وارو بزرگ شاه عبدالڪريم بلڙي وارو شاه عنايت شهيد جهوڪ شريف وارو ۽ سيد ساجن سوائي سونهارا آهن.

لواري شريف وارا بزرگ:- هن طريقي سهروردي جي امانت جو سلسلو هنن بزرگن سان وابسته آهي:

حضرت خواجه شيخ محمد يماني کان مڪي شريف ۾ حج پاڪ جي موقعي تي شيخ مالڪ کي ارشاد جي سند عطا ٿي. ان بعد پشت به پشت ان جو سلسلو هن ريت هلندو آيو:

شيخ مالڪ، شيخ مصطفى، شيخ علي، شيخ طائوس، شيخ عبدالاحد، شيخ عابد، شيخ فقرالله، شيخ محمد، شيخ بقا، شيخ احمد، شيخ عبداللطيف ڪلان، شيخ عبدالواحد، شيخ ابراهيم، شيخ حاجي عبداللطيف. مطلب ته هن خاندان ۾ 15 پيڙهيون هي سلسلو هلندو آيو.

شيخ حاجي عبداللطيف هن طريقي ۾ تڪميل حاصل ڪئي پوءِ شيخ فيض الله بن مخدوم آدم ٺٽوي جي بيعت ڪري نقشبندي طريقي سان پاڻ کي وابسته ڪري ڇڏيائين.

شيخ عبداللطيف ڪلان ۽ سندس ڀاءُ شيخ شمس الدين هن طريقي جا وڏا رهنما ٿيا آهن. شيخ شمس الدين جي مزار اقدس قديم لواري شريف ۾ ۽ شيخ عبداللطيف جي راٺوڙ ۾ آهي.

ملتان واري غوث بهاؤالحق جي توصل سان هن طريقي جا هيٺ ڏنل بزرگ خليفا ٿيا آهن:

1- شيخ عيسى، مقبرو لواري شريف کان ٻه ميل ڏکڻ اوڀر طرف. 2- شيخ اسماعيل قريشي، شيخ ابن شاهه، شيخ عالم شاهه حضرت غوث بهاؤالحق جو اولاد. 3- سيد اسماعيل، سيد عمر، سيد ميو، سيد لڌو، شاهه جهانيان جو اولاد. 4- درويش صدر اوٺو (ولهار). 5- پير خاڪي (پراڻ). 6- ابراهيم ناگوراڻي ٿيٻو. 7- سيد لال ڇتو منڌر جي پٽ وارو. 8 درس مظفر خليفو. 9- بابو درس. 10- ڏاتو ڪاڇيلو. 11- فقير کٿوريو. 12- سيد ساجن سوائي ۽ ان جا پوئلڳ. 13- سيد مڱيلڌو تلهار. 14- سيد عالي شاهه. 15- سيد مير حيدر: شاه عبدالڪريم جي طفيل. 16- درويش صابر ولهار 17- ميان معروف. 18- ميان مقبول شاهه عنايت جي طفيل.

قادريه: هن طريقي جو تفصيل حضرت شيخ سيدنا عبدالقادر جيلاني جي واسطي سان حضرت علي ڪرم الله وجهه جي توصل سان حضرت نبي ڪريم صلعم تائين پهچي ٿو.

حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني کان مٿي هن طريقي جو سلسلو هن ريت آهي:

حضرت پير دستگير سيدنا عبدالقادر جيلاني البغدادي، خواجه ابي سعيد المبارڪ، خواجه ابي الحسن علي بن محمد يوسف قريشي، خواجه ابوالفرح طرطوسي، خواجه ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز تميمي، خواجه ابوبڪر شبلي، خواجه جنيد بغدادي، خواجه سري سقطي، خواجه مصروف ڪرخي، خواجه دائود طائي، خواجه حبيب عجمي، خواجه حسن بصري، حضرت علي بن ابي طالب رضي الله عنه، حضرت محمد مصطفى ﷺ.

هن طريقي جي تحريڪ جو باني سنڌ ۾ لاڙ واري خطي ۽ ڪڇ جي لاءِ سيد شهاب الدين احمد عرف شاهه قادري عليہ رحمت ٿي آيو. سندس سلسله حسب نسب هن ريت آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org