اڳ ته هن خطي ۾ گهڻائي مدرسا هئا پر خواجه محمد
سعيد صاحب هڪ وڏو درسگاهه کولايو ۽ ان لاءِ دنيا
جي وڏي کان وڏي لائبريري بنائي، جنهن ۾ هزارين
نادر قلمي ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيو ويو ۽ ان درسگاهه
لاءِ سندن نظر انتخاب کي آفرين آهي جو سنڌ جي آخري
محدث ۽ وطن دوست مخدوم عبدالڪريم مٽياري وارن جي
خاص شاگرد محدث عيسى کي شيخ الحديث مقرر ڪيو ويو.
مخدوم عبدالڪريم، مخدوم محمد عثمان جا فرزند هئا ۽
سنڌ جي عالمن جا استاد هئا. اسان جا سنڌ جا حاڪم
مير صاحبان سندن وڏي عزت ڪندا هئا. مرزا غالب جي
شعر جي اصلاح ڪندڙ ’ناطق‘ مڪراني به وٽن پڙهي ويو
هو. جڏهن انگريزن سنڌ تي ڌوڪي سان قبضو ڪيو، تڏهن
مخدوم عبدالڪريم سنڌ کي دارالحرب (لڙائي جي جاءِ)
قرار ڏنو ۽ پاڻ اهو فرمائي مڪي هليا ويا ته ”اسان
پنهنجي ديس ۾ ڌارين جا غلام ٿي نه رهنداسين.“ محدث
عيسى جيڪو سندن خاص شاگرد هو اهو به ساڻن گڏ مڪي
هليو ويو ۽ مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ سندن اهليه
۽ ٻارن کي وٺي واپس سنڌ ۾ آيو. خواجه محمد سعيد
صاحب ان کي پنهنجي مدرسي جو صدر مدرس ۽ شيخ الحديث
ڪري رکيو. ان تي ڪن عالمن خواجه صاحب کي لکيو ته
”اوهان پاڻ وٽ نانگ کي ويهاريو آهي.“ ان تي خواجه
صاحب کين چوائي موڪليو ته ”جي هي نانگ آهي ته اسين
به سپيرا ۽ جوڳي آهيون. اسان کي ڪو به نقصان
پهچائي نه سگهندو.“
بدين ۽ ان جي آس پاس جا جيڪي روحاني رهبر ٿي گذريا
آهن، انهن جي احوال سان اسان جا قديم تذڪرا ڀريا
پيا آهن ۽ ان سان گڏ سينه به سينه روايتون پڻ
موجود آهن. سنڌ جي مورخ مير علي شير قانع انهن مان
ڪن جو مختصر بيان آندو آهي.
بدين جو بزرگ ڀنڀو ناريجو ٿي گذريو آهي، جيڪو وڏن
ڪرامتن جو مالڪ هو. اهو بدين جي ڀر ۾ مدفون آهي.
شاه قادري:
حضرت غوث عالم جي اولاد مان شاه قادريءَ جي درگاهه
بدين کان ڏکڻ طرف آهي جا اوليائن جو آستان رهي
آهي. ان جي اولاد مان سيد عارف شاه وقت جو عارف ۽
بزرگ هو ۽ سيد بهار شاه رشد ۽ سخا ۾ چڱو نالو
ڪڍيو.
مخدوم طغاچي:
اهو اڳوڻي دور جو بزرگ آهي، جنهن جي درگاه بدين
کان اولهه پاسي تي چئي وڃي ٿي.
مخدوم صالح:
هيءَ بزرگ مخدوم طغاچي جي مريدن ۽ معتقدن مان هو.
هن جي قبر به مخدوم طغاچي جي ڀر ۾ آهي. هن جو پٽ
مخدوم يوسف به پنهنجي وڏن وانگر علم ۽ تقوى جي
مسلڪ تي هلندو رهيو، ان جو پٽ مخدوم عثمان پنهنجي
وقت جو ناميارو بزرگ ٿي گذريو آهي. مخدوم عثمان جو
پٽ شاهجهان جي دور ۾ ٺٽي شهر جو مفتي هو ۽ ان جو
پٽ ميان اسدالله بدين جو مفتي بڻيو ۽ هتي ئي رهي
پيو. هن جو اولاد به بدين ۾ ٻڌايو ويو آهي.
مخدوم حاجي:
هن بزرگ جي درگاهه به بدين شهر ۾ هئي ۽ آڳاٽن
بزرگن مان هو.
سيد مير:
بدين جي مشهور بزرگن مان ٿي گذريو آهي، سندس
درگاهه بدين کان ڏکڻ پاسي ماڻهن لاءِ زيارت گاهه
آهي. هن جو فرزند سيد عبدالله بزرگي ۽ نيڪيءَ ۾
رهيو ۽ ان جو پٽ سيد محمد زمان سنڌ جي مؤرخ مير
علي شير قانع جو معاصر هو، جيڪو هن درگاهه جو
سجاده نشين هو.
شاهه نور:
هن بزرگ جي درگاهه به بدين ۾ عوام لاءِ زيارت گاهه
رهي.
قاضي عبدالمالڪ:
علم ۽ عمل جو ڀنڊار هو. هن جي درگاه بدين کان ڏکڻ
پاسي ٻڌائي وڃي ٿي جا ماڻهن لاءِ زيارتگاهه رهي
آهي.
حافظ دائود:
هي قديمي بزرگ آهي ۽ سندس تاريخ وفاقت 1020هه آهي
جا هن فارسي مصرع مان نڪري ٿي:
دائود بدين رفت بفردوس ابد.
مير سلطان شاهه:
خواجه خليل جو ڀاڻيجو هو مامي جي معزوليءَ کان
پوءِ ان جي جاگير جو مالڪ ٿيو. ٺٽي ۾ اچي رهيو.
مخدوم ميان ابوالقاسم نقشبندي جي مريدن ۾ داخل
ٿيو. هن جي به بدين ۾ سڪونت هئي ۽ بزرگي ۾ وڏو
نالو ڪڍيائين.
بدين ضلعي ۾ علمي ۽ روحاني فيض جي پالوٽ هلندي
رهي، تيرهين صدي ۾ هتي جي هڪ رئيس اتر سنڌ جي هڪ
روحاني مرشد روضي ڌڻي کان فيض پرايو ۽ ان کان ڪڙئي
گهنور ۾ هن فيض جي باراني شروع ٿي. جيئن اتر سنڌ
جي سوئي ۽ ڀرچونڊي ۾ روضي ڌڻي جو فيض ڦهليو، تيئن
بدين ضلعي جي ڪڙيي گهنور ۾ خليفه صاحب نظاماڻي
ذريعي اهو فيض ڦهليو. خليفو صاحب نه رڳو تلقين جو
صاحب هو پر هن تصوف ۾ تاليف پڻ ڇڏي، جن مان
ملفوظات پير صاحب روضه ڌڻي ۽ گلشن اولياء وڏي شهرت
رکن ٿا.
هن شهر بدين جي هڪ عالم دين مولانا احمد ملاح
مرحوم جو هن دور ۾ قرآن مجيد جو منظوم سنڌي ترجمو
هڪ وڏو ديني ۽ ادبي ڪارنامو آهي. سنڌي ٻولي به اها
سلوڻي ڪتب آندي وئي آهي جو سهل ممتنع معلوم ٿئي
ٿي. مولانا مرحوم هن سنڌي منظوم ترجمي ۽ ٻين
اڪيچار سنڌي اشعار سان سنڌي ادب جي ڀنڊار کي ڀري
ڇڏيو آهي.
هن ضلعي جي منڌرا يا ماندر قوم کي به سلام هجي، جن
قديم دور ۾ ڌارئي حاڪمن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي ۽ هن
سلسلي ۾ مٿن ڏاڍا ظلم ڪيا ويا. ساڻن بغاوت جو
الزام هڻي لڙائي جوٽي وئي، پر هي مانجهي مڙس پوءِ
به وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏيندا رهيا. هن لاءِ تاريخ
مظهر شاه جهاني ۽ ٻئي سنڌ جون ٻيون قديم تاريخون
شاهد آهن.
اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙينا مهربان گهڻو.
جڳائي جبار کي، سڀڪائي ساراهه
پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاهه
سخي سٻاجهو گهڻو، مالڪ محشر گاهه
توئي پوڄيون، توهائي پنون حمايت هرگاهه
سهائيون سئين واٽڙي، واٽ انهن جي واهه
جن کي توڙان توڙ ڪئي، نعمتون نيباهه
جن تي ڪاوڙ ناهه ڪا ۽ نه گس ڪنان گمراهه
آمين يا الله! اهو عرضَ اگهائين.
(مولانا احمد ملاح)
قاضي عبدالمجيد ”عابد“
بدين ضلعي جي
سياسي تاريخ
بدين ضلعي جي موجوده جاگرافيائي جوڙجڪ سونهاري سنڌ
جي ضلعن جي تعداد ۾ حڪومت طرفان تازو اضافو آهي.
حالانڪ ان جي ضرورت هڪ عرصي کان محدوس ٿي رهي هئي.
نئين ضلعي جي گذريل اڌ صدي جي سياسي تاريخ بابت
ڪابه مستند تحرير، ڪتابي شڪل ۾ اڃان تائين لکجي نه
سگهي آهي يا ڪم از ڪم منهنجي نظر مان نه گذري آهي.
1962ع ڌاري غير جانبدار بڻجي ”سنڌ جي سياست“ جي
عنوان تحت ”روزانه عبرت“ ۾ مون پنهنجون ڪي
يادگيريون قلمبند ڪيون هيون، جيڪي سلسليوار مذڪور
صحيفه ۾ شايع ٿيون هيون انهن ۾ موجوده بدين ضلعي
جي سياسي تاريخ جي به هڪ جهلڪ موجود هئي. عبرت جي
اشاعت ۾ انهي تحريري سلسلي قدري لائق اضافو آندو،
جنهن مان ٻين کي نه ته به مون کي اها خوش فهمي
ضرور ٿي ته اهي اخبار بين حلقن وٽ پسند پيون هيون.
منهنجي ڪاهلي چئو يا ڪم مايگي جو اٽڪل 350 قسطن تي
مشتمل اهو سلسلو اڄ تائين ڪتابي شڪل نه وٺي سگهيو
آهي. هاڻي ته هي حال آهي جو نه اها قوت ياد باقي
رهي آهي ۽ نه اهي اخباري فائل سلسليوار صورت ۾
سلامت آهن، جو انهن جي مطالعي مان مستيفد ٿي
پنهنجي يادداشت کي تازو ڪري سگهان. عمر عزيز جا
ٻيا به چوڏهن سال خواب ٿي ويا. وقت گذرڻ سان انسان
جون جسماني قوتون ۽ دماغي صلاحيتون زوال پذير ٿيڻ
هڪ قدرتي عمل آهي. بقول هڪ سياڻي جي جيڪو دور وڃي
نٿو موٽي سو انسانن جو شباب ۽ جيڪو اچي وڃڻ جو
نالو ئي نٿو وٺي سا پيري ٿيندي آهي. تا وقتيڪ حضرت
انسان وڃي پنهنجي آخري منزل ماڻي.“ سو هن وقت ته
نه اها قلم جي رواني باقي رهي آهي نه اهي
يادگيريون. عادت کان مجبوري پنهنجي جاءِ تي موجود
آهي. سڪ ڀريو ڪو به سڏ موٽائڻ مشڪل ٿيو پوي. يارن
جي جهرمر متل هجي ته پوءِ پنهنجو روح ڪيئن رهي؟
غالب جو شعر ”گو هاتهه مين جنبش نهين آکهون مين تو
دم هي، رهني دو ابهي ساغرو مينا ميري آگي“ مون
پارن جي حال تي ٺهڪي اچي ٿو. هيتري ساري ڊيگهه مان
منهنجي مراد فقط اها آهي ته متذڪره حالتن ۾ جيڪڏهن
موضوع سان انصاف ڪرڻ کان قاصر رهان ۽ پيش خدمت
مقالي ۾ ڪا خامي خرابي يا ڪمي پيشي رهجي وڃي ته
سامعين درگذر کان ڪم وٺن.
موضوع ڏانهن موٽندي بدين ضلعي جي سياسي تاريخ بابت
عرض حال حاضر آهي. قبول پوي ته لک لائق.
بدين ضلعو سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر مردم خيز پئي
رهيو آهي. هتي جي سياسي تاريخ به مختلف درجن ۽
منزلن تي مبني ۽ مشتمل آهي. بمبئي ڪائونسل، انڊين
ليجسليٽو اسيمبلي، انڊين ڪائونسل آف اسٽيٽ، سنڌ جي
بمبئي کان علحدگي کان پوءِ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي ۽
ون يونٽ واري دؤر ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي ۽
پاڪستان ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبلي، بنيادي جمهوري نظام
تحت مختلف سطحن جي قانون ساز ادارن تي نمائندگي جو
انتخاب، ضلع ۽ تعلقه لوڪل بورڊن وارو دور،
نوٽيفائيڊ ايريا ڪميٽيون، سينيٽري ڪميٽيون، ٽائون
ڪميٽيون، يونين ڪائونسلون، ميونسپل ڪميٽيون،
ڊويزنل ڪائونسلون، ضلع ڪائونسلون ۽ ڪئنٽونمينٽ
بورڊ وغيره اهي سڀ مختلف وقتن تي مختلف حالتن هيٺ
مختلف درجا ۽ ڏاڪا هئا، جن تان موجوده بدين ضلعي
جي رهواسين جو سياسي سفر جاري ۽ ساري پئي رهيو آهي
۽ جنهن سفر جي تاريخ ئي اڄوڪي مقالي جو موضوع آهي.
هن ناچيز کي اهو زمانو به ياد آهي جڏهن هن ئي خطه
جو هڪ معزز باشندو وهڻاين جي خان صاحب سيد علي بخش
شاهه جو برادر ڪلان سيد نبي بخش شاهه صاحب مرحوم
هن ضلع مان، جنهن جو وڏو حصو ان وقت حيدرآباد ضلعي
۾ شامل هو. بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو هو. هي
سال 22- 1921ع جي ڳالهه آهي. موصوف پوءِ جيستائين
حيات هئو، فتح شڪست کان بي نياز، هميشہ ساڳي نشست
لاءِ انتخاب وڙهندو رهيو. مون کي اهو دور به ياد
آهي جڏهن سر غلام حسين مرحوم، باني نور محمد هاءِ
اسڪول مرحوم نور محمد سجاول وڪيل، مرحوم ميران
محمد شاهه، مرحوم مير بنده علي خان ٽالپر پڻ بمبئي
ڪائونسل تي هن ضلعي جي نمائندگي ڪئي. ميان
عبدالجبار وڪيل مرحوم، خانبهادر مرزا سڪندر بيگ
مرحوم، منهنجي پنهنجي والد مرحوم قاضي عبدالقيوم
عباسي ۽ محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پڻ مختلف وقتن
تي هن ضلعي جي نمائندگي لاءِ پنهنجون خدمتون آڇيون
۽ ان پر هن ضلع جي سياست ۾ بهرور ٿي انجي سياسي
تاريخ ۾ ذڪر جا مستحق بڻيا. انهن بزرگن کان علاوه
سعيد پور جو خان بهادر محمد ڪامل شاهه مرحوم، ٽنڊي
محمد خان جي ٽالپر خاندان جو پريو مڙس آنريبل مير
الهه بخش خان مرحوم، ڊڀري جو آنريبل خانبهادر
الهندو شاهه مرحوم، شڪارپور جو آنريبل علي بخش،
محمد حسين مرحوم، سنڌ جو مايئه ناز فرزند آنريبل
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سردار واحد بخش خان
ڀٽو پڻ پوري سنڌ جي حلقه انتخاب مان بمبئي ڪائونسل
۽ وائسراءِ جي ڪائونسل آف اسٽيٽ تي چونڊجي ويا،
جنهن ۾ موجوده بدين ضلعي جي زميندار ۽ جاگيردار
ووٽرن سرگرمي سان بهرو ورتو، انهن نامورن کي به
اوهان جي ضلعي جي سياسي تاريخ کان ڌار نٿو ڪري
سگهجي. انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جي چونڊن ۾ وري
حاجي سر عبدالله هارون، خان بهادر ولي محمد حسن
علي آفندي، نواب نبي بخش خان ڀٽو، خان بهادر محمد
پناهه ڊکڻ، سيٺ يوسف هارون، پير علي محمد شاهه
راشدي، ڄاموٽ محمد علي شاهه، مير غلام الله خان
ٽنڊي محمد خان واري ۽ خود سر غلام حسين مرحوم هندن
مان ديوان بهادر هيرانند، کيم سنگهه، ديوان ڏيئلمل
رٽائرڊ جج، مکي گوبندرام ننڍن ۽ وڏن زمينداري
ووٽرن وارن حلقن مان چونڊون لڙيون، جن جو دائره
انتخاب ته سڄي سنڌ هئي، مگر بدين ضلعي جي ووٽرن به
انهن چونڊن ۾ ڀرپور بهرو ورتو. هيٺين سطح تي ان
زماني ۾ حيدرآباد ضلعي لوڪل بورڊ جون ميمبريون ۽
پريزيڊنٽيءَ جو منصب هو، جيڪو مقامي خود حڪومت جي
ان وقت جي سرشتي جي لحاظ کان ڪافي بااختيار عهدو
هوندو هو. پوري ضلعي جي رستن جي تعمير ۽ مرمت، صحت
۽ صفائي، سماجي ڀلائي، پيڻ جي پاڻي لاءِ کوهه
کوٽائڻ، مال جي ڀيل روڪڻ، ابتدائي تعليمي ضرورتن
خواهه مڊل تائين ثانوي تعليم جو انتظام، مستحق
شاگردن لاءِ وظيفا ڏيڻ، ميلن جو اهتمام، ٽئڪس وصول
ڪرڻ جا محدود اختيارات، مسافر خانن ۽ اسڪولي جاين
جا تعميراتي ڪم، جانورن جي افزائش نسل، ۽ علاج جون
سهولتون، ماڻهن جي علاج معالجي لاءِ اسپتالون،
شجرڪاري غرض ته انيڪ مقامي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي
ذميواري انهن ادارن جي سپرد هئي، تنهنڪري ضلعي
لوڪل بورڊ جي صدر کي ضلعي جي ڪليڪٽر جو ثاني
علمدار تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان ڪري سندس تمام گهڻي
عزت ۽ اهميت هوندي هئي.
ضلعي لوڪلبورڊ جو پهريون چونڊيل پريزيڊنٽ مرحوم سر
غلام حسين ۽ آخري پريزيڊنٽ خود حقير بنيو. ان
اعزاز بخشڻ ۾ بدين ضلعي جي چونڊيل ميمبرن جي وڏي
اڪثريت منهنجي حمايت ڪئي، جنهن احسان جي بارگران
سبب احساس تشڪر کان منهنجي گردن هميشہ هن ضلعي جي
باشندن اڳيان جهڪيل رهندي اچي. درمياني عرصو
خانبهادر حاجي محمد احسان، مرحوم سيد ميران محمد
شاهه، مير بنده علي خان، مير قائم خان، پير حاجي
بقاد شاهه مٽياري، مير غلام علي خان ۽ ڄاموٽ محمد
علي شاهه مٽياري جهڙا ديدور هن ضلعي سطح جي اعلى
ترين اعزازي منصب تي رونق افروز رهيا. 1958ع وارو
ايوبي مارشل لا وارو دور سڀني کي ياد هوندو. ٻين
چونڊيل قانوني ادارن وانگر سنڌ جا سمورا چونڊيل
مقامي خود مختيار ادارا هن غير معمولي دور حڪومت
جي ڪمهري جو شڪار بڻجي هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. بعد
۾ انهن ادارن جي جاءِ بي ڊي نظام هيٺ ضلعي
ڪائونسلن ورتي، جنهن ۾ براه راست انتخاب بدران
باالواسطه انتخاب جو سرشتو رائج ڪيو ويو. انهيءَ
ڪائونسل جي چيئرميني مستقل طور ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر
جي حوالي ڪئي وئي، باقي نائب چيئرميني جو عهدو
چونڊجي آيل عيوضين کي پر ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو،
جنهن تي هن ضلعي مان مير ممتاز علي خان چونڊيو
ويو. ليڪن اختيارات جي نقطئه انجماد ڊپٽي ڪمشنر
رهندو آيو، جيئن ته هي تفصيل به بدين ضلعي جي
سياسي تاريخ جو هڪ حصوآهن، تنهنڪري انهن جو ذڪر
ناگريز آهي. تعلقي سطح تي بدين تعلقي لوڪل بورڊ جي
صدارت تي ڪافي عرصي تائين رئيس حيدر خان جوڻيجي
جهڙي پروقار شخصيت رونق افروز رهي جڏهن ته ٽنڊي
باگي تعلقي لوڪلبورڊ جي صدارت ۾ وقفه وقفه سان
ڪجهه تبديليون اينديون رهيون. ڪجهه وقت لاءِ مرحوم
سيد محمد عالم شاهه ڏاڏاهي پريزيڊنٽ رهيو ۽ آخري
ايامن ۾ مرحوم مير خدا بخش خان جو والد مرحوم مير
غلام شاهه انهيءَ منصب تي چونڊيو. ماتلي تعلقي
لوڪلبورڊ جي صدارت وري رئيس شاهو خان نظاماڻي
کانپوءِ ڪافي عرصي تائين مرحوم مير بنده علي خان
جي والد مرحوم مير حاجي محمد حسن خان جي تحويل ۾
رهي. ماتلي تعلقي ۾ تن ڏينهن نظاماڻي قوم جي ڀل
ڀلان هئي. ڪڙيه گهنور جي خليفه الله بخش مرحوم جي
هلندي ۽ اثر رسوخ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ٽنڊي باگي جي
مرحوم مير غلام محمد خان وانگر کيس ڪنهن به
ميمبريءَ جي ذاتي لالچ ته ڪانه هئي، مگر ٻئي صاحب
ميمبر ساز ضرور هئا. لوڪل بورڊ ميمبري جي سطح تي
تن ڏينهن رئيس نور محمد خان نظاماڻي جو والد رئيس
موسو خان ۽ رئيس عظيم خان نظاماڻي ماتلي مان ۽
ٽنڊي غلام حيدر مان ارباب خميسو خان ۽ ارباب حاجي
جمال الدين، ٽنڊي باگي مان مير محمد بخش خان، سيد
غلام رسول شاهه ڏاڏاهي، سيد امام الله شاهه
ڏاڏاهي، بدين مان حاجي محمد بوهڙ ۽ کانئس پوءِ
رئيس نور محمد خان بوهڙ ۽ رئيس جان محمد خان بوهڙ،
رئيس شير خان چانگ، حاجي شاهنواز شاهه جوڻن وارو،
حاجي محمد صديق سمون، رئيس غلام شاهه نظاماڻي،
ارباب محمد رمضان منڌرو ۽ کانئس پوءِ ارباب محمد
عبدالرسول ۽ ارباب غلام رسول منڌرو، ارباب محمد
عاقل دل، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۽ سندس فرزند
عبدالحميد جوڻيجو، ڊاڪٽر نظير حسين حيدري، چوڌري
محمد الدين، پير جعفر علي شاهه راشدي ۽ کانئس پوءِ
سيد شاهه محمد شاهه راشدي، مير ولي محمد خان مرحوم
۽ ڀاڻس مير حاجي محمد خان، ميون صالح، حاجي مقبول
شاهه وهڻائي، رئيس عابس علي خان نظاماڻي، ڪامريڊ
مير عبدالقادر ٽالپر، رپ جو رئيس محمد اشرف ٿيٻو،
رئيس محمد هاشم ساريجو، تلهار جو رئيس محمد اشرف
ٿيٻو، رئيس محمد هاشم ساريجو، تلهار جو رئيس فيض
محمد جوڻيجو، سرائي پير بخش گاڏ وارو، بعد ۾ پٽيل
محمد آچار ميمڻ، خليفو محمد هاشم لغاري، ٺري جو
رئيس خان محمد خان نظاماڻي ۽ سندس ڀاءُ رئيس جان
محمد خان نظاماڻي، رئيس عبدالله خان هاليپوٽو،
رئيس نور محمد خان نظاماڻي ۽ رئيس غلام محمد
هاليپوٽو، هندن مان راءِ صاحب ريجهو مل بدين،
ريجهو مل شيوارام ماتلي، سيٺ لونگ مل ڏندو، ديوان
واڌو مل تلهار، ديوان ڊنگو مل ڀوپتراءِ بدين،
ديوان موهن لال لاڏين وارو، ديوان چوهڙ مل ٽنڊو
باگي وارو ۽ ڪرشن ڪولهي مونکي ياد پون ٿا.
سنڌ اسيمبليءَ تي هن ضلعي مان اقليتي نمائندو
پهرين سيٺ ٽهلرام ٽنڊي ڄام وارو ۽ بعد ۾ ڪانگريس
سنڌ ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي
چونڊيو، جنهن چونڊ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ پنڊٽ جواهر
لعل نهرو به بدين ۾ پڌاريا. ماتلي ميونسپل ڪميٽي
جي صدارت تي رئيس نور محمد خان نظاماڻي، رئيس ڪريم
بخش خان نظاماڻي، رئيس غلام حيدر خان نظاماڻي
مختلف وقتن تي رونق افروز رهيا، بدين ضلع جي سياست
تي جن علماءِ ڪرام ۽ مشائخان عظام جو بي پناهه
رسوخ اثرانداز رهيو، انهن جي ذڪر خير کانسواءِ به
هن ضلع جي سياسي تاريخ نامڪمل رهندي، پير ڀاون شاه
جيلاني سجاده نشين درگاهه شاهه قادري عليہ رحمت،
پير ڀلڻ شاهه جيلاني نورائي وارا، پير غلام حيدر
شاهه سجاده نشين درگاه بلڙي شاهه ڪريم، صوفي
عبدالستار سجاده نشين درگاهه صوفي شاهه عنايت شهيد
جهوڪ وارن کي هن ضلعي جي سياست ۾ وڏي دست رس هوندي
هئي، انهن نيڪن کان علاوه درگاهه لواري شريف جي ان
وقت جي سجاده نشين پير احمد زمان قريشي مرحوم ۽
سندن مسند نشين جناب پير گل حسن صاحب جن خواه
ڪنگري شريف جي ان وقت جي سجاد گان پير صبعت الله
شاهه شهيد ۽ سندن پيشرؤ يا موجوده مسند نشين، پير
سڪندر علي شاهه مردان ثاني حضرت مخدوم نوح عليہ
رحمت جي ان وقت جي سجاد گان جناب مخدوم پروڄام ۽
سندن جاءِ نشين مرحوم مخدوم ميون غلام محمد سائين
۽ جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى جن پڻ هن ضلعي
۾ حلقه بگوشن ۽ عقيدتمندن جو هڪ تمام وسيع دائرو
رکن ٿا، جنهن سببان هتي جي سياست تي سندن اثرانداز
ٿيڻ اڻ ٽر پئي رهيو آهي. ان پر ٽنڊي سائينداد جي
بزرگان سرهندي حضرت پير آغا حسن جان مرحوم ۽ سندن
فرزندان مرحومين پير آغا عبدالله جان، پير حاجي
عبدالستار جان، مولانا حافظ محمد هاشم جان سرهندي،
خواه مٽيارين جو مرحوم پير آقا غلام مجدد جان
سرهندي اهي بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي هر قول کي
بدين ضلع ۾ مقيم سندن ساٿين ۽ معتقدين لاءِ فتوا
جو درجو حاصل هو، انهن مشائخان ڪرام کان علاوه
مولانا مولوي احمد ملاح، مولانا محمد نورنگ زادو،
مولوي علي محمد مهيري، مولوي عبدالوهاب، مولانا
خير محمد نظاماڻي، مولوي عبدالڪريم ڪورائي هن ضلعي
جا اهي چند عالم باعمل رهيا آهن، جن جي سياسي راءِ
کي عوام وٽ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
ساڳي طرح ٽکڙ شريف جا مولانا، سيد قاضي اسدالله
شاهه، سيد عبدالحڪيم شاهه ۽ سيد علي اصغر شاهه به
پنهنجي وقت جون انتهائي بااثر هستيون هيون، جن جي
مڃڻوتيءَ جو به هن ضلعي جي ڪيترن ئي حصن ۾ خاص
مقام هو. انهي پس منظر ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان
علحدگي کانپوءِ بدين جي سياسي اُفق تي نوان چهرا
ظاهر ٿيا ۽ نوان ستارا اُڀريا جن جي روشني هن
ڪلراٺي سر زمين ۾ اها چانڊاڻ پيدا ڪئي، جيڪا
چوٿائي صدي تائين هن خطي جي باشندن لاءِ مشعل راهه
ثابت ٿي. انهن ۾ مرحومين مير غلام علي خان ٽنڊي
محمد خان وارو ۽ جناب پير عالي شاهه جيلاني سجاده
نشين درگاهه شاهه قادري عليہ رحمت بدين جا نالا سر
فهرست رهندا. هن دور کي بدين ضلعي جي سياسي تاريخ
جو اهم باب چئي سگهجي ٿو. مرحوم مير غلام محمد خان
جي قائم ڪيل ٽنڊي باگي مدرسي، هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل
جديد تعليم جي ڦهلاءَ سان گڏ عوام ۾ سياسي جاڳرتا
جي هڪ لهر پڻ ڊوڙائي، علم روشني آهي ۽ روشني
اونداهين ۽ ظلمتن جي دشمن، سياست جي ميدان ۾ هاڻي
فقط تعليم يافته شهسوار ئي گهوڙا ڊوڙائي سگهيا ٿي.
مير غلام علي خان انهن جو مير ڪاروان ثابت ٿيو.
پير عالي شاهه سندس شروعاتي ساٿي ۽ هم رڪاب هو.
بعد ۾ ندوري سياست جي ڪرشمه سازي کين هڪ ٻئي کان
ڌار ڪيو. پوءِ ڪڏهن گڏ ته ڪڏهن ڌار ٻئي بدين جي
سياست تي ڇانيل رهيا. انهن صاحبن کان علاوه اشرف
آباد جي مرحوم پير حاجي حسن بخش ۽ سندن ڀاءُ پير
محمد محفوظ، جن جو تعلق خواجگان نواري شريف سان
هو، پڻ ضلعي جي سياست ۾ برک بهرو ورتو. اولالذڪر
سنڌ اسيمبلي ۽ پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي
ميمبر به چونڊيو. ٽنڊي باگي تعلقي مان مرحوم مير
خدابخش خان ۽ سندس فرزند مير ولي محمد خان، دٻهڙي
جي مير صاحب خان جي فرزند مير محمد بخش خان پنگريه
واري پڻ مير غلام علي خان جي رهنمائي ۽ قيادت ۾
صوبائي اسيمبلين جون نشستون حاصل ڪيون. رئيس نبي
بخش خان ڀرڳڙي به سمورو وقت سياسي ميدان ۾ هڪ
متحرڪ شخصيت جو مالڪ پئي رهيو آهي. سندس اثر،
رسوخ، محنت ۽ مشقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي.
هوڏانهن ماتلي تعلقي مان وري مير بنده علي خان سنڌ
جي اعلى ترين سياسي مقام وزارت اعظمى تائين پهتو.
قائداعظم جو مٿس تمام گهڻو اعتماد هوندو هو. حاجي
نجم دين سريوال جي شخصيت به محتاج بيان نه آهي.
سنڌ ۽ مغربي پاڪستان جي صوبائي وزارت ماڻڻ سان گڏ
پاڻ پنهنجي ملنساري، عوامي خدمت ۽ طبعي شرافت سبب
ضلعي جي سياست ۾ هڪ ممتاز مقام رکي ٿو. ماتلي مان
رئيس خان محمد خان نظاماڻي به سنڌ ۽ مغربي پاڪستان
جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبري ماڻي ۽ ان کانسواءِ
لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ضلع سڪول
بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو. رئيس غلام حيدر خان
نظاماڻي پهرين ته ماتلي ميونسپل ڪاميٽي جي
چيئرميني سان پنهنجي سياست جو آغاز ڪيو پوءِ هي
صاحب نه رڳو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو پر حڪومت
سنڌ جو پارليامينٽري سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس ايتري
تعريف ڪافي ٿيندي ته ديندار ۽ محنتي انسان آهي. ڪو
زمانو سيد محمد سعيد شاهه مرحوم سعيدپور وارو به
ماتلي تعلقي جي نمائندي طور صوبائي اسيمبلي جو
ميمبر چونڊيو. سندس سوٽ مرحوم قبول محمد شاهه
اسيمبلي تائين ته نه پهتو، البته ضلع لوڪل بورڊ جو
تاحيات ميمبر رهيو. موجوده بدين ضلعي جي ترائي ۽
ڪڙيه گهنور وارن علائقن جي مد نظر جيڪڏهن سردار
بهادر مرحوم، مير حسين بخش خان، سندس فرزند مير
غلام الله خان ۽ ڀائٽي مير علي نواز خان مرحوم کي
به بدين ضلعي جي سياسي تاريخ سان وابسته سمجهون ته
اهو غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اهي سمورا صاحب انهن
حلقن مان سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي ويا هئا. ساڳي طرح
جاتيءَ جي رئيس مامون خان ملڪاڻيءَ ۽ سندس سوٽ
مرحوم رئيس محمد عثمان خان ملڪاڻي به هن ضلعي جي
ڪن حصن جي سنڌ اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪئي. عوامي
ورڪرن جي سطح تي مولوي آفتاب احمد ۽ سندس ڀاءُ
مولوي عبدالڪريم، سيد علي مير شاهه، رئيس محمد خان
ڀرڳڙي، مير نور حسين، سيٺ علي ڏنو خواجه، سيٺ نظر
علي خواجو، سيٺ سبز علي خواجو، سيٺ قربان علي
خواجو، سيد ملوڪ شاهه جيلاني، غلام محمد بيدم
محمود علي ميمڻ پير جمن شاهه مرحوم رئيس جمعو
ابڙو، عبدالله خان کور، محمد سليمان ميمڻ،
ايڊووڪيٽ ڀڳڙا ميمڻ، ڊاڪٽر نواز علي خواجو، غلام
حسين شاد، رئيس ڏاتو خان جمالي ۽ غازي خان جمالي،
پير سعيد جان سرهندي ٽنڊو سائينداد، آخوند محمد
صالح، خليفه محمد فاضل ميمڻ مرهيات، مرحوم حاجي
پير بخش فاروقي ۽ سندس فرزند عبدالڪريم فاروقي ۽
سندس ڀائر ۽ سيد حاجي عبدالله شاهه وهڻائي ۽ سندس
فرزند، حاجي خان نظاماڻي، محمد صلاح نظاماڻي، غلام
محمد نظاماڻي، اظهر ’شاهين‘، جعفر علي خان
نظاماڻي، امام بخش خان ۽ نبي بخش خان نظاماڻي،
بدين جو خواجا غلام حسين، الهه بچايو خواجو مرحوم،
درگاهه عثمان شاهه جو سجاده نشين علي غلام شاهه
مرحوم، ساجن سوائي جو سجادو بچل شاهه پاڳارو
مرحوم، مير جڙيل خان، مير احسان علي خان، مير غلام
شاهه لکي مرحوم، سيٺ غلام علي خواجو ٽنڊي محمد خان
وارو، مير امام بخش خان مرحوم، مولوي محمد قاسم،
محمد جمن بهراڻي، محمد خان چڊڙ، ميون علي مرحوم
ڪجهه اهڙا نالا آهن، جن کي هن ضمن ۾ وساري نٿو
سگهجي. ٿر جي ارباب الهه جڙيو، ارباب توڳاچي، امير
بخش ايم پي اي ۽ ارباب نور محمد راهمي جو به بدين
ضلعي جي سياست سان گهرو واسطو پئي رهيو آهي. مير
غلام علي خان مرحوم جي ذڪر ڏي موٽندي اهو ٻڌائڻ
بيجا نه ٿيندو ته سندس اولاد مان ميرا عجاز علي
خان ۽ مير ممتاز علي خان پڻ بدين ضلعي جي سياست
سان ورثي ۾ مليل پنهنجا گهرا ناتا قائم رکندا اچن.
فوجي شگر مل ٽنڊي محمد خان جي ان وقت جي جنرل
مئنيجر ڪرنل شمس الحسنين حيدر به هن ضلعي جي سياست
۾ دخل انداز ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، مگر کيس مير
غلام علي خان ۽ پوءِ مير اعجاز علي خان هٿان شڪست
جو منهن ڏسڻو پيو. نتيجي ۾ سياست کان ڪناره ڪش ٿي
ويو. بدين ضلعي جي بساط سياست تي ڪي نوان مهرا به
چر پر ڪندي نظر اچي رهيا آهن، انهن ۾ پير علي
بهادر، رئيس عبدالرشيد چانڊيو، پير الطاف حسين
شاهه جيلاني، پير منير شاهه بلڙي، سيد عابد علي
شاهه، ربڏنو ساريجو،ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو، الهه
جڙيو پتافي، مختيار جان سرهندي، خواجه ولي محمد،
غلام حسين شاهه حڪيماڻي، ڪامريڊ علي احمد جوڻيجو،
مير شهداد علي خان چوڌري محمد عبدالله رئيس
عبدالله خان هاليپوٽو، مير بنده علي جو فرزند مير
غلام علي خان، شيخ ڀرڪئي جو ميون خدا ڏنو رئيس
محمد ٿيٻو، رئيس محمد موسى خان ملڪاڻي، عبدالخالق
سومرو، ڏندي جو عبدالشڪور ميمڻ، عبدالقادر پاٽولي
وڪيل، رئيس محمد يوسف جروار جا نالا قابل ذڪر آهن،
انهن ۽ ٻين سڀني اسرندڙ صاحبن کي ايترو عرض مناسب
ٿيندو ته ”هرک خدمت کرد آن مخدوم شد“ ۽ ٻيو ته
”عبادت بجز خدمت خلق نيست.“ پراڻا برادري نظام
مخدوش ٿي ويا، سرداريون ختم ٿي ويون، مشائخيون به
پوين پساهن ۾ آهن، قبائلي ۽ طبقاتي سلسلا دم ٽوڙي
رهيا آهن. اقتصادي ناهمواريون مٽجي رهيون آهن،
خدمت خلق کي زندگي جو شعار بنائڻ سان ئي سياسي
برتري، ڪاميابي ۽ ڪامراني سندن مقدر بڻجي سگهي ٿي.
بدين
سنڌ جي سهڻي ثقافت جي امين،
هي زمين جنهن تي اڏيل آهي بدين،
جن جي ماڻهن ۾ نمايان سادگي،
جن جا رهواسي سٻاجها ۽ حسين.
(پروانو ڀٽي)
الله بخش نظاماڻي
تعليم جي ترقي ۾ بدين ضلعي جو حصو
بدين ضلععو، جيڪو حيدرآباد ضلعي جي هڪ حصي کي ڪاٽي
قائم ڪيو ويو آهي، سو لاڙ علائقي جو پڻ هڪ حصو
آهي. هي ضلعو بدين، ٽنڊي باگي، ماتلي ۽ گولاڙچي
تعلقن تي مشتمل آهي، جنهنجي آدمشماري لڳ ڀڳ ڇهه لک
کن ٿيندي، هي ضلعو قديم زماني ۾ تهذيب ۽ ثقافت جو
هڪ وڏو مرڪز هو. هن ضلعي جي علائقي ۾ سومرن اٽڪل
ٻه سو ورهيه حڪومت ڪئي، جن جي حڪومت جا مرڪز ٺري،
روپاهه، ٿري، ماڙي وسايو وغيره هئا. انهي دور جا
ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون جنگين ۽ بهادري جا داستان اڄ
تائين مشهور آهن. انهي وقت درياءَ هن ضلعي جي حدن
مان وهندو هو. اهو درياءَ جو ٽيون وهڪرو هو، جو
رحمڪي بازار وٽان لنگهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
سمن جي دؤر ۾ درياءَ رخ بدلائي وڃي جهرڪن ۽ ٺٽي
وٽان وهڻ لڳو. درياءَ جي وهڪري، جي رخ بدلجڻ ڪري،
حڪومتن جا مرڪز به بدلبا رهيا، جنهنجو اثر تهذيبي،
ثقافتي ۽ علمي ڳالهين تي پڻ اثرانداز رهيو.
|