سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 15

لاڙ ادبي سوسائٽي بدين طرفان ”ڪليات شيخ الهبچايو“ جي نالي سان شايع ڪرايل آهي، جيڪو ڪتاب جي مصنف الهه بچائي قرهئي پوٽي جي پٽ، محمد سومار شيخ جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو شاعريءَ جو مجموعو آهي. شيخ الهه بچائي جي هن ڪتاب ۾ شايع ٿيل شعرن ۾ هڪ قسم جي سادگي ميٺاج ۽ پيار جي جهلڪ موجود آهي.

”خليفي قاسم جو رسالو“ به بدين ضلعي جي اهم ڪتابن مان هڪ آهي. هن ڪتاب جي مصنف جو نالو نبي بخش ۽ تخلص ”قاسم“ هو. سندس ڳوٺ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هو، هن ڪتاب جو قلمي نسخو جناب نبي بخش بلوچ هٿ ڪيو ۽ ان کي ڇپائي سنڌي ڪتابن ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو ڪيو.

جناب محمد سومار شيخ هڪ قلمي نسخو جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڏنو، جنهن صاحب اهو قلمي نسخو ”شاهه لطف الله قادري جي رسالي“ جي نالي سان ترتيب ڏيئي سنڌالاجي طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو ثابت ٿيو.

بدين ضلعي جي اهم ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ”راضي فقير جو رسالو“ پڻ آهي، جيڪو جناب ماستر محمد قاسم سمي راضي فقير کان سندس ڪلام ۽ سوانح حيات هٿ ڪري ترتيب ڏنو. هي ڪتاب راضي فقير جي سوانح حيات، سندس لکيل مولود ۽ ڪافين تي مشتمل آهي.

”ڪلام مرکان شيخڻ“ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين جو شايع ڪيل هڪ سٺو ڪتاب آهي ۽ هن ڪتاب جي اِها خاص ڳالهه آهي ته هن ڪتاب ۾ شامل شعرن جي شاعره مرکان شيخڻ لاءِ محترم محمد سومار شيخ جو چوڻ آهي ته ’اها پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن سنڌي ۾ شاعري ڪئي.‘

سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ اوسر تي هڪ بهترين ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن جو مصنف هن علائقي جو برک ليکڪ جناب عبدالجبار ”شام“ آهي، هي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي لحاظ کان هڪ بهترين جائزو آهي.

محمد اسلم نندائي هڪ سٺو ناول نگار ٿي گذريو آهي. پاڻ ڪافي ناول لکيائين، جن ۾ عشق و محبت جي افسانن، درد ڀريل قصن سان گڏ، معاشري جي ناقص نظام تي ڀرپور تنقيد پڻ آهي، سندس ناول مان ”حسرت زده موت“ هڪ بهترين ناول آهي.

جناب محمد سومار شيخ، لاڙ جو سٺو اديب ۽ محقق آهي. پاڻ ڪافي ڪتابن جو مصنف آهي، سندس ڪتابن ۾ تازو هڪڪتاب جو اضافو ٿيو آهي، جيڪو ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ جي عنوان سان، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ بدين ضلعي جي دڙن، بدين ضلعي ۾ رهندڙ ماڻهنجي رهڻي ڪرڻي، ريتون رسمون، علم ادب، بدين ضلعي ۾ رهندڙ ماڻهن جون ذاتيون ۽ انهن جي تاريخ وغيره متعلق باب شامل آهن.

هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ ۾ اڳوڻي وزير تعليم و ثقافت جناب پيار علي الانا ۽ بدين ضلعي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جناب غياث الدين جوڻيجي جون ڪوششون پڻ شامل آهن.هن ڪتاب لاءِ جناب پيار علي الانا جن جي راءِ سندن لفظن موجب هن ريت آهي ته ”مونکي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾ نئون جذبو جاڳائيندو.“

هونئن ته بدين ضلعي ۾ ڇپيل ڪتاب اڃان به ڪافي آهن پر مقالي جي طوالت کي محسوس ڪندي، پنهنجي هن مقالي کي ختم ڪريان ٿو.

ڳايان بدين کي

اي اهل نظر آءٌ ٿو ڳايان بدين کي،

گل پنهنجي عقيدت جا ٿو پايان بدين کي،

گهر امن آشتيءَ جو ڀايان بدينکي،

ميندي مان مداحن جي ٿو لايان بدين کي،

جو ويس وڳا پائي، گوهر گهوٽ ٿيو آه،

۽ چهچٽي ۾ يار اِهو چوٽ ٿيو آه.

(’نياز‘ جتوئي)

زهير حسين حيدري

بدين ضلعي جون لئبرريون

بدين ضلعو، جيڪو تهذيبي، تمدني، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مرڪز آهي، تنهن ۾ ادب جو لافاني امر مواد موجود آهي. بدين ضلعي ۾ جتي شاهه طريل جو دڙو، مڱرين جو دڙو، روپاماڙي جو دڙو ۽ شهلم جو دڙو موجود آهن، اتي وڏا عالم، محقق شاعر، اديب، مدبر، مفڪر ۽ مفسر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن علم جي دولت کي ونڊيو ۽ ورڇيو آهي، جيڪي علم جا قدردان رهيا آهن. قدر شناسي جو ثبوت ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو اڄ به اُنهن جي ڇڏيل ادب مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايترو ته سرمايو هو، جنهن کي آئيندي نسل جيترو خرچ ڪرڻ چاهي اوترو اُن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڄ به اهي يادگار لائبرريون ماضي جي علم و ادب جي ترقي جي نشاندهي ڪن ٿيون، جن ۾ پراڻي زماني جي صرف ٻن قلمي نسخن تي سوچجي ته اُنهن سنڌي ادب ۾ ايترو ته نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي جو اُن کي وسارڻ ناممڪن آهي. پهريون خليفو قاسم جنهن جو نالو نبي بخش ۽ تخلص ”قاسم“ هو، جنهن جو ڳوٺ تعلوقي ٽنڊي باگي ۾ اڄ به موجود آهي. ”خليفه قاسم جو رسالو“ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڇپرائي اسان جي ادب ۾ نواڻ پيدا ڪئي. ٻيو ”رسالو لطف الله قادري“ جو به وسارڻ ستم ظريفي آهي، جيڪو محترم محمد سومار شيخ وٽ هو، جنهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڏنو ۽ هن صاحب ترتيب ڏئي سنڌالاجي طرفان ڇپرائي عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو. خليفي نبي بخش، ’قاسم‘ ۽ لطف الله قادري جي رسالي جي نمايان ٿيڻ تي سنڌي ادب جو وڏو خال ڀرجي ويو، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هتي علم جو ڪيترو ذخيرو موجود هو، جيڪڏهن ماضي جي لائبررين تي ويهي نظر عميق سان جائزو وٺجي ته وقت جي نزاڪت ملحوظ نظر رهي نٿي سگهي، تاهم به ڪوشش اِهائي ڪئي وئي آهي ته جيتريقدر ٿي سگهي، قافلو روان دوان، منزل جي طرف تيزي سان پهچڻ جي ڪوشش ڪري.

تاج محمد مشتاق لائبريري:- تاج محمد مشتاق ”الشفاءَ“ رسالو ڪڍندو هو. سندس لائبريري ۾ 3- 4 هزار ڪتابن جي عاليشان لائبريري هئي، سندس ڪو به پٽ وغيره ته هئڻ ڪري سندس وفات کانپوءِ اُهي ڪتاب سندس گهر واري وٽ هئا. مرحوم پير عالي شاهه کانئس ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ پنج هزار رپيا آڇيا، پر ’مشتاق‘ جي زوجه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ماڻهو پڙهڻ جي بهاني سان ڪتاب کڻي ويا ۽ واپس نه ڪيائون. اهڙي طرح هيءَ بي مثال لائبرري پنهنجو وجود وڃائي ويٺي.

درگاهه لنواري شريف لائبرري: سنڌ جي قديمي لائبرري آهي. وقت جي رفتار سان ڪجهه تبديليون به آيون. هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو اوقاف کاتي طرف آهي، جنهن ۾ هڪ هزار کن ڪتاب آهن، جيڪي عام ماڻهو پڙهي سگهن ٿا ۽ باقي ٻي لائبرري درگاهه لنواري جي مسند نشين جي ذاتي ملڪيت آهي، جنهن ۾ تقريباً ٻه هزار ڪتاب موجود آهن، ڪنهن زماني ۾ هن لائبرري جو وڏو اوج هو. هن لائبرري ۾ صوفيانه تحريڪ جي ڪتابن جي گهڻائي آهي.

پير عالي شاهه لائبرري: هيءَ پير ڀاون علي شاهه ’ساقي‘ انگريزن جي زماني ۾ وڏي شوق سان گڏ ڪئي، تنهن بعد پير عالي شاهه، هن لائبرري کي وڌيڪ ترقي ڏني، هيءَ لائبرري خانداني هلندي آئي. پهرين ذاتي هئي پر پوءِ پير عالي شاهه صاحب پاڻ تائين مهدود رکڻ جي بجاءِ، عام ماڻهن تائين علم جو پيغام پهچائڻ کي ترجيح ڏني ۽ بدين شهر ۾ مدرسه مظهرالعلوم جي مٿان ”جيلاني لائبرري“ جو نالو ڏئي کولي وئي، جنهن جو سيڪريٽري محمد سومار شيخ هو. هيءَ لائبرري ڪافي وقت قائم هئي پر ماڻهن جي دلچسپي نه هئڻ ڪري بند ٿي وئي ۽ پير صاحب هي ڪتاب گهر رکي ڇڏيا. اهڙي طرح هڪ آزاد ادبي دولت، ڪن مجبورين سبب وري محدود بڻجي وئي. هن لائبرري ۾ تقريباً ساڍا ٽي هزار ڪتاب آهن.

محمد نورنگزادو لائبرري: هيءَ ذاتي لائبرري کورواهه ۾ اڄ به موجود آهي. عثمان نورنگ زادو ۽ حافظ ممد جيد عالم هئا. ٻنهي جي ڪوششن سان هيءَ لائبرري وڌندي رهي. سندن وفات کانپوءِ، هيءَ لائبرري پويان سنڀالي رهيا آهن. هن ۾ ديني قلمي نسخا موجود آهن، تعداد تقريباً ٻه هزار ڪتاب موجود آهن.

پير بخش فاروقي لائبرري: هيءَ لائبرري نندو شهر ۽ بدين جي رستي تي فاروقين جي ڳوٺ ۾ آهي. پير بخش مرحوم کي مطالع جو گهڻو شوق هوندو هو. خاص ڪري هتان کان لاهور تائين ڪتاب خريد ڪرڻ ويندو هو. پاڻ شاعر ۽ اديب پڻ هو. سندس رحلت کان پوءِ پويان لائبرري سنڀالين پيا. هن لائبرري ۾ تصوف جي ڪتابن جي اڪثريت آهي. هن وقت به تقريباً پنج سؤ ڪتاب موجود آهن.

رحيمي لائبرري: هيءَ لائبرري بدين ۾ موجود آهي، هن جو باني حڪيم محمد رحيم قاضي هو، اُن جي مرڻ کان پوءِ سندس فرزند حاجي شاهنواز ’شائق‘ جي سنڀال هيٺ آهي. جيڪو پڻ مطالع سان گهڻو چاهه رکي ٿو. هن لائبرري ۾ قلمي نسخا گهڻا آهن، جن ۾ تايرخي ۽ مذهبي ڪتاب گهڻا آهن، هيءَ لائبرري به ٻين وانگر ذاتي لائبرري آهي، هن ۾ ٽي هزار ڪتاب موجود آهن.

نور محمد گهراڻو لائبرري: هيءَ لائبرري سيراڻي جي ڀرسان گهراڻي جي ڳوٺ ۾ آهي، هن لائبرري جو باني مولوي نور محمد گهراڻو هو، جنهن وٽ ”ملامخزن“ رسالن جو فائيل موجود هو. سندن وفات کان پوءِ محمد عمر گهراڻو هن لائبرري جي سنڀال ڪري رهيو آهي. هن وقت به هن لائبرري ۾ تقريباً هڪ هزار ڪتابآهن، جن ۾ عربي فارسي ۽ سنڌي گهڻي تعداد ۾ آهن. اها به ذڪر ڪيل اڪثر لائبررين وانگي ذاتي آهي.

مولوي سعيد احمد لائبرري: هيءَ لائبرري ابوشيخا جي نزديڪ آهي. مولوي سعيد احمد جي ڪوششن جو نتيجو آهي. سندن هن فاني دنيا کي خيرباد چئي وڃڻ کانپوءِ هن وقت مولوي غلام الله صاحب سنڀاليندڙ آهي. هن ۾ اسلامي فقه جا گهڻا ڪتاب آهن. هن وقت تقريباً هڪ هزار ڪتاب موجود آهن.

مولوي احمد ملاح لائبرري: هي ضلع بدين، سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو هڪ عظيم شاعر آهي. هن هستي کي اهو شرف حاصل آهي ته قرآن شريف جي ٽيهن سپارن جو ترجمو شعرن ۾ ڪيو اٿس، سندس علم و ادب کان به ڪو نا آشنا نه آهي. ظاهر آهي ته اهڙي محترم شخصيت وٽ علم و ادب جو ڇا ڇا نه خزانو هوندو! سندس وفات کان اڳ هن لائبرري جو به نالو هو پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هيءَ لائبرري مولوي صاحب جي هجر ۾ ڳرندي وئي. هن لائبرري مولوي صاحب جي جدائي ۾ ايترا ته صدما سٺا جن جو تاب نه جهلي، بلڪل ختم ٿي وئي ۽ هن وقت انهيءَ جڳهه تي ”شمله بيڪري“ آهي. ڪنهن وقت ماڻهو پري پري کان هن لائبرري کي پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا پر هن وقت هر لائبرري جو شوقين، هن جڳهه تي هڪ نظر وجهي خصوصاً بدين جا ادب ذوق رکندڙ ماڻهو: اکين مان لڙڪ وهائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهن.

محمد صديق مسافر لائبرري: هي ذاتي لائبرري مرحوم محمد صديق مسافر جي ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪو لاڙ جي طرف جو هڪ سٺو شاعر ۽ اديب هو، سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند عطاءُ الله ’بزمي‘ هن ورثي جي حفاظت ڪندو اچي ٿو. هن لائبرري ۾ ڏيڍ هزار ڪتاب اڄ به موجود آهن، جن ۾ فارسي ۽ عربي ادب گهڻو آهي.

پي ڪي شاهاڻي لائبرري: پي ڪي شاهاڻي لائبرري تلهار ۾ موجود آهي، جنهن جو بنياد 1945ع ۾ وڌو ويو. هن لائبرري تلهار جي آسپاس جي نوجوانن ۾ ادب جو چاه پيدا ڪيو. سندس ڪردار کي وساري نٿو سگهجي. هن وقت به ساڍا ٽي هزار کن ڪتاب هن لائبرري ۾ آهن پر اڳوڻي حيثيت نه رهي آهي، اهو ڪيئن ٿيو؟ انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

نذير حسين حيدري لائبرري: هن لائبرري جو باني ڊاڪٽر نذير حسين حيدري هو، جنهن کي ننڍپڻ کان ئي مطالع جو شوق هو. سندس سڀ کان وڌيڪ خرچ ڪتابن خريد ڪرڻ تي ٿيندو هو. سندس لائبرري نالي ۾ ته ذاتي لائبرري هئي پر ڪتابن جو لنگر لڳل هوندو هو. سندس وفات وقت ڇڏيل ڪتاب به تقريباً ٻه هزار آهن، جن ۾ ڪافي سندس قلمي نسخا به موجود آهن پر پاڻ وٽ پهچ نه هئڻ ڪري شايع نه ڪري سگهيو. سندس قلمي نسخن ۾ ’خدا ۽ طبع زاد خدا‘، ’خدا ۽ دهريت‘ ’وقت ڇا آهي‘، ’آئن اسٽائن جو نظريو‘ ۽ ’ڪهڪشان‘ قابل ذڪر آهن. سندس ڇڏيل ڪتابن ۾ توحيد جي معرفت ۽ سائنسي ڪتاب گهڻا آهن. ان کان علاوه طب، تاريخ، سياست، ادب ۽ مذهبي ڪتاب به موجود آهن. هن وقت سندس لائبرري بندو (سندس فرزند زهير حسين حيدري) سنڀالي رهيو آهي، جيڪا نندي شهر ۾ آهي.

شيخ قرهيو ڀانڊاري لائبرري: هن لائبرري جو باني محمد سومار شيخ آهي. هي ذاتي لائبرري اڃا موجود آهي، پر گمنام آهي. سندس گمنامي جو سبب اهو آهي ته پاڻ هڪ غريب ماڻهو آهي ۽ مالي وسيلا محدود هئڻ ڪري هن لائبرري کي عام نٿو ڪري سگهي. سندس تمنا آهي ته پبلڪ لائبرري بنائيندس. هن لائبرري ۾ قلمي نسخا گهڻا آهن.

ابراهيم منڌرو لائبرري: هيءَ لائبرري هڪ غريب پرائمري اسڪول  جي ماستر پنهنجي شوق کي عملي جامو پهرائي وجود ۾ آندي آهي، جنهن جو بنياد 1934ع ۾ عمل ۾ آيو ۽ جيڪا ڳوٺ گولو منڌرو ۾ آهي. ماستر ابراهيم جي لائبرري ۾ اڍائي هزار کن ڪتاب آهن، جن مان طب تي گهڻا ڪتاب آهن.

مولوي محمد صالح لائبرري: هيءَ لائبرري پراڻين لائبررين ۾ ليکي وڃي ٿي، جنهن جو اڄ ڪو به وجود ڪونهي. مولوي محمد صالح خواجه اثنا عشريه جماعت ڪڍڻ جو هڪ فرد هو، جنهن جي پٽن کي ڪراچي ۾ نوڪريون هيون، جنهن ڪري سڀئي لڏي ويا. لائبرري جي ڪابه حفاظت ٿي نه سگهي. اهڙي طرح هيءَ قديم لائبرري به دنيا جي ستم ظريفي جي نذر ٿي وئي.

مولوي حاجي عبدالله لائبرري: هن لائبرري جو باني مولوي حاجي عبدالله ميمڻ صاحب آهي، جنهن ۾ اڍائي هزار ڪتاب موجود آهن، جن ۾ اسلامي فقه جا گهڻا ڪتاب آهن. ياد رهي ته هيءَ لائبرري به خود تائين محدود آهي، يعني ذاتي آهي.

محمد صديق مرهم لائبرري: ماستر محمد صديق مرهم صاحب بدين جو هڪ تمام سٺو اديب آهي، جنهن اديب عالم فاضل جو امتحان به ڏنو آهي. پاڻ کي مطالع جو گهڻو شوق آهيس، تقريباً پنج سئو ڪتاب هن وقت به موجود آهن.

مير نور حسين لائبرري: مير نور حسين جيڪو عربي جو ماهر چيو وڃي ٿو، تنهن جي لائبرري ٽنڊي باگي ۾ آهي. سندس پويان سنڀالي رهيا آهن. تقريباً پنج سؤ ڪتاب آهن، عربي ادب تي ڪتابن جي اڪثريت آهي.

جوکيه لائبرري: هن لائبرري جو باني هن وقت ادبي سرگرمين ۾ وڌيڪ ڪم ڪندڙ نوجوان محمد موسى جوکيو آهي، جنهن کي مطالع سان حد درجه جو شوق آهي. سندس لائبرري ۾ سماجي ماحول جا ڪتاب گهڻي تعداد ۾ آهن. هيءَ لائبرري ڳوٺ قابل جوکيي نزد بدين ۾ آهي، جنهن ۾ اڍائي هزار ڪتابن جو ذخيرو آهي.

جعفري لائبرري: هن ذاتي لائبرري جو بنياد 1956ع ۾ خواجہ اثنا عشريه جماعت بدين هڪ فرد مولانا محمد جعفر وڌو. سندس لائبرري ۾ پنج سؤ کن ڪتاب موجود آهن.

سٽيزن ڪلب بدين لائبرري: سٽيزن ڪلب بدين جي لائبرري مان بدين جي ادب ذوق رکندڙ ماڻهن ڪافي ادبي معلومات حاصل ڪئي پر ڪلب جي بند ٿيڻ ڪري ڪتاب ڪنٽونمينٽ اسڪول ۾ رکيا ويا، جتان آهستي آهستي لائبرري جا رهيل پاڇا به ختم ٿي ويا.

محمد هاشم ”خادم“ لائبرري: هن وقت جي ادب سان چاهه رکندڙن ۾ محمد هاشم خادم جو نالو به سرفهرست آهي. کيس علمي لڳاءُ گهڻو آهي، هن وقت تائين هڪ هزار ادبي ڪتاب ڪٺا ڪري رکيا اٿس. اڳتي هلي وڏو ڪتبخانو بنائي هر ماڻهو کي علم کان واقف ڪرڻ جو عزم سيني ۾ سانڍي رهيو آهي. هيءَ لائبرري انڊهلو نزد بدين ۾ آهي.

محفل مرتضوي لائبرري: هيءَ لائبرري نندو شهر جي شيعه اثنا عشري نوجوانن جي مذهبي انجمن ”محفل مرتضوي“ جي آهي، جيڪا 1922ع کان وجود ۾ آيل آهي. هن لائبرري مان صرف محفل مرتضوي جا ميمبر ئي حصو وٺن ٿا، جنهن جو مقصد شيعا نوجوانن کي مذهبي جذبو ڏيارڻ آهي. هن لائبرري ۾ تقريباً پنج سؤ کن ڪتاب هن وقت موجود آهن.

محفل غلامان عباس لائبرري: مذهب شيعه بدين جي نوجوانن هن جو وجود وڌو، جنهن جو سرگرم ڪارڪن محترم شمشير الحيدري هو، جنهن جي ڪوششن سان محفل غلامان عباس طرفان ٻه ڪتاب ڪاروان ڪربالا ۽ انسان ڪامل ڪڍيا ويا. تنهن بعد هيءَ انجمن ڪن مجبورين سبب ختم ٿي وئي، جنهن ڪري لائبرري به ختم ٿي وئي.

غلام حسين نظاماڻي لائبرري: هيءَ لائبرري ڪڙيه گهنور ۾ موجود آهي، جنهن ۾ تقريباً چار سؤ ڪتاب آهن، هيءَ لائبرري به مٿين لائبررين وانگر ذاتي آهي.

محمد همدم لائبرري: هن لائبرري جو باني ضلع بدين جو هڪ سٺو شاعر محمد همدم آهي، هيءَ لائبرري ماتلي ۾ موجود آهي. هن لائبرري ۾ تقريباً هڪ هزار ڪتاب آهن، جن ۾ هپناٽزم ۽ تاريخي ڪتابن جي گهڻائي آهي.

انيس مهري لائبرري: تعلقي گولاڙچي جي ڳوٺ دٻي جي ڀرسان سندس ئي ڳوٺ يعني انيس مهري ۾ هي لائبرري اڃا آهي. تقيرباً هڪ هزار ڪتاب آهن، مذهبي گهڻا آهن.

دارالاسلطانيه لائبرري: هيءَ لائبرري بدين ۾ آهي. حيدر خان جوڻيجي سندس پٽ سلطان احمد جوڻيجي ۽ عبدالجبار جوڻيجي ٽنهي جي محنت جو نتيجو آهي. هن لائبرري ۾هڪ هزار ڪتاب موجود آهن. ادبي ۽ تاريخي ڪتاب گهڻي مقدار ۾ آهن.

ناز لائبرري: هيءَ ذاتي لائبرري تازو پنجن سالن کان وجود ۾ آئي آهي، جنهن جو باني شيخ الاهي بخش آهي، جنهن ۾ هن وقت به ڏيڍ هزار کن ڪتاب موجود آهن.

محفل اصغري لائبرري: هيءَ لائبرري بدين جي ٻرڙن مذهبي سطح تي ٺاهي جنهن جو تعلق شيعه فرقي سان آهي، تنهن ۾ تقريباً پنج سؤ کن ڪتاب آهن، جيڪي ميمبرن تائين محدود آهن.

ٻارڙن جي ٻاري لائبرري: هيءَ لائبرري بدين جي نوجوانن جي ڪوششن سان وجود ۾ آئي، جنهن ۾ الهه بخش ’اداسي‘ ۽ نور احمد قاضي جا نالا قابل ذڪر آهن. ڪافي عرصو هيءَ لائبرري قائم رهي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ بلڪل ختم ٿي وئي. هن لائبرري ۾ ساڍا پنج سؤ ڪتاب هئا، جيڪي ٻارڙن جي آکاڻين جا هئا.

رامان پير لائبرري: رامان پير لائبرري بدين جي ڪولهين طرفان وجود ۾ آئي، جيڪا مندر ۾ آهي، هن لائبرري ۾ ڌرمي ڪتاب آهن، تقريباً پنج سؤ کن ڪتاب آهن.

رفيق لائبرري: هي لائبرري منهنجي سعي سان وجود ۾ آئي آهي،جنهن ۾ تقريباً ڇهه سؤ کن ڪتاب آهن. سماجي ڪتابن جي اڪثريت آهي. هيءَ لائبرري بدين ۾ آهي. مٿي ذڪر ڪيل لائبررين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ضلع بدين جي ماڻهن کي علم لاءِ ڪيترو چاهه آهي. اُن کان علاوه ماضي کي ڏسجي ته گذريل دؤر ۾ مدرسا هوندا هئا جن ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي ۽ جيڪي ڪتاب ضعيف ٿي ويندا هئا تن کي احتراماً زمين ۾ پوري ڇڏيو ويندو هو يا دريائن ۾ وڌا ويندا هئا. جهڙي طرح اڄ به مقدس ڪتابن جي نالن جهڙوڪ قرآن شريف يا ٻين پاڪ هستين جي نالن لکيل پنن کي عزت و آبرو جي طور احتراماً دريائن ۾ وڌو وڃي ٿو. اهڙي طرح ضلع بدين جو ادبي خزانو ڪافي تعداد ۾ ائين ضايع ٿي ويو. انهن مان ڪجهه نادر نسخا محترم حاجي شاهنواز ’شائق‘، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، محمد سومار شيخ، پير عالي شاهه ۽ لنواري ۾ موجود آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org