مصبع بن عمرو تغلبيءَ کي 121هه ۾ سنڌ جو گورنر
مقرر ڪيو ويو. ليث بن طريف کي 164هه ۾ سنڌ جو
گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ جتن کي ليث اچي منهن ڏنو پر
انهن کي منهن ڏيڻ رڪ جي چڻن چٻاڻڻ جي برابر هو،
انهي ڪري ليث لاءِ بصري کان ڪافي فوج ڏياري موڪلي
وئي، شاهي فوج سنڌ ۾ پهتي ته ليث مارشل لا جهڙيون
حالتون قائم ڪيون ۽ ملڪ ۾ امن امان وڃي قائم ٿيو.
ابواسحاق بن هارون، عمران بن موسى برمڪيءَ کي سنڌ
جو گورنر مقرر ڪيو، انهيءَ جي ڏينهن ۾ ملاحن
سربلنديءَ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو، انهيءَ کي ڪچلڻ لاءِ
عمران برمڪي جنگ جي ميدان تي پهتو. جنگ ۾ ٽي هزار
ملاح مارجي ويا. هن کي جتن جا به سور سجهيا ٿي،
تنهن يڪدم سڀني جتن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو ۽ راجا
چچ جي ڏينهن وارو قانون جتن سان لاڳو ڪيو، انهن جي
هٿن تي داغ هئا ۽ انهن تي جزيو مقرر ڪيو ۽ پاڻ سان
گڏ ڪتو رکڻ لاءِ چيو. نتيجو هي نڪتو جو ڪتا مهانگا
ٿي ويا. هڪ ڪتو 50 درهمن تي وڃي پهتو، جتن ڏانهن
عمران جو توجهه هو، اوستائين ملاح وري به ميدان تي
لهي آيا ۽ راوڙ جي قلعي ۾ محفوظ ٿي ويٺا. انهن جي
ڀرسان هڪ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي، اتان پاڻي پيئندا
هئا. عمران ڀرسان کاري پاڻي جي ڪسي کوٽائي انهي
ڍنڍ سان ملائي ڇڏي ۽ سڄي ڍنڍ کاري ڪري ڇڏي ۽ پوءِ
حملن پٺيان حملا شروع ڪري ڇڏيا، پر عربن جو يمني ۽
حجازي تفرقو شروع ٿي ويو، جنهن ڪري هن ملاحن کي
ڇڏي عربن کي پرچائڻ ڏانهن توجهه ڏنو ۽ پاڻ يمنين
جو طرفدار ٿي بيهي رهيو. انهي ڪري حجازين کيس قتل
ڪري ڇڏيو عمران کان پوءِ عنبسه بن اسحاق سنڌ جو
گورنر مقرر ڪيو ويو. هن ملاحن کي اچي دٻايو. پر
ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ٿيڻ لڳيون۽ عربن جو
زور ختم ٿي ويو (24).
240هه- 1 40هه تائين سنڌ ۾ هبارين جي حڪومت رهي.
هبارين جي ڏينهن ۾ پهريون پهريون اسماعيلي داعي
هيثم نالي سنڌ ۾ آيو، انهيءَ کانپوءِ سنڌ ۾
اسماعيلي داعي برابر ايندا رهيا. بدين ضلعي مان
رڙي، شاهه طريل اسماعيلي مبلغن جا مکيه مرڪز هئا.
اڄ اسماعيلي خواجن رڙيءَ کي ته وساري ڇڏيو آهي
(25)، پر شاه طريل کي آباد رکيو اچن.
محمود غزنوي کي سنڌ جا اسماعيلي قطعي ڪو نه وڻندا
هئا. هن ملتان ۾ جلم بن شيبان اسماعيلي جي بنايل
مسجد بند ڪرائي ڇڏي. سنڌ ۾ جتي اسماعيلي هئا، اتي
انهن جا هن پير اکوڙيا. انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي
هتي جي جتن ۽ ملاحن محمود غزنويءَ جي لشڪر کي
نقصان رسائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. سلطان کي وڏي
تڪليف رسي ۽ سلطان جي لشڪر جا ڪافي ماڻهو مري ويا
(26).
بدين ضلعي ۾ ڪافي اهڙا اولياءَ الله آرامي آهن،
جيڪي محمود جي ڏينهن ۾ شهيد ٿيا آهن (27). انهيءَ
وقت سنڌ جو والي خفيف هو، انهيءَ کي به محمود سک
جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏنو. سلطان محمود منصوره کي فتح
ڪري غزنيءَ ڏانهن هليو ويو، پر جيڪا تڪليف جتن ڏني
هيس، تنهن کي ياد ڪري 418هه/ 1027ع ۾ هن جتن تي
حملو ڪيو. جتن پنهنجا ٻار ٻچا هڪ ٻيٽ ۾ لڪائي
ويهاريا ۽ پاڻ چار هزارن جي تعداد ۾ ٻيڙين ۾ چڙهي
محمود کي سامهون ٿيا. سلطان محمود جي بحري فوج
ٻرندڙ تيرن سان، انهن جي ٻيڙين ۾ باهه لڳرائي ڇڏي،
جت بهادري سان وڙهندا رهيا ۽ مقابلو ڪندا رهيا.
ايستائين جو سندن سڀ ٻيڙيون سڙي ويون ۽ ٻڏي ويون ۽
لاچار ٿي هو پٺتي هٽڻ لڳا ۽ هٽندي هٽندي اُن ٻيٽ
تائين پهچي ويا، جنهن ۾ سندن ٻچا لڪل هئا، محمود
ٻيٽ ۾ گهڙي جتن جا ٻار ٻچا گرفتار ڪري ورتا ۽ پوءِ
واپس هليو ويو (28).
شهاب الدين غوريءَ جي ڏينهن ۾ قطب الدين ايبڪ سنڌ
تي حملو ڪيو هو. هن سنڌ کي ٽن مهينن ۾ فتح ڪيو ۽
هن سيف الملوڪ کي سنڌ جو حاڪم بنايو ۽ پاڻ دهليءَ
هليو ويو (29). سيف الملوڪ جي وائي اگر انهيءَ سان
وابسته آهي ته پوءِ انهي سيف الملوڪ جي رهڻ جو هنڌ
ڪڍڻ جي پريان سيف الملوڪ جي تلاءَ جي ڀرسان ئي
ليکبو.
سومرا جيئن ته اصل هتي جا رهاڪو هئا، انهيءَ ڪري
عربن جي طاقت ختم ٿيڻ کانپوءِ زور وٺڻ لڳا (30).
روايتي ڳالهين موجب همير اول جو پٽ ڀين اڻهول واڙي
خيرات طور وٺي ويا هئا. پٺيان همير کي تميمن ماري
راڄ هٿ ٿي ڪيو. بنوتميم انهن ۾ مک هو، انهيءَ کي
ڀينءَ ماري اچي مات ڪيو ۽ پنهنجو راڄ هٿ ڪيو.
سومرن جي روايت موجب:
ست همير ست خفيف، ست ڀونگر ست ڀين،
سنڌ ملهائي سومري، اڻهول واڙي سينئن (31).
يعني ست همير، ڀونگر، خفيف ۽ ڀين ٿي گذريا آهن.
محمود غزنوي جي ڪاه وقت ڀين ۽ خفيف جو نالو ذهن تي
اچي ٿو، انهي روايت موجب ته ائين پيو پڌرو ٿئي ته،
غزنوي گهراڻي کان به اڳ سومرا سنڌجا والي هئا، پر
سومرن جي تاريخ ڏاڍي اونداهه هيٺ آيل آهي. چوڻ ۾
اچي ٿو ته، ”امير سومري کي 4450هه ۾ ٿريءَ ۾ سومرن
پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو.“ اِها ٿري اڄ به سيراڻي کان
ڏکڻ 3 ميلن تي پنهنجي قديم ياد دهرائڻ لاءِ کنڊر
ٿي پئي آهي (32). سومرن جي راڄ جي بدين مان اهڙي
طرح سان شروعات ٿي، جهڙي طرح سان راوڙ ۾ عربن جي
شروعات ٿي هئي. راجا ڏاهر محمد بن قاسم راوڙ ۾
ماريو. محمد بن قاسم جي سچي فتح اِها هئي. سومرن
جي حڪومت جا مرڪز ٿري، روپاماڙي، ماڙي ورسايو ته
هئا ئي بدين ضلعي ۾. البت احمد طور ۽ وڳہ ڪوٽ بدين
ضلعي جي ڀرپاسي ۾ هئا ۽ بدين ضلعي کان ٿورو ٻاهر
ٿيو ٿي ويا. سومرن جي دور حڪومت ۾ بدين ضلعو مرڪزي
ضلعو هو. گهڻو تڻو سومرن جي تاريخ بدين ضلعي جي
تاريخ آهي، انهيءَ ڪري طوالت جي سبب کان سومرن
حاڪمن جي نالن تي اڪتفا ڪريان ٿو:
1-
امير سومرو وفات 448هه.
2-
عصام الدين ڀونگر وفات 466هه.
3-
عصام الدولہ دودو 481هه (گوشہ نشين).
4-
زينت تاري 491هه دست ۾ بردار ٿي وئي.
5-
شهاب الدين سنگهار وفات 503 هه.
6-
فخر الملڪ هيمون ٻائي هڪ سال راڄ.
7-
عصام الدين فتح خان 536هه
8-
عصام الدين خفيف 536هه
9-
غياث الدين دائود 600هه.
10-
صلاح الدين هجو 570هه
11-
غياث الدين دائود 600هه.
12-
علاؤ الدين خيرو 609هه.
13-
سيف الدين طائي 638هه.
14-
شميم الدين ڀونگر 678هه.
15-
ڪمال الدين چنيسر 696هه
(تخت تان لاٿو ويو).
16-
اسدالملت دودو 700هه.
17-
ظهير الدين ڀونگر 740هه.
18-
فخر الدين عمر 775هه.
19-
فخر الدين طاهر 813هه.
20-
معين الدين ارميل 822هه.
21-
همير 843هه (33).
سومرن جي ڏينهن ۾ ٿري ۽ روپاماڙي سومرن جا ٻه مکيه
مرڪز بدين ضلعي ۾ هئا. سومرن جي هر ڪا تحريڪ هن
ضلعي کان اُٿندي هئي.
سومرن جو سڀ کان وڏو معرڪو ”دودي – چنيسر“ جي
لڙائي جو مرڪز به بدين ضلعو هو. روپاماڙي جنهن ۾
روپاراڻي رهي ٿي، اِهو معرڪو 700هه/ 1300ع ۾ اُتي
ٿيو، جنهن ۾ ڪافي سنڌي لشڪر شهيد ٿي ويو. خود دودو
۽ چنيسر به سنڌ تان قربان ٿي ويا. انهيءَ معرڪي
کان اڳ سنڌ جون سومريون ڀاڳو ڀان جي سهاري ابڙي
سمي ڏانهن هليون ويون، انهيءَ معرڪي کي ياد ڪرڻ
لاءِ سومرا سالبسال روپاماڙيءَ تي ميلو ڪندا آهن
(35).
سومرا 700هه واري معرڪي کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ اجها اڏي
وڃي رهيا. اولهه سنڌ ۽ موجوده بدين ضلعو سندن
گورنر اُنڙ سمي جي هٿ هيٺ هو (36) جيڪو اُنڙ ڪوٽ
(لڳ گولاڙچي) ۾ رهندو هو ۽ سومرن پاران راڄ ڪندو
هو (37). انهي آهستي آهستي ڪري سومرن جي راڄ کي
ختم ڪري ڇڏيو. سومرن جي همدرد جسوتڻ کي جنگ ڪري
پورو ڪري ڇڏيو، ۽ پٽيهل وارو سڄو علائقو پنهنجي
قبضي ۾ ڪيو (38). اهڙي طرح سمڳ چارڻ جو پاراتو
سومرن کي اچي پهتو، جنهن ۾ هن کين پٽيندي چيو هو
ته:
”ڍري ڍري راءِ جنهن چارڻ سان کاه،
پتڻ پٽي جو ٿيو، سيڄ وٺايو ساه،
هميراه ڀوءِ راه، راڄ نه ڪندا سومرا.“ (39).
اُنڙ سمي هميراڻي باهه هميشہ لاءِ وسائي ڇڏي ۽ سنڌ
جا والي سمان ٿيا.
سمن جو ارڄ 752هه/ 1351ع کان 923هه/ 1519ع تائين
سنڌ تي رهيو. سمن جي شروعات اُنڙ ڪوٽ کان ٿي پر
پوءِ گادي جو هنڌ ساموئي ننگر ڪيائون (40). انهي
ڪري انهن جي حڪومت ۾، بدين سان سندن مرڪزي سڌا
سنوان واسطا گهٽ رهيا. البت جو ڪجهه سندن ڏينهن ۾
بدين ضلعي ۾ چرپر جو احوال آهي، اُهو مختصر
اشارتاً پيش ڪري رهيو آهيان.
محمد تغلق، طغي کي سزا ڏيڻ لاءِ سندس پيٺان پيو ۽
هو وڃي ٺٽه ۾ لڪو. سلطان تغلق ٿريءَ ۾ اچي منزل
ڪئي ۽ اُتي بخار ٿي پيس ۽ اتان واپس ڪندل روانو
ٿيو. اُتي ٺيڪ ٿيو ته وري ٺٽه تي ڪاهيائين. واٽ ۾
وري اچي بخار ورتس ۽ 21 محرم 752هه ۾ وفات ڪري
ويو. سلطان جي وفات سبب تغلقن جي لشڪر ۾ شامل ٿيل
مغلن مارا ماري شروع ڪري ڇڏي. لشڪر هوش وڃائي ويٺو
ته سنڌين به حملا شروع ڪري ڇڏيا، اُن وقت سلطان
فيروز کي هندستان جو بادشاهه مقرر ڪيو ويو ۽
نفسانفسي جو عالم ويران وير وڌ هو سمان، سومرا
جاڙيجا طغي کي وٺي اڳتي وڌيا. سلطان فيروز شاه
امير علي غوريءَ کي ٻه هزار لشڪر منهن ڏيڻ لاءِ
ڏيئي هليو ويو، امير علي غوري انهن جو مقابلو ڪيو
۽ طغي مارجي ويو. انهيءَ وقت ساڱري درياءَ جي
ڪناري تي سلطان فيروز قلعو ٺهرايو ۽ پاڻ دهلي
ڏانهن هليو ويو (41).
سلطان فيروز انهيءَ شڪست جو وير وٺڻ لاءِ 766ع ۾
سنڌ تي ڪاهيو، پر هار نصيب ٿيس ۽ ٿريءَ کان گجرات
ڏانهن ٿي ويو، ته وبا سپاهين کي کائڻ لڳي، گهوڙا
مرڻ لڳا. انهيءَ وقت بدين جي ٻن جوانن سلطان فيروز
شاهه جي لشڪر کي قرهيي ڀانڊاريءَ کان ڏکڻ اوڀر
ڪونجسر ڪانٽي واري جاءِ، جنهن کي ڪونجي رڻ چيو به
وڃي ٿو، اُتي منجهائي وڃي کيس هنيو ۽ ڇهه مهينا
اُتي ئي لشڪر ۽ پاڻ پيا رهيا هئا. کاري پاڻيءَ
سندن زندگي تباهه ڪري ڇڏي هئي. مس مس انهيءَ لشڪر
رڻ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو (42). سمن جي ڏينهن به
راهمان، جوڻيجا ۽ ٻيون سماٽ قومون بدين ضلعي ۾ زور
وٺڻ لڳيون.
خود ڄام جوڻو ڄام تماچيءَ جي گادي تي وهڻ کانپوءِ
بدين جي ڀرسان جوڻ شهر اڏي اچي رهيو ۽ مرڻ کان
پوءِ سندس لاشو شاه ديواني جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
سندس قبر جا ڦٽل اهڃاڻ اڄ به شاه ديواني جي
قبرستان کان ميل کن ڏکڻ تي ڏسي سگهجن ٿا (43).
تعلقي گولاڙچيءَ ۾ صاحب سمي وٽ مهيري مهمان ٿي اچي
رهيا. انهن مهيرين اونگر کان سفر شروع ڪيو هو،
پهرين ٻاپئي (44) (لڳ قرهيو ڀانڊاري) ۾ اچي رهيا
پوءِ صاحب سمي جي مهرباني سان موجوده گولاڙچي
تعلقي ۾ ڦهلجي ويا (45).
علي بندر پاسي اڳي نوتيارن جو راڄ هو، جنهن کي نوت
به چيو وڃي ٿو. ماموئي فقير تان نوتيارن، ” پوتي“
لاٿي هئي، تنهن ڪري انهيءَ فقير چيو هو ته:
”پهرين ڦٽندي نوت، جنهن لاٿي مماتي تان پوت.“
سنهڙي نوتيار کان راهمن راڄ ڦريو ۽ نوتيارن جو
”نوت“ علائقو ختم ٿي ويو (46). گهڻو پوءِ نوتيارن
جي هڪ ڪيڙ چاچڪن زور ورتو ته نوت جو نالو چاچڪان
پيو. راهمن، سمن، منڌرن، جوڻيجن ۽ ابڙن هن ضلعي تي
راڄ ڪيو. اها سماٽ قوم جي هن ملڪ تي معروف راڄڌاني
سڏجي ٿي (48).
سمن جا پهرين ته پاڻ ۾ اختلاف ڪو نه هئا، پر پوءِ
راڄ جي سٿي سبب پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، انهيءَ لڙائي سبب
پاڻ ۾ وڙهي پنهنجي سگهه ختم ڪيائون، جنهن ڪري
ڌارين کي هٿ چراند ڪرڻ جو وجهه مليو.
مشهور چوڻي آهي ته:
”سمان ۽ سومرا هئا چڱيرا راڄ،
جڏهن پين پاڻ ۾، تڏهن ٿيا تُهارن کاڄ.“
سمن جي راڄ ختم ٿيڻ کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جو
راڄ شروع ٿيو.
شاه بيگ ارغون (927هه/ 1520ع- 928هه/1521ع) گجرات
تي حملي ڪرڻ جو ويچار ڪري اوڏانهن ڪاهڻ جو پڪو
فيصلو ڪيو. منزلون هڻي اچي اگهم (اگهاماڻي) ۾ لٿو.
ڄام فيروز جو انتظار ڪري رهيو هو ته کيس بابر جي
خوشاب ۾ آمد جي خبر پهتي، جنهن کيس ڏاڍو غمگين
ڪيو. ڦڪين فرق ڪو نه ڪيو ۽ شاه بيگ 22 شعبان 928هه
۾ وفات ڪئي. مرزا حسن کي شاه بيگ جو جاءِ نشين
بنايو ويو، شاهه بيگ جي وفات اگهاماڻي ۾ ٿي، شاه
حسن مرزا جي تاجپوشي به اگهاماڻي ۾ ٿي (49).
شاه حسن (928هه/ 1522ع- 962هه/1554ع) سان ڄام
فيروز سمي خاندان جي آخرين تاجدار چڱيون چڪريون
کاڌيون. ڄام فيروز چاچڪان ۽ راهمڪيءَ ۾ 50 هزار
سپاهي ساٿ ۾ وٺي جنگ لاءِ تيار ڪيا. شاه بيگ ۽
ڄام فيروز جو لشڪر آمهون سامهون ٿيو. ويهه هزار
لشڪر مري ويو ۽ ڄام فيروز هارائي گجرات هليو ويو ۽
وري به تياريون ڪرڻ لڳو. (50).
مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ همايون سنڌ ۾ آيو، مرزا
هن کي چاچڪان علائقو مهماني لاءِ آڇيو. همايون
عمرڪوٽ کان ٿي جوڻ ۾ پهتو. اُن وقت ريڻ درياءَ جي
اولهه تان شاه حسن به لشڪر وٺي اچي سامهون ٿيو.آخر
هن همايون کي 300 جڙا اُٺ ڏنا، جنهن تي لڏيل سامان
تان همايون کي هٿ کڻڻو پيو ۽ هو 7 ربيع الاخر
950هه/ 1543ع ۾ سنڌ کان قنڌار ڏانهن هليو ويو.
همايون جي اچڻ وقت هتان کان ڪافي خاندان گجرات ۾
ڪڇ ڏانهن لڏي ويا، جن ۾ ميمڻ خاص هئا (51). همايون
لڪڙيءَ شهر ۾ مسجد شريف به تعمير ڪرائي هئي. اها
مسجد شريف اڃا به صحيح سلامت بيٺي آهي )52). شاه
حسن کي ماه بيگم زهر ڏئي ختم ڪيو.
مرزا عيسى (962هه- 973هه/1565ع) جا ٻه پٽ هئا:
مرزا صالح ۽ مرزا باقي بيگ. مرزا صالح گاديءَ تي
ويٺو ۽ باقي بيگ ڪڇ ڏانهن هليو ويو. محمد باقي ڪڇ
مان لشڪر وٺي، بدين تائين پهچايو. بدين ۽ چاچڪان
تلوار جي زور تي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا. اهو ڏسي
مرزا صالح لشڪر وٺي بدين پهتو. جنگ ۾ باقي بيگ
هارايو. هن پنهنجي ڪڇي زال سندس پيءُ راءِ کنگهار
جي حوالي ڪئي ۽ هو بکر واري سلطان محمود وٽ بکر
هليو ويو، پر هو ساڻس سٺو ڪو نه هليو. انهيءَ وقت
اندر مريد جت مرزا صالح کي ماري وڌو. اهو واقعو 23
شعبان 970هه ۾ پيش آيو. مرزا عيسى جي وفات کان
پوءِ مرزا باقي حاڪم ٿيو (53).
مرزا باقي بيگ جي ڏينهن ۾ مرزا جان بابا ڏکڻ سنڌ ۾
فساد پکيڙيو ۽ سميجن ۾ اچي رهيو ۽ هن مرزا باقي
بيگ سان سٺيون چڪريون ڏنيون (54).
مرزا باقي بيگ پڇاڙيءَ جي عمر ۾ پنهنجي ملڪ کي ٽن
حصن ۾ ورهايو: مرزا مظفر بيگ کي بدين جو والي مقرر
ڪيو، هن سان گڏ امير علي خان کي به مقرر ڪيائين.
مظفر بيگ ۽ علي خان بدين اچي رهيا. امير علي خان
جي ڌيءَ چوچڪ بيگم ۽ دوست ماهه بيگم بدين ۾ وفات
ڪئي، جن کي شهاب الدين ملتانيءَ جي قبرستان ۾ دفن
ڪيو ويو (55).
8 شوال 993هه/ 1585ع ۾ باقي بيگ وفات ڪئي. بدين
کان مظفر بيگ، امير علي ڪوڪہ جي ساٿ ۾ ٺٽه ڏانهن
قدم وڌايا، پر گاديءَ تي جاني بيگ مرزا ويهي رهيو.
حالات سازگار نه ڏسي امير علي خان ڪوڪو، مظفر خان
مرزا کي بدين واپس وٺي آيو.
بدين پهچي مرزا مظفر جنگ جي تياري شروع ڪئي. مرزا
جاني بيگ لشڪر وٺي بدين پهچي ويو، جنگ ۾ ارغونن جو
لشڪر آمهون سامهون ٿي بيٺو، پر مرزا جاني بيگ رات
پيٽ ۾ سڄو لشڪر پنهنجي پاسي ڪرائي ڇڏيو. نتيجي طور
مرزا مظفر بيگ هارائي ڪڇ هليوويو. ان وقت پير شاهه
قادري جيلاني بدين ۾ آيل هو ۽ مظفر بيگ جي گهران
شادي ڪئي هئائين. مرزا صاحب ڪجهه وقت ڪڇ ۾ وڃي
رهيو ۽ پوءِ واپس وري شاه قادريءَ جي ڇانو ۾ رهي،
زندگي گذاري پوري ڪري ويو (56).
هن جنگ کانپوءِ جاني بيگ مرزا ڪوڪہ خاندان کي خوب
همٿايو. ڇو ته انهيءَ خاندان جي طفيل هن بدين جي
جنگ سواءِ ڪنهن خون خرابيءَ جي کٽي هئي. جاني بيگ
جي ڏينهن ۾ چاچڪان ۽ بدين تي جيڪو صوبيدار مقرر هو
انهي خان خانان جي اطاعت قبول ڪري ورتي. اهڙي طرح
اٽڪل روءِ 1000هه ۾ خانخانان سڄي سنڌ تي تسلط حاصل
ڪري ورتو. جاني بيگ اُنڙپور ۾ مورچي بند ٿي ويٺو.
گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ جاني بيگ دهليءَ جي دربار
ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ حڪومت مغلن جي هٿ هيٺ اچي
وئي.
مغلن جو سنڌ تي 1000هه/1591ع کان 1151هه 1737ع
تائين راڄ ڪيو. بدين جي ڦٽل دڙن مان مغلن جي دؤر
جا سڪا عام جام ملن ٿا، جيڪي گهڻو ڪري سٺي چانديءَ
جا ٺهيل آهن (57).
مغلن جي دؤر ۾ اورنگزيب عالمگير جي ڏينهن ۾
عبداللطيف ’ڪيسر‘ اسانجي بدين جو مشهور شاعر هو،
جنهن جو سڌو سنئون اورنگزيب عالمگير سان تعلق هو.
اهو بزرگ بدين جي جامع مسجد شريف ۾ عربي، فارسي ۽
سنڌيءَ جا سبق ڏيندو هو. وڏو عالم ۽ فاضل هو.
سالبسال ڏير جو مصلو اورنگزيب لاءِ بدين مان ٺاهيو
دهليءَ کڻيو ويندو هو. هن بزرگ کي ٺٽي کان اڍائي
رپيا روزينہ ملندو هو. سندس ذڪر ده سالہ عالمگيري،
۽ تڪملہ مقالة الشعراءَ ۾ آيل آهي، سندس فارسي ۽
سنڌي ۾ بهترين ڪلام جوڙيل آهي (58).
جهانگير جي ڏينهن ۾ خسرو خان چرڪس جي شورش آئي.
سنڌ جو والي اُن وقت مرزا غازي يبگ مقرر ٿيل هو،
انهيءَ خسرو خان وارن جا لاه ڪڍڻ ٿي گهريا، بدين
جو والي فتح الله بن ڀائي خان خسرو خان جو همدرد
هو، انهيءَ به مرزا غازي بيگ لاءِ سٺو رويو اختيار
نه ڪيو هو. حڪومت جي انتظام ۾ اهو خسرو وارو ٽولو
وڏي رنڊڪ هو (59).
شاه جهان جي ڏينهن ۾ مير ابوالبقا (1039هه کان
1041هه) گورنر ٿي آيو ته، هن ڪهرن ۽ ڄام هالي طرف
گهڻو توجهه ڏنو. سرڪار چاچڪان ۾، منڌرا قوم سان هن
گورنر جو تعلق مير عبدالرزاق مظفر خان معموري
(1024هه) جي ڏينهن ۾ گهڻو رهيو. هن صاحب اُن وقت
منڌرن جي ڪوٽن کي اجاڙ ڪيو هو ۽ اهڙو هيسيو، جو
وري منڌرا مغلن جي ڏينهن ۾ سر کڻي نه سگهيا،
انهيءَ ڪري منڌرن ڏانهن دوباره هن کي توجهه ڏيڻو
ڪو نه پيو (60).
اورنگزيب جي ڏينهن ۾ دارا شڪوه سر لڪائڻ لاءِ ٻين
جڳهين سان گڏ بدين ۾ به سر لڪايو. اها 24 نومبر
1658ع جي تاريخ هئي. اورنگزيب جي هولناڪين سبب
دارا شڪواهه اتان کان گجرات وڃڻ واجب ڄاتو ۽
اوڏانهن هليو ويو (61).
فرخ سير (1124هه- 1131هه) جي ڏينهن ۾ ڪجهه مانڌر
جي منڌرن کي مغليه حڪومت دهليءَ ۾ قيد ڪيو هو. هتي
جي روايتن موجب، اهي جوڌا جوان ڪرامتي طريقي سان
دهليءَ مان آزاد ٿي، هنجهر جي ويس ۾ مانڌر ۾ پهتا
هئا ۽ اهو سبب آهي جو منڌرا اڃا تائين هنجهر نه
کائيندا آهن ۽ انهيءَ جو احترام ڪندا آهن (62).
مغلن جي آخرين دور وقت مانڌر ۾ تاجن منڌري چڱو زور
ورتو، انهيءَ جي طاقت کي ڀڄڻ لاءِ نواب صادق علي
خان منڌرن تي ڪاهڻ جو پڪو فيصلو ڪيو، انهيءَ ڪاهه
ڪرڻ وقت محسن ٺٽوي نواب سان گڏ هو. پر نواب وڌيڪ
سگهه ساري نه سگهيو ۽ واپس ٿيو (63).
مغلن جي حڪومت ختم ٿي ته ڪلهوڙن جو راڄ شروع ٿيو.
ڪلهوڙن جو راڄ 1111هه کان 1299هه/1699ع- 1784ع
تائين هليو.
ڪلهوڙن جي پهرئين تاجدار ميان نور محمد ڪلهوڙي
تاجن منڌري جي طاقت ڀڃڻ لاءِ بدين طرف لشڪر جو رخ
ڦيرايو. تاجن منڌرو مڙس ٿي وڙهيو، پر جيئن ته لشڪر
گهڻو هو، انهي ڪري پاڻ ڪانجي ڪوٽ ۾ وڃي رهيو. تاجن
منڌري جي پويان پوندي ميان اتي به وڃي پهتو، ۽ ڪوٽ
کي سرنگهه هڻي بارود سان اڏايو ويو. ٻڍاڻي نالي
شاعر ميان جي انهيءَ فعل کي بهادريءَ وارو ڪارنامو
نه شمار ڪيو ۽ ميان کي ميار ڏيندي بيت ڏنو ته:
”نڪو تؤ ترار ڪيو،
نڪا پيئي ڦڙي،
ڪلهوڙي ڪانجي کٽيو،
سانڊي جيئن سري.“
ٻڍاڻي شاعر جو خيال هو ته، ميان کنان کوائي مڙس
وانگر وڙهي ها، ته ڪر طاقت جي خبر پوي ها، پر هن
بارود کي ڪم۾ آندو ۽ سانڊي وانگر سُري جنگ ڪئي،
جيڪا بهادرن جو شيوو نه هوندي آهي.
تاجن منڌرو پوءِ ٻن ٽن دفعا شاهي لشڪر سان وڙهيو.
آخر ميان جي فوجي سپہ سالار مراد ڪليري جي صلاح
سان ميان جي آڻ مڃي ۽ ميان سان وفادار ٿي رهڻ جو
پرن ڪيو، پر ميان جي لشڪر مان تاج خرد پٺيان تاجن
سان هٿ چراند ڪئي. تاجن انهي کي حملو ڪري ختم ڪري
ڇڏيو، اها خبر خدا آباد ۾ ميان نور محمد کي پئي،
تنهن کان تاج خرد جو ڏک سٺو نه ٿيو ۽ شاه بهاري کي
لشڪر ڏئي تاجن جي خاتمي لاءِ روانو ڪيو. شاه بهاري
تاجن جو خاتمو آندو ۽ تاجن جي اڙٻنگائي ۽ سگهه ختم
ٿي وئي، پر اڄ به سندس شاندار ڪوٽ سندس سگهه ۽
جوان مرديءَ جي ياد ڏياري رهيو آهي (63).
ميان جي ڏينهن ۾ مانڌر تي منڌرن جو راڄ هو ۽ جوڻاٺ
تي جوڻيجن جو راڄ هو، هوڙو جوڻيجو ڪلهوڙن سان صلح
۾ رهيو، تنهن ڪري ڪلهوڙن انهيءَ طرف هٿ ڪو نه
کنيو.
ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ نادر شاهه سنڌ تي آفت
الاهي بڻجي 1152هه/ 1740ع ۾ نازل ٿيو. نادر شاهه
جي وڃڻ کانپوءِ چاچڪان جي ونگي جي پاسي ارباب
تماچي توڳاچي، ٺارو، سيلهو ڳاهو ۽ آسو سومرو زور
وٺي ويا هئا، انهيءَ تي ميان نور محمد حملو ڪري،
انهن کي ختم ڪيو (64).
غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ڏينهن ۾ ڪڇ تي به ڪاهيو.
سندس ڪاهه جو رستو موجوده بدين ضلعو هو. هتي جا
ڪافي جنگي جوڌا سندس لشڪر ۾ شامل ٿيا هئا. هتي جي
بزرگن مان يوسف فقير لنڊ ۽ ٻين بزرگن جون دعائون
غلام شاهه سان گڏ هيون. غلام شاهه جي ايندي ويندي،
هتي جي ڪيترن فردن لشڪر سميت مهماني جهلي هئي.
غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ کي وڳہ ڪوٽ کان پريان بند
ڏياري ڪڇ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو (65).
ميان سرفراز ڪلهوڙي (1186 هه- 1198 هه- 1772ع –
1775ع) به ڪڇ تي ٻه دفعا ڪاهيو، انهيءَ جو به بدين
ضلعي تي اهڙو اثر پيو، جهڙو غلام شاهه جي ڪاهه وقت
هن علائقي تي پيو هو. ميان عبدالنبي (1190هه –
1214هه) سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هو پنهنجي ڪيتن سبب
خود به لوڏن ۾ اچي ويو. هن نيٺ نادر شاهه جو مشهور
رهزن سپہ سالار مدد خان سنڌ تي چاڙهائي آندو.
انهيءَ ظالم سنڌ جي سر سر کان ڌار ڪري ڇڏي. گهڻو
تڻو سنڌ جا شهر انهيءَ ظالم تباهه ۽ برباد ڪيا. ڇو
ته ميان عبدالنبي ڪلهوڙو کيس مدد لاءِ سڏي آيو هو
۽ خزاني جو کيس آسرو ڏنو ويو پر ڏيئي نه سگهيو ۽
کيس سنڌ لٽڻ جي اجازت ڏني، ڪجهه مير مدد خان کي
سامهون ٿيڻ جو سعيو ڪرڻ لڳا پر مصلحت سبب ماٺ ٿي
ويا.
مدد خان جي وڃڻ کانپوءِ مير عبدالله ۽ مير فتح خان
جي شهادت عبدالنبي جي سازش سبب ٿي، جنهن ڪري مير
باگو خان، ٺارو خان ۽ ونگي جا ٻيا بلوچ وٺي هالاڻي
جي ميدان تي ويا ۽ عبدالنبي حملي جو تاب سهي نه
سگهيو ۽ وٺي ڀڳو، پوءِ ميرن سنڌ قبضي ۾ ڪري ورتي
(66).
ماڻڪاڻي ميرن پنهنجو تخت گاهه ڪيٽين جو ڪوٽ
بنارايو. اِهو ڪوٽ کومڪيءَ کان اڀرندي پراڻ جي ور
۾ هو. مير ٺارو انهيءَ ڪوٽ ۾ رهندو هو، مير باگو
خان پاسو ۽ نندي شهر کان اڀرندي ماڻڪاڻي ميرن جو
حصو هو ۽ باقي تي شهداداڻي ميرن جو راڄ هو.
مياڻي جيءَ جنگ ۾ بدين ضلعي جي ڪافي ڪونڌرن حصو
ورتو هو، انهن مان مير بخشو خان ٽالپر خاص هو. دٻي
واريءَ جنگ ۾ مير شير محمد خان ٽالپر سان صوبدار
خان لغاريءَ، قربان علي خان لغاري، اُميد علي
لغاري (رهندڙ لڳ گولاڙچي) سر جون سٽون ڏنيون.
صوبدار خان ۽ قربان علي خان دٻيءَ جي جنگ ۾ شهيد
ٿي ويا ۽ اُميد علي خان لغاري مير شير محمد خان کي
وٺي راڄي خاناڻي کان ٿي ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ وٺي ويو.
اُتان ٻئي ڄڻا گڏجي بدين ۾ پير ڀاون علي شاهه بحري
جي هسوار وٽ مهمان ٿي اچي رهيا. هڪ رات رهي، ٻئي
مجاهد گولاڙچي کان اولهه طرف اميد علي لغاري جي
ڳوٺ ڏانهن هليا ويا. انگريزن پتڻ تان ٻيڙين جي
چرپر تي بندش وجهي ڇڏي. اميد علي خان رات پيٽ ۾
مورچا ٺهرائي ورتا ۽ توپون لڳارائي ڇڏيون ته مبادا
انگريز حملو ڪن ته منهن ڏيئي سگهجي. مير ۽ لغاري
صاحب اتان ميانوالي پيرن جو ويس ڪري، ڇريجا پتڻ
تان ڀاڳو مهاڻيءَ جي مدد سان سنڌو درياءَ ٽپي
افغانستان ڏانهن هليا ويا. پٺيان پير ڀاون علي
شاهه تي ڪيس هليو پر شاهد جي مرڻ ڪري ڪامياب ٿي نه
سگهيو. اُميد علي لغاري مير شير محمد کي پنجاب ۾
ڇڏي، سنڌ ۾ آيو ۽ انگريزن وٽ پيش پيو. انهي لغاري
صاحب پوءِ مير شير محمد کي پنجاب کان واپس آندو ۽
انگريزن کيس لقبن سان نوازيو.
انگريزن جي ڏينهن ۾ اسان جي بدين ضلعي ۾ مير
صاحبان خصوصاً ۽ ٻيا ماڻهو عموماً پنهنجي پنهنجي
درجي موجب انگريزن وٽ عزت ماب رهيا. اهڙن بزرگن
مان پير ڀاون علي شاهه جيلاني بدين وارو، پير علي
بخش شاهه وهڻائي وارو، مير حاجي قاضي خدا بخش
ٽالپر کڏهري وارو، مير غلام محمد ٽنڊي باگي ٽالپر
۽ مير وليو به اُتي رهندا هئا. مير باگي خان ٽالپر
عشق جي الوٽ ۾ اچي حڪومت مان تر برابر به حصو نه
ورتو ۽ رڳو سنڌ راڻي ورتي. انهي جي عشق ۽ محبت ۾
پاڻ فنا هو. سنڌراڻي پنهنجي ڀاءُ سائينڏني جي ڏک ۾
وفات ڪئي ته انهي کي شاه ديواني (نزد ماتلي) جي
قبرستان ۾ دفن ڪرايو ۽ سنگمرمر جي صندوق چٽيل پٿرن
سان ٺهرائي. انهي کان پوءِ ٽنڊو باگو شهر اڏي اُتي
اچي رهيو.
مير ٺارو خان ڪيٽين جي ڪوٽ جو والي هو. وهڻاين وٽ
ماڻڪاڻي ۽ شهداداڻين جي حڪومت جو دنگ هو. ونگي
واهه جي ڀرسان 1218هه (1803) ۾ ”ول واري“ جنگ لڳي،
هيڏانهن مير ٺارو هو، هوڏانهن شهداداڻي مير غلام
علي خان، طاهر خدمتگار ۽ مير محمود خان پنهنجي
اڳواڻي ۾ ٻه هزار لشڪر وٺي توبچي خانہ جي وسيلي
سان روانو ٿيو. هن جنگ ۾ شهداداڻي ميرن جا 410
ماڻهو ۽ ماڻڪاڻي ميرن جا 300 ماڻهو مارجي ويا.
هيءَ جنگ 5 روز هلي، هن جنگ ۾ حيدرآبادي ميرن جا
وڏا جرنيل: جهڙوڪ ڏاتو خان جمالي، ٻيڙو خان کوکر ۽
نبي بخش خان ڀرڳڙي شهيد ٿي ويا. خود مير ٺارو خان،
جنهن لاءِ مشهور چوڻي هئي ته: ”جي دڙي دنگ تي وڙهي
ته به ٺهڪي ٿو ٺارو“ سو به ڦٽجي پيو ۽ مير غلام
علي خان کيس حيدرآباد کڻائي ويو ۽ علاج ڪرائي ٺيڪ
ڪيو، تڏهن عزت آبروءَ سان کيس پنهنجي ڳوٺ روانو
ڪيو. هن جنگ کان پوءِ مير ٺاري خان ڪيٽين جي ڪوٽ
کي الوداع چيو، پٺيان خليفو نبي بخش لغاري سنڀال
لاءِ ڇڏيو ۽ پاڻ ميرپور خاص جو شهر وڃي آباد
ڪيائين.
ميرن کوسا، لنڊ ۽ ٻئا بلوچ خاندان سرحد جي بچاءُ
لاءِ ورهايا. بخشو خان ٽالپر ولاسي ۾ ديرو دماعي
اچي رهيو. مير باگي خان ٽنڊو باگو شهر آباد ڪيو.
مير غلام علي، غلام علي جو ٽنڊو آباد ڪيو. بدين
ضلعي جو سيراڻي وارو ۽ حيدر خان جوڻيجو بدين وارو
خاص مشهور ماڻهو هئا.
پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ هن ضلعي اندر پير عاليشاهه
جيلاني بدين وارو ۽ مير حاجي غلام علي ٽنڊي محمد
خان وارو خاص ماڻهو هئا، جن جو تاريخي ۽ سياسي اثر
رسوخ مير ولي محمد ٽالپر، مير غلام علي به سياسي
سرواڻ هئا. هينئر نبي بخش ڀرڳڙي، پير علي بهادر
شاهه، عبدالله هاليپوٽو حاجي غلام حيدر نظاماڻي،
رئيس ڪريم بخش بلوچ، مير شاهد ٽالپر، عابد حسين
شاهه، عبدالله ميمڻ، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، پير الطاف
حسين شاهه، ڊاڪٽر سلطان احمد، آخوند محمد صالح ۽
محمد موسى ميمڻ بدين ضلعي جا مکيه سياسي سرواڻ
آهن. |