سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 11

سيد شيخ شهاب الدين (شاهه قادري)، سيد عمران، سيد فيض، سيد سيف الدين، سيد عمر، سيد ضياءُ الدين، سيد عبداللطيف، سيد عبدالحق، سيد عماد الدين، سيد حافظ تاج الدين، سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني قد سره.

حضرت شاه قادري عليہ رحمت کان پوءِ سندس اولاد هن طريقي کي هلائيندو آيو، جنهن جو سلسلو هن ريت آهي:

شاهه قادري عليہ رحمت، سيد پير ڀاون علي شاه اول، سيد پير احمد جيلاني ؒ، سيد پير نورالدين ؒ ، سيد پير محمد عارف شاه ؒ، سيد پير محمد شاهه عرف ڀلن شاهه، سيد پير عالي شاه اول، پير ڀاون علي شاهه (بحري جو هسوار) ثاني، سيد پير محمد شاه ؒ، سيد پير ڀاون علي شاه ساقي (ثالث)، سيد پير عالي شاه.

راشديه هي طريقو ڪنگري واري پير صاحب محمد راشد جي طفيل سنڌ ۾ پکڙيو. هن طيرقي ۾ مادري طريقن جو سنگم آهي، ڇاڪاڻ ته پير محمد راشد صاحب نقشبندي توڙي قادري طريقن سان لاڳاپيل آهي. سندس طريقي جو هن ضلعي ۾ ڪافي اثر رهيو آهي. درگاهه ڪنگري شريف جا ٻه خليفا هت هي ٿيا آهن:

1-                        خليفو محمود نظاماڻي ڪڙيي گهنور وارو،

2-                       خليفو نبي بخش.

خليفي محمود نظاماڻي صاحب جو سلسلو حسب هن ريت آهي:

خليفو محمود نظاماڻي، سيد محمد راشد صاحب راشدي. سيد محمد راشد صاحب کانپوءِ قادري سلسلو حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني تائين هن ريت آهي:

حضرت سيد محمد راشد، خواجه سيد محمد بقا شاه، خواجه سيد عبدالقادر حسيني، خواجه سيد صالح شاهه، خواجه سيد شمس الدين محمد، خواجه حامد شاه گنج بخش، خواجه سيد شمس الدين محمد، خواجه سيد عبدالقادر، خواجه شمس الدين محمد، خواجه سيد عبدالقادر، خواجه سيد حامد شاهه، خواجه عبدالرزاق، خواجه سيد عبدالقادر، خواجه محمد، خواجه شمس الدين محمد، خواجه مير شاهه، خواجه سيد مسعود، خواجه احمد، خواجه عبدالوهاب، حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني، نقشبندي سلسلو وري هن ريت آهي:

خليفو محمود نظاماڻي، پير محمد راشد، پير محمد بقا شاهه، مخدوم حافظ محمد اسماعيل پريان لوءِ وارو، خواجه جمال الدين، خواجه مجدد الف ثاني امام رباني سرهندي.

چشتيه: هن طريقي جا باني خواجه ابو اسحاق شامي جن آهن، جنهن جو توصل حضرت خواجه معين الدين اجميري جي سان نبي ڪريم ﷺ تائين پهچي ٿو.

سنڌ ۾ هن طريقي جو مبلغ حضرت پير جميل شاه گرناري هو. سندس سلسلو هن ريت آهي:

سيد قطب شاهه – سيد خواجه نور، سيد حسين، سيد صدرالدين، سيد عبدالخالق، سيد محمد امير، سيد مصطفى، سيد علي ترمذي، سيد قنبر علي، سيد احمد نور، سيد يوسف نور، سيد محمد نور، سيد احمد بيغم، سيد احمد، سيد محمد مشتاق، سيد شاه تراب، سيد حامد، سيد محمود، سيد اسحاق، سيد عثمان، سيد جعفر، سيد محمد، سيد حسام الدين، سيد خسرو سيد شاهه جلال، سيد امير علي، سيد عبدالرحيم، سيد محمود مڪي، امام سيد محمد مهمدي، امام حسن عسڪري، امام علي نقي، امام محمد تقي، امام موسى رضا، امام موسى ڪاظم، امام جعفر صادق، امام باقر، امام زين العابدين، امام حسين، حضرت علي.

سلسله طريقت هن ريت آهي:

حضرت محمد مصطفى ﷺ- حضرت علي ﷦ حضرت حسن بصري اب الفضل، ابراهيم بن ادهم، سعيد الدين، امين الدين، نثار علي، ابي اسحاق چشتي، احمد ايدال، محمد امين، خواجه يوسف، مودود، حاجي شيرف، خواجه عثمان هاروني، محي الدين حسن سنجري اجميري.

پير جميل شاه عرف جمال شاه کانپوءِ سلسله وار هي صاحب هن طيرقي جا ٿيا: پير شهاب الدين، چنچل شاهه، سيد قرهيو.

شاهه موسى ۽ شاه بهارو ۽ شيخ ڀريو پڻ هن خاندان مان چنچل شاه جو اولاد هو. سيد قرهيي کي ڀانڊاري چوندا آهن. سندس خانقاه ديهه پٽيجي تپي چور هڏي تعلقي بدين ۾ آهي. مائي مر کان شيخڻ ۽ شيخ الهه بچايو سندن تعلقدار ٿيا آهن.

اسماعيليه طريقو: سنڌ اسماعيلي دعوت جو سلسلو عبدالله بن اشتر کان شروع ٿئي ٿو. سومرن جي دؤر ۾ اسلام جا داعي سنڌ ۾ ڦهلجي ويا. سومرا خود اسماعيلي هئا، ان ڪري هن تحريڪ جي مبلغن کي وڌيڪ سهولتون مليون. سومرن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان 18 سالن بعد 462هه مطابق 1079ع ۾ اسماعيليه عقيدي جي ارڙهين امام سيدنا مستنصر بالله جي فرمان موجب سيد نورالدين سنڌ ۽ گجرات ۾ اسماعيليه دعوت لاءِ آيو.

ان بعد پير شمس سبز واري 556- 665 هجري مطابق 1065- 1174ع ۾ سنڌ ۾ تبليغ ڪئي.

ان بعد پير شهاب الدين ۽ سندس پٽ پير صدر الدين داعي ٿيا. پير صدر الدين کان پوءِ ان جا فرزند پير تاج الدين ۽ پير حسن ڪبير الدين مبلغ ٿيا.

سندن سلسلا هن ريت آهن:

پير تاج الدين عرف شاه طريل، سيد صدر الدين، سيد شهاب الدين، سيد نصير الدين،سيد شمس الدين، سيد صلاح، سيد اسلام الدين، موسن شاه، سيد خالد، سيد مشتاق، سيد احمد، سيد هاشم، سيد محمد، سيد هادي، سيد غالب، سيد عبدالجمال، سيد منصور، سيد مسافر، سيد امام الدين، سيد محمد، سيدنا اسماعيل، سيد امام جعفر صادق، شاه طريل جو مقبرو پيرو لشاري اسٽيشن ڀر آهي. پير حسن ڪبير الدين هت ڄائو ۽ نپنو، پر سندس لهجو ۽ ٻولي خالص سنڌي نه آهي. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

آشا جي شري اسلام شاه تختيج ٻيٺا، تاري دين هوا رحمان جي سر بنده لئي گرائي مت کي ريها- تاري سر اگهاڙو ڪري در ٻيٺا.

پير صدرالدين پڻ گِنان چيا آهن، جن ۾ هدايت ڪيل آهي. فرمائين ٿا:

1-   اُٿي الله نه گهرين بندا – تون ستين سڄي رات

نڪا جهوري جيو جي بندا – نڪو ثمر ساٿ

شاه مڃيئڙو تن- جي صبوحڙي جاڳن،

2-  جي صبوحڙي نه جاڳن تن حورون ڏين نه هٿ،

سي هئه هئه ڪندا هٿ هڻندا، جيئن هاري وڃائي وٽ،

شاه مڃيئڙو تن جي صبوحڙي جاڳن.

مهدويه: هن طريقي جا باني بر صغير ۾ سيد محمد جونپور وارا آهن. سنڌ ۾ قاضي قاضن، سيد عبدالعليم، سيد عبدالرحيم ۽ ڪلهوڙا خاندان جا ميان آدم شاه ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙو هن تحريڪ سان شامل هئا. هن طريقي وارن کي سنڌ ۾ ميان وال طريقو پڻ چوندا آهن، جيڪي ڪلهن تي ڪاري کٿي کڻندا آهن، بدين ۾ هن تحريڪ جا هي صاحب ٿيا آهن: 1، شيخ دانيال ۽ 2 شيخ صدرالدين.

مطلب ته اهل تصوف، وحشت گاهه کي جنت الفردوس بنايو آهي. سندن فيض ۽ دعا جي اثر سان خدا تعالى جو قرب حاصل ٿئي ٿو ۽ نحوست ۽ بي بختي دور ٿئي ٿي.

محمد عمر گهراڻو

بدين ضلعي جون ديني درسگاهون

قديم تعليم جي رواج لاءِ رگ ويد جي منڊل پهرئين سوڪت 12 ۾ اهڙيون ٽابتيون ملن ٿيون، جن مان پتو پوي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ تعليم جو سرشتو ڪهڙو هو. ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌوءَ ماٿري ۾ هندو راجائن جي وقت ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ملندي هئي، جنهن لاءِ استاد (آچاريه) مقرر هوندا هئا. هر هڪ شهر ۾ جهڙوڪ الور، ديبل، برهمڻ آباد، پٽيالا ۽ سيوهڻ ۾ پاٺ شالائون هونديون هيون، جنهن جو اعتراف خود ڀيرو مل مهرچند قديم سنڌ جي صفح 421 ۾ ڪيو آهي. ان ۾ ڄاڻايو اٿس ته آڳاٽي وقت ۾هر هڪ برهمڻ جو ڪٽنب تعليم ۽ مذهبي ڳالهيون سمجهائڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو ۽ ڳوٺ خواه شهرن ۾ پوڄا پاٺ جون جڳهيون ۽ مندر هوندا هئا، جن جي ڀرسان پاٺشالائون هونديون هيون، جن ۾ تعليم ڏيڻ ۾ ايندي هئي. اهو ڪم برهمڻن کي سپرد هو. اها مختصر حقيقت آڳاٽي دؤر جي آهي.

هندو راجائن کانپوءِ مسلمانن جو دؤر آيو. سنڌ تي عربن قبضو ڪيو، جنهن کانپوءِ تعليم ۾ تبديلي آئي. اڳي سنسڪرت ۾ تعليم هئي، هاڻي انهيءَ جاءِ تي عربي پڙهڻ ۽ سکڻ ۾ آئي. مندرن جي ڀرسان پاٺ شالائون هونديون هيون. اهڙي طرح مسجدن جي ڀرسان مڪتب ۽ مدرسا برپا ٿيا، جن ۾ تعليم جو رواج جاري ٿيو. عربن کان پوءِ غزنوي خاندان حڪومت ڪئي. انهيءَ وقت وري فارسي ٻولي شروع ٿي. جنهن ۾ سنڌين ايتري ترقي ڪئي جو وقت جا حاڪم به انهن عالمن کي انعام ۽ جاگيرون ڏيندا هئا. سما ۽ سومرا ڏيهي حاڪم هئا، جن جي وقت ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو علم عروج تي هو، جنهن جي ثابتي تاريخ طاهري ۽ معصوميءَ مان ملي ٿي. پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي وقت ۾ عربي ۽ فارسي ۾ حڪومت جو ڪاروبار هلندو هو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ سنڌي جي الف بي ٺهي. پوءِ سنڌ ۾ فقہ جا ڪتاب لکجي ويا، جيڪي مدرسن خواه مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا.

عربي اچڻ کانپوءِ وڏن شهرن ۾ مدرسا ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ مڪتب برپا ٿيا، مدرسن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم سان گڏ ٻيا به علم مثلاً منطق، نحو، رياضي، حڪمت، فلسفو ۽ حديث جو علم سيکاريو ويندو هو. انهن وڏن مدرسن ۾ اُهي شاگرد ويندا هئا، جي ننڍن مڪتبن مان ابتدائي تعليم پوري ڪري نڪرندا هئا. مڪتبن جو نصاب شروعات ۾ قرآن پاڪ جي تعليم هوندي هئي، پوءِ آهستي آهستي مدرسن جو اوائلي ڪم جهڙوڪ مختصر فارسي جا ڪتاب ۽ فارسي گرامر به پڙهايو ويندو هو. سنڌي جي تعليم مڪتبن توڙي مدرسن ۾ بنهه ڪانه هئي. رڳو فارسي ڪتابن جي تشريح اڳوڻي سنڌي ۾ لفظي صورت ۾ ڪئي ويندي هئي، جيئن ته ڪريماءِ بخشائي برحال ما، جنهن جي معنى زباني طرح هيئن ٿيندي هئي ته اي ڪريم بخش ڪر مٿي حال اسان جي.

علمي شوق مذهبي چاه جي ڪري ايتري قدر پيدا ٿيو جو هر هڪ ننڍي خواه وڏي ڳوٺ ۾ مڪتب پئجي ويا. وڏن شهرن ۾ مدرسا سَون جي تعداد ۾ ٿي ويا. رڳو ارغونن جي وقت ۾ ٺٽي شهر ۾ ڏيڍ سؤ مدرسا هئا. سنڌ جا ڪي ڪي مدرسا خاص ڪري ٺٽي ۽ پاٽ جا اهڙا مشهور ٿي ويا هئا جو مصر ۽ بغداد جا ماڻهو سنڌ ۾ اچي علم پرائيندا هئا ۽ سندون حاصل ڪندا هئا. سنڌي عالمن اهڙا ناياب ڪتاب عربي زبان ۾ لکيا جو اڄ تائين مصر ۽ ٻين اسلامي حڪومتن ۾ درسي طور پڙهايا وڃن ٿا. مڪتبن جا بانيڪار ملان هوندا هئا جي تعليم ڏيندا هئا ۽ مولوي صاحب جي وڏا عالم هئا سي مدرسن ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ائين ڪو نه هو ته مولوي مڪتبن ۾ ڪو نه هوندا هئا، جيڪڏهن ڪو به مولوي صاحب ننڍي ڳوٺ جو رهاڪو هوندو هو ته پهريائين مڪتب کوليندو هو، جتي اوائلي طرح قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندو هو ۽ جڏهن ڇوڪرا وڌي وڏا ٿيندا هئا ۽ علم لاءِ شوق پيدا ٿيندو هون ته پوءِ مولوي صاحب مڪتب کي ڦيرائي مدرسي جي صورت ڏيندو هو.

مدرسا ۽ مڪتب

درسگاهه لنواري شريف: جدا جدا مدرسن ۽ مڪتبن مان آيل شاگردن جا امتحان ٿيندا هئا ته ڪامياب شاگردن کي سندون ملنديون هيون. هر ڪنهن سال جي هجري مهيني رجب ۾ هڪ وڏو عالمن فاضلن جو جلسو ٿيندو هو، جنهن جو بندوبست خانقاه لنواري شريف طرفان ٿيندو هو. هن وقت به گهڻن عالمن جي پوين وٽ خانقاه طرفان سندون ۽ ماهياني وظيفي جون رسيدون آهن، جهڙوڪ مولوي غلام علي صاحب گوپانگ ۽ مولوي نور محمد صاحب گهراڻو ۽ ٻيا. هن درسگاهه ۾ شجاع محمد شاهه، نور علي شاهه مولانا ۽ حاجي محمد نهڙيي جون علمي خدمتون قابل ذڪر آهن.

مدرسه مظهر العلوم بدين شهر: هي مدرسو 1343هه ۾ جاري ٿيو، جنهنجا پهريان معلم مولوي احمد ملاح ۽ محمد سعيد گوپانگ هئا. شهر جا معزز ماڻهو مدرسي جي سرپرستي ڪندا هئا. جهڙوڪ جناب پير عالي شاهه صاحب سجاده نشين شاه قادري، الهڏنو سونارو، پير بخش فاروقي، محمد صديق سونارو ۽ ٻيا شهر خواهه، ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجا صدقا ۽ خيرات مدرسي کي ڏيندا هئا. اڄ به اهو سلسلو جاري آهي.

مدرسه دارالنور عثمانيه: جاري سن 1273هه ۾ جنهن جو باني مولوي نور محمد صاحب گهراڻو هو، جنهن کي درگاهه لنواري شيرف جي سرپرستي هئي. انهي مدرسي مان ڪيترا فارغ التحصيل مذهبي تعليم جا عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مولوي غلام علي گوپانگ، مولوي حاجي خميسو پسيو، مولوي محمد رمضان جت ۽ مولوي محمد هارون قاضي، مولوي محمد موسى منڌرو، مولوي حاجي عثمان ڀان سيراڻيءَ وارو ۽ مولوي جان محمد ٽالپر وغيره • هن وقت ۾ پرائمري اسڪول آهي.

مدرسه ڪڍڻ: جنهن جو بنياد مولوي حاجي احمد ميمڻ وڌو هو، جيڪو هڪ بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. اڄ به سندس فرزند جناب مولوي عبدالحڪيم صاحب موجود آهي.

مدرسه کورواهه: جنهن جو باني جناب مولوي محمد عثمان نورنگ زادو هو، جيڪو هڪ برگزيده بزرگ عالم ۽ فقيهه هو. سندس ڪيتريون تصنيفون هن وقت موجود آهن. پاڻ شاعر هئا، سندن خطبا اڄ به مسجدن ۾ پڙهيا وڃن ٿا.

درگاهه قادري عليہ رحمت: هن مدرسي جو باني مولوي حافظ عبدالله تخلص ”درگاهي“ هو. هن صاحب لاءِ مشهور ڳالهه آهي ته هن هڪ گونگي کي ڪلام پاڪ برزبان ياد ڪرايو هو.

مدرسه بجاري: جنهن جو بنياد جناب مولوي علي محمد مهيري صاحب وڌو هو. پاڻ هڪ درويش صفت شاعر انسان هو. سندس مداحون ۽ مناقبا اڄ به مولودي سڳورا پڙهندا آهن.

مدرسه ڪڙيو گهنور:جنهن جو معلم جناب فضل احمد کوسو صاحب هو، جنهن لاءِ اهو به مشهور آهي ته پاڻ علم رمل جا ماهر هئا.

مدرسه رپ: جنهن جو باني مولوي تاج محمد صاحب چانگ هو، تمام پرهيزگار بزرگ ٿي گذريو آهي، سڄي مدرسي جو خرچ وڏيرو مير محمد صاحب ٿيٻو ڏيندو هو. اڄ به سندس پويان اهو رواج پورو ڪن پيا.

مدرسه ڳوٺ گهڙو: جنهن جو معلم جناب مولوي جانمحمد مگسي هو، جيڪو علم جو ماهر هو. مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح صاحب سندن شاگرد هو.

مدرسه ماتلي: جنهن جو معلم جناب مولوي عطاءُ الله صاحب هو، جنهن جي قيادت ۾ مذڪور مدرسي ڏاڍي ترقي ڪئي. سندن ماڻهو ڏاڍي عزت ڪندا هئا.

مدرسه نانگو شاه جنهن جو معلم مولوي محمد عمر مگسي صاحب هو، جيڪو علم جو ماهر ۽ خوش نويس هو، جنهن جي مدرسي ۾ هڪ ناخن نويس هو، جيڪو پنهنجي ننهن سان اکر لکندو هو ۽ جيڪو عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو.

مدرسه ٽوهن جو ڳوٺ: جنهن جو معلم جناب مولوي محمد رفيق ميمڻ صاحب هو، جيڪو علم جو ماهر چيو وڃي ٿو.

مدرسه گولو منڌرو: جنهن جا معلم ميانجي عارف ۽ ميان يعقوب منڌرو هئا. سندن وقت ۾ مدرسه ڏاڍي ترقي ڪئي.

مدرسه ڀڳڙا ميمڻ: جنهن جو معلم جناب مولوي محمد هاشم منڌرو هو. جيڪو پهريون ماڻهو هو، جنهن مدرسو ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ ۾ کوليو هو، جنهن گهڻي تعداد ۾ ڇوڪرن ۾ علم جو چاهه پيدا ڪيو.

مڪتب مدرسه سيراڻي: جنهن جو باني مولوي محمد عثمان ڀان هو، جيڪو هڪ وڏو سخي، خدا ترس ۽ حق چوندڙ، بي ريا بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ مسڪين هو مگر سندن اوطاق هميشه اميرن جي اوطاقن وانگر هلندي هئي. هن وقت ۾ سندن ڏهٽو ميانجي عبدالله موجود آهي.

مدرسه ابن جي وسي: هن مدرسي جو معلم مولوي عبدالرحمان صاحب پسيو هو. مشهور شاعر حاجي علي مراد چانڊيو هن مدرسه جو شاگرد هو. مولوي صاحب جن خوش خط هئا، سندن اکر تمام سهڻا هئا. هن وقت بدين شهر ۾ رهن ٿا.

مدرسه اوٺن جو: هن مدرسي ۾ تمام خلق خدا جي گهڻي هوندي هئي، ايتري قدر جو هر وقت صافي جو بندوبست هوندو هو. مدرسي جي سرپرستي اوٺن جا سيد ڪندا هئا.

مڪتب ٻهڊمي: هن جو معلم ميانجي عارف هو، جو ڪلام پاڪ ۽ فقهه جي تعليم ڏيندو هو. ساڳئي وقت قاضي فيض محمد بوهڙ هو، جنهن جا خطبا اڄ تائين مشهور آهن. پاڻ شاعر ۽ پارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.

سانگين جي ثقافت

اُتر آگمي جت، کنوڻيون به کڙڪن،

جت جهانگين جي جهوپن تي ٿا مينهن ڪڙڪن،

جت بوندون ٿيون برسن، ٿين تاءَ تڙڪن،

ڏسي منهن مارن جا ڄڻ منهن مرڪن،

کنوڻ جي کوڻ سان، چونرا به چلڪن،

جت چڻ چڻ چڙن جي ڄڻ شاه جي وائي،

سانگين جي آهي، ثقافت اِهائي.

(الهه بخش آڪاش)

پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

بدين ضلعي جا ميلا

سنڌ درويشن جو ديش آهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ميلا ملاکڙا عام جام لڳندا رهندا آهن. اِهي ميلا سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ۽ سادي حياتيءَ جي من موهڻي مورت آهن، جنهن کي انگريزي ۾ Culture in miniature چئي سگهجي ٿو. انهن ميلن ۾ امير فقير، غريب غربا، عالم فاضل، شاعر اديب، هاري ناري، نوڪر چاڪر، ڪامورا ڪڙا، جهانگي سانگي، ناچو ناٽڪي، قصاب قاصائي، نانوائي حلوائي، رانديگر بازيگر، هنرمند سوداگر ۽ قسمين قسمين ماڻهو پري پري کان سچي سڪ ۽ سٻنڌ منجهان سنڀري سلامي لاءِ اچي سهڙبا آهن.

ڪڏهن سيوهڻ ۾ لال سائين جو لقاءُ ته ڪڏهن ڀٽ تي ڀلاري ڀٽائيءَ شهنشاهه سنڌ جو سماع. اڄ سچل سرمست جا دروازن ۾ دهل ته سُڀان سيد ساجن سوائي جا شغل، ڪڏهن لنواريءَ ۾ قلب کي قرار ته ڪڏهن مڪليءَ تي پانڌيئڙا هزار. مطلب ته سنڌ ۾ اهڙو ڪو حصو ورلي هوندو، جتي ڪامل عارف الله لوڪن جو آستانو نه هجي. اسان جي بدين ضلعي ۾ گهڻيئي ميلا لڳندا آهن، جن ۾ لنواري جو ميلو، ساجن سوائي جو ميلو، يارهينءَ جو ميلو، شاهه طُريل جو ميلو، غلام شاهه جو ميلو، قرهئي ڀانڊاري جو ميلو ۽ روپا ماڙيءَ وارو ميلا مشهور آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org