انهن ميلن ۾ واپار وڙو به جهجهوئي ٿئي ۽ هر طرف من
کي موج ڏيندڙ چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. دهلن جا
واڄٽ، شرنائين جا سرڙاٽ، چوڏولن جا چينگهاٽ، اُٺن
جون گوڙيون ۽ رنگون، موت جي کوهيءَ ۾ ڦٽڦٽيءَ جا
ڦرڙاٽ ۽ ٿاڌل جي ڪونڊڻ جا گهرڙاٽ ۽ رڙڪاٽ ميلي کي
مچايو ڇڏين. ڪٿي مولودن جا شغل ته ڪٿي واپارين جا
هوڪا ۽ هُل، ڪٿي ڇيرن جا ڇمڪا ته ڪٿي پيرن جا
ڌڌڪا، ڪٿي ناچو پيا نچن ته ڪٿي گوبا پيا ”ڀلو ڀلو“
جون هونگارون هڻن، ڪٿي سارنگي رنگ ته ڪٿي سرندا
مرلي ۽ چنگ ڪٿي بينون ته ڪٿي ناٽڪ منڊليون. مطلب
ته ميلي جي مڪان واري موج کي من متوالو بنايو ڇڏي.
بدين ضلعي جا هيٺيان ميلا زياده مشهور آهن:
پير شاهه قادري جو ميلو:
جيلاني خاندان جو بي بها موتي، اخلاق ۽ اخلاص جو
مالڪ، فقير طبيعت، خوش گفتار فرخنده ستار، عالم ۽
عارف حضرت پير شهاب الدين احمد جيلاني (پير شاهه
قادري) رحمت الله عليه نائين صدي هجري جي پڇاڙي
ڌاري بدين ۾ آيا ۽ قادري طريقي جي تبليغ ڪيائون.
سندن درگاهه بدين ۾ آهي ۽ مرجع خاص و علم آهي.
هن خاندان جا لکين مريد پري پري کان ڪهي هتي ايناد
آهن. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن کي يارهينءَ
جو ميلو يا شاهه قادري جو ميلو سڏيندا آهن، جيڪو
ٻن صدين کان لڳندو اچي ۽ هاڻي هي ڪجهه سالن کان ڪن
سببن ڪري بند ٿي ويو آهي.
لنواريءَ جو ميلو:
لنواريءَ جو لال حضرت خواجه محمد زمان رحمت الله
عليه پنهنجي وقت جو جيَد عالم، عظيم شاعر، چشمئه
فيض درويش ۽ ڪامل بزرگ هو. پاڻ نقشبندي طريقي جا
هئا ۽ هميشہ سرود سماع کان پاسو ڪيائون. سندن
ولادت جو سن 1714ع آهي ۽ 61 ورهين جي ڄمار ۾ سن
1774ع ۾ وڃي پنهنجي حقيقي حبيب سان هيڪاندا ٿيا.
”مرغوب احباب“ ۾ لکيل آهي ته ”حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي پنهنجي پڇاڙي جي ڏينهن ۾ ڀٽ مان سنڀري،
لنواريءَ جي لال حضرت خواجه محمد زمان (پهرين) جي
فيض ڀري زيارت لاءِ لنواري ۾ آيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته ”ڳچ وقت جي ڳوڙهي رهاڻ
بعد جڏهن سيد صاحب اٿي موڪلايو تڏهن خواجه صاحبؒ
کيس خلافت جي گودڙي ڍڪائي، جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ
وصيت ڪئي ته منهنجو ڪفن هن گودڙي مان ڪجو ۽ ائين
ڪيو ويو.“ شاهه صاحب هميشہ خواجه بزرگ جي شان ۾
هيٺيون بيت پيو اچاريندو هو:
سي مون ڏٺا، ماءِ! جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
نقشبندي طريقي جي ڪري جيئن ته پاڻ سرود ۽ سماع کان
پاسو ڪيائون، ان ڪري اڄ به لنواريءَ جي هن ميلي ۾
ٻين ميلن وانگر ناچ گانا ۽ دهل شرنايون ڪو نه ٿين.
هي ميلو ذوالحج جي 9 ۽ 10 تاريخ تي لڳندو آهي.
ساڄن سوائيءَ جو ميلو: بدين ضلعي جو هي ميلو تمام
گهڻو مشهور آهي. هي ميلو ڏندي شهر ڀرسان چيٽ مهيني
جي 14 تاريخ لڳندو آهي. هن ميلي ۾ ڍڳن، اُٺن ۽
گهوڙن جو وڏو واپار ٿيندو آهي. سيد ساڄن پنهنجي
وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ مخدوم نوح رحمت
الله علي جو پيارو مريد هو. ميلي ۾ حلواين ۽
نانواين جي دڪانن تي رنگ برنگي روشني ڏسيو لَنو
لَنو پئي ٺري. ڪٿي ڏس ته ڪي گهورون پيا گهورين ته
ڪي باسون پيا باسين. ڪي فڪر جي اونهي ٽٻي ۾ غلطان
آهن ته ڪي رب کي پيا ريجهائين ته سندن لايا سجايا
ٿين. مطلب ته هن ميلي جي موج ئي نرالي آهي.
شاهه طريل جو ميلو:
شاهه طُريل اسماعيلي مبلغ هو ۽ لاڙ ۾ اسماعيلي
فرقي جي تبليغ ڪيائين. سندس مقبرو پيرو لشاري
اسٽيشن ۽ ٽنڊي باگي جي وچ ۾ آهي، جتي هر سال 10
مارچ کان 12 مارچ تائين ميلو لڳندو آهي.
قرهيي ڀانڊاري جو ميلو: پير شيخ قرهيو ڀانڊاري
چشتي طريقي جو بزرگ هو ۽ لاڙ ۾ چشتي طريقي جي
تبليغ ڪيائون. سندس درگاهه ڪڇ جي رڻ ۾ بدين شهر
کان اٽڪل 30- 32 ميل پري آهي، جتي پوهه مهيني جي
پهرئين سومر کان ميلو شروع ٿيندو آهي، جيڪو ٽي
ڏينهن ساندهه هلندو آهي.هن ميلي ۾ سرود ۽ سماع
دوران ڏسبو ته ڪي مستي جي عالم ۾ مدهوش هوندا آهن
ته ڪي بي خود ۽ بي حال ٿي ويندا آهن. محمد سومار
شيخ پنهنجي تصنيف ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘ ۾
لکي ٿو ته ”هي ميلو ريڻ جي ميلن ۾ وڏي ۾ وڏو ميلو
آهي. قرهيي ڀانڊاري جي درگاهه غلام شاهه ڪلهوڙي
پنهنجي زماني ۾ ٻيو دفعو ٺهرائي.“
غلام شاهه جو ميلو:
هي ميلو ٽنڊي باگي جي ويجهو، شعبان مهيني جي 27
تاريخ تي لڳندو آهي. هن ميلي تي اُٺن، گهوڙن ۽ ڍڳن
جو وڏو واپار ٿيندو آهي.
سمن شاهه جو ميلو:
سمن سائين هن صديءَ جو وڏو الله لوڪ درويش ٿي
گذريو آهي. سندن مزار پراتوار پنگرئي کان ڏيڍ ڪوهه
پريان مرجع خاص و عام آهي. بدين ضلعي جي ثقافتي
تاريخ جو مصنف محمد سومار لکي ٿو ته: ”لالو ڪهيري،
مائي فاطمه خاصخيلڻ ۽ گلاب راءِ هن بزرگ جا وڏا
فدائي هئا. گلاب راءِ ته مٿس مقبرو به ٺهرايو هو.“
روپا ماڙي:
روپا ماڙي بدين تعلقي جو تاريخي ڦٽل شهر آهي. هتي
سومرا خاندان جا املهه ماڻڪ جوڌا جوان دودو ۽
چنيسر مدفون آهن، هتي هر سال بهار جي موسم ۾ سومرا
قوم طرفان ميلو لڳايو ويندو آهي، جتي سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ مان ڪافي ماڻهو ايندا آهن. هن ميلي ۾ علمي
ادبي گڏجاڻي جو به انتظام ڪيو ويندو آهي.
خليفو محمود نظاماڻي:
خليفو محمود بن گنهور خان نظاماڻي جي شخصيت ڪنهن
به تعارف جي محتاج نه آهي. هي بزرگ پنهنجي وقت جو
وڏو صاحب علم، شاعر، اديب، روحانيت ۽ معرفت جو
مالڪ ٿي گذريو آهي. مولانا غلام مصطفى قاسمي
پنهنجي مضمون ”سنڌ جي علم و عرفان جي مهراڻ جا
موتي“ ۾ لکي ٿو: ”هي بزرگ حضرت قطب القطاب روضي
ڌڻي رحمت الله علي جو مريد ۽ فيض يافته خليفو هو.
هن بزرگ جي علم ۾ اٿاهه قابليت لاءِ سندس گڏ ڪيل
روضي ڌڻي ؒ جي ملفوظات روشن دليل آهي، جنهن ۾ تصوف
جي عميق اسرارن کي اهڙي عمديءَ عبارت ۾ پيش ڪيو
اٿس، جو ان جي وصف ۽ واکاڻ لکڻ کان قلم قاصر آهي،
رڳو پڙهڻ تي مدار رکي ٿي.“ خليفي محمود جي ڪتاب
”گلشن اولياءَ“ ۾ سنڌ جي وڏن بزرگن ۽ اوليائن جون
اهڙيون حقيقتون ڏنل آهن، جي گهڻو ڪري ٻن تذڪرن ۾
نه آهن. سندس مقبرو ڪڙيو گهنور ۾ آهي، جتي هر سال
ربيع الاول جي 12 تاريخ ميلو لڳندو آهي.
گل غيبيءَ جو ميلو:
ماتلي اسٽيشن جي ڀرسان هر سال گُل غيبي جو ميلو
لڳندو هو پر گذريل 4- 5 سالن کان اهو ميلو ماتلي
کان 5 ميل پري جاڙڪي ڳوٺ وٽ لڳندو آهي، جنهن ۾
اُٺن ۽ ڍڳن جو وڏو واپار ٿيندو آهي، هي ميلومحرم
جي 14 تاريخ کان لڳندو آهي ۽ ساندهه 7 ڏينهن هلندو
آهي.
محمود شاهه جو ميلو:
ماتلي کان اٽڪل 6 ميلن تي صالح سومري جو ڳوٺ آهي،
جتي هر سال 14 ذوالحج کان محمود شاهه جو ميلو
لڳندو آهي ۽ هن ميلي ۾ چوپائي مال جو وڪرو تمام
گهڻو ٿيندو آهي.
بدين ضلعي جون شخصيتون
بدين ضلعي جون شخصيتون ڪافي ٿي گذريون آهن، جن مان
سنڌ جو سورهيه دودو سومرو، روحاني رهبر شيخ قرهيو
ڀانڊاري، خواجه محمد زمان ۽ شاه قادري، تعليمي
معمار مير غلام محمد ٽالپر، شاعرن ۾ پير ڀاون علي
شاه ’ساقي‘ ۽ مولوي احمد ملاح مکيه آهن.
بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾ استاد فرمان علي جعفري
صاحب بدين ضلعي جي سخي مردن جون مقالون ڪيون هيون،
۽ عبدالغني شيخ صاحب بدين شهر جي شخصيتن جو ذڪر
ڇيڙيو هو ۽ محمد هاشم ”خادم“ ٽالپر صاحب بدين ضلعي
جي ڪن قومن جو ذڪر ڪيو هو، اهي ٽي مقالا هن باب جي
سونهن آهن. (مرتب)
محمد هاشم ”خادم“ ٽالپر
بدين ضلعي جون ڪي ذاتيون
بدين جي علائقي ۾ قديم قومن جا ڪافي آثار موجود
آهن،جيڪي پراڻن دڙن، ڦِٽل شهرن، ڦِٽل واهڻن ۽ ڀڏن
۾ موجود آهن. 325- ق – م ڌاري سڪندر اعظم، جي
اڳواڻي ۾ يويانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي. اُهي سنڌ جي
بدين ضلعي جي ايراضي ۽ قدامت کان ڏاڍو متاثر ٿيا.
سڪندر اعظم جو سفير ۽ يونان جو عظيم جاگرافيدان
ارسو بيولس جڏهن هاڪڙي جو پيٽ ڏئي، هتان لنگهيو هو
ته هن کي آس پاس ۾، هزارين ڦٽل شهرن جا نشان نظر
آيا هئا. اهي ڦٽل شهر خبر ناهي ته ڪيترو اڳي برباد
ٿيا هوندا ۽ انهن جي بربادي جا ڪارڻ ڪهڙا هوندا؟
ٻين قومن جي ڪاهه سبب برباد ٿيا هوندا، يا ڪي طبعي
انقلاب آيا هوندا، جنهن سبب شهرن برپٽ جو روپ
اختيار ڪيو هوندو. بهرحال دڙن جي قدامت اهو واضح
ڪري ٿي ته بدين تي قديم قومن جا ڪافي اثرات رهيا
آهن، انهن ۾ تاريخ کان اڳ وارن قومن جو ذڪر اچي
ٿو، انهن کانپوءِ هتي ايندڙ قومن ۾ عرب به هڪ اهڙي
قوم هئي، جنهن هتي جي تهذيب ۽ ثقافت ماڻهن جي سوچ
۽ نفسياتي لاڙن کي بدلائي ڇڏيو.
بدين کان ڏکڻ وانر جو دڙو، عربن جي وقت ڦٽو ۽ اڃا
تائين اهڙا آثار مٿس موجود آهن.
ازانسواءِ عرب قوم جون ڪيتريون ذاتيون جهڙوڪ، سيد،
صديقي، قريشي، فاروقي، ٿهيم، موريا يا مغيري،
منگي، ڪلهوڙا يا عباسي اڄ به بدين ضلعي ۾ موجود
آهن. پر اڄ سڀيئي قبيلا، عرب قوم مان سنڌي قوم
بڻجي ويا آهن، انهن وٽ تهذيب ڪلچر، ٻولي رسم رواج
سڀ سنڌي آهن، انهن جو مختصر تعارف ڏيان ٿو:
سيد:
سيدن جا ڪيترا پاڙا بدين ضلعي ۾ صدين کان آباد
آهن، انهن ۾ لڪياري، بخاري ۽ شيرازي، بدين جي
مختلف ڳوٺن ۾ آباد آهن، جن ۾ وهڻائي، پنو لنڊڪي،
سيد باقر علي شاهه ۽ عبدالله شاهه جا ڳوٺ مشهور
آهن.
صديقي:
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جي اولاد مان ڪيترا
خاندان، مختلف سببن جي ڪري، عرب مان سنڌ ۾ لڏي
آيا. انهن مان لواري شريف جا بزرگ 17 صدي عيسوي
کان لواري شريف، ضلعي بدين ۾ آباد آهن. انهن کان
علاوه اڇ وارا پير صاحبان به صديقي آهن.
فاروقي:
حضرت عمر فاروق جي اولاد مان، هڪ قبيلو فاروقي،
بدين جي ڪيترن ڳوٺن ۾ آباد آهي. فاروق آباد سندن
مشهور ڳوٺ آهي.
ٿهيم:
تميم بن زيد عتبي سن 111 هجري ۾ سنڌ جو حاڪم مقرر
ٿيو
جنهن جو اولاد ٿهيم جي نالي سان سنڌ ۾ آباد آهي،
جيڪي بدين ۾ به ڪافي ڳوٺ ٻڌيو ويٺا آهن.
مغيري:
مغيره جو والاد هن وقت موريا سنڌ ۾ آباد آهي، پر
آءُ سمجهان ٿو ته مغيري، مغيره جو اولاد آهي.
عباسي يا ڪلهوڙا:
حضرت عباس جي اولاد مان، دائود پوٽا ۽ ڪلهوڙا، سنڌ
۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن. بدين ۾ ڪلهوڙڻ جا ڪيترائي
ڳوٺ آهن، انهن ۾ حسو ڪلهوڙو، اشرف آباد، قاضي نور
محمد ڪلهوڙو ۽ خليفو محمد عمر ڪلهوڙو مشهور ڳوٺ
آهن.
سومرا:
عربن کانپوءِ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ سومرا قوم جو
ذڪر اچي ٿو. هي قوم وڏي تاريخ جي حامل آهي، جنهن
300 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، تنهن بابت عالمن جا
مختلف نظريه آهن، رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽
سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومن“ ۾ لکي ٿو ته، ’غزنويءَ جي
پوئين حاڪمن جي ڏينهن ۾ هڪڙي گمنام نسل جي قوم
جيڪا ”سومره“ سڏبي هئي، جنهن جي زميندارن جو، سنڌ
جي ڪيترن ئي حصن تي زمينداري راڄ هو، جڏهن محمود
غزنوي جي پوين 1186ع ۾ افغان حڪمران غورين جي
اڳيان سر جهڪايو، تڏهن اهي (سومرا) آزادي جو اعلان
ڪري سنڌ جا حاڪم بنيا، هن قوم جا ويهه حڪمران 260
ورهين تائين حڪومت ڪندا رهيا‘.
انگريز مورخ ايلفنسٽن سومرن کي راجپوت مسلم سڏيو
آهي ۽ اوسٽنس جو چوڻ آهي ته ’سومرا عربي نسل مان
آهن،‘
تاريخ معصومي جو مصنف لکي ٿو ته، محمود جي پٽ
عبدالرشيد جي حڪومت ڪمزور ٿي ته، سومرن پنهنجي
سردار ”سومره“ کي ٿري جي شهر ۾ تخت تي ويهاري
حڪومت جو اعلان ڪيو،
جنهن جا بدين ۾ آثار موجود آهن.
|