سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 14

سندس سخا جي آزمودي لاءِ ڪجهه فقير ڪهي وٽس آيا. پاڻ اُن وقت مسجد ۾ هڪ لوئي جي ڪانڀ ٻڌيو ويٺا هئا. هڪ فقير وڃي کيس سوال ڪيو ته ”مون کي ڪپڙن جي ضرورت آهي.“ پاڻ هڪدم ڪانڀ واري لوئي سندس حوالي ڪيائين، تيستائين ٻئي فقير اچي کيس صدا هنئي ته آءُ اگهاڙو آهيان.“ انهيءَ کي پنهنجو پٽڪولاهي ڏنائين. ٽي فقير کي قميص ۽ چوٿين کي پنهنجي سلوار ڏئي پاڻ هڪ رلي سان اوگهڙ ڍڪي ويٺا ئي مس ته ٻاهر کيس ڪنهن سڏ ڪيو. پاڻ انهن فقيرن مان هڪ کي موڪليائين ته ڏس ته آيل ماڻهو ڇا ٿو چوي؟ فقير اچي ٻڌايس ته ”هڪ شخص گڏهه تي ڪپڙن جا نوان تاڪيا کڻي آيو آهي، اُن ۾ هڪ ڪپڙن جو سبيل وڳو پڻ آهي. اهو توهان کي ڏيڻ ٿو گهري،“ پوءِ سبيل ڪپڙن جو وڳو پاڻ پاتائون ۽ باقي ڪپڙو فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيائون. انهي ڪري اڃا تائين گرهوڙي شريف ۾ ماڻهو هُدو ڏيندا آهن ته ”جيڪڏهن برسات وسندڙ هجي، هڪ سؤ گهوڙن سان، هڪ سؤ مسافر يا مهمان اچي وڃن اُن وقت به الهه بندي شاهه جي دل نه لُڏي ته بخار ڇڏي وڃ.“

محمد عثمان ڀان سيراڻي جو رهاڪو هو. کيس ٻيا زميندار ساليانه ڏهه مڻ ساريون ڏيندا هئا. مگر هي سخي مرد آيل مسافرن ۽ مهمانن کي کارائي ڇڏيندو هو.

خليفو مسڪين ولاسي وارو خليفو گل محمد ولد محمد صديق جو پٽ هو. وڏو سخي هو پاڻ ۽ سندس وڏا ڀٽ ڌڻي جي درگاهه جا خليفا هئا، بلڪل مولا جي نالي وڪاڻل هئا.

ابراهيم پٽيل ميمڻ ڀڳڙن جو ويٺل هو، وڏو سخي، نيڪ انسان هو، پٽيل عثمان ڀڳڙن واري جو ڏاڏو هو.

نندي شهر جو حاجي غلام علي خواجه مرحوم پڻ وڏو فياض ۽ خدا ترس انسان هو. پنهنجي سرندي سارو غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي پنهنجي قليل زمين جي پيدائش مان اناج وغيره جي مدد ڪندو هو. ڪيترن غريبن ۽ نادار ماڻهن جي ٻارن کي پنهنجي هڙان وظيفا، کاڌو خوراڪ، ڪتاب ۽ ڪپڙا لٽا ڏئي علم جي شيرين فيض سان سرفراز فرمايائين. ساڳئي نموني سان سندن فرزند نذير حسين حيدري مرحوم پڻ سندس والد مرحوم جهڙو درياهه دل سخي مرد هو. ڪڏهن به ڪنهن سائل کي واپس نه ورايائين، جيڪي وٽس هوندو هو، اُهو ڏيئي ڇڏيندو هو. پاڻ هڪ قابل حڪيم هو. حڪمت ۾ پڻ غريب ماڻهن جو مفت علاج ڪندو هو. از انسواءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري پارٽي جي نائب صدر جي حيثيت سان هن هارين، پورهيتن جي وڏي خدمت ڪئي.

ڳوٺ انڊهلي جو حاجي فتح علي خان ٽالپر اڃا ڇهن ورهين جو مس هو ته سندس پيءُ مري ويو، اُن وقت لاريون ۽ موٽرون ڪين هيون. ڪڇ ڀڄ ڏانهن ماڻهو قافلن جي حالتن ۾ واپار يا چوپائي مال کي بارش وغيره لاءِ وٺي ويندا هئا، تڏهن هن سخي مرد پنهنجي پٺن تي ڪچن کوهن کي کوٽي، اُن مان پاڻي جا مٽ کڻي، سندس ڳوٺ جي ويجهو واقعه ڪڍڻ روڊ تي هڪ سبيل قائم ڪئي، جنهن مان ڪيئي ماڻهو پاڻ ته پاڻي پيئندا هئا پر پنهنجي جانورن کي پڻ پياريندا هئا. ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي جي فراواني نه هئڻ سبب پنهنجا ٿانوَ ٿپا ڀري کڻندا هئا. اهو پهريون مثالي ضلعي بدين جو انسان هو، جنهن سبيل جو سلسلو رکي اهڙو ته سبيل جي سلسلي کي مضبوط طور قائم ڪيو، جو اڄ به جاري آهي. ساڳئي وقت انهيءَ سبيل ۾ هندن جي جدا جدا ذاتين لاءِ پڻ جدا جدا مٽ رکيل هوندا هئا. اهڙو ساڳيو ٻيو خدا جو نيڪ بندو مير جانڻ خان پڻ هو، جو پنهنجي ٻني جي اڌ ڪمائي فقيرن ۾ خيرات ڪري ڇڏيندو هو.

اهڙن سخي مردن ۾ وڏيرو صالح سومرو پڻ هڪ هو جو سخاوت ۾ ايترو ته مشهور هو جو مٿس غني نالو پئجي ويو، جنهن جو ماتلي ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي.

نوجوان طبقي ۾ مرحوم محمد اسماعيل ميمڻ ڀُڳڙن واري کي به وسارڻ مناسب نه ٿيندو جو پڻ هڪ موم دل انسان هو. ڪيترن غريبن کي پنهنجيءَ ڳنڍ جا پسئا ڏيئي ڪتاب، ڪپڙا ۽ اسڪالرون ڏئي پڙهايائين، جن مان ڪافي اڄ اسان جي بدين جي گردو نواح ۾ موجود آهن.

رئيس نور محمد مرحوم خلف حاجي محمد بوهڙ پنهنجي حد جو سرندي وارو زميندار، ٻهڊمي جو رهاڪو هو، مگر وڏو محمان نواز ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي پر گهور لهندڙ هو.

مير علي جمالي ڳوٺ دينار خان ٽالپر جو حيات آهي، وڏو رحمدل ۽ سخي آهي. دينار خان ٽالپر پرائمري اسڪول ۾ ڪتاب، ڪپڙا يا ٻي ڪا خيرات ڏيڻ سندس معمول آهي.

شيخاڻي گهاڙي جو رئيس بهازر خان لنڊ پڻ هن وقت حياتي آهي. وڏو مهمان ناوز ۽مولائي هئڻ جي باوجود ڪشاده دل آهي.

طاهر راڄو ڳوٺ پير عالم شاهه وارو وڏو سخي ۽ نيڪ مرد آهي. پاڻ هر جمع تي خيرات ڏيندو آهي. عيد برات غريبن وٽ هلي وڃي سندن پر گهور لهندو آهي ۽ خيرات ڏيندو آهي.

قاضي محمد ابراهيم ٿيٻو سيد پور وارو پڻ موجوده دور ۾ وڏو سخي ۽ نيڪ انسانن مان هڪ آهي. پنهنجي قليل مائٽاڻي زمين جي پيدائش مان پهريائين پرائمري اسڪول، پوءِ هاءِ اسڪول، تنهن بعد انٽر ميڊئيٽ ڪاليج جنهن ۾ آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، قائم ڪيائين، پنهنجي مائٽاڻي زمين انهن علمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. قاضي صاحب تمام سادو، صوم صلوات جو پابند پيرسن انسان آهي، مگر سندس خير جو جذبو اڃا جوان آهي. سندس فرزند محمد يعقوب پڻ هڪ استاد آهي، جو اُن خدمت سان گڏ پنهنجي والد صاحب جو پيريءَ ۾ ساٿ ڏئي سندس قائم ڪيل تعليمي ادارن جي خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي.

وطن

مولوي ملاح ۽ مخدوم صالح جا وطن،

تو هٿن سان خود ڏنو هو عرس قاضيءَ کي ڪفن،

ها! هتي حاجي پڃاري پئي پڏايا پنجتن،

ڪنهن لڱا ٿيندس وڃي، مان ڌوڙ تنهنجي ۾ دفن،

جا بجا جلوو به تنهنجو، جام جاري سنڌاڙي،

سرس آهين تون سدائين، سوڀياري سنڌاڙي.

- (عبدالمبين ’پنائي‘)

بدين ضلعي جو ادب

بدين ضلعو ادبي طرح سان وڏو شاهوڪار ضلعو آهي. 1976ع جي ثقافتي ميلي ۾، اسان ايترا قلمي نسخا گڏ ڪيا هئا، جن جي رکڻ لاءِ اسان وٽ جڳهه نه هئي. انهن قلمي نسخن کي اسان ڌار ڌار لئبريرين مان وڃي هٿ ڪيو هو. بدين ضلعي جا قلمي نسخا هڪ وڏو ثقافتي ۽ ادبي سمر آهن، جنهن سان هي ضلعو مالا مال آهي. منهنجي ساٿين بدين جي نثر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مختصر ذڪر ڪيو آهي. بدين جي ڇپيل اهم ڪتابن جو به ذڪر ڇيڙيو آهي. اها انهي بحث جي ابتدا آهي، آهستي آهستي پتو پئجي رهيو آهي ته اهي ڳالهيون گهڻي قدر تشنه آهن، انهيءَ اُڃ اجهائڻ لاءِ ادبي تحقيقاتي جستجو جاري آهي، اُميد ته، ڪڏهن اهي تشنه خال ڀرجي ويندا.

(س ش).

رفيق احمد جعفري

        بدين ضلعي جا ڇپيل اهم ڪتاب

بدين ضلعي کي ادبي لحاظ کان هڪ خاص اهميت حاصل آهي، هتي اهڙيون اهڙيون ادبي هستيون پيدا ٿيون آهن، جن پنهنجي ادبي صلاحيتن سبب اهڙا اهڙا ڪتاب دنيا کي ڏنا آهن، جيڪي ادبي دنيا ۾ نه صرف هڪ وڏو اضافو آهن پر علم، ادب، تحقيق، فن، مذهب ۽ تاريخ جي ڄاڻ جا وڏا خزانا آهن، جن کي ڏسي بدين ضلعي جي ليکڪن جي فني ذهانت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هونئن ته بدين ضلعي ۾ بي شمار ڪتاب ڇپيا آهن ۽ جيڪڏهن انهن سمورن ڪتابن جو ذڪر ڪيو وڃي ته ڪافي وقت جي سيڙپ ٿيندي، انهيءَ ڪري هتي صرف ڪن خاص ۽ اهم ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو.

مولوي احمد ملاح سنڌ جو عظيم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سلاست فني طور تي پورائي ۽ سٺن موضعن جي استعمال سبب، اُهي سموريون خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ عظيم شاعر جي شعر ۾ هئڻ گهرجن. هونئن ته سندن ڪلام ڪافي ڪتاب جي شڪل ۾ شايع ٿيا آهن. مگر سندن هڪ ڪتاب خاص طور تي قابل ذڪر آهي، ان ڪتاب جو نالو آهي ”نورالقرآن،“ جيڪو قرآن شريف جو ترجمو آهي. هي ڪتاب الحاج ارباب الهجڙئي جو ڇپايل آهي، هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي جو هن ڪتاب ۾ سڄي قرآن شريف جو شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، مولوي صاحب جو شاعري ۾ ڪيل سورة قل هو الله جو ترجمون، بسم الله جي ترجمي سان نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

اول نام الله جو، برڪت بي شمار،

سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سڀني پرين.

چئو ”آهي حق اهو ته الله آهي هيڪڙو،

الله جي احتياج سونه ڪنهن سان سنڱ سِهو،

نه ڄائين نه ڄائو ڪونهيس ڪير ڪِهو،

جنهن جيڏو، جنهن جِهو، هرگز ناهي هيڪڙو.“

خواجه محمد زمان سلطان الاولياءَ هن علائقي جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندن جو هڪ مجموعو ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان 1939ع ۾ شايع ڪيو ويو هو، جنهن جو مرتب ۽ مترجم ڊاڪٽر محمد بن عمر دائودپوٽو هو. ڊاڪٽر صاحب کي هن ڪتاب جو پهريون نسخو پير جهنڊي واري ڪتب خاني مان، 1934ع ۾ هٿ آيو. ڊاڪٽر صاحب انهي نسخي کي پنجن سالن جي محنت سان ترجمو ڪري، ان تي تحقيقات ڪئي ۽ اصل ڪتاب جي متن ۾ شامل 84 بيتن کانسواءِ، وڌيڪ ڇهه بيت ۽ ڪجهه قول هٿ ڪري، اُهي پڻ ڪتاب جي منڍ ۾ شامل ڪيا. هي ڪتاب صوفياڻي شاعريءَ جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جنهن ۾ شامل بيتن ۾، سواءِ تصوف جي ٻيو ڪو به موضوع ڳولي نٿو سگهجي. حضرت سلطان اوليا جن جو انهي ڪتاب مان هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

لڳو واءُ وصال، جنين ساعت هيڪڙو،

تن سان لڌي لال، جنهن لئي جڳ خلقيو.

مرحوم محمد عثمان نورنگزادو کورواهه جو ويٺل هو. پاڻ ڪافي ديني ڪتابن جو مولف هو. سندس هڪ ڪتاب خاص طور تي قابل بيان آهي، جنهن جو نالو آهي ”تنوير الايمان“ هي ڪتاب قرآن شريف جو تفصير آهي، جيڪو هر سيپاري لاءِ الڳ الڳ جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي جو هن ڪتاب جو مصنف مرحوم محمد عثمان نورنگزادو 28 سيپارن جو تفصير الڳ الڳ جلدن جي صورت ۾ شايع ڪرائڻ بعد، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ باقي رهيل ٻن سيپارن جو تفسير، سندس پوٽي مولوي محمد نورنگزادي ساڳئي طريقي سان تفسير ڪري، جدا جدا جلدن ۾ شايع ڪرايو.

مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدري لاڙ جي ڄاتل سڃاتل شخصيتن مان هئا، پاڻ سٺا عالم، اديب ۽ شاعر هئا.

پاڻ ڪافي موضوعن تي ڪتاب لکيائون، جن مان ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڪجهه قلمي صورت ۾ آهن، سندن هڪ ڪتاب ”جمهوريت يا تماشو“ جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نذير حسين حيدري مرحوم جمهوريت کي پنهنجي ۽ ٻين مفڪرن جي نظرين سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

محمد صديق ”مسافر“ ٽنڊي باگي جو رهاڪو هو، سندس پيشو ماستري هو. پاڻ سٺو ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل  موجود آهن، پاڻ هڪ سٺي ليڪکڪ هئڻ سان گڏ، پنهنجي دل ۾ پنهنجي قوم جو درد رکندڙ هو. سندس هڪ ڪتاب ”غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا“ جي عنوان سان مدينه پرنٽنگ پريس مان شايع ڪرايل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي برادري يعني شيدين جي ڏتڙيل حالت ۽ ان جي اصلاح تي تبصرو ڪيو آهي ۽ انهي ڳالهه کي دنيا جي اڳواڻن ۽ مفڪرن جي نظرين سان واضح ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org