سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 4

سومرن ۽ سمن جو دور 1051ع کان 1521ع تائين رهيو. هن دؤر ۾ ڪي خاص مدرسا يا تعليمي درسگاهون ڪين هيون، انهن ڏينهن ۾ شعر و شاعري فقط زباني طور هلندي هئي. ڀٽ ۽ چارڻ فقير حاڪمن جي ڪچهرين ۾ جنگين ۽ بهادرين جون جهونيون ڳالهيون ۽ ڪيترا نقل نظير زباني طور ڳائيندا ۽ ورجائيندا هئا، جيئن هيٺئين مثال مان معلوم ٿيندو ته:

ويهه پڄاڻان، پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ،

ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.

سومرن ۽ سمن جي دور کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي نوابن جو دؤر شروع ٿيو، جو 1521ع کان 1732ع تائين رهيو. هن دور ۾ سنڌ جو علمي عروج خاص ڪري پارسي زبان ۾ شروع ٿيو ۽ وڏا وڏا پارسي مدرسا برپا ٿيا، جن مان ڪي هن ضلعي جي حدن ۾ پڻ قائم ٿيا ۽ هن ئي دور ۾ سنڌي تحريري شعر جو بنياد پيو، جا حقيقت قاضي قاضن جي ستن بيتن مان معلوم ٿئي ٿي. هن کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دور شروع ٿيو، جو سال 1732ع کان 1843ع تائين قائم رهيو. هنن حڪومتن جي دؤر ۾ ڪيترا عالم ۽ اولياءَ ڪرام ۽ اديب ٿي گذريا، جن خود پنهنجا خانگي طور مدرسا ۽ مڪتب قائم ڪيا. هن ضلعي جي حدن ۾ جهڙوڪ لواري شريف، ڪڙيو گهنور، کور واه، بدين، رپ وغيره ۾ اهڙي قسم جا مدرسا قائم ٿيا، جتي فارسي، عربي ۽ ابوالحسن واري سنڌي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ حڪومت طرفان ڪي اهڙيون درسگاهون قائم ڪين هيون. ڪڙيي گهنور ۾ خليفي محمود ۽ خليفي حاجي عبدالله نظاماڻي ۽ کور واهه ۾ مولوي محمد نورنگ زاده جي خاندانن ۽ خود پاڻ وڏيون تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون.

سال 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪري، ان کي بمبئي صوبي سان ڳنڍي ڇڏيو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ، ارغونن جي زماني کان وٺي، سرڪاري دفترن جي زبان فارسي هئي، جا انگريزن جي وقت ۾ 9 سالن تائين قائم رهي. ان وقت سنڌ ۾ فقط ٽي ضلعا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور هئا ۽ ساري سنڌ ۾ 150 کن مڪتب ۽ مدرسا هئا، جتي فارسي عربي ۽ ابوالحسن واري سنڌي سيکاري ويندي هئي. هن هاڻوڪي بدين ضلعي جي حدن ۾ اٽڪل چار پنج مدرسا ۽ مڪتب هئا، اهي مٿيان ڳوٺ هئا، جتي مدرسا قائم رهيا. برٽش سرڪار جلد ئي سنڌ جي سرڪاري دفتر کي سنڌي زبان ۾ قائم رکڻ ۽ انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي مان واقف ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي، تنهنڪري ان وقت جي ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فريئر صاحب ڪن علم دوست بزرگن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي، جن سنڌي آئيويٽا (الف بي) ٺاهي تيار ڪئي. ان بعد نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ پڙهائڻ جو دؤر شروع ٿيو ۽ نوان ضلعا پڻ برپا ٿيا ۽ سنڌي اسڪولن جي کلڻ جي شروعات ٿي. اهي اسڪول به شهرن ۽ ڪن وڏن ڳوٺن ۾، جتي هندن جي وڌيڪ اڪثريت هئي، اتي برپا ڪيا ويا. انهي اوائلي دور ۾ جيڪو هينئر نئون ضلعو کوليو ويو آهي، جنهن ۾ بدين، ٽنڊو باگو، ماتلي ۽ گولاڙچي تعلقا اچي وڃن ٿا، انهي ڀاڱي ۾ تمام ڪي چند اسڪول کوليا ويا، سي به تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۽ ڪن وڏن ڳوٺن ۾ تعليمي لحاظ کان هي بدين ضلعي وارو علائقو سڄي سنڌ ۾ پٺتي پيل هو ۽ تعليم ڏانهن ڪو به توجهه ڪو نه ڏنو ويو. ڪيتري مدت تائين هن لاڙ واري حصي، جنهن ۾ هن نئين ضلعي جون حدون اچي وڃن ٿيون، اتي ڪو به ماستر نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو هو، ڇو ته رستا اڻانگا، گهڻو حصو ويران ۽ غير آباد، جتي اچڻ وڃڻ لاءِ جانورن جا خوف ۽ خطرا هوندا هئا ۽ ٻيو حصوڦليلي جي زياده پاڻي هجڻ ڪري ڍنڍون ۽ ڍورا ٿي سم ۽ ڪلر هجڻ ڪري مڇرن جو مرڪز بڻجي ويو هو. لاڙ واري حصي ۾ ته ايتري جهالت هئي، جو ماستري جي لاءِ لائق اميدوار ملڻ ئي مشڪل هو. ماستر پڻ اپر سنڌ کان گهرايا ويندا هئا، يا حيدرآباد کان بدلي ڪري رکڻا پوندا هئا. اُهي اتي اچڻ کان سخت گهٻرائيندا هئا ۽ ايڏانهن اچڻ پاڻ لاءِ ڄڻڪ کاري پاڻي واري سزا سمجهندا هئا ۽ انهن اهڙي قسم جي سورن جا شعر پڻ ٺاهيا، جي سنڌ جي پراڻين جاگرافين ۾ داخل آهن، جيئن ته:

”لاڙ آهي هنئين جو ساڙ، نه ڏيکارج ڏاتار،

ٽنڊوباگو آهي بڇڙو، بديڻن جا يار.“

مطلب ته هي سارو علائقو خاص ڪري مسلمان جاهليت ۾ غرق هئا ۽ انهن جي تعليمي لحاظ کان حالت ابتر هئي. 1916ع کان 1920ع تائين هن حد ۾ ڪي چند پرائمري اسڪول هر هڪ تعلقي ۾ چئن کان ڇهن تائين مس کليا.

انهي دور ۾ خاص ڪري سال 1919ع کان 1920ع ڌاري ڪجهه اسڪول برپا ٿيا، جي انگريزن خلافت جي هلچل کي منهن ڏيڻ لاءِ کوليا ته جيئن ملا ۽ مولوي سندن فائدي ۾ پرچار ڪن، جن کي چڱيون خاصيون گرانٽون ڏئي هلايو ويو. مگر انهن ملان اسڪولن مسلمانن ۾ چڱي تعليم پکيڙي. انگريزي علم جو ته هن حصي ۾ اُنهي وقت ڪو نالو نشان ئي ڪو نه هو، انهي دور ۾ سنڌي علم سان گڏ انگريزي علم جي اشد ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت جي ماحول مطابق انسان جي تمام ضروريات جهڙوڪ علمي، معاشي، اقتصادي، صنعتي ۽ سياسي، جو انگريزي علم سنگ بنياد هو، جيتوڻيڪ ساري سنڌ ۾ انگريزي علم ۾ مسلمان سخت پٺتي پيل هئا ۽ ان کان بي بهروه ور هئا، مگر ان هوندي به سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ خانبهادر حسن علي مرحوم سال 1886ع ۾ مڊل اسڪول جي صورت ۾ قائم ڪيو، جو وڌي ويجهي سڄي سنڌ ۾ مسلمانن جي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو وڏو اجهو ٿي پيو.

نوشهره مدرسو سال 1908ع ۾ مرحوم خانبهادر الهندي شاه مرحوم محمد يوسف مختيارڪار نوشهره جي مدد سان مڊل اسڪول طور قائم ڪيو. پٿورو مدرسو سنڌ جي ڪمشنر ليوڪس جي مدد سان زميندارن جي چندي مان قائم ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جو مدرسو پڻ زميندارن جي مالي مدد سان برپا ٿيو، اهي گويا انگريزي تعليم جا اُن وقت ۾ ابتدائي مرڪز هئا. شاگرد انهن مدرسن مان 4- 5 درجا انگريزي پاس ڪري نڪرندا هئا، اهي وڌيڪ انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ۾ جاري رکندا هئا. خود لاڙ واري حصي جا ڪي چند مسلمان شاگرد به انهن مدرسن ۾ انگريزي تعليم پرائڻ ويندا هئا.

سال 1920ع تائين لاڙ واري حصي ۾، خاص ڪري هاڻوڪي بدين ضلعي ۾ ڪو به ننڍو وڏو انگريزي اسڪول ڪو نه هو. خانبهادر غلام محمد مرحوم ٽنڊي باگي جو هڪ وڏو جاگيردار ۽ امير هو، مگر هڪ وڏو علم دوست انسان هو ۽ خاص ڪري غريب طبقي جو وڏو همدرد هو. هن اهو محسوس ڪيو ته لاڙ واري حصي ۾ جنهن ۾ بدين ضلعو به اچي وڃي ٿو، عام طرح غريبن جي حالت سڀ ڪنهن نقطه نظر کان (جهڙوڪ معاشي، علمي، اقتصادي) سخت بگڙيل ۽ خراب هئي. هڪ ته جاهليت، ٻيو ته زمينداري طبقي جي بي توجهي، ٽيون ته جيستائين انگيرزي تعليم جو ڪو به بندوبست نه ٿيندو. تيستائين غريب طبقي جو سڌارو مشڪل ٿيندو ۽ ان سان گڏ زميندار طبقي جي اولاد جي خود تباهي ٿي ويندي. تنهن ڪري هن مرد مجاهد، سال 1920ع ۾ خدا تي ڀروسو رکي، پڪو ارادو ڪري، هڪ انگريزي اسڪول قائم ڪرڻ، جنهن جي هن علائقي ۾ سخت ضرورت هئي، جو ڪم شروع ڪري ڏنو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اتبداءِ ۾ هي ڪار – مهم جا مير مرحوم هٿ ۾ کنئي، سا بلڪل نئين رنگ ۾ نظر آئي، ۽ مختلف اطراف کان طرح طرح جون چميگويون ۽ نڪته چينيون ٿيڻ لڳيون ۽ تعليم جي توسيع کي ناپسند ڪندڙ طبقي سڀڪنهن طرح مشڪلاتون پيدا ڪيون، مگر هن مرد مجاهد الله جي فضل سان هن نيڪ ڪم ۾ انهن مشڪلاتن جي بحر عميق ۽ ان جي هولناڪ ڇولين مان پنهنجي ڪشتيءَ تعليم کي سلامتي سان برسر ساحل پهچايو، مطلب انهي سال يعني 1920ع ۾ مير مرحوم صاحب انگريزي اسڪول ننڍي ڳوٺ ٽنڊي باگي ۾ قائم ڪري لاڙ جي قسمت ۾ هڪ وڏو تعليمي انقلاب آڻي ڇڏيو، انهي نيڪ مقصد ۾، مشهور تعليمي ماهر محمد صديق ’مسافر‘ مرحوم ۽ ميان محمد حسن لغاري ٿهي وارو جيڪو هڪ ننڍو زميندار هو ۽ مڪتب پڻ هلائيندو هو، اهي ٻئي ڄڻا مير مرحوم جا مددگار ۽ همسفر رهيا. ٽنڊي باگي مدرسي جي برپا ڪرڻ ۾ ٻيون جيڪي تعليمي خدمتون انهن سرانجام ڏنيون، اُهي وساري نٿيون سگهجن.

ان وقت ڪنهن کي يقين ٿي آيو ته پنجن شاگردن سان شروع ڪيل هي انگريزي اسڪول، اڳتي هلي لاڙ جو منهن مٿي ڪندو ۽ سنڌ جي تعليمي ماحول ۽ خاص ڪري هن نئين بدين ضلعي جي حصي ۾ هڪ انقلاب آڻيندو.

شروع ۾ مير مرحوم اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ ٻه جدا جدا جايون مسواڙ تي ورتيون، بورڊنگ هائوس ۾ ٻهراڙي جي غريب شاگردن جي رهڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست مفت ۾ ڪيائين. شروعات ۾ بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ شاگردن جن جو تعداد لڳ ڀڳ ڇهه ست مس هو، سي سڀ ميان محمد حسن لغاري جي ملان مڪتب جا هئا، گويا هي انگريزي سڪول پهرين درجي کان ميان محمد حسن لغاري جي مڪتب جي شاگردن سان ئي شروع ٿيو.

مير مرحوم صاحب محمد صديق ’مسافر‘ مرحوم جون سرڪاري نوڪري جون خدمتون گورنمينٽ کان اُڌار تي وٺي، کيس هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مقرر ڪيو. پاڻ مير مرحوم ’مسافر کي هميشہ چوندو هو ته: ”خرچ منهنجو ۽ ايمانداري تنهنجي“. ان کان پوءِ مير مرحوم کي رات ڏينهن اهو اونو ۽ تڙپ هوندي هئي ته هي ننڍڙو انگريزي اسڪول وڌي ويجهي جلد هاءِ اسڪول جو درجو حاصل ڪري ته جيئن سندس اها تمنا پوري ٿئي.

اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ مير مرحوم جي امانت طور رکيل هڪ لک اينڊومينٽ فنڊ جي وياج۽ ڪجهه لوڪلبورڊ جي گرانٽ مان ٿيندو هو. سال 1922ع کان مير مرحوم پنهنجي خرچ سان اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون عمارتون ٺهرائڻ شروع ڪيون، جي 1924ع تائين ٺهي تيار ٿيون ۽ انهي سال ۾ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس نين جاين جا ٽن ۾ منتقل ٿيا، جتي اڄ تائين اهو اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي صورت ۾ ۽ بورڊنگ هائوس ڪجهه ڦير گهير ڪرڻ بعد، نين جاين ۾ قائم ۽ دائم آهن. مير مرحوم، هن ننڍي اسڪول کي شروعات کان وٺي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڪراچي، بمبئي ۽ پوني جا وڏا وڏا چڪر ڪاٽيا ۽ تعليم کاتي جي اعلى آفيسرن ۽ ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جا در کڙڪايا، مطلب ته هر قسم جون قربانيون ڪري ۽ قسمين قسمين جون تڪليفون برداشت ڪري آخرڪار سال 1930ع ۾ اسڪول کي هاءِ اسڪول جي درجي تائين پهچائي، پنهنجي تمنا پوري ڪئي، هاءِ اسڪول کي لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول جي نالي سان سڏيو ويو، جو هاڻي مير مرحوم جي نالي سان قائم آهي. ان بعد، مير مرحوم جي اها اُڻ تڻ رهي، ته هي مدرسو هاءِ اسڪول گورنمينٽ جي تحويل ۾ ڏجي، ته جيئن ته سندس حياتي کان پوءِ پڪي پايي تي هلندو رهي. اها سندس خواهش ۽ تمنا سندس حيايت کان پوءِ، سنڌ گورنمينٽ اهو مدرسو پنهنجي تحويل ۾ آڻي پوري ڪئي. مير مرحوم جيڪو ٽن لکن جو اينڊو مينٽ فنڊ اسڪول جي نالي امانت طور رکيو هو، ان جي وياج مان اڄ تائين بورڊنگ هائوس جو خرچ ۽ غريب شاگردن کي فري بورڊ شپ جي صورت ۾ مدد ملندي رهندي آهي. مير مرحوم جو ٻيو وڏو تعليمي ڪارنامو هيءُ هو، جو سال 1928ع ۾ هڪ زنانو پرائمري اسڪول ٽنڊي باگي ۾ قائم ڪيائين. اسڪول جي پڪي جاءِ ۽ ماسترياڻي جي رهڻ لاءِ جايون پنهنجي خرچ سان جوڙائي سندن رهڻ لاءِ اعلى بندوبست ڪري سندن کاڌ خوراڪ جو خرچ پاڻ تي هموار ڪري، اسڪول جي شروعات ڪيائين، انهي دور ۾ مسلمانن جي لاءِ زناني تعليم شروع ڪرڻ، هڪ وڏو مشڪل ڪم هو. مير مرحوم اهو اسڪول ڪاميابي سان هلايو ۽ اهو اسڪول اڄ تائين وڏي شان سان قائم آهي، جتان ڪيترين نياڻين فيض پرايو آهي. هنن درسگاهن جي برپا ڪرڻ ۾ مير مرحوم نڪو چندو ڪيو، نڪا ٻي مالي مدد ٻي ڪنهن کان ورتائين. فقط پاڻ تن تنها هڙئون وڙئون پنهنجون مالي قربانيون ڪري مشڪلاتون سهي اهي درسگاهون قائم ڪيون، اهي ٻئي درسگاهون بدين ضلعي لاءِ هڪ خاص خدائي نعمت ثابت ٿيون، انهي هاءِ اسڪول دکيي دور ۾ هن ضلعي کي انگريزي تعليم سان روشن ڪيو. مير مرحوم کي غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ايتري قدر محبت هئي جو هن آخر ۾ هڪ غريب ٻار جو سندس موٽر جي زد ۾ اچي چڪو هو، تنهنجي جان بچائيندي، پنهنجي جان قربان ڪئي. پاڻ 12 فيبروري 1932ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. مرحوم کي ساري سنڌ، لاڙ علائقي ۽ خاص  ڪري هن نئين بدين ضلعي جا ماڻهو ڪئين صديون ياد ڪندا رهندا.

سنڌ جو الحاق 1843ع کان 1936ع تائين بمبئي صوبي سان هجڻ ڪري هندن جو اثر رسوخ وڌيڪ رهيو ۽ خاص ڪري تعليم کاتي ۾ وڏن عهدن تي هندو آفيسر فائض رهيا. تنهنڪري، سنڌ ۾ انگريزي توڙي پرائمري تعليم جا مرڪز شهر ۽ وڏا ڳوٺ بڻيا، خاص ڪري لاڙ وارو ڀاڱو جنهن ۾ هي بدين جو نئون ضلعو اچي وڃي ٿو، اُن تي انهن مان ڪو توجهه ڪو نه ڏنو ويو ۽ تعليمي لحاظ کان بلڪل پٺتي پيل رهيو. ٿورا گهڻا پرائمري اسڪول فقط انهن چند ڳوٺن ۾ کوليا ويا جتي هندن جي اڪثريت هئي.

سال 24- 1923ع ۾ بمبئي پرائمري ايڊيوڪيشن ايڪٽ پاس ٿيو، جنهن موجب سال 25- 1924ع کان پرائمري تعليم جو ڪنٽرول گورنمينٽ کان تبديل ٿي لوڪلبورڊن جي حوالي ٿيو ۽ اسڪول بورڊ قائم ٿيا، انهن بورڊن ۾ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت هجڻ ڪري، ضلعن جا وڏا تعليمي آفيسر جن کي اسڪول بورڊ ايڊمنسٽريٽو آفيسر چوندا هئا، مسلمان مقرر ٿيا. ان جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۽ ديهاتي علائقن ۾ سڄي سنڌ ۾ پرائمري اسڪول چڱي انداز ۾ کليا، بدين ضلعي وارين حدن ۾ ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ ٿورا گهڻا سڪول برپا ٿيا ۽ ڪن ٿورن هنڌن تي انگريزي ڪلاس پڻ کليا.

سال 1936ع کان سنڌ بمبئي صوبي کان آزاد ٿي جدا علائقو ٿيو. شروع ۾ مالي حالتون اهڙيون مطمئن ڪندڙ ڪو نه هيون، تنهن ڪري سال 1938ع تائين ڪو خاص تعليمي واڌارو ڪو نه ٿيو. پوءِ جلد ئي مرحوم پير الاهي بخش تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ اسڪولن جي برپا ٿيڻ ۾ چڱي واڌ ٿي ۽ هن ضلعي ۾ پڻ ڪجهه وڌيڪ اسڪول کليا.

سال 1940ع ۾ آءُ، جيڪب آباد ضلعي کان بدلي ٿي حيدرآباد ضلعي ۾ اسڪول بورڊ جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ٿي آيس. ان وقت اسڪول بورڊ جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلعي جو وڏي ۾ وڏو تعليمي آفيسر هوندو هو، جنهنکي ضلعي جي تعليم جي باري ۾ وسيع اختيارات هوندا هئا. آءٌ اُتي لڳ ڀڳ ڇهه سال کن يعني سال 1945ع جي پڇاڙي تائين رهيس. مون به پنهنجي وت آهر ڪافي پاڻ پتوڙي ساري ضلعي ۾ خاص ڪري هن بدين ضلعي واري حد ۾ جو تعليم جي لحاظ کان ڏتڙيل هو، ڪيترن ئي ڏورانهن هنڌن تي پرائمري اسڪول کولايا ۽ ان سان گڏ انگريزي ڪلاس پڻ ڪن هنڌن تي جاري ٿيا. بدين ۾ پرائمري اسڪول سان گڏ انگريزي ڪلاس کليا ۽ پوءِ جي اي وي اسڪول قائم ٿيو، جتي چوٿين درجي تائين انگريزي تعليم ڏني ويندي هئي، جا بدين شهر ۽ ان جي آس پاس وارن لاءِ انگريزي تعليم جي لحاظ کان هڪ خوش نصيبي هئي.

ان وقت ضلعي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ مرحوم مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان وارو ۽ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر منهنجو پراڻو ساٿي قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ هو، جن ٻنهي بزرگن تعليمي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ مونکي پورو ساٿ ڏنو.

سال 1942ع ۾ گوني تعلقي ۾، جنهن ۾ گولاڙچي تعلقي جي حد اچي وڃي ٿي، پير الاهي بخش مرحوم جي بالغن جي تعليم اسڪيم هيٺ هتي بالغن جي تعليم شروع ٿي ۽ ان بعد سال 44- 1943ع ۾ هن تعلقي ۾ پرائمري زوري تعليم رائج ٿي، ان جي نتيجي ۾ بدين ضلعي جي هن حصي ۾ خاص ڪري گولاڙچي تعلقي ۾ ڪيترن ئي ننڍن ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول کليا ۽ هزارين وڌيڪ شاگرد تعليم پرائڻ لڳا، ڪيترن هنڌن پرائمري اسڪولن سان گڏ انگريزي ڪلاس ۽ جي اي وي اسڪول جهڙوڪ تلهار، نندو شهر، ٽنڊو غلام علي، ماتلي، ڪڍڻ، سيراڻي، ڪڙيو گهنور، ڏندو، ڏيئي، پنگريو وغيره هنڌن برپا ٿيا ۽ غريب شاگردن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سهولتون مهيا ٿيون.

انهي دور ۾ مولوي مرحوم احمد ملاح قاضيا واه جي ڪنٺي تي هڪ مذهبي مدرسو قائم ڪيو، جتي پارسي، سنڌي ۽ اسلامي تعليم جو بندوبست ڪيائين. مرحوم احمد ملاح هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو، جنهنجي شاعري ساري سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ واري حصي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف جي معنى سنڌي بيتن ۾ ڪيائين. سندس مدرسي ۾ معياري تعليم ڏني ويندي هئي، جتي هن ضلعي جا پري پري جا شاگرد اچي تعليم پرائيندا هئا، هڪڙو ننڍڙو سادو بورڊنگ هائوس پڻ ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ قائم ڪيائين. اهو مدرسو هاڻي پرائمري اسڪول جي صورت ۾ اڃا تائين قائم آهي. مرحوم جون تعليمي ۽ اسلامي خدمتون هميشہ ياد رهنديون.

سال 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. هندو ماسترن ۾ ڀاڄ پئي، گهڻي قدر ساري سنڌ ۾ اسڪول خالي ٿيڻ لڳا، جنهنجو اثر هن بدين ضلعي وارن حدن تي پڻ پيو، في الحال اسڪولن جو واڌارو روڪجي ويو پوءِ جلد ئي حالتون ضابطي هيٺ اچي ويون ۽ تعليم جو سلسلو جاري رهيو.

سال 1951ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪليڪٽر صاحب آغا عبدالنبي جي مدد سان ماتلي ايڊيوڪيشن سوسائٽي قائم ٿي. مرحوم حاجي مير محمد خان نظاماڻي ماتلي واري 14- 15 ايڪڙ زمين جا شهر سان لاڳو هئي، اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي عمارتن ٺهرائڻ لاءِ مفت ڏني، جا هينئر لکن جي ملڪيت هجي ها ۽ ان سان گڏ 5- 6 هزار رپيا هن خير جي ڪم ۾ ڏنا ۽ ان سان گڏ ٻين تعلقي جي زميندارن پڻ چندو ڏنو. جاءِ نه هجڻ ڪري هاءِ اسڪول يعني ڇهون درجو في الحال پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۾ شام جو شروع ڪيو ويو. سوسائٽي جاءِ ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، مگر ڪن مجبورين سبب اڏاوت جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو، انهي دور ۾ آغا صاحب بدلي ٿي ويو ۽ آءُ به جو سندس مددگار هوس، سنڌ جو ڊي پي آءِ مقرر ٿي ڪراچي بدلي ٿي ويس. مرحوم حاجي مير محمد خان نظاماڻي پڻ گذاري ويو، في الحال هي پروگرام سڄو رلي ويو. پوءِ اسڪول گورنمينٽ کنيو مگر جاءِ نه هجڻ ڪري ڪيتريون تڪليفون درپيش آيون. سال 56- 1955ع ۾ ون يونٽ گورنمينٽ جي دور ۾ هن بنده سخت ڪوشش ڪري ڪيتري ئي مخالفت هوندي ست لک منظور ڪرايا پوءِ ساڳي  هنڌ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون اعلى درجي جون عمارتون تيار ٿيون، جتي هينئر هاءِ اسڪول، بورڊنگ هائوس ۽ گورنمينٽ ڪاليج هلي رهيا آهن. اهي درسگاهون بدين ضلعي جي ڪافي حصي ۾ غريب ۽ ٻين شاگردن جي ثانوي ۽ ان سان گڏ اعلى ثانوي تعليم جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.

سال 48- 1947ع ۾ مولوي محمد ابراهيم ٿيٻي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سعيد پور لڳ تلهار هڪ ملان مڪتب قائم ڪري، پوءِ ڪوشش ڪري انهي اسڪول کي لوڪلبورڊ مڊل اسڪول منظور ڪرائي، هاءِ اسڪول جي درجي تائين پهچايو. هڪ بورڊنگ هائوس پڻ ٻهراڙي جي غريب شاگردن لاءِ لوڪلبورڊ کان ڪوشش ڪري ٺهرايائين، جنهنجي خرچ وغيره جي پورت گهڻو ڪري پاڻ تي هموار ڪيائين ۽ ڪجهه لوڪلبورڊ کان مدد ورتائين. سال 1971ع ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي قائم ڪري انٽر آرٽس ۽ انٽر سائنس ڪاليج برپا ڪيائين. اهي سڀ درسگاهون هڪ اهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾، هن شخص جي ذاتي ڪوشش سان قائم ٿيون، هتي هن پٺتي پيل علائقي ۾ خاص ڪري ٻهراڙي جي غريب شاگردن جي ثانوي توڙي اعلى ثانوي تعليم جو بندوسبت ڪري هڪ وڏي تعليمي خدمت ڪئي آهي. هاڻي نئين تعليمي اسڪيم هيٺ پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج گورنمينٽ جي تحويل ۾ اچي ويا آهن، تنهن هوندي به سندس انهي درسگاهن لاءِ لڳاءُ هليو اچي ۽ بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ شاگردن جي مالي توڙي ٻي اخلاقي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ انهن درسگاهن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وقت بوقت ڪوششون ڪندو رهي ٿو. هن شخص به جيڪي ذاتي طور تعليمي خدمتون ڪيون آهن سي بدين ضلعي وارا ڪڏهن به ڪين وساريندا.

سال 71- 1970ع ۾ مسٽر الهه بخش سومرو، جو ان وقت حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو، ان مسٽر ڀرڳڙي اڳوڻي ايم پي اي ۽ بدين شهر واسين جي مدد سان بدين ايڊيوڪيشن سوسائٽي قائم ڪئي، جنهن جي ماتحت ڊگري آرٽس، انٽر سائينس ۽ انٽر ڪامرس اسلاميه بدين ڪاليج قائم ڪري، لاڙ واري حصي يعني بدين ضلعي جي غريب توڙي ٻين شاگردن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي لاءِ اعلى توڙي اعلى ثانوي تعليم جو بندوبست ڪري، بدين ضلعي وارن جي هڪ وڏي تعليمي خدمت ڪئي. اميد ته هن ضلعي وارا کيس ڪو نه وساريندا. هاڻي هي ڪاليج گورنمينٽ پنهنجي نئين تعليمي اسڪيم هيٺ پنهنجي تحويل ۾ آندو آهي، جنهنجون عاليشان عمارتون ڪاليج توڙي هاسٽل لاءِ تيار ٿي ويون آهن.

ماتلي ڪاليج سنڌ گورنمينٽ رئيس غلام حيدر خان نظاماڻي اڳوڻي ايم پي اي جي ڪوشش سال 1975ع کان انٽر آرٽس سيڪشن سان شروع ڪيو آهي جو هاءِ اسڪول جي مٿين حصي جي بلڊنگ ۾ قائم آهي. ڪاليج جون نيون عمارتون ڪاليج توڙي هاسٽل لاءِ جلد تيار ٿي وينديون پوءِ ڪاليج پنهنجي بلڊنگ ۾ انٽر آرٽس سيڪشن سان گڏ انٽر سائنس سيڪشن سان چالو ٿي ويندو.

هن وقت ضلعي ۾ يعني سال 1976ع تائين پرائمري، ثانوي، اعلى ثانوي ۽ اعلى تعليم جو بندوسبت هيٺين تفصيل موجب آهي:

پرائمري اسڪول ڇوڪرن لاءِ جملي 466 آهن، جن ۾ 33572 شاگرد داخل آهن.

پرائمري اسڪول ڇوڪرين لاءِ 95 آهن، جتي 465 ڇوڪريون تعليم وٺي رهيون آهن. مڊل اسڪول ڇوڪرن لاءِ 28 آهن جن ۾ 1048 شاگرد داخل آهن.

مڊل اسڪول ڇوڪرين لاءِ چار آهن، جتي 165 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. هاءِ اسڪول ڇوڪرن لاءِ 17 آهن، جن ۾ 2117 شاگرد داخل آهن.

هاءِ اسڪول ڇوڪرين لاءِ ٻه آهن، جن ۾ 431 ڇوڪريون تعليم وٺي رهيون آهن.

اعلى ۽ اعلى ثانوي تعليم جي لاءِ 3 ڪاليج آهن، جي بدين – سعيدپور ۽ ماتلي ۾ قائم آهن، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ هن وقت 528 شاگرد تعليم وٺندڙ آهن ۽ جلد ئي اتي گهڻي انداز ۾ شاگرد وڌي ويندا.

هن ضلعي ۾ هن وقت جيترا ڪاليج، هاءِ اسڪول ۽ مڊل اسڪول آهن، ڪنهن زماني ۾ ايترا پرائمري اسڪول به ڪو نه هئا، هيءَ تڪڙي تعليمي واڌ گذشته ڪجهه سالن اندر ۾ ٿي آهي.

هي ضلعو جو ڪجهه وقت اڳي تعليم جي لحاظ کان بلڪل پٺتي پيل هو، سو هاڻي تعليم سان روشناس ٿي روشن ٿي رهيو آهي. حقيقت ۾ تعليم ئي هڪڙو بي بها موتي آهي، جنهنجي ذريعي عوام الناس پنهنجون ضرورتون جهڙوڪ: تعليمي، معاشي، اقتصادي توڙي سياسي پوريون ڪري سگهي ٿي.

هن وقت ماسترمحمد سومار شيخ بدين ۾ هڪ ادبي ادارو ’لاڙ ادبي سوسائٽي‘ قائم ڪري، هن ضلعي جي تعليم، ادب ۽ ثقافت جي وڏي خدمت ڪري رهيو آهي. سندس قديم ثقافتي کوجنائون جن ۾ هي ضلعو مالا مال آهي، اڳتي هلي هن ضلعي کي انهن ڳالهين ۾ روشن ڪنديون ۽ سندس اهي خدمتون يادگار رهنديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org