مخدوم عربي ڌياڻي جو درسگاهه:
مخدوم عربي ڌياڻو پير آسات جو ڀاءُ، وڏو عارف عالم
۽ ڪمال جو صاحب هو. سندس عبادتون ۽ رياضتون بيان
ڪرڻ کان ٻاهر آهن. چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي ڪلام پاڪ
جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل
درسگاهه مان ڪيترا ئي طالب علم ظاهري ۽ باطني علم
سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رح به کانئس ئي علم
پرايو. هن سن 980هه ۾ وفات ڪئي ۽ هالن ۾ مدفون
آهي.
مخدوم عربي ڌياڻي جو پٽ مخدوم بايزيد به وٽس ئي
ديني علم پڙهيو. هي به پيءُ وانگر ظاهري توڙي
باطني علوم جو صاحب هو. پنهنجي پيءُ کان پوءِ
انهيءَ مدرسي ۾ حق ۽ هدايت جي رستي تي مستقيم رهي،
طالبن کي فيض ڏيندو رهيو.
مخدوم نوح رح:
مخدوم نوح رح نعمت الله صديقي، اسلام جي ڏهين صدي
هجري جو تمام وڏو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. سندس
نسبت هن ريت آهي: مخدوم نوح بن نعمت الله بن اسحاق
بن شهاب الدين بن مخدوم سروري بن شيخ فخر الدين
صغير بن عز الدين بن شيخ ابوبڪر ڪتابي (ڪوٽ ڪروڙ
جو رهندڙ) بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ
نصر الدين بن شيخ سراج الدين بن ابو نجيب ضياءُ
الدين عبدالقادر سهروردي (جو سهروردي سلسلي جو منڍ
آهي)
مخدوم نوح رح پاڻ عالم، عارف، حافظ قرآن ۽ برگزيده
هستي ٿي گذريو آهي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي
دسترس حاصل هيس. قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو
ڪيائين. جيڪو برصغير پاڪ و هند ۾ پهريون فارسي
ترجمو آهي. قرآن شريف جي تعليم ۽ تلاوت مولانا
مخدوم عربي ڌياڻيءَ کان حاصل ڪيائين.
مخدوم نوح رح کي قرآن شريف جي حقيقت ۽ اسرارن تي
وڏو درڪ حاصل هو. قرآن شريف سان گڏ ٻين علمن جو
درس پڻ ڏيندو هو. بهاءُ الدين دلقپوش سندس خاص
دوستن ۽ مريدن مان هو. ان جي دستخط قرآن پاڪ جو
فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو هن وقت هالن ۾ موجود آهي.
مخدوم نوح رح، مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي
اڪبر اعظم جي سنڌ تي قبضي ٿيڻ تائين حيات هو.
مغليه گورنرن مان سيد بايزيد ٺٽي جو حاڪم، مخدوم
صاحب جو طالب ۽ وڏو معتقد هو. مخدوم نوح رح وڏو
عالم، فاضل، زاهد ۽ پرهيزگار درويش هو. سندس نظر
فيض مان ڪيترائي مريد ۽ طالب فيض حاصل ڪري ويا.
مخدوم صاحب اويسي طريقي جو به بزرگ هو.
درويش قطب، مخدوم نوح جو طالب ۽ مريد هو. کانئس
ظاهري توڙي باطني فيض پرايائين. هڪ رات بوبڪن ۾ به
ويو، جتي مخدوم جعفر سان سندس شاگردن ملاقات ڪرائي
هئي. شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين سکر وارو
به مخدوم نوح رح جو شاگرد ۽ معاصر هو. مخدوم نجيم
ريل وارو پڻ مخدوم صاحب جو همعصر هو.
مخدوم نوح رح رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي
سنت ۽ اتفاءَ واري زندگيءَ جو مڪمل آئينو هو. 82
ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ هالن ۾ مدفون آهي.
مخدوم عبدالله ڀٽي:
مخدوم عبدالله ڀٽي جو اصل نالو ارجن بن وريه هو،
جنهن کي حضرت مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني مشرف
به اسلام ڪيو. هي بزرگ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي
پهريائين ڳاهوٽ جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. پر
پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ پراڻي سعيد آباد جي
ويجهو اچي رهيو. هي هڪ نيڪ سيرت بزرگ هو. وٽس
ڪيترائي طالب ۽ مريد ايندا هئا، جن وٽانئس فيض
پرايو. سندس آخري آرامگاهه سعيد آباد جي ويجهو
آهي، جتي مهيني جي هر پهرين خميس تي سندس معتقدن
جو هجوم رهندو آهي.
مخدوم اسحاق بن عبدالله ڀٽي 900هه ڌاري اسلام پور
(هاله ڪنڊي) ۾ اچي رهيو، جيڪو 1779ع ۾ درياءَ برد
ٿيو. پوءِ بزرگن جا نعش (خاڪ) اتان کڻي هاڻوڪن
هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهيءَ وقت حضرت مخدوم نوح
رح قريشي صديقي جي نعش مبارڪ کي پڻ اسلام پور مان
هاڻوڪن هالن نون ۾ آندو ويو.
ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو:
مخدوم اسحاق، شيخ بهاءُ الدين زڪريا خاندان جو
مريد هو، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بي نظير هو. پنهنجي
محلي جي ڀٽين جي جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين.
جتي قرآن، حديث فقهه جي عام تعليم ڏيندو هو.
مخدوم صاحب کان سندس ٻه صاحبزادا مخدوم احمد ۽
محمد پڻ انهيءَ ساڳئي مدرسي ۾ پڙهيا.
مخدوم محمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، ظاهري علمن جي
تحصيل پنهنجي والد بزرگوار کان پرائي ۽ پنهنجي
پيءُ وانگر انهيءَ ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل
قائم رکيو. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائي ۾ ڏاڍي
ڪوشش ڪئي، پر ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگهندو
هو.
مخدوم احمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، وڏو ولي ۽ بزرگ
عالم هميشه گوشه گمنامي ۾ گذاريندو هو. الله
تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس اهو
مجاهدي ڪرڻ وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين به سندس
عقيدتمند ٿي رهيو.
مخدوم احمد هميشه پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي
انهيءَ ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقهه جي پڙهائڻ
۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم
رهيو. سندن بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم ۽
عارف، عامل، فاضل، اديب، شاعر، خدا جا نيڪ ٻانها ۽
ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو پيشو
دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ هو، جنهن ڪري هزارين مرده
دليون اسلام جي روشني سان منور ٿيون.
مخدوم ساهڙ لنجار ڄام انڙ جي آباد ڪيل ڳوٺ انڙپور
جو هڪ وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالح بزرگن مان هو.
پوري تعليم ۽ تربيت مخدوم نوح رح کان حاصل ڪئي
هئائين. هو سدائين عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو هو.
رات يا ڏينهن جي ڪابه گهڙي پاڪ پروردگار جي ذڪر
کان واندو نه رهندو هو. سندس صحبت مان پڻ ڪيترائي
عقيدتمند ۽ طالب فيض پرائي ويا. اتي ئي دفن ٿيل
آهي.
مخدوم عبدالرئوف بن عمر، پنهنجي وقت جو عارف، عالم
۽ ڪامل بزرگ هو ۽ پنهنجي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز
هو. هميشه پنهنجن طالبن کي پڙهائڻ، عبادت ۽ رياضت
۾ مشغول رهندو هو. ميان نور محمد وٽانئس علم جو
اکر اکر سکيو ۽ انجي تابعداري ۽ پيروي واسطي دل
جان سان تيار رهندو هو. هالن جي قاضي زادي شيخ
ابراهيم سندس وفات جو سن1166هه بيان ڪيو آهي.
مخدوم صدر الدين راهوٺي هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ
۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجي مڪتب ۽ مسجد ۾
شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ وعظ فرمائيندو هو،
جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. سچن جي جماعت ۾ سندس
ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.
مخدوم مراد پٽ صدر الدين راهوٺي هڪ وڏو عالم ۽
پرهيزگار شخص هوندو هو. پوري تعليم پنهنجي پيءُ
کان پرايائين. پاڻ به پنهنجي پيءُ وانگر پڙهائڻ ۽
وعظ جي شغل ۾ رڌل رهندو هو. حسن مقري درويش سندس
همعصر هو.
ساموئي (مڪليءَ جي ڀرسان)
ساموئي سن 775هه ۾ اڏيل شهر هو. محمد طور جي
بربادي کان پوءِ (جيڪو درڪ پرڳڻي ۾ سلطان علاءُ
الدين جي لشڪر جي آمد ۽ سومرن سردارن جي جنگ ڪري
ويران ٿي ويو) سمن ڄامن اهو شهر ۽ پراڻو قلعو (جو
ڪلا راجا جي نالي پٺيان ڪلا ڪوٽ سڏبو هو ۽ ٻيهر
وري ٻئي اڏائيندڙ ڄام تغلق جي نالي پويان تغلق
آباد سڏجڻ لڳو) وري ٻڌايو، پر اتفاقاً ٻئي اڻپورا
رهيا. شهر ٿورا ڏينهن تختگاهه رهي وري ٺٽي ڏانهن
منتقل ٿي ويو ۽ قلعو اڄ تائين پنهنجي پراڻي نالي
ڪلا ڪوٽ سان مشهور آهي.
شيخ حماد جو درسگاهه:
شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي اُچ جي مشهور
درويش قدره الواصلين شيخ جمال جو ڏهٽو هو ۽ ساموئي
جي دامن ۾ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، اتي ئي خانقاهه
هيس. سدائين منهن تي برقعو وجهي حجري ۾ طالبن جي
جماعت کي گفتگو ۽ ڪشف جي ذريعي ظاهري خواجه باطني
تعليم ڏيندو هو. ڄام جوڻي جي ڏينهن ۾ ڄام تماچي ۽
ڄام صلاح الدين، ٻنهي پيءُ پٽن کي شيخ جي خدمت ۾
ڏاڍو قرب حاصل هو.(1)
ڄام جوڻي کي اچي ڊپ لڳو ته شايد هنن کي دعا ڪري
ملڪ جو والي بنائي ڇڏيندو، انهيءَ ڪري ڳجهي نموني
۾ ٻنهي کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيائين. ڄام
تماچيءَ جي پوڙهي ماءُ شيخ جي خدمت ۾ پيش ٿي رئندي
عرض ڪيو ته سندن آزاديءَ لاءِ دعا ڪري. شيخ صاحب
جي عجيب حالت ٿي ويئي ۽ هڪدم سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت
چئي سندن حق ۾ دعا گهريائين، جا الله تعاليٰ جي
بارگاهه ۾ قبول پئجي ويئي ۽ هو خير خوبي سان
دهليءَ مان آزاد ٿي وطن واپس وريا.
ڄام جوڻو، شيخ جي دعا وارو بيت ٻڌي ڏاڍو پريشان
ٿيو ۽ شيخ جي خدمت ۾ پهچي عرض ڪيائين ته فقيرن کي
حڪومت جي ڪمن سان ڪهڙو واسطو؟ انهيءَ تي شيخ کيس
پاراتو ڏنو. پوءِ ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچي جي لڙائي
لڳي، جنهن ۾ ڄام جوڻي کي آخرڪار ناڪامياب ۽ ذليل
ٿي ڀڄڻو پيو ۽ حڪومت ڄام تماچي جي حوالي ٿي.
ڄام تماچي شيخ صاحب کي هڪ وڏي رقم نذراني طور پيش
ڪئي، جنهن مان هن هڪ خانقاهه ۽ ان جي ڀرسان مسجد
تعمير ڪرائي، جيڪي پوءِ طالبن ۽ شاگردن جي تعليم ۾
تربيت جو مرڪز بنجي ويا.(1)
شيخ عيسيٰ سنڌي عرف شيخ لنگوٽي، ساموئي ٽڪريءَ جي
دامن ۾ جتي دفن ٿيل آهي، اتي قلندرانه نموني ۾
لنگوٽي ٻڌيو ويٺو هوندو هو. هن ۽ شيخ حماد جي وچ ۾
گهڻو ڪري محققانه گفتگو ٿيندي هئي. سندس وفات
سن831هه ۾ ٿي.
ملا عبدالرحمٰن عباسي، هڪ وڏو شيخ ۽ ولي اڪمل ٿي
گذريو آهي. سما ڄام سندس نهايت معتقد هئا ۽ وقت جا
بزرگ ۽ عالم پڻ سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا. ملا
پنهنجي حالت کي لڪائڻ لاءِ ظرافت آميز ڳالهيون
ڪندو هو. هن وقت ساموئي جي دامن ۾ مدفون آهي.
مڪليءَ جي ٽڪري
هيءَ ٽڪري کيرٿر ۽ پٻ جبل جي ڳنڍيل سلسلي جي هڪ
شاخ آهي، جيڪا بظاهر ته ننڍڙي پهاڙي آهي، پر منجهس
مدفون هزارها بزرگن جي ڪري نهايت ئي متبرڪ تصور
ڪئي وڃي ٿي ۽ زماني جي عجائبات مان آهي. قديم
زماني ۾ سنڌو درياءَ سندس ڀرسان وهندو هو، ٽڪريءَ
تي عاليشان محلات ٺهيل هوندا هئا، جن جو هن وقت
نالو نشان به نه رهيو آهي. شيخ حماد جي اشاري تي
ئي سمن جي دور کان وٺي بادشاهن ۽ اميرن پنهنجا
مقبرا مڪلي تي ٺهرايا. جنهن کان پوءِ عام ماڻهن به
مڪلي کي پنهنجو ابدي آرامگاهه بنايو. ولين، بزرگن
۽ عالمن جي چوڻ موجب مڪلي تي سوا لک درويش آرامي
آهي.
انهيءَ ٽڪريءَ تي مڪلي نالي هڪ پاڪدامن ۽ الله
واري عورت جامع مسجد جي محراب پويان دفن ٿيل آهي.
هي نالو شيخ حماد جي اشاري سان پهريائين مسجد تي
پيو ۽ پوءِ سڄي ٽڪري انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آئي.(1)
ٺٽو
ٺٽو معرفت وارن جي جاءِ، علم جي فضيلت ۽ ڪمال جي
کاڻ آهي. اتي جي مٽي طبعاً حال ۽ قال جي صاحبن جي
پيدا ٿيڻ جو هنڌ آهي. جڏهن محمد طور جو شهر سومرن
سردارن سميت ويران ٿي ويو ۽ حڪومت سمن ڄامن جي هٿ
آئي، تڏهن مڪلي ٽڪريءَ جي دامن هيٺان اتر طرف وارن
باغن جي ڀرسان ساموئي ٻڌائون. زماني جي انقلابي
حادثن کان ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙيءَ جهڙا شهر جي
ساڪري جي سرزمين ۾ واقع هئا، ويران ٿيڻ لڳا، تڏهن
اتي جا اڪثر باشندا ٺٽي شهر ڏانهن لڏي ويا.
حڪيم مير عبدالرزاق اصفهاني، تخلص ”مشرب“، جيڪو
سڀني علمن خصوصاً جفر، حڪمت ۽ نجوم ۾ وڏي مهارت
رکندو هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ دائود
خان وٽ ڪيترو عرصو رهي سن1127هه ۾ گذاري ويو، تنهن
کان ڪيترن روايت ڪئي آهي ته ٺٽي جي سرزمين دراصل
يونان جي زمين وانگر مردم خيز آهي، اهوئي سبب آهي
جو ڪماليت جا صاحب گهڻو ڪري هن زمين تي پيدا ٿيا.(1)
ٺٽي شهر جو بنياد ڄام نظام الدين سمي سن900هه ۾
وڌو. خراسان، ايران ۽ عراق جي عالمن ۽ فاضلن پڻ
سنڌ جي عالمن سان گڏ هن شهر کي علمي ۽ روحاني رونق
بخشي. هن شهر علم، فن، حرفت ۽ صنعت ۾ ايتري ته
ترقي ڪئي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس هاڪ هُلي
ويئي.
ڄام بايزيد، ڄام نظام الدين جي ڀاءُ جي قدرداني
ڪري، خراسان ۽ هندستان جي مشهور عالمن شيخ جلال
الدين قريشي، مولانا فتح الله، مولانا عزيزالله،
مير عماد گرديزي، مرزا شهيد ۽ مرزا شهداءِ انهن
ڏينهن ۾ ملتان ۾ مقيم ٿي ٺٽي سان رابطو قائم رکيو.
انهن ڏينهن ۾ احمد آباد، ملتان ۽ ٺٽو علمي ادارن ۽
مدرسن جي ڪري سڄي اسلامي دنيا ۾ برک هئا. ان جو
مکيه سبب هي هو جو سنڌ، گجرات ۽ ملتان جي سمن،
مظفريه ۽ لانگاهه سلطانن علم ۽ فن جي قدرداني ڪرڻ
۽ علماءِ ڪرام جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي
ڪانه ڪئي.
اڳ سنڌ ۾ مسجدن ۾ ئي مدرسا هوندا هئا، پر سمن جي
دور ۾ مدرسن ۽ درسگاهن لاءِ جدا عمارتون تعمير
ٿيون. ٺٽي جي مدرسن ۽ درسگاهن جو تعداد جيئن پوءِ
تيئن وڌندو ويو، تان جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾
چئن هزارن کي وڃي پهتو.(1)
سمن سلطانن جا تعلقات اسلامي دنيا سان دوستانه
هئا، تنهن ڪري سندن ڏينهن ۾ سنڌ جي تعليم جي شهرت
دنيا جي ٻين حصن تائين پکڙجي ويئي. شيخ مبارڪ
ناگوري سنڌ جي علم جي ساک ٻڌي من کي ڇڏي هتي سڪونت
اختيار ڪئي. امير تيمور سان گڏ به گهڻا ئي عالم ۽
سادات هرات کان سنڌ ۾ وارد ٿيا. ائين چوڻ بجا
ٿيندو ته بخارا، سمرقند ۽ هرات جي علمي مجلسن جي
پڄاڻي کان پوءِ، سنڌ جي دارالخلافة ٺٽي، اسلامي
دنيا اندر دارالعلوم جي حيثيت اختيار ڪئي.
قاضي محمد جي درسگاهه
قاضي محمد، ڄام بايزيد جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ برک عالم
۽ مدرس ٿي گذريو آهي. کيس ٺٽي ۾ وڏو ديني مدرسو
هو، جنهن ۾ ديني توڙي دنيوي تعليم ڏيندو هو.
ڳوٺ مراد اوٺي جي درسگاهه:
سيد محمد ۽ احمد، پيءُ ۽ پٽ، ديني علوم ۽ بزرگيءَ
جي سڀني خوبين جا جامع ۽ ڪمال جا صاحب هئا، جيڪي
786هه ۾ ڄام صلاح الدين بن تماچي جي ڏينهن ۾ مراد
اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيا ۽ اُتي ديني مدرسو
کوليائون. اتان پوءِ ڪجهه وقت بعد ٺٽي ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪيائون، هتي به هڪ وڏو اسلامي درسگاهه قائم
ڪيائون. شيخ عيسيٰ ۽ قاضي نعمت الله عباسي وقت جا
عالم به اُتي وٽن پڙهيا. سيد احمد سن 845هه ۾ وفات
ڪئي.
جامع مسجد جي درسگاهه:
سيد محمد حسين ولد احمد بن سيد محمد عرف ميران
محمد جي ڄمڻ جي خبر شيخ عيسيٰ لنگوٽي ڏني. سندس
ولادت سن831هه ۾ ٿي. هو ڄام فتح خان بن ڄام سڪندر
خان سمي جي ڏينهن ۾ ڄائو هو. هن ديني توڙي دنيوي
علوم ۽ فنون شيخ عيسيٰ کان حاصل ڪيا ۽ سندس مريد
ٿيو. ڪيترائي مشائخ سيد محمد حسين جي شاگردي ۽
مريدي جي لاڳاپي تي فخر ڪندا هئا. گهڻو ڪري ظاهري
شريعت جي پابندي بابت شاگردن ۽ طالبن کي وعظ ڪرڻ ۾
وقت گذاريندو هو. شيخ بهاءُ الدين ملتاني جو پوٽو
شيخ صدر الدين ٺٽي ۾ سندس زيارت لاءِ آيو ته کيس
جامع مسجد (جيڪا هاڻي مسجد ولي نعمت جي نالي سان
مشهور آهي ۽ اصل ۾ سمن بادشاهن جي ٺهرايل آهي) ۾
پنهنجي طالبن ۽ مريدن کي درس تدريس ۾ مشغول
ڏٺائين. سندس تصنيف ”ساجد مخلص“ جي تاريخ آهي. هن
893هه ۾ وفات ڪئي ۽ مڪلي تي سندس مزار آهي.
سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق جي درسگاهه:
سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق ٻئي بزرگ ڀائر، ڄام نظام
الدين جي ڏينهن ۾ سن901هه ۾ مشهد کان ٺٽي اچي
ساموئي (ٺٽي) ۾ رهائش پذير ٿيا. هنن ٻنهي ڀائرن
پنهنجي حياتي اسلام جي تبليغ ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي.
انهيءَ ڪري ڪيترن طالبن وٽ ديني تعليم جو درس حاصل
ڪيو. سيد يعقوب 922هه ۾ وفات ڪئي. سندس مزار
ساموئي مڪلي ۾ آهي. سندس پوپن مان ڪي اڃان تائين
ساڪري تعلقي جي داري ديهه ۾ رهن ٿا، جن جا اڄ
تائين لاڙ ۾ گهڻا طالب ۽ مريد آهن.
سيد ملوڪ شاه جو مدرسو:
سيد ملوڪ شاهه، حال ۽ قال جو صاحب ٺٽي ۾ پنهنجي
وقت ۾ هڪ وڏو ڪمال ڌڻي ۽ عالم ٿي گذريو آهي. هو
پنهنجي خانقاهه ۾ پنهنجي مريدن ۽ طالبن کي وس آهر
ديني علوم پڙهائيندو هو. هو قاضي سدوءَ جو مريد
هو. هن سن924هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. سندس قبر قاضي
سدوءَ جي مزار ڀرسان مشهور آهي
سيد احمد ۽ سيد محمد جي درسگاهه
سيد محمد عابد مشهدي جا فرزند سيد احمد ۽ سيد
محمد، ايران ۾ شيعا مذهب جي غلبي ۽ غلو جي سببان
پيدا ٿيل تفرقي ۽ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾، سن 906هه ۾
ايران کي ڇڏي حرمين جي ارادي سان سير ڪندي سن
910هه ۾ ساموئيءَ ۾ اچي منزل انداز ٿيا. سيد محمد
جيڪو ظاهري ۽ باطني علم جي ڪماليت سان سينگاريل
هو، تنهن ٺٽي ۾ اچي پنهنجي علم جي ڌاڪ ڄمائي.
ايتري قدر جو اوسي پاسي جا عالم به سندس زيارت
لاءِ اچڻ لڳا ۽ کانئس فيض پرائڻ شروع ڪيو. تنهن
ڪري ٻئي ڀائر ٺٽي ۾ مدرسو قائم ڪري اتي ئي رهي
پيا. سيد محمد سگهوئي 918هه ڌاري وفات ڪري ويو. ان
بعد سيد احمد پنهنجو مدرسو ٻين عالمن ۽ بزرگن جي
مدد سان هلائيندو رهيو. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ڀاءُ
جي غم ۾ هي به وڌيڪ وقت زنده رهي نه سگهيو ۽ ستت
ئي وفات ڪري ويو.
سيد علي ثاني جي درسگاهه ۽ خانقاهه:
سيد علي ثاني بن سيد رشيد، سير سلوڪ ۽ ديني علمن
جو ڀنڊار، پنهنجي وڏن کان به وڌيڪ توفيق وارو ۽
نهايت متقي هو. ڪيترائي حج ڪيائين. هن درويش آجر
کان فيض پرايو ۽ مخدوم نوح رح کان ديني توڙي
روحاني فيض پرائي سندس مريد ٿيو. پنهنجي وڏن جي
درس تدريس واري روايت کي قائم رکيائين ۽ کانئس
ڪيترن ئي شاگردن علم پرائي اسلام جي شمع کي روشن
ڪيو. رسالو ”آداب المريدين“ سندس نامور تصنيف، دين
جي بزرگن جو دستور العمل آهي. هو سن971هه ۾ گذاري
ويو. سندس مقبرو مڪلي تي آهي.
مخدوم حامد جي درسگاهه:
مخدوم حامد، ٺٽي جي مشهور معروف معزز مخدوم خاندان
مان هو ۽ بزرگيءَ وارين خوبين جو مالڪ ۽ وقت جو
جيد عالم ٿي گذريو آهي. گرهرين جو قاضي هوندو هو.
انهيءَ عهدي سان گڏ پنهنجي خانقاهه ۾ قائم ڪيل
مدرسي ۾ قرآن شريف، حديث ۽ فقهه جي تعليم ڏيندو
هو. علم جي فضيلت ڪري سندس ڪيترائي طالب ۽ مريد
ٿيا. طويل علالت بعد 969هه ۾ ٺٽي ۾ گذاري ويو.
قاضي قادن:
قاضي قادن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري جا
وڏا سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ رهندا هئا. قاضي صاحب قرآن مجيد
جو حافظ، حديث، تفسير، تصوف ۽ علم آلات (ڪلن ٺاهڻ
جي هنر) جو ماهر هو. انشاءَ پردازي ۾ سندس جوڙ جيس
ڪونه هو. جوانيءَ ۾ سيد محمد مهدي جونپوري جي
مريدن جي لڙهه ۾ شامل ٿيو، جنهن ڪري شريعت جا عالم
کيس ٽوڪيندا هئا. سلوڪ جي وادي ۾ گهڻيون ئي
رياضيتون ڪيائين. سير سفر به ڏاڍا ڪيائين.
شاهه بيگ جڏهن ٺٽي ۾ تباهي مچائي، تڏهن قاضي قادن
حافظ محمد شريف جي هٿان سندس خدمت ۾ هڪڙو خط روانو
ڪيو، جنهن جي پڙهڻ سان ٺٽي وارن کي ظلم کان نجات
ملي. شاهه بيگ مڪاني ڳالهين بابت قاضي قادن کان
صلاح مصلحت وٺندو هو. هو شاهه بيگ توڙي سندس پٽ
شاهه حسين جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي هو. حياتيءَ جو
وڏو حصو انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. پڇاڙي جو عرصو
مدينه منوره ۾ گذاريائين، جتي سنڌ جا ٻه مشهور
عالم قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم راهوٺي ۽ شيخ
عبدالله متقي ابن مولانا سعد درٻيلوي سندس صحبتي
هئا. قاضي قادن 858هه/ 1551ع ۾ وفات ڪئي. پنهنجي
پويان ڪيترا ئي عالم ۽ صالح شاگرد ڇڏيائين، جن
سندس نالي کي قائم رکيو.
مولانا جلال الدين ٺٽوي جي درسگاهه:
مولانا جلال الدين اصل ٺٽي جو رهاڪو، گهڻي علم ۽
عقل جو مالڪ هو، شروع ۾ ٺٽي ۾ علمي فيض جي پالوٽ
ڪندو رهيو، پر پوءِ همايون بادشاهه جي درٻار ۾
پهتو ۽ همايون وٽس ڪجهه پڙهيو، بادشاهه سندس علمي
ڄاڻ ۽ دانشمندي تي موهت ٿي کيس قاضي القضات مقرر
ڪيو. همايون جو ٻيو استاد مولانا محمد فرغلي
نوراني نقشبندي پڻ هو. هي ٻئي صاحب وقت جا استاد ۽
علامه هئا ”تذڪره گلزار ابرار“ جو مصنف لکي ٿو ته
جڏهن شير شاهه سوري همايون کي آگري مان تڙي ڪڍيو،
تڏهن ڀاڄ ۾ مولانا جلال الدين، همايون کان جدا ٿي
ويو. ان کان پوءِ سندس ڪو پتو ڪونه پيو. اهو واقعو
سن 947هه ۾ ٿي گذريو.
مفتي محمد يونس سنڌي جي درسگاهه ۽ خانقاهه:
مفتي محمد يونس سنڌي ولد مير جادم، مبارڪ شاهه کان
فيض پرايو هو. هو سيد محمد مهدي جونپوري جي هڪ وڏي
مريد شيخ دانيال جي نظر جو تربيت يافته هو. پنهنجن
بکر ۾ رهندڙ ڀائرن ۽ سوٽن کان جدائي اختيار ڪري
اچي ٺٽي ۾ رهيو. گهڻو ڪري مڪليءَ تي، انهيءَ جاءِ
تي عبادت ۾ گذاريندو هو، جتي سيد ميران محمد مهدي
اچي منزل انداز ٿيو هو. اتي سراين جي شادماني جي
جاءِ آهي ۽ سلطان سامٽيو آرامي آهي. ٺٽي ۾ پنهنجي
خانقاهه ۾ حديث، فقهه، فتويٰ ۽ تفسير جي تعليم سان
گڏ پنهنجي مريدن ۽ طالبن کي وعظ ۽ نصيحت جي پڻ
تربيت ڏيندو هو. ڏهين صدي هجري جي وچ ڌاري ٺٽي ۾
وفات ڪيائين. سندس عبادت ۽ ڪرامتن جا ڪرتب بيان
کان ٻاهر آهن. سندس زيارت سچي عقيدي وارن طالبن ۽
خادمن لاءِ عزت جو باعث آهي.
شيخ طيب جو دارالعلوم ۽ درسگاهه:
شيخ طيب بن هارون ٺٽوي، ظاهري علم پنهنجي استاد
مفتي محمد يونس سنڌيءَ کان حاصل ڪيو. حافظ، قاري،
عالم، بي نفس، شڪسته دل ۽ نماڪ چشم هو. شيخ طاهر
جو ڀائيٽو مسيح الاولياءَ عيسيَ سنڌي برهانپوري به
هن بزرگ وٽ اصول فقه ۽ علم ڪلام پڙهيو. شيخ نه رڳو
سٺو مدرس ۽ عالم هو، پر ان سان گڏ سٺو ليڪک به هو.
هن ”رسالي غوثيه“ تي هڪ عمدو شرح لکيو ۽ ”مشڪواة
شريف“ تي به سندس عمدا حاشيه آهن. هن ڏهين صدي
هجريءَ جي پوئين ڏهي ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ ابراهيم
سنڌي جي قبرستان برهانپور ۾ دفن ٿيو.(1)
قاضي سيد شڪر الله بن وجيهه الدين بن سيد نعمت
الله بن سيد عرب شاهه بن امير نسيم الدين محمد عرف
ميرڪ شاهه بن امير عطاءَ الله جمال الدين محدث بن
فضل الله بن مير عبدالرحمٰن بن عبداللطيف حسيني
دشتڪي- سندس احوال روضة الصفا، هت تعليم، تاريخ
طاهري ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۾ آيل آهي ته سن906هه ۾
شاهه بيگ جي ڏينهن ۾ خطيب ۽ قضا جي عهدن تي سرفراز
ٿيو. آخرڪار مرزا شاهه حسن جي دور ۾ وفات ڪيائين.
سندس مزار سيد عبدالله شاهه جي مقبري ڀرسان مڪلي
تي آهي.
ميرڪ شيخ محمود جي درسگاهه:
ميرڪ شيخ محمود بن ميرڪ ابو سعيد بن امير علي شاهه
عرب شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ الدين بايزيد پوراني
جو ڏهٽو آهي. هو سبزوار مان لڏي اچي قنڌار ۾ ويٺو.
ميرڪ بايزيد، شاهه بيگ ارغون جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت
بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ ميرڪ محمود اچي ٺٽي ۾
رهيو. هو نهايت فضيلت، سخا، زهد، علم ۽ تقويٰ ۾
ممتاز رهي، سالن جا سال شيخ الاسلام جي اعليٰ عهدي
تي سرفراز رهندي به ڪيترن طالب علمن کي ڪامل فيض
عطا ڪندو رهيو. خط نستعليق ۾ ڏاڍو ماهر هو. سندس
اولاد جي محلي ۾ هڪ عاليشان مسجد، مدرسو ۽ مقام جي
مشهور رائنڪ سندس تعمير ڪرايل آهي. هن سن 962هه ۾
وفات ڪئي.
ميرڪ شيخ محمد مير محمد بن ميرڪ شيخ محمود، هڪ
اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف ۽ انساني فضيلتن
سان مخصوص ميرڪ هو. جامع فتاويٰ پوراني سندس
يادگار آهي. هن سال 970هه ۾ وفات ڪئي. ”جامع
فتاويٰ پوراني“ ڪتاب جو عڪس سنڌ جي مشهور مورخ ۽
اديب پير حسام الدين راشدي يورپ مان گهرايو آهي.
ميرڪ شيخ عبدالباقي بن ميرڪ شيخ محمود، پنهنجي
پيءُ کان پوءِ شيخ الاسلام جي عهدي تي فائز ٿيو.
سڀني علمن، خصوصاً هيئت ۽ حڪمت ۾ ڪامل هو. مولانا
عبدالحق جيلاني، جيڪو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح
الله جو همعصر هو، تنهن پڻ ڪي باريڪ علمي نڪتا
وٽانئس حل ڪيا. اقليدس (جاميٽري) ۾ ايتري ته دسترس
هيس جو ڪيتريون پنهنجون شڪليون ايجاد ڪيائين.
شيخ عبدالوهاب ولد شيخ بايزيد ابو سعيد پوراني،
شيخ ميرڪ محمود جو ڀائيٽو هو. سندس پيءُ بکر ۾
سڪونت اختيار ڪئي ۽ پاڻ اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽
نهايت بزرگي سان وڏن جي طريقي کي زنده رکڻ ۾ مشغول
ٿي ويو. ايتري قدر جو ميرڪ مير محمد وانگر هن به
فتاويٰ تي پنهنجي قلم آزمائي ڪئي، جو سندس زندگيءَ
جو هڪ نمايان ڪارنامو هو. هن سن 971هه ۾ وفات ڪئي.
مير ابوالمڪارم، تخلص ”شهود“ بن نواب امير خان،
پيءُ جي نوابي هوندي به فقيري جو رستو ڪري. ڪاملن
جو درجو حاصل ڪيائين. حضرت سليمان عليہ السلام ۽
بلقيس جي قصي بابت سندس هڪ ڪارآمد مثنوي ”پريخان
سليمان“ مشهور يادگار آهي. ظاهري علمن جو پڻ جامع
هو. سندس پٽن مان مير امين الدين خان حسين ٽٺي جي
حڪومت تي سرفراز ٿي اچي هميشه لاءِ رهيو. هو
باڪمال، حال قال جي صاحبن ۾ برگزيده هو.
شيخ صدر الدين جي درسگاهه:
شيخ صدر الدين وڏو عالم ۽ پرهيزگار ڄام نظام الدين
جو معاصر هو. پنهنجي علمي ڪماليت جو جامع هو. سندس
وڏو دارالعلوم ۽ درسگاهه هو. جنهن مان هزارين
شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا. پهريائين سيد ميران
محمد مهدي جونپوري جو مخالف هو، پر سندس زيارت کان
پوءِ پڪو مريد ۽ شاگرد ٿي پيو. سندس اصل نسل
جيپوري خبر نه آهي.
مخدوم مَتو جي درسگاهه ۽ خانقاهه:
مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو، ٽلٽي واري مخدوم
بلال جي خليفن مان هو. هميشه عبادت ۾ مشغول رهندو
هو. زهد ۽ تقويٰ جي راهه جا شائق، هدايت ۽ ارشاد
جي طريقي جا طالب، سندس مريد ۽ معتقد هوندا هئا.
باطني فيض سان گڏ ظاهري علم جي اپلوٽ پڻ ڪندو هو.
حڊيث جي علم ۾ تمام ماهر هو. سندس تصنيفات مان شرح
اربعين، شرح جيلاني ۽ ڪي ٻيا رسالا مشهور آهن.
سندس مدرسي ۾ سوين طالب علم حديث جو درس وٺندا
هئا. همايون بادشاهه جي آوارگي جي ڏينهن ۾ 949هه ۾
ٺٽي ۾ وفات ڪيائين ۽ مڪلي تي دفنايل آهي.
مخدوم عبدالڪريم بن مولانا يعقوب، مرزا شاهه حسن
جو استاد، علوم معقول توڙي منقول جو جامع هو. علم
جي نور مان ڪيترائي طالب سندس مدرسي مان منور ٿي
نڪتا. هو سن949هه ۾ گذاري ويو. ”علامہ وارث
الانياءَ“ سندس وفات جي تاريخ آهي. سندس مزار مڪلي
تي آهي.
مخدوم فضل الله جي درسگاهه:
مخدوم فضل الله پنهنجي وقت جو وڏو عالم، قدسي
فضيلتن جو جامع ۽ علم الانساب جو ماهر، پرهيزگاري
۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل آهي. ٺٽي ۾ سندس
قائم ڪيل مدرسي مان ڪيترائي شاگرد فيض پرائي ويا.
مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي جو همعصر هو. ڏهين صدي
هجري جي آخري ڏهي ۾ وفات ڪيائين. سندس اولاد مان
مخدوم ابوالخير پنهنجي وقت جو يگانو عالم ٿيو،
تنهن به سندس قائم ڪيل مدرسي ۾ ساڳيو شغل جاري
رکيو. ڪجهه وقت بعد کيس دهلي گهرايو ويو ۽ فتاويٰ
عالمگيري جي ترتيب ۾ شريڪ رهيو. سندس پٽ ملا اسحاق
ڪمالات جو جامع هو، تنهن جو پٽ ڪمال الدين نالي
لاولد گذاري ويو. مخدوم فيروز، پنهنجي وقت جو ڪامل
۾ ڪامل عالم هو. بزرگي ۽ علمي ڪمال سندس اولاد ۾
موروثي هلندا اچن ٿا.
مخدوم عثمان بن مخدوم بهاءُ الدين بن ميان صديقي
اصل ۾ ساڪن اُچ جو، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ ٺٽي
۾ اچي، ملا محمد علي ديوان جو نياڻيو بنجي، خزاني
جي وصولي جي نوڪري ڪيائين. مرزا جي گرفتاريءَ کان
پوءِ ساڻس اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ موٽي اچڻ کان
پوءِ جلدي گذاري ويو.
ملا احمد، شاهه فتح الله شيرازي جو شاگرد،
ابوالفضل ۽ فيضي جو هم سبق ۽ اڪبر بادشاهه جي دور
جو عالم ۽ بزرگ هو. ڪجهه وقت اتي جو قاضي پڻ رهيو.
مڪلي واري مشهور رائنڪ سندس يادگار آهي. ارغونن جي
سنڌ ۾ آمد کان پوءِ سيد ميران ڪربلائي سنڌ جي
آڳاٽي شهر سيوهڻ ۾ اچي رهيو. سن1298هه ۾ امير
تيمور جي حملي ڪري عيسوي پنڌرهين صديءَ ۾ وچ ايشيا
تي مختلف ڌارين جي حملن ڪري تيموري شهزاده جو وچ
ايشيا ۽ خراسان مان تڏو ويڙهجي ويو.(1)
انهن سياسي انقلابن ڪري ڪيترائي بزرگ ۽ عالم سنڌ ۾
اچي سڪونت پذير ٿيا. سنڌ جو مشهور تذڪره نگار ۽
فارسي زبان جو شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي به هن
خاندان جو چشم و چراغ هو.
علامه يونس سمرقندي جي ٺٽي ۾ درسگاهه:
مولانا يونس سمرقندي، شاهه حسين ارغون جي ڏينهن ۾
ترڪستان کان سنڌ ۾ آيو ۽ ٽٺي ۾ مڪتب کوليائين. سنڌ
جو حاڪم شاهه حسين سندس درسگاهه ۾ شرح موافق پڙهيو
هو. سيد تاج الدين بکري صوري ۽ معنوي سعادت ڪري
وٽس امتياز وارو هو.(2)
شيخ قالو قريشي، شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي اولاد
مان، وقت جو عالم بزرگ زماني جو عاليشان مناقبن جو
صاحب، ترخانن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. سنڌ
جي ڪيترن حصن مان سندس مريد ۽ طالب فيض پرائي ويا.
سندس وفات کان پوءِ پٽس شاهه عبدالله جاءِ نشين
ٿيو.
قاضين جي درسگاهه:
قاضي نعمة الله انهن قديمي قاضين مان هو، جن جو
نسب حضرت عباس جي اولاد سان ملي ٿو ۽ جيڪي عباسي
گورنرن جي وڃڻ کان پوءِ پوئتي رهجي ويلن مان آهن.
ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ عالمن جو
پيشوا ۽ پرهيزگارن جو اڳواڻ هو. سندس وفات نائين
صدي هجري جي آخر ڌاري ٿي. سندس
پٽ قاضي سائين ڏنو وڏو عالم ۽
پرهيزگار بزرگ هو. قاضي نعمت الله (ثاني) بن قاضي
سائين ڏنو، وقت جو علامه ۽ زماني جو زبردست عالم
هو. هو پنهنجي وقت جي عالمن ۽ عارفن جي معرفت جو
سرچشمو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي سندس همعصر
هئا. سندس وفات 981هه ڌاري ٿي.
قاضي حماد، عباسي گورنر جي دور پوري ٿيڻ کان پوءِ
باقي رهيل قاضين مان هو. هو فضيلت، علميت ۽ ڪمال ۾
نهايت ڪامل، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۾ نهايت سڳورو هو.
قاضي صدو بن قاضي حماد، وڏي ۾ وڏو پرهيزگار، خاص ۽
عام جي ارادتمندي جو مرڪز هو. علمي خواهه عملي
ڪماليت ڪري برگزيده هو. ڪيترن الله وارن جي صحبت
مان فيض پرايائين. هن ڏهين صدي هجريءَ ۾ وفات ڪئي.
ميان وجيهه سنڌي ۽ ان جي خانقاهه ۽ درسگاهه:
هن بزرگ جو احوال ”تذڪره گلزار ابرار“ ۾ آيل آهي،
جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ٺٽي جي لڳ هڪ ڳوٺ ۾
ڄائو ۽ اتي ئي ياد خدا ۾ رهندو هو. علم جي ڪمال ۾
ڄاڻ ڪري سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل درسگاهه ۾
ڪيترائي مريد ۽ طالب علمي فراغت پائي ويا. ڏهين
صدي هجري جي آخر ۾ جڏهن عبدالرحيم خان خانان سنڌ
جي فتح لاءِ پهتو، تڏهن هو پنهنجي عادت موجب هر
هنڌ حڪم ڪندو آيو ٿي ته ”ڪٿي به ڪنهن فقير يا
درويش جي ڳوٺ يا خانقاهه کي ڪوبه نقصان نه پهچايو
وڃي.“ پر ميان وجيهه جي ڳوٺ جي ٻاهران جڏهن تنبو
اچي کتا، تڏهن معاملو ئي ٻيو ٿي ويو، جنهن جو ذڪر
خان خانان، شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ سان هن ريت ڪيو:
”سنڌ جي فتح کان پوءِ 1007هه ۾ برهانپور ۾ موٽي
آيو، تڏهن پنهنجي تنبوءَ ۾ لهڻ کان اڳ ۾ سڌو سنئون
پنهنجي سموري عملي سميت مون سان مسجد ۾ ملڻ آيو.
سڀ کان پهريائين هي ڳالهه ڪيائين ته سنڌ مان ميان
وجيهه جي ڳوٺ وٽ جڏهن منهنجي فوج منزل ڪئي ته ٿڪ
جي ڪري مون کي ننڊ اچي ويئي ۽ فوج ڳوٺ ڦُري ڇڏيو.
مون سجاڳ ٿيڻ تي ڏاڍو افسوس ڪيو ۽ سڌو توهان وٽ
آيو آهيان ته ڪجهه دل تان بار هلڪو ٿئي. خان خانان
ميان وجيهه جو بيان ڪندي ٻڌايو ته: هو هڪ عالم ۽
ديندار ماڻهو هو، جنهن جي دل هميشه درد سان ڀريل
هئي ۽ زبان ياد حق ۾ مشغول هئي.“(1)
ميان وجيهه سنڌي جي وفات يارهين صدي ۾ معلوم ٿئي
ٿي.
تحفة الڪرام، جلد ٻيو ص ص458-459
تحفة الڪرام، جلد ٻيو ص459
مير علي شير ٺٽوي جي چوڻ موجب، الله وارن مان
هڪ بزرگ حرمين شريفين جو ارادو رکي اچي لٿو ۽
وجد ۾ اچي سماع شروع ڪري ڏنائين ۽ وجد جي حالت
۾ چوڻ لڳو ته ”هذا مڪة لي“ اهي لفظ بار بار
دهرائڻ ڪري عام ماڻهو هن ٽڪريءَ جو نالو ئي
”مڪلي“ (مڪة لي) سڏڻ لڳا.
Alexander Bnrs, “Voyage to Bukhara” P.P
34-42.
|