سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 1

صفحو :16

سيوهڻ جو صديقي درسگاهه:

سيوهڻ هر دور اندر علمي مرڪز رهيو آهي. ٻارهين صدي هجريءَ ۾  مخدوم محمد حسن (وفات 1220هه/1805ع) پاٽ کان سيوهڻ ۾ اچي شيخ الاسلامي جي عهدي تي رهيو. مخدوم محمد حسن سيوهاڻي، مخدوم دين محمد جو فرزند آهي. مخدوم دين محمد جي ٻئي فرزند مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي ڪوبه نرينه اولاد نه هو. باقي مخدوم محمد حسن کي چڱو اولاد ٿيو ۽ سيوهڻ جي صديقي خاندان انهيءَ بزرگ جو اولاد آهن. چوڏهين صدي هجري جو مشهور عالم ۽ ولي مخدوم بصر الدين پڻ مخدوم محمد حسن جي اولاد مان آهي.(1) هاڻوڪو مخدوم محمد مراد جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم آهي، سو پڻ هن مخدوم محمد حسن جي اولاد مان آهي.

مخدوم محمد حسن پنهنجي والد دين محمد کان تعليم پرائي، پر علم ۾ هن جي ڀاءُ مخدوم عبدالواحد (نعمان ثاني) جي وڏي شهرت ڪري مخدوم محمد حسن جو نالو علمي دنيا ۾ ايڏو مشهور ٿي نه سگهيو. مخدوم محمد حسن سيوهڻ ۾ رهڻ کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي رهيو ۽ ان سان گڏ اتي ديني درسگاهه به قائم ڪئي. ان درسگاهه مان سوين عالم پڙهي نڪتا ۽ خاص طرح مخدوم دين محمد جو اولاد قابل ذڪر آهي، جيڪي ميرن صاحبن جي دور ۾ ٿي گذريا. هن بزرگ سن1220هه ۾ وفات ڪئي.

سيد ثابت علي شاهه:

سيد ثابت علي شاهه بن سيد مدد علي شاهه بن نور محمد شاهه بن سيد عيسيٰ ملتاني، سن1153هه/1740ع ۾ سنڌ جي قديم تاريخي شهر سيوهڻ ۾ ڄائو. اهو خاندان اصل ۾ ملتان جو رهاڪو هو، جو سيد نور محمد شاهه المعروف ثابت علي شاهه اول، ٺٽي جي صوبيدار نواب اعظم خان سان گڏجي سن1228هه ۾ ملتان کان سنڌ ۾ وارد ٿيو.(1) پر 1131هه ۾ نواب اعظم خان معزول ٿي وڃڻ ڪري سيد نور محمد شاهه سيوهڻ ۾ اچي رهيو ۽ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. اتي ئي سندس پوٽو ثابت علي شاهه تولد ٿيو، جيتوڻيڪ ثابت علي شاهه جو گهرو ماحول علمي رهيو ۽ ان وقت جي معروف مدرسن به سندس علمي اوسر ۾ وڏي مدد ڪئي، پر هڪ پاسي مخدوم نورالحق مشتاق بن ملا دائود سيوهاڻي جهڙو عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم کيس استاد مليو ته ٻئي پاسي ميان غلام علي ”مدا“ بن محمد حسن ٺٽوي جهڙي شاعر کان به تعليم پرايائين. شعر و ادب سان وابستگي ۽ طبع جي رواني ته سندس قدرتي ڏات هئي، انهيءَ ڪري هوش سنڀالڻ سان شعر چوڻ شروع ڪيائين.

جلد ئي سنڌي ٻوليءَ جي اهم صنف مرثيہ گوئي تي پهچي ويو. هڪ ته هو پاڻ به سيد هو، ويتر سندس مسلڪ ۽ عقيدت ڪري سندس مرثين ۾ اهو سوز و گداز سمايل آهي، جنهن کيس هميشه لاءِ امر بنائي ڇڏيو آهي. مير خليل ٺٽوي کيس نازل بياني جو سمنڊ سڏيو آهي. سيد ثابت علي شاهه نه رڳو سنڌي ڪلام چيو آهي، پر کيس فارسي ۾ به دسترس حاصل آهي. مرثين ۽ مناقبن کان سواءِ سندس ٻي تصنيف ”جنگ نامه ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙن باعزت خان“ آهي. سنڌ جي هن عظيم مرثيه گو شاعر جي وفات سن1225هه 1810ع ۾ ٿي ۽ سيوهڻ ۾ ئي دفن ٿيل آهي. سندس وفات تي مير غلام علي ”مائل“ ٺٽوي قطعه تاريخ چيو:

چون محب شاهه، دين مداح آل مصطفيٰ،

آنڪ از صدق و عقيدت در محبت داشت جوش،

رفت از دنيا بجنت، گشت هم بزم علي،

گفت هم بزم ثابت علي بادا سروش.

1225هه

سيد ثابت علي شاهه پنهنجي پويان ٻه پٽ ڇڏيا: سيد احسان علي شاهه ۽ سيد امداد علي شاهه. سيد احسان علي شاهه به پنهنجي پيءُ وانگر سنڌيءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. مياڻي واري جنگ بابت جنگ نامو لکيو اٿس. پاڻ لاولد گذاريائين. باقي سيد امداد علي شاهه جو اولاد اڄ تائين هلندو اچي ٿو. هاڻوڪو نوجوان اديب سيد احسان علي شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد ثابت علي شاهه پڻ هن خاندا جا چشم و چراغ آهن.

شيخ محمد حسين سيوهاڻي:

شيخ محمد حسين بن محمد مراد بن محمد يعقوب بن محمد، سيوهڻ جي انصاري خاندان جو وڏو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. هن سموري تعليم پنهنجي والد علامه محمد مراد کان پرائي، جيڪو شيخ الاسلام جي لقب سان مشهور هو ۽ مخدوم هاشم ٺٽوي جو شاگرد هو. شيخ محمد عابد مدني، سندس ڀائٽيو ۽ شاگرد هو، جنهن پنهنجي تاليف ”حضر الشارد“ ۾ جيڪي اسانيد لکيون آهن، سي شيخ محمد حسين جي ذريعي پهتيون هيون.

شيخ محمد حسين، شيخ ابوالحسن بن شيخ محمد صادق کان اجازت حاصل ڪئي. ان شيخ محمد حيات سنڌي کان، جيڪو علامه ابوالحسن ڪبير جو شاگرد ۽ سندس جانشين ٿيو.

شيخ محمد حسين لاءِ ”اليانع الجني“ جو صاحب لکي ٿو: ”ڪان عالماً جيداً جامعاً بين علوم الاديان والابدان“ مطلب ته ”شيخ محمد حسين وڏو جيد عالم هو. علوم دين ۽ علوم ابدان (طب) جو جامع هو.“

شيخ محمد عابد ”حصر الشارد“ ۾ لکي ٿو ته ”مون کي منهنجي چاچي شيخ محمد حسين بن محمد مراد گهڻائي ڀيرا خرقو پهرايو ۽ چيائين ته مون کي پنهنجي والد شيخ محمد مراد بن يعقوب گهڻائي ڀيرا خرقو پهرايو، جنهن کي وري شيخ محمد هاشم بن عبدالغفور سنڌي خرقو پهرايو هو، ۽ ان چيو ته مون کي شيخ عبدالقادر خرقو پهرايو هو.“

شيخ محمد حسين پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ درس تدريس ۽ قراءَت جو شغل جاري رکيو. ستن قراءَتن ۾ کيس سندَ حاصل هئي ۽ اها سند شيخ محمد عابد کي به شيخ محمد حسين کان ئي پهتي. شيخ محمد حسين جو والد بزرگوار عرب هجرت ڪري ويو، ان ڪري کيس به پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا. هو هڪ وڏو طبيب پڻ هو. ان ڪري عرب ملڪن ۾ سندس وڏي عزت هئي. اندازاً سن1230هه ڌاري وفات ڪيائين.

مخدوم محمد عارف سيوهاڻي (وفات 1247هه) جي درسگاهه:

مخدوم محمد عارف به سيوهڻ جي صديقي خاندان جو چشم و چراغ ۽ مخدوم دين محمد سيوهاڻي جو پوٽو هو. مخدوم عبدالواحد جي وفات کان پوءِ فتوائن ۽ درسگاهه ۾ سندس علمي جاءِ نشين هي بزرگ رهيو. پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ ديني علوم ۽ اسلامي تبليغ جي ڪم کي روان دوان رکيائين. سندس علمي تبحر جي مشهوري ڪري وٽس پري پري جا شاگرد علم جي تحصيل ڪندا رهيا. مخدوم محمد مراد سيوهاڻي وٽ ڪي قلمي ڪتاب آهن، جن تي مخدوم محمد عارف صديقي جا حاشيا ۽ نوٽ لکيل آهن، جن مان سندس علمي ذوق جو پتو پوي ٿو.(1)

فقہ حنفي جي مشهور ڪتاب ”هدايہ جي هڪ حاشيہ ”نجوم الهدايہ“ تي سندس هيٺيون نوٽ لکيل آهي:

الحمد لله الذي من علي بعبده هاتين الحاشيتين من يد القاضي غلام محمد بن لطف الله المرحوم وهيني حسين عزم السفرالي الحرمين زاد الله تعاليٰ شرفما. وانا الموهوب لہ ذالخاتم. 1222. خمد عارف

الله جي وڏي واکاڻ ڪجي، جنهن پنهنجو احسان فرمائي قاضي غلام محمد بن لطف الله مرحوم جي هٿان مون کي ٻه حاشيا مفت ڏياريا. هن مون کي اهو ڪتاب ان وقت ڏنو، جڏهن هو حرمين ٿي ويو، جنهن کي اهو هبو مليو، سو هن مهر وارو آهي. 1222  (محمد عارف)

هڪ ٻيو ڪتاب تصوف ۾ ”فتح الفضل“ آهي.(2) ٽيون ڪتاب ڪنز جو شرح مستخلص قلمي نسخو آهي.(1)

شيخ محمد عابد انصاري سيوهڻ:

شيخ محمد عابد بن احمد علي بن محمد مراد بن حافظ يعقوب بن محمود انصاري جي ولادت سيوهڻ ۾ ٿي. ابتدائي تعليم هتي ئي حاصل ڪيائين. سندس ڏاڏو ”شيخ الاسلام“ جي عهدي تي فائز هو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي وڏن شاگردن مان هو. پنهنجن ٻين ويجهن عزيزن سميت عرب ڏانهن هجرت ڪيائين. شيخ محمد عابد، پنهنجي چاچي محمد حسين انصاري کان علم پرايو ۽ حديث جي سند، جنهن جو سلسلو سنڌ جي عظيم محدث ابوالحسن ڪبير تائين پهچي ٿو، سا به پنهنجي چاچي کان ورتائين.

شيخ محمد عابد يمن جي علمي مرڪز زبيد ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي جي وڏن عالمن ۽ حجاز جي متبحر استادن کان استفادو ڪيو. سندس گهڻي رهائش زبيد ۾ هئي. ان ڪري علامه ساباتي پنهنجي فهرست ۾ کيس زبيده جي عالمن ۾ شمار ڪيو آهي. هو يمن جي دارالسلطنت صنعاءِ ۾ آيو ۽ اتي جي والي جو شاهي طبيب ٿي رهيو ۽ ان جي وزير جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. يمن جي والي وٽ سندس اها مقبوليت هئي جو هڪ ڀيري ان جي طرفان مصر ڏانهن سفير بنجي ويو. شيخ محمد عابد کي مديني منوره ۾ رهائش جو ڏاڍو خيال رهندو هو ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن اتي ئي گهارڻ ٿي گهريائين. آخرڪار هو مديني منوره ۾ آيو ۽ اتي رهي وعظ جو سلسلو شروع ڪيائين. پر اتي پراڻين رسمن جا ڪي پوئلڳ هن جي وعظ کان خوش نه ٿيا، نيٺ وڏي اختلاف بعد کيس موٽي پنهنجي ماڳ (سنڌ) تي اچڻو پيو.

وطن واپس اچي سڀ کان پهريائين پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان ثاني جي زيارت لاءِ لنواري ۾ آيو ۽ اتي ڳچ راتيون رهيو. ليڪن عرب جي شوق کيس وطن ۾ وڌيڪ رهڻ نه ڏنو، جنهن ڪري ستت ئي مديني منوره پهچي ويو. کيس مصر جي حاڪم طرفان مدينه منوره جي عالمن جو سردار بڻايو ويو. پوءِ اتي وفات تائين تصنيف و تاليف ۽ درس و تدريس ۾ مشغول رهيو.

ڪتاب ”نيل الوطر“ جو مصنف شيخ محمد بن محمد، محمد عابد سنڌي کي ”الشيخ محمد عابدين المڪي“ جو نالو ڏيئي، کيس شيخ، علامه ۽ حافظ جي لقبن سان ياد ڪندي، سندس نسب هن طرح لکي ٿو: محمد بن عابد بن شيخ احمد بن علي بن محمد بن مراد ايوبي، انصاري، سنڌي، مڪي. هن غلطي جو اصل ڪارڻ اهو آهي جو عربي ۾ هڪ ماڻهوءَ تي ٻه نالا نه هوندا آهن، ان خيال کان محمد عابد کي محمد بن عابد، ۽ احمد علي کي احمد بن علي ڄاتو ويو آهي.

شيخ ”جحاف“، علامه محمد عابد سنڌيءَ جو پڙهڻ جو رفيق رهيو، اهو شيخ محمد عابد لاءِ لکي ٿو ته: اسان ٻنهي گهڻو زمانو گڏ گذاريو ۽ شيخ بدر شاڪاني وٽ پڙهڻ ۾ به گڏ هئاسين. سن 1216هه ۾ گڏ حج ڪيوسين ۽ اتي جي شيخ سان ملاقات ڪئي سون. امام الحرمين صالح محمد بن فلاني مغربي کان اجازت طلب ڪئي سون. مون حرمين جي امام کي ڏٺو ته اهو شيخ محمد عابد سنڌي جي وڏي عزت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجي جاءِ جي ويجهو ويهاريندو هو. کيس ماڻهن ۾ وڏي عزت هئي. صحيح بخاري جي ان کي پوري ڄاڻ هئي. هن صحيح بخاري جي مڪرر حديثن بابت هڪ بهتر ۽ عجيب ڪتاب لکيو، جيڪو ماڻهن ۾ ڏاڍو مقبول پيو. ڪتاب جو نالو ”منحة الباري بمڪررات البخاري“ رکيائين ۽ مصنف جي حياتي ۾ ئي ماڻهو ان ڪتاب کي نقل ڪري ويا.(1)

شيخ حجاف وڌيڪ لکي ٿو ته: شيخ محمد عابد سنڌي صحاح ستہ جي سڀني ڪتابن کي هڪ جلد ۾ لکيو هو ۽ فتح الباري شرح صحيح البخاري کي به هڪ جلد ۾ لکيو هئائين ۽ جڏهن حديث جي ڇهن ئي ڪتابن کي پورو ڪيائين ته ان خوشيءَ ۾ هڪ دعوت ڪيائين، جنهن ۾ چونڊ ماڻهن کي مدعو ڪيو ويو. فتح الباري جي پوري ڪرڻ وقت به اهڙي دعوت ڪئي هئائين. امام منصور کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، ان عزت هوندي به جڏهن حج جا ڏينهن ويجها ايندا هئا ته بيت الله جي سفر کان پوئتي نه پوندو هو، تهائم ۽ جبال جو سير ڪندو رهندو هو. سندس مجلس عالمن جو آماجگاهه هوندي هئي. گهڻن فائدن جو صاحب ۽ بيمارن جو پناهگاهه هوندو هو. وڏو حاذق حڪيم هو، سندس علاج ۾ وڏي شفا هئي.

شيخ محمد عابد سنڌي پهريون عالم آهي، جنهن يمن ۾ طب جي ڪتاب ”تحفة المؤمنين“ آندو ۽ فرمائيندو هو ته اهو ڪتاب هن علم ۾ نهايت متين ۽ عمدو آهي. هن مفردات ۽ مرڪبات ۾ خاص التزام ڪيو هو. تجربي ۾ اڳين حڪيمن جي تقليد ۽ پوئلڳي نه ڪئي اٿس، پر جنهن نسخي کي آزمايو اٿس، ان کي مجرب لکي ڪري کنيائين ۽ جيڪو آزمايل اٿس، ان لاءِ لکي ٿو ته هن کي اڳين حڪيمن آزمايو آهي يا انهن مجرب سڏيو آهي.

جمادي الاخر سن1220هه ۾ شيخ محمد عابد سنڌي جو سيف الاسلام احمد بن منصور ڏانهن لکيل خط پهتو، جنهن ۾ هن امام کي خواب ۾ ڏسڻ جو قصو بيان ڪيو آهي. ان کي تفصيل سان شيخ جحاف ”درر نحور العين“ ۾ آندو آهي ۽ اهو به لکيو اٿس ته ربيع الاول سن1233هه ۾ شيخ محمد عابد سنڌي زندگيءَ جا آخري ڏينهن مدينه منوره ۾ رهيو ۽ اتي ئي 1257هه ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجا سمورا ڪتاب حرم مڪي کي وقف ڪيائين.

قاضي محمد بن علي شوڪاني ”البدر الطالع“ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: شيخ محمد عابد سنڌي کي به علم طب ۾ وڏي دسترس هئي. نحو، صرف، فقهه حنفي ۽ اصول فقهه ۾ کيس مضبوط معرفت ڄاڻ حاصل هئي. سندس سمجهه صحيح ۽ تيز هئي. کيس وقت جي خليفي مولانا امام منصور بالله ”حديده“ مان پاڻ وٽ گهرايو. هو امام جي بارگاهه ۾ پهتو ۽ اتي ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت سندس دوائن مان فائدو پرايو. هو ”صنعاءِ“ ۾ سن1213هه ۾ پهتو، مون وٽ ايندو رهندو هو ۽ مون وٽ ”هدايہ الابهري“ ۽ ان جو شرح ميبذي حڪمت ۾ پڙهيو. هي ڪتاب جيتوڻيڪ دقيق هو، جو ڪيترا چونڊ عالم ۽ ماهر درس وقت حاضر ٿيندا هئا، پر اهي گهڻو ڪري هن متن ۽ شرح کي سمجهي نه سگهندا هئا. باقي شيخ محمد عابد سنڌي هن کي تمام سٺو سمجهندو هو.

شيخ محسن بن يحيٰ پنهنجي تاليف ”اليانع الجني“ ۾ لکي ٿو ته شيخ محمد عابد سنڌي پنهنجي تصنيفات مان وڏا ۽ ننڍا گهڻائي ڪتاب ڇڏيا، جي وڏا مفيد آهن. جيئن ته ”المواهب اللطيفہ علي مسند امام ابي حنيفہ“،(1) جنهن ۾ هن حصڪفي جي روايت تي اختيار ڪيو آهي. ٻيو ڪتاب ”طوالع الانوار علي الدر المختار“ آهي، جيڪو بسط سان لکيو ويو آهي. هن ۾ حنفي امامن جي فروغ کي گهڻو سميٽيو ويو آهي. واقعات ۽ فتوائن جي مسئلن کي پڻ هڪ هڪ ڪري هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي.(2) ٽيون ڪتاب ”شرح تيسير الوصول“ آهي. هن شرح ۾ ڪتاب الحدود جي حرف جاءِ تائين پهتو هو.(3) سندس چوٿون ڪتاب اسناد ۾ ”حصر الشارد في اسانيد“ به آهي، جنهن کي هن بندر ”مخا“ ۾ رجب سن1240هه ۾ لکي پورو ڪيو.(4) پنجون ڪتاب ”شرح مسند الامام الشافعي“ آهي، جيڪو ڪافي ضخيم ۽ ٻن جلدن ۾ آهي. هن جو علامه زاهد ڪوثري، مسند امام شافعي مرتب شيخ محمد عابد سنڌي جي مقدمه ۾ ذڪر ڪيو آهي. پر افسوس جو علامه ڪوثري کي به رڳو هڪ جلد مدينه منوره ۾ ڏسڻ ۾ آيو ۽ ٻيو جلد غائب آهي. ڇهون ضخيم ڪتاب”منحة الباري“ آهي، جيڪو مولانا قاسمي صاحب مديني منوره ۾ ڏٺو، جنهن مان عرب و عجم جي متبحر ۽ مجتهد عالمن وڏو فائدو ورتو ۽ انهيءَ موضوع تي وڌيڪ تاليفون ڪيون.

شيخ محمد عابد سنڌي سومر جي ڏينهن سترهين ربيع الاول سن1257هه/ 1841ع ۾ وفات ڪئي. کيس جنت البقيع ۾ حضرت عثمان رضي الله عنہ جي دروازي جي آڏو دفن ڪيو ويو.(1)

مخدوم محمد عارف سيوستاني جو مدرسو:

مخدوم محمد عارف بن مخدوم محمد حسن بن دين محمد صديقي بن مفتي عبدالواحد پاٽائي. هن ظاهري علم پنهنجي چاچي مخدوم عبدالواحد سيوستاني وٽ حاصل ڪيا. ان کان پوءِ نقشبندي مجددي طريقي ۾ به کانئس بيعت ورتي. ٽالپرن جي حڪومت ۾ هي خاندان شرعي فيصلن ۽ فتوائن تي مامور هو. پنهنجي چاچي مخدوم عبدالواحد جي وفات بعد سندس جاءِ تي فتويٰ ۽ قضا جو صاحب ٿيو. ان کان سواءِ ساڳئي مدرسي ۾ ويهي درس تدريس جو شغل جاري رکيائين. سندس حياتي ۾ ئي سندس شاگردن هن جي فتوائن کي جمع ڪيو، جيڪو پوءِ ”بياض مخدوم محمد عارف“ جي نالي سان سنڌ جي عالمن لاءِ سند طور ڪم ايندو رهيو. سندس شاگردن مان مخدوم فضل الله پاٽائي ۽ خليفو غلام محي الدين سيوستاني مشهور ٿي گذريا آهن. هن بزرگ سان 1258هه ۾ وفات ڪئي.(1)

مخدوم محمد مراد علي سيوهاڻي

مخدوم محمد مراد علي ابن مخدوم محمد حسن، سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هڪ اهل دل عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو. سندس ولادت سن1190هه/ 1776ع ۾ ٿي ۽ سن1272هه/ 1855ع ۾ وفات ڪيائين.

خوشنويس ۽ خطاط

سيوهڻ جو شهر جتي علم ادب ۽ تدريس جو هر دور ۾ مرڪز پئي رهيو آهي، اتي هن شهر ۾ سٺا خطاط ۽ ڪاتب به موجود هئا. سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي ڪتابن جو جيڪو ذخيرو هلندو آيو آهي، سو انهن خطاطن ۽ ڪاتبن جي بدولت اڄ تائين زنده رهيو آهي. ٽالپرن جي دور ۾ جيڪي ڪاتب ٿي گذريا، تن جو بيان هيٺ ڪجي ٿو:

محمد شفيع (وفات 1202هه):

محمد شفيع بن حافظ معز الدين سيوهاڻي چڱو خطاط ۽ ڪاتب ٿي گذريو آهي. سندس هٿ جو لکيل ڪتاب ”سڪندر نامه“ بحري نظامي آهي، جنهن جي ڪتابت جو سال1202هه آهي.

ڪاتب غلام حسين سيوهاڻي:

غلام حسين پٽ حافظ محمد صلاح سيوهاڻي به هن خطي جو چڱو خطاط نظر اچي ٿو. سندس وڌيڪ احوال ڪٿان به معلوم نه ٿي سگهيو آهي. باقي سندس هٿ جو لکيل ڪتاب ”روضة الاحباب“ تاليف عطاءَ الله آهي، جنهن کي هن سن1208هه ۾ لکي پورو ڪيو آهي. اندازو آهي ته ان بعد وفات ڪيائين.

شرف الدين خطاط:

شرف الدين خطاط به سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ فيض محمد خطاط جو ڀاءُ هو. سندس والد جو نالو ميان عبدالحڪيم سيوهاڻي هو ”تصريح“ ۾ ڪتابت شرف الدين خطاط ۽ سندس ڀاءُ فيض محمد ٻنهي گڏجي ڪئي. سندس وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. سن1219هه کان پوءِ وفات ڪيائين.

فيض محمد خطاط (وفات 1209هه کان پوءِ)

فيض محمد خطاط ميان عبدالحڪيم سيوهاڻي جو فرزند هو. علمي مذاق مان وڏو عالم ٿو نظر اچي. سندس هٿ لکيل ڪتاب ”تصريح حاشيه تلويح“ آهي. هن ڪتاب جي ڪتابت جو سال 1209هه آهي. ميان فيض محمد انهيءَ کان پوءِ وفات ڪئي.

محمد وارث سيوهاڻي:

اهو خطاط به سيوهڻ جو رهاڪو هو، ۽ حافظ نصرالله سيوهاڻي جو پٽ هو. سندس هٿ جو لکيل ڪتاب ”شرح بوستان“ آهي، جنهن تي ڪتابت جو سال 1229هه لکيل آهي. ساڳئي سال عبدالواسع هاسوي جي تصنيف ”شرح زليخا“ به ڪتابت ڪيائين. انهيءَ مان اندازو آهي ته 1229هه کان پوءِ وفات ڪيائين.

سيد لطف علي شاهه خطاط:

سيد لطف علي شاهه به تيرهين صدي هجري جي خطاطن مان هو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. باقي سندس هٿ جو لکيل هڪ بياض ”مدحون ۽ ڪافيون“ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نظر مان گذريو، جنهن ۾ ڪتابت جو سال 1239هه ڄاڻايل آهي. سيد لطف علي شاهه ان کان پوءِ وفات ڪئي.

دائري جي درسگاهه:

يارهين صدي هجري جي آخر ڌاري، ڳوٺ صدر جهيجي(1) ۾ قرآن شريف جي حفظ ۽ قراءَت جي تعليم لاءِ هڪ مڪتب جو بنياد پيو، جو پوءِ وڌي هڪ عاليشان درسگاهه ٿيو، جنهن جي مشهور علمي حلقي (دائري) سببان هي ڳوٺ ”دائرو شريف“ سڏجڻ لڳو، وڏا قابل قاري ۽ حافظ هن درسگاهه جا اوائلي استاد توڙي آئينده جا معمار بنيا. انهن مخلص ڪارڪنن ۾ سندن علمي ڪارنامن جو تفصيل محفوظ نه رهيو آهي. البت درسگاهه جي مسجد لڳ انهن حافظن جون قبرون آهن، جي غالباً هن درسگاهه جا اوائلي استاد هئا. انهن سان لڳولڳ هڪ سهڻي اڏيل صفي اندر وچين دور (1108هه-1255هه) جي يارهن استادن جون قبرون آهن. انهن مان ستن عالمن جي قبرن (الهندي کان اُڀرندي تي سندن نالا ۽ وفات جا ڪي سال ڪاشيءَ جي سرن تي هيٺين طور لکيل آهن:

(1)     ”عمده الحفاظ قاري القرآن فاضل حافظ ميان محمد دوس“ ٿيٻو، جو ”حافظ نوري“ جي لقب سان مشهور ٿيو. ماهه ذيقعده سن1255هه ۾ وفات ڪيائين.

(2)    ”عمده الحفاظ حافظ ابراهيم“، جنهن آچر ڏينهن 13 تاريخ ”ماه ذيقعد 1255هه“ ۾ وفات ڪئي.

(3)    ”سيد ابوالمعالي“، جنهن 19 تاريخ ماهه رمضان مبارڪ 1226هه ۾ وفات ڪئي ۽ ”برايمان رحمت رسيد“ مان سندس وفات جو سال (1226هه) نڪري ٿو.

(4)    ”سيد شاهه محمد، صاحب دائره“، جنهن تاريخ 2 جمادي الاول سن1204هه ۾ وفات ڪئي.

(5)     ”سيد محمد معصوم صاحب دائره“، جنهن 16 تاريخ ماه جمادي الثاني سن1183هه ۾ وفات ڪئي. ”بل خاتمہ بالايمان“ مان سندس وفات جو سال (1183هه) ڪڍيو ويو آهي. شجره موجب سندس اصل نالو سيد مسعود هو، پر هو ”محمد معصوم“ جي عرفيت سان مشهور ٿيو. ”خلق محمد معصوم لکن جو ادا“ مان پڻ سندس وفات جو عدد (1183هه) نڪري ٿو.

(6)    ”سيد يار محمد، صاحب دائره“ جنهن تاريخ 12 صفر سن1220هه ۾ وفات ڪئي: ”هجم يا محمد و قبل دخل الجنة“ مان سندس وفات جو سن(1220هه) نڪري ٿو.

(7)    ”سيد معصوم شاهه“ جنهن 12 (يا 13) رجب تي وفات ڪئي. سندس سال وفات 1168هه هيٺين بيت مان نڪري ٿو:

”زهي تاريخ بثمر و برخوان مرجع تاليان قرآن بود.“

انهن کان سواءِ، ساڳئي صفي ۾ چار ٻيون مزارون (8 کان 11) آهن، جن تي ڪتبا لکيل نه آهن.

سيد علي محمد شاهه جي فرزند محمد مسعود شاهه عرف محمد اڪرم شاهه جي هٿ لکيل شجري جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن درسگاهه جو بنياد غالباً محمد هاشم شاهه بن عيسيٰ شاهه ڪلان جي اولاد مان سيد مسعود (ثاني) بن سيد محمد هاشم (ثاني) وڌو. شجري ۾ سيد مسعود جي پٽ سيد محمد هاشم (ثالث) جي پويان ئي ”صاحب سجاده“ جو لقب لکيل آهي ۽ خانداني روايت موجب هنن بزرگن جي سجاده نشيني جي پڳ ملڪيت جي ورثي جي ڪانه هئي. بلڪ علمي ورثي جي هئي. پڻ هن شجري ۾ سيد محمد هاشم ”صاحب سجاده“ جي وفات جو سال1108هه لکيل آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته غالباً هن درسگاهه جو بنياد سيد محمد هاشم (ثالث) جي والد سيد مسعود يارهين صدي هجري جي آخر ڌاري وڌو، جو سندس وفات کان پوءِ پڳ سندس پٽ سيد هاشم شاهه تي آئي.

اندازو  ٿئي ٿو ته هن درسگاهه جو بنياد هڪ ”مڪتب“ يعني ابتدائي تعليمي اداري جي صورت ۾ پيو ۽ قرآن شريف جو حفظ ۽ قراءَت ان جي نصاب جا مرڪزي پهلو رهيا. يارهين صدي جي آخر کان وٺي ٻارهين صدي هجري جي آخر تائين هڪ سو سالن جي عرصي ۾ هن ”مڪتب“ قرآن شريف جي درس، حفظ ۽ قراءَت کي اهڙي اعليٰ معيار تي پهچايو، جو روايت آهي ته حجاز ۽ عراق جي ڪن قارين پڻ هتي اچي درس ورتو.

تقريباً هڪ سو سالن جي ڪامياب تعليمي ڪشال بعد، هن درسگاهه ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو دور شروع ٿيو. ”حلقي“ يا ”دائري“ جي نظام جو تعلق ثانوي ۽ اعليٰ تعليمي طريقي سان آهي ۽ سيد محمد مسعود عرف سيد محمد معصوم،(1) جنهن سن1182هه ۾ وفات ڪئي، هن درسگاهه جو پهريون استاد آهي، جنهن کي ”صاحب دائره“ سڏيو ويو آهي. ان بعد درس جو اهو حلقو يا دائرو ايترو مشهور ٿي ويو جو عام طور ”دائري واري درسگاهه“ ۽ ”دائري وارا استاد“ سڏجڻ لڳا.

سيد محمد مسعود عرف سيد محمد معصوم شاهه کان پوءِ هيـٺيان سجاده نشين سادات هن درسگاهه جا سرواڻ ٿيا: سيد شاهه محمد (وفات 1204هه)، سيد يار محمد (وفات 1220هه) ۽ پوءِ ڪتاب ”مصلح الفتاح“ جو مصنف علي محمد شاهه.

”درسگاهه دائره“ جي تاريخي اهميت:

هن درسگاهه جو تدريسي سلسلو جيتوڻيڪ پنجاهه سٺ سال کن اڳ ختم ٿي چڪو هو، مگر عمارتن جا آثار اڃان تائين سلامت آهن. اصل مڪتب جي شروعات مسجد ۾ ٿي، پر جيئن ئي اعليٰ تعليم جو واڌارو ٿيو ته ٻاهران آيل شاگردن جي قيام لاءِ مسجدن کان ٻاهر ڏکڻ طرف نئين احاطي ۽ عمارتن جو انتظام ڪيو ويو، جيڪو هن ريت وجود ۾ آيو:

مسجد شريف.

مسجد جو ورانڊو.

مسجد جو صحن، جنهن اُڀرندي طرفان مکيه دروازو، جنهن جي مٿان ”ٻانگو“، ۽ ڏکڻ طرف ٻيو دروازو. مسجد جي سهڻي ڇت جا ڪاٺ جي ٿنڀن تي اڏيل آهي، سا حافظ محمد دوس سن1213هه ۾ ٺهرائي. مسجد جو فرش پهريون ڀيرو سن1257هه ۾ سيد علي محمد شاهه جي سعيي سان ٺهيو.

”مقبره ڪلان“ يعني وڏو مقبرو، جو نهايت سهڻي ڪمانگري ڇت سان اڏيل هڪ ڊگهو صفو آهي، جنهن جو اندر ”دائري جي درسگاهه“ جي سجاده نشينن جون جملي يارهن قبرون آهن. هن صفي جو بنياد 1233هه ۾ رکيو ويو.

درسگاهه جي حافظن جون قبرون.

”حلقو يا دائرو“ يعني درس وقت شاگردن جي ويهڻ جي گولائين ترتيب وارو احاطو.

درس ڏيڻ وقت وڏي سجاده نشين جي ويهڻ جي جاءِ يا مصلو.

درسگاهه جي وڏي حافظ جي ويهڻ جي جاءِ.

”ڪرسي“، حلقي سان متصل  عمارت جا هتان جي قديم بستي واري جاءِ جو نشان آهي.

حافظ جي رهڻ جي جاءِ.

درسگاهه جو کوهه، جيڪو سيد علي محمد شاهه سن1276هه ۾ کڻايو.

وضو ڪرڻ يا سارڻ جي جاءِ.

طالب علمن لاءِ ”قيام گاهه“

”لنگر خانو“، هڪ شاهي ايوان، جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ لنگر چڙهندو ۽ ونڊبو هو.

لنگر خاني جي پويان اولهه ۽ اتر وارو احاطو، جتي شاگردن جا مائٽ يا ٻيا ماڻهو ۽ مهمان ترسندا هئا ۽ پنهنجا اُٺ گهوڙا ٻڌندا هئا.

سيد علي محمد شاهه ۽ سندس وڏن جون قبرون اُڀرندي کان الهندي اترين قطار ۾ حاجي محمد اڪرم شاهه، حاجي شاهه محمد شاهه، حاجي غلام نبي شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه ۽ يار محمد شاهه.

اڀرندي کان الهندي ڏاکڻين قطار ۾ سيف شاهه، عبدالملڪ شاهه، حاجي علي محمد شاهه، محمد شريف شاهه، مير محمد شاهه، در محمد شاهه عرف شاهه محمد شاهه، فيض محمد شاهه ۽ حاجي محمد سعيد شاهه.

(17)   اهل نساءَ جو تربتون:

سيد علي محمد شاهه مٽياري ساداتن مان، عيسيٰ شاهه جي اولاد مان، حمزي شاهه بنوري نقشبندي(1) جو پڙ پوٽو ۽ سيد نيڪ محمد شاهه جو فرزند هو. تاريخ 5 ماهه رجب 1226هه ۾ ”دائره شريف“ ۾ ڄائو. سندس والد ۽ ڏاڏو اتي ئي رهندڙ هئا. سندس ٻيا ويجها عزيز به درسگاهه دائره سان وابسته هئا. انهيءَ ڪري ”دائرائي سيد“ سڏبا هئا. سيد يار محمد شاهه جي بغاوت کان پوءِ درسگاهه جو نظام ميان محمد دوس ٿيٻي سنڀاليو. ننڍڙي سيد علي محمد شاهه جي ابتدائي تعليم، ”درسگاهه دائري“ ۾ قاري حافظ محمد دوس جي زير نگراني ٿي.

سندس تعليم ۽ استاد:

سيد علي محمد شاهه نهايت ذهين هو، جنهن غالباً نون ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. سيد يار محمد جي وفات بعد ”درسگاهه“ جي سجاده نشيني جي جاءِ پنڌرهن سالن تائين خالي هئي. علي محمد شاهه جي ذهانت کان متاثر ٿي قاري حافظ محمد دوس کيس ”درسگاهه دائره“ جي علمي سلسلي جي پڳ ٻڌائڻ جو سعيو ڪيو. درسگاهه جي هڪ ٻئي اهل دل درويش حافظ ٺاري ڏاهري پڻ استخاره ڪري علي محمد شاهه کي پڳ ٻڌائڻ جي ترغيب ڏني. آخرڪار مٽيارين جي برگزيده عالم مخدوم ميين محمد اڪرم ان تجويز جي تائيد ڪئي ۽ پاڻ اچي نوجوان علي محمد شاهه کي پڳ ٻڌايائين. سيد علي محمد شاهه پنهنجي ابتدائي تعليم ”درسگاهه دائره“ ۾ حاصل ڪئي، ۽ ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ مٽيارن جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو، جتي ٻن قابل استادن، علامه مخدوم عبدالڪريم ۽ مخدوم ميين محمد جي رهنمائي هيٺ پنهنجي تعليم جي تڪميل ڪيائين.(1) مروج نصاب موجب ”منتهي“ جي درجي تي يا ان کان پوءِ ٻين عالمن کان پڻ استفادو ڪيائين، جن مان مخدوم ابراهيم ولهاري جو نالو قابل ذڪر آهي. سيد علي محمد شاهه پنهنجي بياض ۾ لکي ٿو ته ”قرات هذه التحريرات علي العلامة التحرير مخدوم ابراهيم ولهاري“ ٻي جاءِ تي ”سمعت من المخدوم الولهاري“(1) جي عبارت آندي اٿس. اهڙيءَ طرح حافظ مسعود چوٽياري کان پڻ مسئلا پڇيائين. فقهي مسئلن ۾ سندس تحرير کي همعصر عالمن وڏو وزن ڏنو ۽ کين ”مخدومين“ جي لقب سان ياد ڪرڻ لڳا.(2)

مخدوم عبدالڪريم، مٽيارين جي مشهور عالم مخدوم محمد عثمان جو فرزند هو ۽ سن1200هه ڌاري مٽيارين ۾ ڄائو. مخدوم محمد عثمان بن عبدالله عرف ٺارو بن يعقوب مٽياروي، وڏو عالم، حافظ، مفتي ۽ مدرس هو. ٻارهين صدي جي آخر ۽ تيرهين صدي جي شروع واري دور ۾ فتويٰ ۽ درس جو مرجع هو. سندس درس مان سوين شاگرد، طالب ۽ معتقد فيضياب ٿيا. فقهه جي جزئيات ۾ هن بزرگ کي ”مجتهد في المذهب“ جو درجو نصيب ٿيل هو. شروع ۾ پنهنجي شهر جي فاضلن کان علم حاصل ڪندو رهيو. تنهن کان پوءِ نصرپور جي مشهور عالم، محدث، صوفي نور محمد نصرپوري وٽ سمورن علومن جي تڪميل ڪيائين.

مخدوم نور محمد، شاگرد هو مخدوم هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد قائم ٺٽوي جو. هن بزرگ وٽان جن صاحبن علمي فيض پرايو، تن جو شمار تمام گهڻو آهي، پر مشاهيرن مان هيٺيان بزرگ آهن: (1) آخوند هارون قانون گو متعلوي (2) مولوي عبدالغني شمالي مهاجر مڪي (3) حافظ عبدالغفور متعلوي (4) قاضي عثمان نوشهرائي محدث (5) ميان محمد ذاڪر متعلوي (6) مولوي عبدالغني کڏهري (7) حافظ اسماعيل متعلوي ۽ (8) سندس پٽ مخدوم عبدالڪريم المهاجر مڪي.

مخدوم محمد عثمان علم حديث جي وڏي خدمت ڪئي، هن 296 بابن تي مشتمل ”مشڪواة“ مان حديثون منتخب ڪري(1) انهن جي شرح فارسي ۾ ”بيان معاني احاديث منتخبہ از مشڪواة المصابيح“ جي نالي سان تاريخ 29 ذوالحج 1200هه ۾ لکي پورو ڪيائين. سومر ڏينهن 23 شوال سن1217هه جو سندس هٿ اکر لکيل ”صحيح بخاري“ جو متن اڌ کان وڌيڪ موجود آهي، جنهن جي حاشيه تي مخدوم محمد اڪرم نصرپوري جي شرح(2) پڻ نقل ڪئي اٿس. مخدوم عثمان ”شمائل ترمذي“ جو پاڻ فارسي ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم صاحب مختلف درسي ڪتابن جي مشڪل جاين تي حواشي آهن، جي درس ڏيڻ وقت شاگردن جي سهوليت لاءِ لکندو رهندو هو. درس تدريس ۽ تاليف تصنيف کان سواءِ سندس تحريرن ۽ فتوائن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجي وقت جو هڪ وسيع النظر محقق ۽ روشن خيال عالم هو.

مير فتح علي ٽالپر جي وقت ۾ جن علمائن جي سپرد شرعي فيصلن جو ڪم هو، تن مان مخدوم عثمان هڪ چوٽي جو ماڻهو هو. سندس ٻن معاصرن مان هڪ مخدوم عبدالواحد سيوستاني سان بعض شرعي فيصلن تي رد ڪد به هليا، جن جو تفصيل مختلف بياضن مان معلوم ٿئي ٿو.

مخدوم محمد عثمان جو ٻيو همعصر آهي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پوٽو مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، جيڪو مخدوم محمد عثمان لاءِ هڪ طرح استاد زادو هو، ان ڪري هن جيڪي مخدوم مٽياروي تي رد لکيا آهن، تن جي زبان نهايت سخت آهي. عربي اشعار لکي ان ۾ به هجو لکي ويئي آهي، جن ۾ مخدوم محمد عثمان جي ابن ڏاڏن جا نالا وٺي (جيڪي هندو هئا) گهٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي، اهو سڄو فساد هن مان شروع ٿيو جو ٿر جا کوسا بلوچ ميرن جي آخري دور ۾ هندو رياستن ۾ گهڙي ڦر ڪندا هئا. عورتون ۽ ٻار کڻي انهن کي غلام بنائيندا هئا. مخدوم محمد عثمان مٽيارن واري انهيءَ فعل کي ننديو ۽ اسلام جي احڪامن جي خلاف ورزي قرار ڏني. ٻئي پاسي مخدوم ابراهيم ٺٽوي انهيءَ کي جهاد چيو آهي.

مغليه زماني کان وٺي سنڌ جي مخدومن جو فيصلو ڪيل هو ته جيڪو به ذمي هندو ڪنهن مسلمان کي چوي ٿو ”آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان ته ان تي مسلمان هجڻ جي فتويٰ ڏيندا هئا، پوءِ چاهي هو ان ڳالهه جو ڪيترو به انڪار ڪري.“ اگرچه ٽالپرن جي مخدومن سان ان ڳالهه ۾ گهٽ اتفاق هو، پر ان هوندي به مخدوم محمد عثمان متعلوي جي دستخط اهڙيون تحريرون نظر مان گذريون آهن، جن ۾ مٿين لفظن چوڻ ڪري ذمي جي اسلام ۾ اچڻ جي فتويٰ ڏني اٿس ۽ پنهنجي فتويٰ جي تائيد ۾ ٺٽي جي مشهور عالم مخدوم ضياءَ الدين ۽ مخدوم محمد هاشم جي استاد ۽ مخدوم محمد قائم ٺٽوي مهاجر جا قول نقل ڪيا اٿس.

ان زماني ۾ نماز جي اوقات معلوم ڪرڻ لاءِ علم هيئت جو ڄاڻڻ ۽ موسمن جي تبديلي ۽ سج جي جدا جدا برجن ۾ تحويل جو علم ضروري رهيو آهي. مخدوم محمد قائم ٺٽوي جو انهيءَ فن متعلق هڪ عمدو نظم آهي، جنهن مان سندس نجوم جي ڄاڻ جو پتو پوي ٿو. ان کان ئي اهو علم مخدوم محمد عثمان جي استاد مخدوم نور محمد نصرپوري وٽ پهتو، جتان هن بزرگ کي ورثي طور مليو. قادري طريقي جي تجديد ڪندڙ ۽ راشديه طريقي جو باني سيد محمد راشد رح (روضي ڌڻي) مخدوم عثمان جو همعصر هو.(1) پير صاحب ڪشفي يا الهامي اجازت سان چئن کان وڌيڪ شاديون ڪيون هيون، وقت جي جن علمائن سندس انهيءَ فعل جي مخالف ڪئي، تن ۾ ٻين سان گڏ مخدوم عثمان صاحب به هو.

چئن زالن کان وڌيڪ نڪاح ڪرڻ جي عدم جواز ۾ سندس هڪ تحرير، جيڪا آخوند هارون متعلوي جي دستخط سان موجود آهي، سا مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نظر مان گذري آهي. هن بزرگ سموري زندگي درس تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ گذاري 20 ذوالحج سن1219هه جمعي جي ڏينهن وفات ڪري ويو. علامه مخدوم عبدالڪريم جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد مخدوم محمد عثمان جي زير نظر ٿي ۽ سن1219هه ۾ جڏهن مخدوم محمد عثمان جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ نشين ٿيو.

سن1219هه کان 1259هه وارن چاليهن سالن جي دور ۾ مخدوم عبدالڪريم سنڌ جي چونڊ محقق ۽ اڳواڻ عالمن مان هڪ هو. ”حل المشڪلات علي البدر المختار“ جي نالي سان ”در مختار“ تي حاشيه لکيائين. سندس مرتب ڪيل ”بياض“ عالمن لاءِ مشعل راهه بنيو.(1) مخدوم عبدالڪريم پاڻ به ٻين همعصر سنڌي عالمن جهڙوڪ حافظ مسعود چوٽياروي، مخدوم محمد بختيار پوري، مخدوم ابراهيم ٺٽوي وغيره جي تحريرن مان استفاده ڪيو ۽ انهن تي اعتماد ڪيو. مخدوم محمد عارف سيوستاني ۽ مخدوم محمد عابد سنڌي ڏانهن مديني ۾ سندس خط و ڪتابت هئي. مخدوم محمد عابد سنڌي ڏانهن مديني شريف ۾ پنهنجي هڪ فتويٰ لکي موڪليائين، جنهن جي مخدوم محمد عابد تائيد ڪئي.

مخدوم عبدالڪريم پنهنجي مدرسي جو روح روان ۽ مشفق استاد هو، جنهن وٽان ڪيترائي طالب فيضياب ٿيا. ميان محمد يوسف کنياروي (وفات 1277هه)، حافظ عبدالباقي مٽياروي، قاضي عبدالرحيم ٺٽوي ۽ سيد علي محمد شاهه دائرائي سندس هونهار فارغ التحصيل شاگردن مان هئا.

حب الوطني ۽ خودداري علامه عبدالڪريم جي شخصيت ۽ ڪردار جا نمايان نشان هئا. علمي فضيلت کي ڪما حقہ افضل سمجهيائين، دين جي سربلندي کي دنياوي طاقت کان بلند ڪري ڄاتائين ۽ حق ۽ حقيقت جي اظهار کي فرض اولين سمجهيائين.

علامہ عبدالڪريم جي زندگي جي پوئين دور ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي ۽ سندس فرزند مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان تخت نشين ٿيا. علامه موصوف پنهنجي دستور موجب ”برادرم مير محمد نصير خان بداند“ (برادرم مير محمد نصير خان کي معلوم هجي جي سرنامي سان مير محمد نصير خان ڏانهن خط لکيو. مير صاحب ”برادرم“ جي لفظ کي ناپسند ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان سان شڪايت ڪئي ته مولوي صاحب مون کي ڪيئن ٿو ”برادرم“ ڪري لکي. مير نور محمد خان نهايت احترام سان علامه عبدالڪريم جي گوش گذار ڪيو ته مير محمد نصير خان نوجوان آهي ۽ اوهان سرنامو بدلائي لکو. ان بعد علامه موصوف ”برادرم“ جو لفظ ڇڏي ”مير محمد نصير خان بداند (مير محمد نصير خان کي معلوم هجي) جي سرنامي سان خط لکيو. مير صاحب کي ان تي ويتر مٺيان لڳي، پر مير نور محمد خان کي علامه عبدالڪريم جي علم ۽ فضل، صداقت ۽ محبت جي پوري خبر هئي. تنهن مير نصير خان کي سمجهايو ته: اوهان شڪر ڪريو جو نقطو هيٺان ڏنو اٿس (يعني ته ”نداند“ (نٿو ڄاڻي) جي بدران ”بداند“ لکيو اٿس.)

جڏهن محرم سن1259هه ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن محب وطن ۽ خوددار عالم دين، ڌارين جي غلامي ۾ رهڻ قبول نه ڪيو ۽ پيري سببان جهاد جي طاقت نه ساري فوراً هجرت ڪري مڪه معظمه هليو ويو، جتي ڇهن سالن کان پوءِ 1265هه ۾ وفات ڪيائين.


(1)   مخدوم بصر الدين جو نسب نامو هن طرح آهي: بصر الدين بن احمد بن محمد بن محمد عارف بن محمد حسن بن مخدوم دين محمد سيوهاڻي (ڪلهوڙن جو وزير ۽ مفتي) اهڙي طرح مخدوم نصيرالدين جو نسب به مخدوم محمد حسن سان هن طرح ملي ٿو. مخدوم نصير الدين بن مدد الله بن عبدالواسع بن محمد حسن بن مخدوم دين محمد.

(1)   تذڪره مشاهير سنڌ، ص57

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، سيوهڻ ۾ مخدوم محمد مراد جن جو ذاتي ڪتبخانو ڏٺو، جنهن ۾ کيس مخدوم محمد عارف صديقي جون مختلف تحريرون نظرن مان گذريون.

(2)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته: ”فتح الفضل“ تصوف ۾ تمام عمدي خط ۾ لکيل آهي ۽ آخر ۾ ڪتابت جو سال 1233هه لکيل آهي. ڪتاب تي مخدوم محمد عارف جو هي نوٽ لکيل آهي: ”بحمد لله وحولہ و قوتہ و هبني الله تعاليٰ هذا الڪتاب الشريف المسمي بفتح الفضل من يد حاجي ڪاغذي وهب الله اياه خير النعم.“

وان الفقير لموهوب لہ         محمد عارف

23 شعبان 1238هه          1252

مطلب ته الله جي تعريف ۽ قوت سان، مون کي الله تعاليٰ هي ڪتاب شريف ”فتح الفضل“ نالي حاجي ڪاغذي جي هٿان ڏياريو. الله کيس چڱي نعمت نصيب ڪري، هتي سندس مهر لڳل آهي ۽ تاريخ 1238هه لکيل آهي.

(1)   مولانا صاحب کي ڪنز جو شرح مستخلص قلمي نسخو پڻ نظر مان گذريو. جنهن تي سن1247هه لکيل آهي.

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي 1963ع ۾ حرمين ويو ته اتي مدينه منوره جي ڪتبخاني ۾ ”منحة الباري“ مصنف جي خط سان لکيل سندس نظر مان گذريو، جيڪو منجد جي سائيز ۽ ٿولهه جيترو هو. (الرحيم، مشاهير سنڌ، ص13)

(1)   هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو پير محب الله شاه جهنڊي واري جي لائبريري ۾ ٻن جلدن ۾ موجود آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مصنف جو پنهنجو دستخط آهي. هن نسخي بابت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکيو آهي ته خط سٺو نه آهي، سٽون سوڙهيون رکيون ويون آهن. خلافت ڌڻي پير رشدالله کان روايت آهي ته ”المواهب اللطيفہ“ حافظ ابن حجر عسقلاني جي جڳ مشهور ڪتاب”فتح الباري شرح صحيح البخاري“ جي پايه جو ڪتاب آهي.

(2)   هن ڪتاب جا دنيا ۾ ٽي نسخا چيا وڃن ٿا: هڪڙو مصنف جي هٿ اکر نسخو جيڪو لنواري شريف ۾ هو. ٻيو مغربي جرمني جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي ۽ ٽيون مدينہ منوره جي مولانا مظهر سهارنپوري جي ڪتبخاني ۾ هو. ڪن فهرستن مان معلوم ٿئي ٿو ته جامع ازهر ۾ به هن ڪتاب جو قلمي نسخو موجود آهي، جيڪو تحرير المختار جي صاحب علامه رافعي جي ڪتابن سان گڏ جامع ازهر ۾ وقف ڪيو ويو هو.

(3)   هن ڪتاب جو به قلمي نسخو پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. شيخ محسن لکي ٿو ته شيخ محمد عابد، حافظ ابن حجر عسقلاني جي ڪتاب بلوغ المرام جي شرح به لکي هئي، جنهن کي پورو نه ڪيائين.

(4)   هن شرح جو به واحد قلمي نسخو پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ الحاج وهب الله شاهه وٽ موجود آهي. جيڪو اڻپوري هجڻ جي باوجود ڪافي وڏو آهي.

(1)   اهو دروازو حضرت عثمان رضي الله عنه جي قبي جو هو، جو هاڻي نه رهيو آهي. سعودي حڪومت سڀ قبا ڊهرائي ڇڏيا آهن.

(1)   تذڪره مشاهير سنڌ، احوال مخدوم محمد عارف سيوستاني ص293

(1)   هن ڳوٺ لڳ ”شيخ طاهر“ جي درگاهه آهي، جيڪو پوءِ ”اڏيرو لعل“ سڏجڻ لڳو.

(1)   سندس قبر جي سيراندي واري سر تي ”سيد محمد معصوم صاحب دائره“ لکيل آهي. جيڪو سيد حمد شاهه بنوري نقشبندي جو ڀاڻيجو هو.

(1)   سيد حمزو شاهه بنوري، شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي ٽن ساٿين مان هو. سندس مزار ڳوٺ ”نمون سيد يار علي شاهه“ ۾ آهي، جا اڏيري لال لڳ ”بُهرين“ جي موجود ڳوٺ کان ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف آهي.

(1)   مخدوم عبدالڪريم ۽ مخدوم مبين محمد جابجا سندن نالن بدران ”استاد“ جي لقب سان ياد ڪيو اٿس.

(1)   يعني ”اهي تحريرون مون وڏي علامه مخدوم ولهاري کان پڙهيون“ ۽ ”مون مخدوم ولهاري کان ائين ٻڌو.“

(2)   فقهي شعور جي اعليٰ معيار ۽ فقهي دليلن ۽ فيصلن جي وزن ۽ تصديق جي لحاظ سان ”فقهه حنفي“ ۾ هيٺيان اصطلاح عام مروج ٿيا:

”امام“ يعني امام اعظم ابو حنيفہ ۽ امام محمد رح ”ثاني“ يعني امام ابو يوسف، طرفين ”يعني امام ابو حنيفہ رح ۽ امام ابو يوسف، يا امام ابو حنيفہ ۽ امام محمد“، صاحبين يعني امام ابو يوسف ۽ امام محمد. انهن اصطلاحن جي مناسبت سان سنڌ جي مقامي عالمن ”مخدومين“ جو اصطلاح وضع ڪيو.

(1)   ٻه دفعا انتخاب ڪري شرح لکيائين: ”سندس پهرئين انتخاب ۽ شرح جا جملي نسخا ختم ٿي ويا ته وري ٻيهر انتخاب ڪري شرح لکيائين. انهيءَ ڪري پهرئين ۽ ٻئي انتخاب جي متون ۾ قدري فرق ٿيو. مخدوم عثمان جو هي ”شرح منتخب مشڪواة“ پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ ڪنهن وقت موجود هو.

(2)   صحيح روايت ائين آهي ته سندس والد مخدوم عبدالرحمٰن شرح جي سلسلي ۾ پنهنجا حواشي ۽ تعليقات پويان ڇڏيا، جن کي پوءِ مخدوم محمد اڪرم مرتب ڪيو ۽ ان ۾ اضافا ڪيا.

(1)   الرحيم جي مشاهير نمبر (ص40) تي سندس مختصر احوال آهي ته: سنڌ جو استاد بحر العلوم علامه عبدالڪريم (1261هه) سندن فرزند هو. مخدوم محمد عثمان جي هٿ اکرين صحيح بخاري ٻن جلدن ۾ لکيل آهي، جنهن جو هڪ جلد مٽيارن ۾ مولانا حافظ محمد معروف وٽ موجود آهي، جنهن جي حاشيه تي قاضي محمد اڪرم جي شرح جو انتخاب به ڏنل آهي. ٻيو جلد سنڌ يونيورسٽيءَ جي مکيه لئبريري ۾ آهي.

(1)   سيد علي محمد شاهه پنهنجي ”بياض سيدي“ ۾ مخدوم عبدالڪريم جي ”بياض“ مان عبارتون نقل ڪيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org