عتبه بن غازن جي بصري واري مسجد، عمرو بن العاص جي
قسطاط واري مسجد ۽ عقبه بن نافع جي قيروان واري
مسجد مسلمانن جي فن تعمير جي شروعات بابت گهڻو
ڪجهه پيش ڪن ٿيون. معاويه مسلمه کي اذان لاءِ
مناري ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. بيت المقدس ۾ قبته الصخريٰ
سن 691ع ۾ عبدالملڪ ٺهرايو.(2)
اها پهرين مسجد هئي، جنهن ۾ گنبذ ٺاهيو ويو. اهو
گنبذ مسلمانن طرفان متبرڪ سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته
رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي معراج واري
رات سان نسبت رکي ٿو ۽ حضور صلي الله عليہ وسلم جن
اتان ئي معراج تي اُسهيا هئا.(3)
انهيءَ گنبذ ۾ بازنطينيه جي اڏاوت جا اهڃاڻ موجود
آهن. شام جي فن تعمير تي عيسائي، شامي بازنطيني فن
اثر انداز هو. عراق ۽ ايران جي اڏاوت جو نمونو
نسطوري ۽ ساساني فن کان متاثر هو، ۽ مصري اڏاوت
وري قبطي فن کان اثر انداز هئي.(1)
پهريائين خليفي عبدالملڪ مسجد اقصيٰ ٺهرائي، ان
کان پوءِ خليفي المنصور دوباره مسجد اقصيٰ ٺهرائي،
ڇاڪاڻ ته اها مسجد سن 769ع واري زلزلي ۾ شهيد ٿي
ويئي هئي. شام ۾ دمشق واري مسجد، وليد بن عبدالملڪ
اٽڪل روءِ اٺين عيسوي صدي جي شروعات ۾ ٺهرائي هئي.
انهيءَ مسجد جو نمونو شامي بازنطيني فن تعمير جو
نمونو آهي. اموي خليفي سليمان شهر رمله جو بنياد
رکيو ۽ ان ۾ مسلمانن لاءِ مسجد ٺهرايائين، جيڪا
مقدسي جي چوڻ مطابق عاليشان عمارت هئي، جنهن جا
ٿنڀا ۽ فرش سنگ مرمر جا هئا. هن حلب ۾ پڻ هڪ
عاليشان مسجد تعمير ڪرائي.(2)
قصر الحمرا جو قلعو خليفي وليد پهرين ٺهرايو.
حديث ۽ فقه (حديث نبوي ۽ قانون شريعت جو مرتب ٿيڻ)
قرآن شريف کان پوءِ ٻئي نمبر تي حديث اسلام جي
سکيا جو ذريعو آهي. قرآن ۽ حديث مذهب اسلام جو اهو
سرمايو آهي، جنهن جي هڪ پهلو کي علم الهيات ۽ ٻئي
کي فقهه ۽ قانون چون ٿا. سنت جا وري ٽي قسم آهن:
(1) قول (2) فعل (3) تقرير.
حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي ايام ڪاري ۾ سندن
اقوال جو استعمال هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ٿيندو
رهيو. جڏهن ربيعة قبيلي وارا حضور صلي الله عليہ
وسلم جن جي خدمت ۾ ديني جي اوائلي دور ۾ رهيا ته
پاڻ کين هدايت ڪئي ته ”اهو ياد رکو ۽ انهن کي
ٻڌايو، جن کي توهان پوئتي ڇڏي آيا آهيو.“(1)
حجة
الوداع جي موقعي تي مسلمانن جي ذميوارين ۽ فرضن
بابت پاڻ صلي الله عليہ وسلم خطبي ۾ فرمايائون ته
”جيڪي اوهان مان هتي موجود آهن، سي ٻين لاءِ، جيڪي
غير حاضر آهن، تن کي هي پيغام پهچائين.“(2)
هتي ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته سنت جي ضرورت حضور
صلي الله عليہ وسلم جن جي زندگي ۾ پڻ محسوس ڪئي
وئي. مسلمانن حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي قولن
کي رهنمائي جو ذريعو وٺي حديث کي حفظ ڪري قلمبند
ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ عبدالله بن عمرو چوي ٿو ته ”مون
اهو ڪجهه لکيو، جيڪو حضور صلي الله عليہ وسلم جن
کان ٻڌي ياد ڪيو.“ مڪمل حديث رسول الله صلي الله
عليہ وسلم جن جي ايام ڪاري ۾ نه لکي ويئي هئي.
حضور صلي الله عليہ وسلم جن بعض وقت حديث لکڻ تي
اعتراض به ڪندا هئا ته متان انهن لفظن کي قرآن
مجيد جي آيتن سان ملائي نه ڇڏين ته جيئن قرآن مجيد
جي لکت ۾ فرق نه اچي وڃي. ابو هريره رضه، بيبي
عائشه رضه، عبدالله بن عمر ۽ عبدالله بن عباس جا
نالا حديث جي علم جي تاريخ ۾ پهرين صف ۾ شمار ڪيا
وڃن ٿا.
حضور صلي الله عليہ وسلم جن کان پوءِ اسلامي سلطنت
جي پکڙجڻ ۽ اُسرڻ جي ڪري ڪيترائي سياسي، سماجي،
انتظاميه ۽ قانون سازيءَ جا مسئلا پيدا ٿيا. انهن
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلمانن قرآن ۽ حديث جي
هدايتن تي عمل ڪرڻ چاهيو. پر جيئن ته قرآن شريف ۾
صرف بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيل آهي، انهن ڪري
مسلمانن کي ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ
حوالا گهربل هئا، تنهن ڪري هنن حضور صلي الله عليہ
وسلم جن جي نقش قدم تي هلي انهن ڳالهين کي حديث
موجب نبيريو.
حديث جي علم جي سکيا لاءِ ڪيترائي مرڪز هئا، ليڪن
مڪو، مدينو، ڪوفو ۽ بصره خاص شهرت ۽ اهميت جا حامل
هئا. حديث جي مڪي واري مڪتب جو بنياد ابن عباس،
عبدالله ابن زبير ۽ سندن پوئلڳن رکيو. عبدالله بن
زبير وٽ حديث جو گهڻو مواد مليو.
مدينه منور اسلامي تعليم جو پهريون مرڪز ٿيو. مڪي
واري مڪتب جا اڳواڻ بيبي عائشه رضه، عبدالله بن
عمر رضه، ابو هريره جا پوئلڳ هئا. ڪوفي کي حديث جي
سکيا ۽ تربيت بابت خاص اهميت حاصل هئي. انهيءَ
مڪتب جو بنياد عبدالله بن مسعود رضه ۽ سندس شاگردن
رکيو. بصره واري مدرسي جا باني حسن البصري ۽ امام
زهري هئا. امام بصري روايتي محدث هو ۽ امام زهري
حديثون گڏ ڪيون. مڪي ۽ مديني وارن مڪتبن کي حجازي،
ڪوفي ۽ بصره وارن کي عراقي مڪتبه فڪر جي نالي سان
مختصر ڪيو ويو.
حديثن کي جمع ڪرڻ جو اوائلي ڪم عراق ۽ شام ۾ پهرين
هجري صدي جي پڇاڙيءَ ۾ بنو اُميه دور ۾ شروع ٿيو.
امام زهري، جنهن کي ”ابن شهاب“ جي ڪنيت سان سڃاتو
وڃي ٿو، تنهن حديثن جو مجموعو ٻين کان اڳي لکي
پورو ڪيو، پر اهو ڪن سببن ڪري غائب ٿي ويو. عمر بن
عبدالعزيز پهرين صدي هجري جي خاتمي تي حديثن جو
مجموعو ابوبڪر ابن حزم جي سپرد ڪيو
حديث جو مستند مجموعو ”موطا“ آهي، جيڪو امام مالڪ
بن انس جو ترتيب ڏنل آهي. امام مالڪ مديني ۾ رهندو
هو ۽ اتي مالڪي فقه جي مدرسي جو بنياد وڌائين، ۽
حديث پڙهائڻ لاءِ پنهنجا سڄا سارا ٽيهه سال وقف
ڪيائين. امام مالڪ هڪ جماعت ”محدث“ نالي ٺاهي،
جنهن جو ڪم هو روايتون جمع ڪرڻ. وٽس پري پري جا
ڪيترا شاگرد حصول حديث لاءِ ايندا هئا. قرطبه ۽
ڪاشغر مان آيل ٻن شاگردن، محمد ابن يحيٰ کان
”الموطا“ جي نالي سان ڪتاب لکارايو، جنهن ۾ امام
مالڪ کان مليل روايتون قلمبند ڪيون ويون. ان بعد
ئي حديث جي تعليم به مسلمانن جي توجهه جو مرڪز
بنجي وئي، ۽ عالم پنهنجو زياده وقت ان جي پرهائي
تي صرف ڪرڻ لڳا. ايتري قدر جو حديث جو علم پوري
اسلامي دنيا ۾ پکڙجي ويو. امام شافعي ۽ امام احمد
بن حنبل جا ترتيب ڏنل حديثن جا مجموعا ٻئي نمبر تي
اهميت جا حامل آهن.
محمد بن اسماعيل بخاري حديثن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ جمع
ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هو بخارا ۾ سن 803ع ۾
ڄائو ۽ يارهن سالن جي عمر ۾ حديث پڙهڻ شروع
ڪيائين. ڇهن سالن جي عرصي ۾ حديث جي علم ۾ وڏي
مهارت حاصل ڪيائين. حج پڙهڻ کان پوءِ هن مڪي ۾ ڇهه
سال گذاريا. تنهن بعد حديثن کي سهيڙڻ لاءِ مسلم
ملڪن جا چاليهن سالن تائين دورا ڪري معلومات حاصل
ڪندو رهيو. سن869ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي مشهور
تصنيف ”الجامع الصحيح“ پنهنجي استاد اسحاق به
راهويہ جي رهبري هيٺ لکي تيار ڪيائين. سندس گڏ ڪيل
ڇهن لکن (600،000) حديثن مان صرف نو هزار (9000)
حديثون چونڊي ”صحيح بخاري“ ۾ شامل ڪيون ويون. حديث
جو ٻيو مجموعو ”صحاح ستہ“ آهي.
مسلم نيشاپوري جو ترتيب ڏنو ”صحيح مسلم“ جي نالي
سان حديثن جو مجموعو پڻ ٻئي نمبر تي شمار ڪيو وڃي
ٿو. مسلم نيشاپوري 817ع ۾ خراسان ۾ پيدا ٿيو. کيس
پنهنجي پيءُ حجاج القرشي محدث کان حديث جي اوائلي
تعليم حاصل ٿي ۽ حديث جي وڌيڪ تحصيل لاءِ عراق،
حجاز، شام، مصر ۽ بغداد جو سفر ڪيائين. سن874ع ۾
نيشاپور ۾ وفات ڪيائين. امام مسلم، بخاري جو همعصر
۽ شاگرد هو. سندس تاليف ۽ تصنيف صحيح بخاري سان
ڀيٽيل آهي. هن ٽن لکن (300000) حديثن مان صرف نو
هزار ٻن سون حديثن جو انتخاب ڪيو.
محدث ابو دائود سن203هه ۾ شهر سجستان (خراسان) ۾
ڄائو. ڳوٺ ۾ ابتدائي تعليم کان پوءِ حديث جي
مطالعي لاءِ اهم مرڪزن جو رخ ڪيائين. هن حديث ۽
فقهه تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، ابودائود جو مشهور
ڪارنامو ”سنن ابي دائود“ آهي، جنهن کي حديث ۾ ٽئين
درجي جي اعتبار جوڳو تسليم ڪيو ويو آهي. پنجن لکن
(500000) روايتن مان هن صرف چار هزار اٺ سو (4800)
حديثون منتخب ڪيون، جي سندس مجموعي جو شاهڪار آهن.
ابو
عيسيٰ الترمذي حديث جي جمع ڪندڙن جي تاريخ ۾ پنجين
ڏاڪي تي شمار ڪيو وڃي ٿو. هو سن831ع ۾ ترمذ شهر ۾
ڄائو. هن حديث جي حصول لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو.
پنجن لکن (500000) حديثن جي مجموعي مان صرف هڪ
هزار ڇهه سو (1600) جو انتخاب ڪري ”سنن ترمذي“ ۾
شامل ڪيائين. هي واحد شخص هو، جنهن محدثن جا نالا
لغت، حسب نسب ۽ ذات جي سڃاڻپ سان ترتيبوار ڪري
لکيا. هن حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جي
سوانح حيات تي ”ڪتاب الشمايل“ پڻ لکيو. بلخ شهر ۾
ستر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
ابو
عبدالرحمٰن النسائي خراسان جي نساءَ شهر ۾ سن214هه
۾ ڄائو. حديث جي اهم مرڪزن مان فارغ التحصيل ٿيڻ
کان پوءِ حديث وڏو تعداد جمع ڪري پنهنجي ”سنن“ ۾
شامل ڪيائين. سندس تاليف ۾ 4482 حديثون شامل آهن،
جيڪي پنڌرهن عنوانن ۾ ورهايل آهن ۽ انهن کي وري
تقسيم ڪري 1744 بابن ۾ ڦانڊيو ويو آهي. نسائي
سن303هه ڌاري مڪي ۾ وفات ڪئي.
ابو
عبدالله محمد بن يزيد الماجہ سن209هه مطابق 824ع ۾
قزوپن ايران ۾ پيدا ٿيو. حديث جي حصول لاءِ عراق،
بصري، ڪوفي، شام، مصر ۽ حجاز جا سفر اختيار
ڪيائين. هن حديثن جو وڏو تعداد ڪٺو ڪري ”سنن“ ۾
درج ڪيو. ابن ماجه قرآن شريف جي تفسير ۽ تاريخ تي
پڻ ڪتاب لکيا. سن886ع ۾ وفات ڪيائين.
عباسي دور ۾ اسلامي علمن جي نشوونما
سنڌ
تي عباسي خلفاءِ جو تسلط ابوالعباس بن عبدالله بن
محمد السفاح (132-136هه) جي دور ۾ ٿيو. عباسي دور
عالم اسلام ۾ علم و ادب جو سونهري دور ليکيو وڃي
ٿو. انهيءَ ساڳئي وقت ۾ سنڌ به اسلامي علوم ۽
تهذيب کي مڪمل طور پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو هو.
ياقوت لکي ٿو ته ”عباسي دور ۾ ابتدائي اسڪول گهرن
۾ قائم ڪيل هئا ۽ انهن ۾ لکڻ، پڙهڻ، صرف نحو،
حديثون، رياضيءَ جا اصول ۽ مذهبي اشعار شاگردن کي
بر زبان ياد ڪرايا ويندا هئا.(1)
وڏن شاگردن کي قرآن شريف جو تفسير، حديث ۽ سنت فقہ
جي رسمي ڄاڻ، دينيات، لغت، فصاحت ۽ بلاغت
پڙهائيندا هئا. وڏا عالم پاڻ کي هيئت، رياضي،
جاگرافي، تاريخ، جاميٽري، فلسفي، موسيقي، حڪمت ۽
طب جي وڌيڪ کوجنا ۾ مشغول رکندا هئا.
عماره نالي هڪ ڄاڻو، پرهيزگار ۽ بهادر عورت پنهنجي
گهر ۾ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ اتي ٻارن کي قرآن شريف
۽ حديث جا اصول حفظ ڪرائيندي هئي.(1)
عباسي دور ۾ ابتدائي اسڪولن ۾ مخلوط تعليم جو
طريقو رائج هو. علم حاصل ڪرڻ عوام جي سڀني طبقن جو
بنيادي حق هو. شاهوڪار پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ
لاءِ خانگي استاد مقرر ڪندا هئا.
عباسي دور ۾ قرآن شريف، فقهه ۽ دينيات پڙهائيندڙن
کي معلم ڪري چوندا هئا. امير طبقي جي اولاد ۽
شهزادن کي منطق، رياضي، هيئت، فصاحت ۽ قانون جي
تعليم حاصل ڪرڻ ضروري هئي. ٻولي ۽ ادب جي استادن
کي فقر تي گذران ڪرڻو پوندو هو. وڌيڪ ذريعي معاش
لاءِ استاد شعر و شاعري سان گڏ تعريفي نظم لکي داد
حاصل ڪندا هئا.(2)
ابن
بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”قرآن شريف
پڙهائڻ وارن کي پگهار ملندو هو. استادن کي پوري
وقت لاءِ پنڌرهن دينار ڏينهن ۾ ملندا هئا. استادن
توڙي غريب شاگردن جي پرورش وقف ٿيل ملڪيت مان ڪئي
ويندي هئي (وقف ملڪيتون جيڪي مسجدن، درسگاهن ۽
اسپتالن لاءِ مخصوص هيون) ڪن حالتن ۾ اعليٰ خاندان
کي چندو ڪري استادن ۽ شاگردن جي مدد ڪئي ويندي
هئي. انهن مان ڪن کي شاهي خزاني مان وظيفا پڻ
ملندا هئا.(3)
پنڌرهن سالن جي عمر تائين نوجوان پنهنجي اباڻي ڳوٺ
۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪندا هئا يا ڪرڻ کان پوءِ
ڪنهن اعليٰ مرڪز ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ويندا هئا.
پنهنجي تعليم کي وڌيڪ موثر ڪرڻ لاءِ عالمن جون
تقريرون، وعظ ۽ خطبا ٻڌندا هئا.
تعليم جو ڪوبه باقاعدي مقرر ڪيل نصاب ڪونه هو.
معلم گهڻو ڪري پنهنجا تصنيف ڪيل ڪتاب پڙهائيندا
هئا يا اعليٰ اختياري وارن جو منتخب ڪيل نصاب
پڙهايو ويندو هو.(1)
استادن کي درسي ڪتاب بر زبان ياد هوندا هئا.
استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ سبق دوران مناظرا ۽ بحث
مباحثا ٿيندا هئا.(2)
درسگاهن ۾ هر مضمون جي مشق ڪرائي ويندي هئي. فارغ
التحصيل ٿيڻ کان پوءِ شاگردن کي سندون عطا ٿينديون
هيون.
خليفي المامون دارالخلافت ۾ بيت الحڪمر قائم ڪري
ان ۾ ترجمي جو محڪمو قائم ڪيو. پروفيسر هٽي لکي ٿو
ته ”بيت الحڪمر ۾ اعليٰ تعليم جو مرڪز هو، جنهن ۾
عوامي ڪتب خانو ۽ تجربيگاهه پڻ هو.(3)
ابن النديم جي چوڻ مطابق جامعه مدرسه جي مهتمم کي
لاطيني علم کي ڄاڻڻ ۽ عربي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ يورپي
ملڪن ۾ سفير ڪري موڪليو ويندو هو.
خليل طوطع لکي ٿو ته ”بيت الحڪمر کي نئين دنيا ۾
پهرين يونيورسٽي هئڻ جو شرف حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته
انهيءَ اداري بولونا، پيرس، پراگ، آڪسفورڊ ۽
ڪيمبرج يونيورسٽين کان گهڻو اڳي تعليم کي سربلند
ڪيو.“(4)
بيت الحڪمر جي ڪتب خاني جو اڳواڻ الخوارزمي هو.
ڪيترائي عالم ۽ فاضل ابو نواس، الطبري، يعقوبي ۽
مسعودي جهڙا اچي بغداد جي درسگاهن ۾ درس ڏيڻ لڳا.
انهيءَ وقت بغداد ۾ ڪتابن جا دڪان هڪ سو کان به
وڌيڪ هئا.
عباسي خلافت جي پاران موسيٰ بن ڪعب سنڌ جو والي
مقرر ٿيو. ان بعد سندس پٽ عيينہ والي ٿيو، تنهن کي
عمر بن حفص سن141هه ۾ شڪست ڏني. ابو جعفر عبدالله
المنصور، عمر بن حفص کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. ان
به 151هه تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. خليفي منصور،
هشام کي سنڌ جي حالتن کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ مقرر
ڪيو. نفس ذڪيه جي پٽ عبدالله سنڌ ۾ گڙٻڙ پيدا ڪئي،
تنهن کي هشام شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو.(1)
والين جي انهن تڪڙين ڦيرين گهرين هوندي به سنڌ ۾
اسلامي علم ادب جي ترقي ٿيندي رهي.(2)
بغداد جي علمي ادبي سرگرمين سنڌ کي به منور ڪري
ڇڏيو، جنهن ڪري هتي مسجدن ۾ ديني تعليم جو سلسلو
ديبل کان وٺي ملتان تائين جاري رهيو.(3)
خليفي المامون الرشيد جي ڏينهن ۾ فضل بن ماهان،
سندان ۾ عظيم الشان جامع مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾
درس تدريس جو شغل جاري هو. وضو لاءِ پاڻيءَ جا حوض
۽ پاسن کان مسافرن جي رهڻ لاءِ جايون ۽ حمامن جو
پڻ انتظام هو.(4)
اهڙين مسجدن ۽ درسگاهن جو سلسلو پڻ سنڌ توڙي هنڌ
جي ٻين شهرن تائين پکڙيل هو، جيئن ته قنوج، ويهند
۽ گجرات وغيره.(5)
درسگاهه نظاميه، جيڪو ٻين اعليٰ درسگاهن لاءِ مثال
بنيو، تنهن جو بنياد نظام الملڪ سن1065ع ۾ وڌو.
نظام الملڪ اٽڪل يارهين صديءَ جي وچ ڌاري ايران جي
سلجوقي سلطانن الپ ارسلان ۽ ملڪ شاهه جو وزير هو.
ابن جبير جي چوڻ مطابق ته نظاميه ۾ عوام جي آڏو
خطبا ۽ ليڪچر ڏنا ويندا هئا. خليفي نظام الملڪ
تعليم جو سرشتو مرتب ڪيو ۽ ڪيترائي درسگاهه ۽
دارالعلوم قائم ڪيائين. تعليمي ادارن کي حڪومت جي
طرفان وقف ملڪيتون ۽ عطيه ڏنا ويندا هئا. غزالي
چئن سالن لاءِ (1091ع-1095ع) نظاميه ۾ استاد سان
گڏ سربراهه به ٿي رهيو.
بهاءُ الدين ۽ امير الحرمين ابو المعالي جويني،
نظاميه جا مشهور معروف عالم ۽ استاد ٿي گذريا آهن.
نظام الملڪ ٻيا به درسگاهه اصفهان، مَروَ، سمرقند،
بلخ، حلب، دمشق، غزني ۽ لاهور ۾ قائم ڪيا. نظاميه
هلاڪو خان جي حملي سن1258ع تائين قائم رهيو. تيمور
لنگ جي بغداد تي قبضي کان پوءِ ان کي مستنصريه سان
ملايو ويو. المستنصريه خليفي المستنصر بالله
سن1234ع ۾ قائم ڪيو. مستنصريه ۾ چئني فرقن لاءِ
قانون جا الڳ الڳ ادارا قائم هئا. جنهن لاءِ هر هڪ
جو سربراهه سند يافته عالم هوندو هو.(1)
ابن قيراط لکي ٿو ته ”مستنصريه ۾ مختلف اڻ لڀ ۽
ناياب ڪتابن جو شاهي ڪتب خانو موجود هو.“ خوش
قسمتيءَ سان هي مدرسو منگولن جي حملن ۽ تباهه
ڪارين کان بچي ويو. سلجوقي وزير تاج الدولہ،
نيشاپور ۽ ٻين شهرن ۾ مدرسا قائم ڪيا. هن پنهنجي
نالي سان اعليٰ تعليم لاءِ ”تاجيہ“ مدرسو پڻ قائم
ڪيو.
عباسي خليفي المامون وانگر، فاطمي خليفي الحڪيم
سن100هه ڌاري هڪ اعليٰ درسگاهه دارالحڪمة جو قاهره
۾ بنياد وڌو. مقريزي جي چوڻ مطابق ”هن اداري جي
نصاب ۾ هيئت، طب، گرامر، لغت ۽ فلسفي جا مضمون
پڙهايا ويندا هئا. هي ادارو صلاح الدين جي اقتدار
۾ اچڻ کان پوءِ ختم ٿي ويو.
اسلامي مملڪت جي وسيع ٿيڻ سان مسلمانن ڌارين ملڪن
جي تهذيب به پاڻ سان آندي. ايراني ۽ لاطيني تهذيب
مسلمانن تي وڏو اثر ڪيو، جنهن ڪري مسلمانن دنيا ۾
ذهني ڪردار ادا ڪيو ۽ فهم و فراست جي ڪري آسمان تي
پهچي ويا. هنن ۾ سجاڳي هند، ايراني ۽ شامي، ليڪن
گهڻي قدر يورپي اثرات جي ڪري پيدا ٿي، جنهن لاءِ
اهو اهڃاڻ ڪافي آهي ته فارسي، سنسڪرت، شامي ۽
يوناني ٻولين جا ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيا ويا.(1)
ترجمي جي شروعات ۾ نسطوري عيساين لاطيني ۽ اسلامي
ملڪن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ڪم ڪيو. پهريائين شامي
نسطوري عيساين يوناني زبان مان شامي زبان ۾ ترجما
ڪيا ۽ پوءِ شامي زبان مان عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪيائون. هندستانين عرب دنيا تي ٻه وڏا احسان ڪيا:
هڪڙو هيئت جو علم ۽ ٻيو ڏهائيءَ جو طريقو.
هندستاني علم هيئت جو نسخو سڌانت سڏبو هو، جيڪو
محمد ابن الفرضي، المنصوري جي مدد سان عربي ۾
ترجمو ڪيو.(2)
هن جي حڪومت جي دور ۾ ارسطو جون ڪيتريون ئي
تصنيفون، بطليموس جو المجسطي اقليدس ۽ ٻيا يوناني
ڪتاب، توڙي بازنطيني، فارسي ۽ شامي ڪتاب عربي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. مسعودي جي قول مطابق ته
انهن ڪتابن جي ترجمي جو مطالعو وڏي شوق سان ٿيڻ
لڳو.
سن
138هه ۾ خليفو سخت بيمار ٿي پيو ۽ درٻاري حڪيمن
سندس بچڻ جي اُميد لاهي ڇڏي. ليڪن خليفي، مشهور
حڪيم ۽ جندي- شاپور جي منتظم جارج کي گهرايو، جنهن
جي علاج سان خليفو صحتياب ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ
حڪيم جارج کي خليفي جي درٻار ۾ دائمي اچڻ جو شرف
حاصل رهيو.(1)
مسلمانن سان لاطيني عيسائي شاگرد پڻ بغداد ۾
پڙهندا هئا. ماشاءَ الله ۽ احمد بن محمد النهاوندي
هيئت دان ۽ عبدالله بن مقنع، ابراهيم فزاري،
جرجيس، خالد برمڪي ۽ ابو ايوب مورياني جهڙا صاحب
ڪمال شاعر ۽ اديب، خليفي منصور جي دور ۾ ٿي گذريا.
ماشاءَ الله تاريخ جا قيمتي ڪتاب، چنڊ ۽ تارن جي
اوچائي معلوم ڪرڻ جي اندازي مطابق ڪتاب لکيا. فوجي
انتظاميه جي باري ۾ مڪمل ۽ آسماني گرهن ۽ ستارن جي
گردش ۽ خاصيتن بابت پڻ لکيائين. احمد بن محمد
النهاوندي پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي علم هيئت جي
”المستعمل“ نالي فهرست تيار ڪئي. خليفي مهدي جي
حڪومت ڪجهه به نه ڪيو، انهيءَ ڪري منصور جو چوغو
هارون کي مليو.
خليفي هارون الرشيد ڪيترائي تعليمي ادارا قائم
ڪيا، جن ۾ ڪتبخانن ۽ رهائش جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.
خليفي، شاعرن، عالمن، فيلسوفن ۽ قاضين جو قدر ڪري،
کين درٻار ۾ رکيو. اسمائي عربي گرامر جو مصنف
شفيع، عبدالله بن ادريس، عيسيٰ بن يونس، ابراهيم
موصلي موسيقار ۽ جبريل حاذق حڪيم سندس دور حڪومت ۾
پيدا ٿيا. يحيٰ جي وزارت تان لهڻ کان پوءِ فضل
حڪومت جا اهم معاملا سنڀاليا. هن بغداد ۾ ڪاغذ جو
ڪارخانو قائم ڪيو. کانئس اڳ ڪاغذ مصر ۽ چين مان
گهرايو ويندو هو.(2)
خليفي هارون جي حڪومت ۾ فقهه حنفي تي مدار رکندڙ
مسلڪ قاضي ابو يوسف جي رهبري ۾ قائم ٿيو. خليفو
مامون وڏو فيلسوف ۽ عالم هو. عوام جي ڀلائيءَ لاءِ
پنهنجي سڄي ڄمار وقف ڪري ڇڏيائين. سندس دور ۾
فلسفي، رياضي، حڪمت، سائنس، هيئت ۽ تاريخ جي فن
تيزيءَ سان ترقي ڪئي. سندس ڪارنامن کي مسلمانن جي
تهذيب جو حقيقي سونهري دور چئي سگهجي ٿو ۽ ان کي
روم جي آغسطس واري دور سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي.(1)
مامون يوناني تهذيب کان متاثر ٿي نازنطيني شهنشاهه
کان چونڊ قديم قلمي نسخا گهرايا. سندس علم پروري
جي ڪري جالينوس جي حڪمت، اقليدس ۽ بطليموس جو
يوناني رياضي علم، ارسطو ۽ افلاطون جو يوناني
فلسفو وغيره عربي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪيا ويا.
يحييٰ بن البطرق سن200هه مطابق سن815ع مامون کان
اڳئي دور جو هو ۽ طموس جو ترجمو ڪيائين. انهيءَ
کان سواءِ هن بطليموس جي تصنيفات، جالينوس ۽ بقراط
جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا. حاران جي درسگاهه جي
باني الحجاج بن مطر کي اقليدس جي ”ٻن اصولن جي
ڪتاب“ کي ترجمي ڪرڻ جو شرف حاصل آهي، جن مان هڪڙو
خليفي هارون الرشيد لاءِ ۽ ٻيو سندس پٽ مامون لاءِ
ترجمو ڪيائين.
يوناني ڪتابن جو مشهور معروف مترجم حُنين بن اسحاق
809ع کان 873ع تائين زنده هو. هي عيسائي عرب حڪيم
هو ۽ بغداد ۾ يحيٰ بن مساويه کان علم حڪمت حاصل
ڪيائين. تنهن کان پوءِ بنو موسيٰ هن کي يوناني
ڪتاب عربي ۾ ترجمي ڪرڻ جو ڪم سونپيو. کيس ٽيهن
ڪتابن لکڻ جو شرف حاصل آهي. جالينوس جي ترجمي کان
سواءِ هن افلاطون، ارسطو ۽ بطليموس جي ڪتابن جا
ترجما پنهنجي پٽ اسحاق ۽ ڀائٽي حبيش جي مدد سان
ڪيا. هن عيسيٰ بن يحيٰ ۽ موسيٰ بن خالد سان گڏجي
علمي ڪارناما سرانجام ڏنا. ثابت بن قره بنو موسيٰ
جو رکوالو هو. هن کي پڻ يوناني ٻولي مان رياضي ۽
هيئت جي ڪتابن ترجمو ڪرڻ جو شرف حاصل آهي.
قسطا ابن لقا (310هه/923ع) رياضي ۽ فلسفي جو مترجم
هو. انهيءَ کان سواءِ هن پنهنجا ڪتاب به تصنيف
ڪيا. يحيٰ بن عدي سن893ع ۾ تڪريت ۾ ڄائو هو. هن
ارسطو جي ڪتابن جا حاشيا پڻ لکيا.
خليفي مامون جي حڪم مطابق موسيٰ الخوارزمي، سڌانت
يا هندستان زائچن جو نئين سر ترجمو ڪيو. منڪه ۽
دوبن برهمڻ هندستاني رياضي ۽ علم هيئت جي ڪتابن جو
ترجمو عربي ۾ ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏ هندستاني علم
ادب جو دروازو عربن لاءِ هميشه لاءِ کلي ويو.
يحيٰ بن هارون کي خليفي مامون فارسي مان عربيءَ ۾
ترجمو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. يوناني ٻولي جي ماهر
الڪندي مختلف مضمونن تي ٻه سئو ڪتاب لکيا ۽ انهن
مان اٿينس ۽ اسڪندريہ جي مڪتبن لاءِ ڪافي مواد
تيار ٿي ويو.
خليفي جي دور ۾ ابو معشر هيئت دان، آسماني برجن ۽
ستارن جو مطالعو ڪيو ۽ زيچه ابو معشر جي نالي سان
ڪتاب لکيائين، جيڪو هميشه لاءِ علم هيئت جو اهم
ذريعو بنجي ويو. بنو موسيٰ نظام شمسي جي تحقيقات
ڪري پهريون ڀيرو چنڊ جي ننڍ وڏائي بابت معلومات
حاصل ڪئي. انهيءَ کان سواءِ هن ڏينهن رات جو ٿيڻ ۽
انهن جي برابري جو پڻ پورو مشاهدو ڪيو، جنهن جو
يونانين کي اڳي ڪوبه پتو نه هو.(1)
ابوالحسن هڪ ناليءَ مان دوربيني ايجاد ڪئي. انهيءَ
ايجاد کان پوءِ اهي ناليون مراغه ۽ قاهره جي تجربي
گاهن ۾ استعمال ٿيڻ لڳيون. شمشيه ۽ تدمور جي کليل
ميدان تي علم هيئت ۽ جاميٽري جي معلومات لاءِ هڪ
رسدگاهه قائم ڪيو ويو. البطاني علم هيئت جي ڄاڻڻ ۾
اعليٰ مقام رکي ٿو ۽ کيس بطليموس سان نسبت ڏيئي
سگهجي ٿي.(1)
ابوالحسن جون جدولون لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري
علم رياضي جي تاريخ ۽ علم هيئت جي حساب موجب زه جي
بدران
Sine
۽
Co-sine
ئي رائج ڪيائين.(2)
ڏهين صدي جي آخر تائين جيڪي هيئت دان پيدا ٿيا، تن
مان علي ابن امجر ۽ ابوالحسن علي بن امجر تعريف جي
قابل هئا.
المستصم کان وٺي الواثق بالله جي حڪومت تائين
ڌارين ڪتابن کي ترجمي ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ابن
مسعودي جي چوڻ مطابق يوحنا ۽ ابن مساويه کي ٽي لک
درهم ڏيئي مقرر ڪيو ويو هو. المتوڪل بالله ڌارين
علمن جي سرپرستي ڪري ترجمن کي ترجيح ڏني.
مسلمانن قديم دنيا جي تهذيب ۽ تمدن کي يوناني،
فارسي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين مان عربيءَ ۾ ترجمو
ڪري ارسطو، جالينوس، بطليموس، افلاطون وغيره جون
تحقيقات محفوظ ڪيون. انهيءَ ڪري مسلمان عالم نائين
عيسوي صدي جي تهذيب جا وارث بنجي ويا. انهن کان
الڪندي (نائين صدي عيسوي جي وچ ڌاري)، بنو موسيٰ
(نائين عيسوي صدي)، الخوارزمي (نائين عيسوي صدي) ۽
الفرغاني پنهنجو ذهني عڪس دنيا تي ڇڏيو. الفرغاني
جا علم هيئت تي لاطيني ۽ عبراني ٻولين جا ترجما
پنڌرهين عيسوي صديءَ تائين مقبول هئا. هن ڌرتي ۽
ٻين گرهن جا قطر ڳولي لڌا.
ابو
معشر (وفات سن 885ع) ويرن تي چنڊ جي ضابطي جو
منطقي اصول پيش ڪيو. الخوارزمي (وفات سن 885ع)
تفريق توڙي جاميٽري سان، چورس جي برابرين جو
باقاعدي اڀياس ڪيو. البطاني (وفات 929ع) رقه ۾
سندس مشاهدي ۾ آيل تارن جي يادداشت تيار ڪئي.
آلجبرا جو ماهر ابو ڪامل شجاع ابن اسلم ۽ جاميٽري
جو ماهر ابراهيم بن سعيد (وفات 1066ع)، ٻيئي
پنهنجي وقت جا وڏا رياضيدان ٿي گذريا آهن. ابوبڪر
الرازي (وفات 952ع) وچين دور جو حاذق حڪيم، طبيعات
۽ ڪيميا جي علمي تجربن جو ماهر هو. هن اُرڙي ۽
ننڍي ماتا تي قابل قبول تحقيق ڪري هڪ جامع رسالو
لکيو. سندس مختلف ڌاتن جي بناوت ۽ خاصيتن بابت
رايا ۽ ڪيميائي جزن جي ڄاڻ ليوازير کان اڳ جا
باقاعدي نسخا عمل ۾ ايندا هئا. پاڻياٺ جي خاصيتن
کي جاچڻ واري ترازو ۽ ڪشش ثقل لهڻ جا اصول سندس
عظيم کوجنائون آهن. المقريزي چنڊ ۽ ستارن جي
گولائي ۽ سندن اوچائي معلوم ڪرڻ جي اندازي بابت
عربي ٻوليءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي داد حاصل ڪيو.
عبدالرحمٰن صوفي، ابن يونس، ابن الهيثم (وفات
1039ع) البيروني (وفات 1048ع)، ابن سينا (وفات
1037ع)، عمر الخيام (وفات 1123ع) ۽ ابن رشد (وفات
1199ع) جي هر دور ۾ آجيان ڪئي وئي. عبدالرحمٰن
صوفي جو ڪتاب ”سور الڪواڪب“ علم هيئت جو شاهي
ڪارنامو آهي. ابن يونس شماريه جون جدولون قاهره ۾
تيار ڪيون. ابن الهيثم حاذق حڪيم سان گڏ ماهر چشم
پڻ هو، هن اکين جي مختلف بيمارين بابت ڪيتريون ئي
تجويزون ڏنيون.
البيرون جون ايجادون ۽ لکڻيون سندس ڪتاب ”قانون
مسعودي“ ۾ قلمبند ٿيل آهن، جيڪي کيس علم هيئت جي
ڄاڻ ۾ اعليٰ مرتبو ڏيارين ٿيون. ابن سينا جو ڪتاب
”قانون في الطب“ صدين کان طب جو مقدس ڪتاب رهندو
آيو آهي. عمر الخيام، رياضيءَ ۽ ٽرقمي جي طريقي ۽
جلالي ڪيلينڊر جو موجد آهي، پر شعر و شاعري سندس
شهرت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ابن رشد، فارابي وانگر نه
صرف ارسطو جي فلسفي جو شائق هو، پر هن اک جي ماڻڪي
۽ شفاف پردي کي ديد طور واقف ڪرايو، تنهن کان
سواءِ علم حياتيات لاءِ سج جي ترورن جي اهميت بابت
انڪشاف ڪيائين.(1)
مسلمانن نه فقط سياست، سياحت، اقتصاديات ۽ معاشرتي
علوم کي روشناس ڪرايو. پر علم نباتات، علم حيوانات
۽ علم الارض ۾ ترقي ڪري يوناني کي پڻ گهڻو پٺتي
ڇڏي ويا. بغداد، قرطبه ۽ قاهره ۾ شاگردن کي تعليم
ڏيڻ لاءِ ٻه هزار مختلف ٻوٽا هٿ ڪري باقاعدي باغن
۾ تجربن لاءِ پوکيا ويا. جهاز راني، زراعت،
آبپاشي، غير متحرڪ شين، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره تي
پڻ تحقيقاتي ڪتاب لکيا ويا.
خليفي المامون جي دور ۾ ابوالقاسم نالي سائنسدان
جهاز ايجاد ڪيو، پر اهو اڏامندي ڀڄي پيو ۽ پاڻ
حادثي ۾ مري ويو.(2)
بيشڪ مسلمان وچين دور جي ثقافت جا مهندار هئا، جن
پوري دنيا کي نين ايجادن کان روشناس ڪرايو. هاڻوڪو
يورپ سائنسي ترقي ۽ تحقيق لاءِ مسلمانن جو ٿورائتو
آهي. ڇاڪاڻ ته اها سجاڳي اسلامي تهذيب ۽ علم ادب
جي ڪري نصيب ٿين.
چٽسالي:
چٽسالي جي فن جي اسلام ۾ حوصله شڪني ڪئي ويئي آهي،
تنهن هوندي به بنو اُميه ۽ بنو عباس پنهنجي محلاتن
کي گلڪاري ۽ ماڻهن جي شڪلين سان خوب سينگاريو هو.
عباسي خاندان جي ٻئي خليفي جي محلات تي هڪڙي
شهسوار جي تصوير اُڪريل هئي. الامين جي محل تي
شينهن، عقاب ۽ سامونڊي مڇي دلفين ٺهيل هيون.
المقتدر جي محل تي سون ۽ چانديءَ جو ارڙهن شاخن
وارو وڻ لڳل هو. المتوڪل ڪيترائي بازنطيني مصور
پنهنجي محلات ۾ چٽسالي جي ڪم لاءِ مقرر ڪيا.
مسلمانن نسطوري مصورن کان نقاشي جو فن حاصل ڪيو.
شاهي محلاتن مان ”قصر الخلد“، ”قصر الذهب“، ”قصر
الخلافت“، ”قبة الخضراءِ“ ۽ امراءَ جا محلات اعليٰ
پيماني جا ٺهيل هئا.(1)
مقريزي پهريون مسلمان مصنف هو، جنهن مسلمان مصورن
جي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڪم ڪن سببن ڪري
اڌورو رهجي ويو. اوائلي دور ۾ عربن جا قلمي نسخا،
ننڍڙين تصويرن سان تيرهين صدي عيسوي تائين به
موجود هئا. مثلاً: ”ڪليلہ و دمنہ“ ۽ ”مقامات
الحريري“، جن ۾ جانورن ۽ نباتات جون تصويرون ٺهيل
هيون.(2)
عباسي دور ۾ خوشخطي جو فن:
اسلامي طرز خوشخطي جي فن کي دنيا جي تاريخ ۾ اعليٰ
مقام حاصل آهي. ٻين يا ٽئين صدي هجري ۾ قرآن شريف
جي ڪتابت جي نموني اسلامي دنيا ۾ مرحبا حاصل ڪئي.
عربن کان اڳ ۾ لکڻ جو فن دنيا جي ڪنهن به قوم
استعمال ۾ نه آندو هو. هنن وقت قيمتي پٿرن کان
لکيل اکرن جي وڌيڪ اهميت هوندي هئي.(3)
خوشخطي جو فن عربن شروع ڪيو ۽ ايرانين جي هٿن ۾
پلجي وڏو ٿيو. عباسي دور جي ابتدا ۾ ضحاڪ بن عجلان
خوش نويسي ۽ عربي خط ايجاد ۾ مشهور هو. بعد ۾
اسحاق وغيره جي ڪوششن سان اٽڪل هڪ درجن عربي خط
ايجاد ٿيا. جهڙوڪ: (1) قلم الحرم (2 قلم المدامرات
(3) قلم العهود (4) قلم القصص (5) قلم المزماج (6)
قلم المفتح (7) قلم النبور (8) قلم الجايل (9) قلم
السجلات (10) قلم الديباج (11) قلم اسطور مار
الڪبير (12) قلم المثلاثين.(1)
عباسي خاندان جي آخري دور ۾ ڪتابن ۽ قرآن شريف جي
قلمي نسخن کي سينگارڻ ۽ انهن جي نمائش جو روائج
پئجي ويو ۽ سلجوقين جي دور ۾ ڪماليت جو درجو حاصل
ڪيائين.
خوشنويس ميان خليل الله شاهه ”نورس“
(Nue-Ras)
ڪتاب جو قلمي نسخو لکي دکن جي حاڪم ابراهيم عادل
شاهه کي سوکڙي طور ڏنو. شاهه ايترو ته خوش ٿيو جو
کيس ”قلم جو بادشاهه“ جي لقب سان نوازيو ۽ عزت
وچان پاڻ سان گڏ تخت تي وهاريائينس.
الريحاني خليفي المامون رشيد جي دور حڪومت ۾ عباسي
درٻار کي پنهنجي فن سان چمڪائي ڇڏيو. ريحاني کان
پوءِ عباسين جي وزير ابن مقلہ (متوفي 328هه) ”خط
ڪوفي“ مان ”خط نسخي“ ايجاد ڪيو. خليفي الرازي، ابن
مقلہ جو ساڄو هٿ وڍائي ڇڏيو، تنهن هوندي به هو
پنهنجي کاٻي هٿ سان سـٺي نموني لکي سگهيو ٿي.(2)
محقق طريقي جو موجد ابن البويہ
(Ibn
Al-Buwwah)
خوشخطي جي تاريخ ۾ خاص اهميت جو حامل آهي. ياقوت
المستعصمي کي عباسي دور جي آخري درٻاري ناسخ ليکيو
وڃي ٿو. المامون الرشيد جي ڏينهن ۾ قلم المرصع،
قلم النساخ ۽ قلم الرياسي اختراع ڪيا ويا. بعد ۾
قلم الرقاع ۽ قلم غار الحليلہ ايجاد ڪيا ويا.
عباسي دور ۾ ڪوفي خط اٽڪل ويهن نمونن ۾ مستعمل هو.(1)
سنڌ
۾ عربي حڪومت جي زماني ۾ قلم الرقاع ۽ قلم غبار
الحليلہ رائج هئا. منجهانئن ڪوفي خط ۾ قرآن مجيد ۽
ٻيا مذهبي ڪتاب قلمبند ڪيا ويندا هئا ۽ خط نسخ
سرڪاري دفترن ۾ استعمال ٿيندو هو.(2)
ابتدا ۾ نو مسلم سنڌين کي قرآن شريف ۾ نقطن نه هئڻ
ڪري پڙهڻ ۾ دقت پيش ايندي هئي، جنهن کي مٽائڻ لاءِ
نصم بن عاصم کان ڪلام پاڪ ۾ نقطا ڏياريا ويا.(3)
موسيقي:
مسلمانن ۾ موسيقي بنو اُميه جي دور کان شروع ٿي ۽
عباسين جي دور ۾ عروج کي وڃي پهتي، عباسين جي
درٻار ۾ ڳائڻن ۽ گوين کي انعامن اڪرامن سان نوازيو
ويندو هو. راڳ کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. امام غزالي
رح پنهنجي تصنيف ”احياءُ العلوم“ ۾ شعوري ۽ غير
شعوري راڳ جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب ته ”راڳ
جي ڄاڻ جسم لاءِ طاقت ۽ دماغ جي غذا آهي.“ عربي
ٻوليءَ ۾ موسيقي جي فن کي ابوالفرج اصفهاني ايڪيهن
حصن ۾ تصنيف ڪيو ۽ انهيءَ فن ۾ هڪ سو چونڊ سُر
سمجهايا آهن.(4)
بغداد شهر ۾ موسيقي جا اسڪول هر هنڌ موجود هئا.
عباسين جي دور ۾ موسيقي جا ڪيترائي ڪتاب يوناني
ٻولي امن عربي ۾ ترجمو ڪيا ويا. خليفي المهدي سياط
کي مڪي کان گهرائي پنهنجي درٻار ۾ گويو مقرر ڪيو.
سياط جو شاگرد ابراهيم الموصلي پڪي راڳ جو ماهر
هو. ابراهيم ايران جي اعليٰ خاندان جو فرد هو.
هارون الرشيد کيس ملازمت ۾ رکيو ۽ ڏيڍ لک درهم عطا
ڪيائين. موسيقي جي فن ۾ ابراهيم جو همعصر ابن جامي
پنهنجي سريلي آواز ڪري وڌيڪ مقبول هو.
هارون الرشيد جي درٻار ۾ خوشي جي خاص موقعن تي هڪ
ئي وقت ٻه هزار ڳائڻا حصو وٺندا هئا، ايتري قدر جو
الامين پنهنجي درٻار ۾ راتين جون راتيون محفلون
لڳائيندو هو. هارون جي درٻار ۾ ابن ابي حفص جهڙو
قادر الڪلام شاعر موجود هو.(1)
المامون ۽ المتوڪل جي درٻار ۾ اسحاق بن ابراهيم
الموصلي موسيقارن جو مهندار هر وقت موجود رهندو
هو، ان کان سواءِ سندس شاگرد مخرق به ساڻس گڏ
ڳائيندو هو.(2)
الواثق پهريون موسيقار خليفو هو، جنهن سارنگيءَ تي
هڪ سو سُر آلاپيا، المستنصر ۽ المستند شعر گوئي ۽
موسيقي جي فن ۾ الواثق کان ٻئي نمبر تي هئا.
المستند حقيقي معنيٰ ۾ موسيقار خليفو هو، جنهن جي
راڳ جي ساک ابن خردازبہ جي رسمي تحرير مان ظاهر
ٿئي ٿي. يونس الڪاتب موسيقي جي قاعدن بابت پهريون
ڀيرو قلم آزمائي ڪري شرحون لکيون. کانئس پوءِ خليل
علم عروض تي ڪتاب لکيا ۽ هي پهريون عربي زبان جو
لغت نويس هو، جنهن جو ”يادداشت جو ڪتاب“ ۽ ”بحر
وزن جو ڪتاب“ موسيقي جي اصولن ۾ مشهور هئا. ابن
فرنس پهريون شخص هو، جنهن موسيقي جو فن اسپين ۾
سيکاريو. اٺين ۽ ڏهين صدي جي وچ واري يوناني علم
موسيقي ۽ آواز جي علم جا رسالا عربي زبان ۾ ترجمو
ڪيا ويا.
حنين ابن اسحاق، يوحنا ابن البطريق يوناني تصنيفون
عربيءَ ۾ ترجمو ڪيون. ارسطو جون ٻه تصنيفون ”ڪتاب
المسائل“ ۽ ”ڪتاب في النفس“ جي عنوانن سان عربي ۽
نسطوري حڪيم ترجمو ڪيا.(1)
حنين ابن اسحاق، جالينوس جو ڪتاب
(Devoce)
عربي ۾ ”ڪتاب الصوف“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو.
اقليدس جا عربي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪتاب النعم“،
”ڪتاب العقا“ ۽ ”ڪتاب القانون“ موسيقي جي فن بابت
مشهور هئا. ارسطو جي پٽ
(Nicomachus)
پڻ موسيقي جي فن ۽ علم رياضي تي ڪتاب لکيا، جن جو
ثابت بن قره عربي ۾ ترجمو ڪيو.(2)
الڪنديءَ جي تصنيفات ۾ يوناني موسيقي جا اهڃاڻ ملن
ٿا. ثابت بن قره، محمد ابن الرازي ۽ قسطا ابن لقا
همعصر شاعر هئا. سندن پيرو الفارابي وچين دور جو
وڏي ۾ وڏو موسيقي جي فن جو مصنف هو. انهيءَ کان
سواءِ هن اقليدس جي يوناني موسيقي جي فن جي
تصنيفات تي تفصيل سان تنقيد لکي داد حاصل ڪيو.
”الموسيقي الڪبير“ ۽ ”اختصار احسان العلوم“ سندس
مشهور ڪتاب آهن.
فارابي کان پوءِ البزجاني وزن ۽ بحر جي فن تي
مختصر طور لکيو. ساڳئي وقت ۾ اخوان الصفا، الف ب
وار موسيقي جي فن تي تفصيل سان بيان ڪيو. محمد
الخوارزمي پنهنجي ڪتاب ”مفتاح العلوم“ ۾ پڻ موسيقي
جي فن جو ذڪر ڪيو آهي. ابن سينا موسيقي جي فن ۽
قاعدن تي خاص تصنيفون لکيون، جيڪي شفا ۽ نجات ۾
لڀن ٿيون. سندس شاگرد ابن ضلع موسيقي جو ڄاڻو ٿي
گذريو آهي. ابن رُشد اَرسطو جي
Deanima
ڪتاب تي عاليشان شرح لکي. بغداد جي زوال (1258ع)
کان پوءِ وڏن ۽ ناميان موسيقارن جو نالو نشان
ميٽجي ويو.(3)
Hitti, History of the Arabs.
Shustry, “out lines of Islamic
Culture.”
Khuda Bux: Islamic Civilization.
A. M. A Shustry, Out lines of Islamic
Culture.
Khuda Bux, Islamic Civilization.
P.
K. Hitti, “History of Arabs”
Prof: K. Ali “Education under the Abbasids”
P-53
Syed M. Saeed, “History of Abbasids”, 1974,
P-33
ملتان ۾ محمد بن قاسم واري جوڙايل مسجد جلم بن
شيبان قرسطي (اسماعيلي) اموي يادگار سمجهي بند
ڪرائي ڇڏي هئي. البيرني، ڪتاب الهند، لنڊن
ص501.
ڊاڪٽر گستاولي بان: تمدن عرب، مترجم سيد علي
بلگرامي، ص712، حيدرآباد دکن.
بلاذري: فتوح البلدان ص445
K. Ali. History of Muslim Culture. P-55.
P. K Hitti, History of the Arabs.
Professor K. Ali, History of Muslim Culture,
P-59
S. M. Saeed, History of Abbasids, P-76
Sayed Amir Ali, “The Spirit of Islam”.
K.
Ali, History of Muslim Culture. P-66
K.
Ali, Education under the Abbasids. P-70.
سيد محمد سعيد ”مڪمل تاريخ بنو عباس“ 1974ع.
ص28
K. Ali, Short History of Muslim Culture,
Part II, Ch: III, P-71
Prof: K. Ali, “Education Under Abbasids,
Calligraphy” Part II, Ch: III, P-77.
رحيمداد خان شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ
يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1959ع، ص188.
حافظ چلبي: ڪشف الظنون، ج اول ص466.
هجري ستين صدي ۾ فقط ڇهن قسمن جو خط رائج هو:
ثلث، نسخ، تعليقي، ريحاني، محقق ۽ رقاع.
ابن خلڪان: جلد اول، ص135.
Hitti, “Hostory of the Arabs.”
S. M. Saeed, “History of Abbasids” 1974,
P-86.
Prof: K. Ali, “History of Muslim Culture”
Part II, Ch: III P-82.
Nicomachus, a, Neo-Pythagorean Philosopher
and mathematician, born at Cersa In Arabia,
Petroea flourished about 100 A.D Two
Treaties by him are extant. (i) the
Introducation arithmetica (ii) The
Enchiridion Harmonices. Encyclopedia
Birtannica, Vol: XVI, P-429, 1950. London.
Prof: K. Ali “Education under the Abbasids”
Part II, P-84.
|