.
مدرسو هاشميہ ٺٽو:
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مدرسو ”هاشميہ دارالعلوم“
جي نالي سان دنيا ۾ مشهور هو، جنهن مان نه رڳو سنڌ
جا پر سنڌ کان ٻاهر جا شاگرد پڙهي وڏا فقيهه ۽
محدث ٿي نڪتا. انهن مان گهڻن جا نالا ته تاريخ جي
صفحن تان ئي مٽجي ويا آهن، پر ڪن ٿورن جا نالا هيٺ
پيش ڪجن ٿا:
مخدوم عبدالرحمٰن، مخدوم صاحب جو وڏو پٽ. هن سمورو
علم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيو. فقهه ۽ حديث جو وڏو
ماهر هو. حج جي مسئلن تي سنڌي نظم ۾ سندس لکيل
ڪتاب وڏي شهرت رکي ٿو ۽ مخدوم صاحب جي عربيءَ ۾
لکيل رسالي ”الوصية الهاشمية“ (هاشمي وصيت نامو) ۾
هن لاءِ نصيحتون ڪيل آهن.(1)
هن پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي
جهونا ڳڙهه وسايو. انهيءَ ڪري سندس وڌيڪ احوال ملي
نه سگهيو آهي. سن1181هه ۾ جهوناڳڙهه ۾ وفات ڪيائين
۽ اتي ئي دفنايل آهي.
مخدوم عبداللطيف، هن به سارو علم پنهنجي پيءُ وٽان
حاصل ڪيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس مسند تي
ويٺو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته مخدوم عبداللطيف
هر جمعي تي جامع مسجد خسرو (ٺٽي) ۾ صبح جو والد جي
دستور مطابق وعظ ڪندو آيو ۽ روزانو ٽپهريءَ کان
پوءِ مسجد ۾ حديث جو درس ڏيندو آيو ۽ مدرسي هاشميه
کي تازو رکندو اچي ٿو. مخدوم عبداللطيف، ميان
سرفراز عباسي جي دور ۾ 1187هه ۾ لشڪر ۾ قاضي جي
عهدي تي مقرر ٿيو. هن گهڻا ڪتاب جوڙيا، جن مان
مخدوم محمد معين ٺٽوي جي مشهور عالم ڪتاب ”دراسات
النبي“ جو رد ”ذب ذبابات الدراسات“ لکيائين.
علامه ابوالحسن صغير سنڌي ۽
حاجي فقيرالله علوي شڪارپوري.
مخدوم محمد هاشم 70 ورهين جي ڄمار ۾ سن1174هه ۾
وفات ڪري ويو. سندس مقبرو مڪلي تي مرجع خلائق آهي.
سن
ساوڙي ۾ ابوالحسن ڏاهري وارو مدرسو:
مخدوم ابوالحسن ڏاهري نقشبندي ڳوٺ سن ساوڙي (ضلعي
نوابشاهه) ۾ سن1116هه ڌاري ڄائو ۽ 1136هه ڌاري
جهونا ڳڙهه جي شهر ڪوٽيانه ۾ پڙهيو. عربي، فارسي ۽
سنڌي ٻولين جو عالم ۽ شاعر هو. سندس سمورو ڪلام
زماني جي ستم ظريفي جو شڪار ٿي ويو.
مخدوم صاحب جون ڪيتريون ئي تنصيفون آهن، جن مان
مشهور ڪتاب ٻه نظم ۾ ۽ ٻه نثر ۾ آهن. هڪڙو سراج
المصلي، جنهن ۾ نماز جا مسئلا بيان ڪيا ويا آهن،
جنهن ۾ علم ڪلام جي ڪن مکيه مسئلن ۽ تصوف جي چند
اصطلاحن جي نهايت سهڻي وضاحت ڪئي ويئي آهي. ٻيو
ڪتاب ڪچڪول نامه اٿس، جنهن ۾ الله تعاليٰ جي واٽ،
شريعت، طريقت ۽ ٻنهي ۾ فرق، حقيقت جي سمجهاڻي، نور
جو بيان، معرفت جي وضاحت، مجرد لطيف ۽ ڪثيف جي
اُپٽار، ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت جو بيان، نور
محمدي، اعيان ثابة، عالم ارواح وغيره جي عنوان جو
بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي تاليف جو سن1176هه
آهي. سندس باقي ٻيا ڪتاب آهن: ينابيع الحيواة
الابديہ ۽ رفع الفرية. ينابيح، تصوف تي ٽن جلدن ۾
هڪ وڏو ڪتاب آهي. هن ڪتاب بابت ڪن همعصر عالمن جو
رايو آهي ته هي ڪتاب امام غزالي رحه جي مشهور ڪتاب
ڪيمياءِ سعادت کان بهتر آهي. ٽيون ڪتاب رفع الفرية
والمرية فقهي رسالو آهي. هن رسالي ۾ مخدوم محمد
هاشم ۽ مخدوم محمد قائم ٺٽوي جا حوالا پڻ آندا ويا
آهن. مخدوم مسعود چوٽياري واري پنهنجي تحرير ۾
ابوالحسن ڏاهري کي وقت جي عالمن جو امام سڏيو آهي.
اهي سڀ تحريرون پير جهنڊي جي لائبريري ۾ موجود
آهن.(1)
مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو سن ساوڙي جي ڀرسان
مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو.
سن1181هه ۾ وفات ڪيائين. موجوده دوڙ اسٽيشن جي
ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ ۾ ”اُبل“ نالي قبرستان ۾
دفنايل آهي.
مولوي عبدالخالق ٺتوي (ولادت سن1157هه/ 1733ع):
ٺٽي
جو ويٺل هو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مريد پيارو
شاگرد هو. مدرسي ”هاشميہ“ ۾ نائب ٿي تعليم ڏيندو
رهيو. ”مطلوب المؤمنين“ سنڌي نظم ۾ ڪتاب تصنيف ڪيل
اٿس.(1)
ابوالحسن ممد صادق المعروف بہ ابوالحسن الصغير:
ٺٽي
۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي ڪسب ڪمال ڪيو. بعد ۾ هجرت ڪري
مدينہ منوره ۾ شيخ محمد حيات سنڌي جي صحبت اختيار
ڪيائين. ان جي وفات کان پوءِ سندس مسند تي ويهي
”مدرسة الشفا“ ۾ حديث ۽ ٻين ديني علومن جو درس ڏيڻ
لڳو. علامہ ابوالحسن صغير جو لکيل ”بهجة النظر شرح
نخبة الفڪر“ ڪتاب حامل المتن شرح نخبہ جي شرح آهي،
جيڪو گهڻو اڳي هندستان ۾ شايع ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي
ناياب آهي.(2)
يارهين صدي هجريءَ جي هڪ ٻئي محدث قاضي محدم اڪرم
نصرپوري به شرح نخبة جي شرح امڪان النظر جي نالي
سان لکي، جيڪا بلڪل بسيط ۽ منفصل شرح آهي. مولانا
عبدالحئي لکنوي جي تاليفات ۾ گهڻو ڪري هن شرح جا
حوالا موجود آهن. اهڙيءَ طرح مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي تصنيفات ۾ به اعمان النظر جا حوالا ملن
ٿا. بهجة النظر ۾ ان جي برعڪس ايجاز ۽ اختصار آهي.
علامہ ابوالحسن صغير سن1152هه ۾ ڄائو 1187هه ۾
مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي مٽيءَ ۾ پيوند ٿيو.(3)
ملا
احمد ٺٽوي
ملا
احمد ٺٽوي، فاروقي نسل مان حنفي مذهب جو فرد، علم
طب ۽ علم تاريخ جو وڏو ماهر هو. ڪجهه وقت گذرڻ بعد
هن شيعہ مذهب اختيار سنڌ ڇڏي ايران جي بادشاهه
طهماسپ صوفي(1)
جي درٻار ۾ پهتو. تعصب وچان بادشاهه سان ناراض ٿي
ايران مان سڌو حج تي هليو ويو. اتان سمنڊ جي رستي
دکن پهتو، جتان 990هه ۾ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾
ملازمت اختيار ڪيائين. هجرت نبوي کان وٺي چنگيز
خان جي زماني تائين ٻن جلدن ۾ ”تاريخ آصفيہ“
لکيائين.(2)
کيس تعصب سببان يارهين هجري جي اوائل ۾ قتل ڪيو
ويو.(3)
محمد فاضل سنڌي:
هن
بزرگ جو احوال حضرت شاهه ولي الله رح پنهنجي
استادن ۾ ڏنو آهي. جيئن ته علم قراءَت جو استاد
بيان ڪندي فرمائي ٿو:
”قال العبد الضعيف ولي الله بن عبدالرحيم عفي عنہ
قراءَت القرآن ڪلہ من آونہ الي آخره حفص عن عاصم
عن الصالح الثقہ. حاجي محمد فاضل سندي، سن1154هه.
مخدوم ابوبڪر هالائي
هن
بزرگ جو احوال مخدوم ابوالحسن ڏاهري پنهنجي ڪتاب
”ينابيع“ ۾ ڪيو آهي ۽ پنهنجن استادن ۾ شمار ڪيو
اٿس. مخدوم ابوالحسن اهو ڪتاب ٻارهين صدي هجري جي
وچ ڌاري لکيو، جڏهن مخدوم ابوبڪر وفات ڪري چڪو هو،
تنهن ڪري اندازو آهي ته ٻارهين صدي هجري جي اوائل
۾ وفات ڪري چڪو هوندو.
ملا
اسحاق بکري
ملا
اسحاق بکري، فارسي زبان جو ايڏو ته ماهر هو، جو
کيس شيخ سعدي شيرازي ۽ عارف عبدالرحمٰن (جامي) جو
وارث سڏيو ويندو هو. هو شروع ۾ سلطان محمود بکري
جو ملازم هو، جلال الدين اڪبر جي زماني ۾ ”طبقات
اڪبري“ جي مصنف نظام الملڪ(1)
وٽ وڃي رهيو هو. آخرڪار مرزا غازي بيگ وقاري جي
تعليم لاءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سيد محمد طاهر نسياني
لکي ٿو ته، ”آئون 25 سالن جي ڄمار ۾ 1014هه ۾
استاد خضر طبيعت مولانا اسحاق بکري جي خدمت ۾
شاعري جي فن سکڻ لاءِ حاضر ٿيس. هن صاحب جي توجهه
سان مون ۾ شاعري جي صفت پيدا ٿي.“ تاريخ وفات
معلوم نه ٿي سگهي، مگر هو يارهين صدي هجري جي
عالمن مان آهي.(2)
مير
ابوالمڪارم شهود ٺٽوي:
مير
ابوالمڪارم بن مير ابوالبقا امير خان. ڪرامت جو
مالڪ، وڏو عالم ۽ فاضل شاعر هو. هو تاريخ ۽ لغت جو
وڏو ماهر هو ۽ ان زماني جا چوڏهن علم ئي برزبان
ياد هئس. رات ڏينهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. سندس
ڪتب خاني ۾ پنج سو جلد مختلف علمن جا موجود هئا.
سندس هيٺيون تصنيفون آهن:
ديوان فارسي.
قصه
پري خانه سليمان
سيف
الملوڪ و بديع الجمال. (اڻپورو)
سيد
المڪارم شهود سيوهڻ ۾ سن1037هه ۾ وفات ڪري لعل
شهباز جي پاڙي ۾ آراميو.(1)
مير
ابوالبقا امير خان ٺٽوي:
مير
ابوالبقا ولد مير ابوالقاسم نمڪين هروي بکري، هڪ
وڏو عالم، شاعر ۽ فاضل هو. کيس شاهجهان بادشاهه
ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. ميرپور بٺورو سندس نالي تي
آباد ڪرايل شهر آهي. هن وقت ابوالبقا امير خان جي
ٺٽي ۾ هڪ ويران مسجد هندن جي پاڙي ۾ آهي، شايد اڳ
انهيءَ محلي کي ”محلہ ڀائي خان“ سڏيو ويندو هو.
مسجد جي اندر اُڪريل قطع تاريخ مان اڏاوت جو
سال1039هه نڪري ٿو.(2)
ذخيره الخوانين موجب مير ابوالبقا هڪ سو ورهين جي
ڄمار ۾ به قوت رجولين ۽ اکين جي نظر ۾ نوجوانن
جهڙو هو.(3)
سن 1057هه ۾ وفات ڪيائين، سندس قبر ”ستين جي ٿان“
(روهڙي) ۾ آهي.
ابوالفتح ٺٽوي:
ٺٽي
جي ملن جي غريب خاندان مان هو، پر پنهنجي هوشياري
جي ڪري اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ لاهري بندر
(شاهه بندر) کيس جاگير طور ڏنو ويو. ملا ابوالفتح
کي مير منشي جو عهدو ۽ ”قابل خان“ جو خطاب مليو.
هو فارسي انشاءَ جو قابل هو. سندس خط(1)
پوري هندستان ۾ پکڙيل هئا، جنهن تي ننڍا وڏا فارسي
انشاءَ نويسيءَ جي مشق ڪندا هئا. مير علي شير قانع
لکي ٿو ته”قصہ ڪامروپ نثر ۾ سندس لکيل هو، جنهن کي
مون (مير قانع) نظم ۾ آندو آهي.“ افسوس جو آخر
ڄمار ۾ بادشاهه جي عتاب هيٺ آيو ۽ نوڪري مان نڪري
ويو.
سندس وفات جو سن معلوم نه آهي،(2)
مگر سلطان عالمگير 1066هه ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1118هه
۾ وفات ڪيرائين، جنهن مان ظاهر آهي ته ملا
ابوالفتح ٻارهين صدي هجري جي اوائلي مشاهيرن مان
آهي.
مير
اسدالله بکري:
مير
اسدالله تخلص ساقي، مير محمد معصوم جي ڏوهٽاڻ مان
وڏي استعداد ۽ علميت جو مالڪ هو. شعر ۽ شاعري جو
ڪافي حد تائين ماهر هو. حڪيم مير يعقوب جو شاگرد
هو ۽ پاڻ به وڏو حڪيم هو. طب جي مشهور ڪتاب ”ذخيره
خوارزم شاهي“(3)
جو اختصار ڪيو اٿس. مير علي شير قانع لکي ٿو ته:
”اڄ تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هو زنده آهي.“ اهو
زمانو 1181هه جو هو. بهرحال هي بزرگ ٻارهين صدي
هجري ۾ ٿي گذريو.(4)
مير
امين الدين خان حسين ٺٽوي:
مير
امين الدين ولد مير ابوالمڪارم شهود ولد مير
ابوالبقا امير خان رح، علم اميريءَ جو جامع ۽ هڪ
وڏي خاندان جو ممتاز فرد هو، پنهنجي زماني ۾ حڪومت
جي اختيارات سان گڏ علمي شغل هميشه جاري رکندو
آيو. شروعات ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾
کيس خانپور (شڪارپور) ۾ جاگير هئي. دهلي جي مغليه
سلطنت پاران 1114هه ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو.(1)
سندس هيٺيون تصنيفات آهن:(2)
1-
رشحات الفنون، جنهن ۾ چوڏهن علمن جو اختصار ڏنل
آهي ۽ 2- معلومات الآفاق.
مير
امير الدين خان ٺٽي ۾ 1127هه ۾ وفات ڪئي ۽ مڪلي جي
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
ميان ابوالبقا ٺٽوي
فارسي جو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. شاعري ۾ ڪمال
حاصل هوس. شيخ سعدي عليہ الرحمة جي ”گلستان“ کي
”بوستان“ جي بحر ۾ نظم ڪيائين. سال 1146هه ۾ وفات
ڪيائين.(3)
سيد
ابوالقاسم شڪر الاهي ٺٽوي:
ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد سيد مير ولي، سيد
قاضي شڪر الاهي جي خاندان مان 1138هه ۾ تولد ٿيو.
ٻارهن سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو، پاڻ
شعر به چوندو هو. مير علي شير قانع سندس عزيز ۽
همعصر هو، جنهن سان صحبت رهيس ۽ هڪ تتبع تي گڏجي
شاعري ڪندا هئا. مقالات جي لکڻ يعني 1169هجريءَ
تائين هي صاحب زنده رهيو آهي. شايد انهيءَ صدي جي
آخر يا تيرهين صدي هجري جي اوائل ۾ وفات ڪئي هجيس.(1)
حاجي قائم شڪارپوري:
نقشبندي طريقي ۾ حاجي فقيرالله علوي جو مريد ۽
سندس مدرسي جو شاگرد هو. فارسي جو چڱو شاعر ٿي
گذريو آهي. شڪارپور شهر جي واکاڻ ۾ هڪ طويل قصيدو
چيو اٿس، جنهن ۾ پنهنجي مرشد جي به واکاڻ ڪئي اٿس.
سن1171هه ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم روح الله بکري:
جامع علوم منقول ۽ معقول، حاوي معالم فروع و اصول،
پنهنجي زماني ۾ صلاحيت ۽ تقويٰ کان مشهور ۽ معروف
هو. سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس بيحد
معتقد هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”منهنجي
مخدوم روح الله سان سن1166هه ۾ محمد آباد ۾ ملاقات
ٿي، جو اتي ميان نور محمد ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ لاءِ
تشريف فرما ٿيو هو. معلوم ٿيو ته سمورين ڪماليتن
هجڻ ڪري ڪڏهن شعر شاعري ڏانهن به توجهه فرمائيندو
هو.(2)
مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجري جو پوئين اڌ ۾ وفات
ڪئي ۽ پويان ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين. تحفة الڪرام
جي قول موجب ٽي ڀائر هئس، جن جي اولاد جو اڄ به
پتو ڪونه ٿو پوي.(3)
مخدوم احمد ڪتابي ٺٽوي جو مدرسو:
احمد بن مخدوم محمد اڪرم اگهمي، مخدوم اڪرم ٺٽي ۾
اچي رهيو ۽ علمي ڪماليت ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هو.
سندس فرزند ميان احمد حال ۽ قال جو صاحب هو. شروع
زماني ۾ ٺٽي ۾ پنهنجي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل
جاري رکيائين. سندس شاگردن مان مخدوم عنايت الله
ٺٽوي مشهور ٿيو. آخر ۾ دنيا کي ترڪ ڪري گوشه نشين
ٿي رهيو. کيس ”ڪتابي“ جو لقب مليو هو. خدا جي خوف
۾ رت جون هنجون هاريندو هو.(1)
هن بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ گذاريو.
سونڊا جي شهر جا علمي، ادبي ۽ روحاني درسگاهه:
سونڊا شهر جي نالي جو سبب هيءُ آهي ته ٽڪر تي هڪ
ڪامل فقير رهندو هو، جو سُر ”سونڊر“ جي راڳ تي
ڏاڍو مهربان ٿيندو هو ۽ خوش ٿي محتاجن جون حاجتون
پوريون ڪندو هو. تنهن ڪري عام ماڻهن جي زبان تي هي
ٽڪر انهيءَ راڳ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ”ر“ جي
تخفيف ڪري سونڊا چوڻ لڳا. جڏهن ڄام تماچي سونڊا
شهر جو بنياد رکيو، تڏهن به هن شهر کي ”سونڊا“ جو
نالو ڏنائين.(2)
هي
شهر صدين تائين ٺٽي جي حڪومت جو ماتحت رهيو. آڳاٽي
وقت ۾ سونڊا جي ويجهو همون ڪوٽ نالي پراڻو قلعو
هوندو هو، جنهن جي ڀرسان هندن جو تيرٿ هو. اتي
هڪڙي ٽڪريءَ مان پاڻي سميو ٿي ۽ ان جي هيٺيان هڪ
”جهم“ نالي قدرتي چشمو هو.
سونڊا جي شهر جا مخدوم اهل علم هئا ۽ اهل قلم جو
ڏاڍو قدر ڪندا هئا. انهن مان مخدوم رمضان ويداني
پنهنجي وقت جو جليل القدر پير، ڪرامت جو صاحب ۽
وحدانيت سان گڏ ويدانيت جو ڪوڏيو ٿي گذريو. سونڊا
۾ سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ هميشه شاگردن
جو ڪافي ميڙ رهندو هو، جن کي ديني تعليم سان گڏ
روحاني راز سان پڻ نوازيائين ٿي. سندس مزار، عام
مخلوق جي زيارتگاهه ۽ خدا کي پهتلن جو مرڪز آهي.
يارهين صدي هجريءَ جي پهرين ڏهي ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم ملا آري، سونڊا جو هڪ ڪامل مشائخ ۽ مدرس ٿي
گذريو آهي. اسلامي علوم ۽ ڪرامتون پنهنجي ڪامل
استاد سيد علي شيرازي کان پرايائين ۽ سندس وڏي ۾
وڏو مريد هو. ڪينجهر ۽ ان جي آسپاس وارا گندرا
سندس مريد ۽ طالب ٿي رهيا. سونڊا جي شهر ۾ قرآن
پاڪ جي تعليم عام ۽ خاص کي ڏيندو هو. سندس مزار
انهيءَ جاءِ تي عام خاص لاءِ زيارتگاهه آهي. سندس
وفات جو سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ليڪن اندازاً
يارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.
ملا
بايزيد جي درسگاهه:
ملا
بايزيد، ملا آري جو پٽ هو، پيءُ جي وفات کان پوءِ
به هن ساڳيو ورد ۽ مشغلو جاري رکيو. ديني توڙي
دنيوي علم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين. ديني
خدمتن ڪري هي به پيءُ وانگر مشهور ٿي ويو ۽ هڪ
عالم استاد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. انهيءَ ڪري پري
پري جا طالب، علم جو فيض پرائي سندس مريد ۽
عقيدتمند ٿيا. سندس قبر پيءُ جي قبر جي ڀرسان آهي.
سندس وفات جو سال 1171هه آهي.(1)
ملا
ابوبڪر پٽ ملا بايزيد، موروثي عالم، بزرگ ۽ ڪامل
عامل ٿي گذريو. ڪڏهن ڪڏهن وجد جي حالت ۾ اچي ويندو
هو ۽ هر وقت پنهنجي شاگردن ۽ مريدن کي وعظ ڪندو
هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ هيءُ به ستت ئي مري
ويو.
ڪڪرالہ
(علم ادب ۽ درويش عالم بزرگن جي سرزمين)
ڪڪرالہ جو علائقو جيڪو سمنڊ جي ڪناري سان لڳ
سرزمين جو نالو آهي، سا ڪيترو عرصو سمن ڄامن جي هٿ
هيٺ رهي. تنهن کان پوءِ وري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
کي سندس حڪومت دوران ملي. هن سرزمين تي ڪيترائي
بزرگ، عالم ۽ اسلام جا متوالا پيدا ٿيا، جيڪي اڄ
به ابدي ننڊ ۾ انهيءَ زمين ۾ دفنايل آهن. انهن مان
درويش صالح، پير لاکو، شيخ اسماعيل، پير ڪومن، شيخ
راڄن، شيخ مغل ڀين، پير ڪجريو، شيخ لال، مخدوم
جلال محمد، قاضي قطب الدين، قاضي هدايت الله، حاجي
قائم الدين، شيخ رحمت الله ۽ شيخ محمود جا نالا
قابل ذڪر آهن.(1)
مخدوم جلال محمد جي درسگاهه:
مخدوم جلال محمد، پنهنجي زماني ۾ برک عالم، تقرير
۽ تحرير جو ماهر ٿي گذريو آهي. هن جهڙو سڀني علمن
جو جامع ٻيو ڪونه هو، انهيءَ کان سواءِ هي هڪ وڏو
مدرس، عالم، مفقيہ، مفسر ۽ نجوم، طب جي علم ۾
بقراط ثاني ۽ بو علي اول هو. ايڏي ڪمال ۽ جمال
هوندي به پنهنجي مدرسي ۾ شاگردن ۽ عام خاص ماڻهن
سان ائين رلي ملي ويندو هو جو هر ڪو کيس پنهنجو
سمجهندو هو. پنهنجي حياتي ڏاڍي سادگيءَ سان
گذاريندو هو. کانئس ڪيترائي طالب ۽ ماڻهو علمي فيض
پرائي ويا. سن1151هه ڌاري وفات ڪيائين.
قاضي قطب الدين: اصل ٺٽي جو باشندو هو. ڪن پيڙهين
کان ڪڪرالي جي قضا جو مالڪ ٿيو ۽ درياءَ جي اورئين
ڀر اورنگا بندر ۾ رهڻ لڳو. قضا جي عهدي سان گڏ
اورنگا بندر ۾ قرآن شريف جي تعليم سان گڏ فقهه جو
درس به ڏيندو هو.
حاجي قائم الدين: گهڻو عرصو بغداد ۾ گذاري. سيد
عبدالقادر جيلاني جي خلافت ذريعي ڪڪرالي ۾ آيو ۽
اچي اورنگا بندر ۾ اسلام جي تبليغ سان گڏ، قرآن
شريف، حديث ۽ ٻين ديني علمن جو درس ڏيڻ لڳو.
وٽانئس ڪيترائي شاگرد فيض پرائي ويا، جن ملڪ جي
ٻين حصن ۾ وڃي دين جي درس جو شغل جاري رکيو. هن
سن1081هه ۾ وفات ڪئي.
شيخ
رحمت الله: نهايت سالڪ مرد ۽ عالم دين ٿي گذريو
آهي. اصل هندستان جو هو، پوءِ اچي اورنگا بندر ۾
رهيو. آخرڪار اورنگا بندر ۾ ئي درس تدريس جي شغل
کي جاري رکندي گذاري ويو. سندس وفات يارهين صدي جي
آخري ڏهي ۾ ٿي.(1)
نصريه، هٽڙي، راهوٽ ۽ دائري جا شهر ۽ بٺورو پرڳڻو،
علم ادب جي درسگاهن، مدرسن ۽ روحاني آستانن جا
مکيه مرڪز هوندا هئا. مخدوم صدو لانگاهه، پنهنجي
وقت جو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. مٽيارين جا سيد
جن مان سيد عبدالڪريم بلڙي وارو ۽ سندس پويان،
مخدوم صاحب جا طالب ۽ مريد هوندا هئا، سندس مزار
نصريه ڳوٺ ۾ ناليرن بزرگن جو زيارتگاهه آهي. سندس
وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي.
ملا
آجب: مخدوم صدو جو فرزند ۽ کليل ڪرامتن جو صاحب
هو. پنهنجي پيءُ وانگر پيري مريدي سان گڏ طالبن کي
روحاني راز سان به نوازيندو رهيو. هن يارهين صدي
جي وچ ڌاري وفات ڪئي.(1)
مخدوم فضل الله جي درسگاهه ۽ روحاني آستان:
مخدوم فضل الله، پنهنجي پيءُ ملا يوسف کان ديني ۽
دنيوي تعليم و فنون حاصل ڪيا. ان کان سواءِ
روحانيت جا سڀ مرحلا به هن کان ئي طي ڪيائين.
نصريه ڳوٺ ۾ سندس وڏن جي قائم ڪيل مدرسي ۾ سڄي عمر
درس تدريس جو شغل جاري رکيائين. هن سن1085ع ۾ وفات
ڪئي.(2)
صابر سومري جي روحاني درسگاهه:
درويش صابر سومرو، مخدوم نوح رح جي پوين کان فيض
پرائي بٺوري پرڳڻي جي هٽڙي شهر ۾ اسلام ۽ روحانيت
جي تبليغ ڪندو رهيو. انهيءَ ڪري ڪيترائي ماڻهو وٽس
قرآن ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. سندس پوين جو
ساڳيو سلسلو ڪلهوڙن جي دور تائين قائم رهيو.
مخدوم راهوٽيءَ جو مدرسو:
مخدوم صدر الدين راهوٽي، ڳوٺ راهوٽ جو هڪ ڪامل
عالم ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي سڄي حياتي قرآن
شريف، حديث ۽ فقهه جي تعليم ڏيڻ ۾ گذاري. راهوٽ ۾
سندس قائم ڪيل مدرسي مان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل
ڪري نڪتا. سندس وفات جو سال 1061هه آهي.
مولانا ضياءُ الدين راهوٽي جو مدرسو:
مولانا ضياءُ الدين بن مخدوم صدر الدين راهوٽي،
وهبي خواه درسي علمن جو جامع هو. هن سڀئي علم
پنهنجي پيءُ ۽ ان وقت جي وڏن عالمن کان حاصل ڪيا.
پهريائين تعليم ۽ تدريس ڏنائين، جتان ڪيترائي طالب
۽ عقيدتمند ديني توڙي روحاني فيض پرائي ويا، پر
پڇاڙي ۾ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو ۽ خلق جي پاڻ وٽ
اچ وڃ جو دروازو بند رکيائين. سندس وفات جو سال
اندازاً 1093هه آهي.
شيخ
عبداللطيف جي درسگاهه:
شيخ
عبداللطيف، عقلي خواهه نقلي علمن ۾ مدرس ٿي گذريو
آهي. پنهنجي سڄي حياتي درس تدريس جي شغل ۾
گذاريائين. سندس درسگاهه ۾ پري پري جا شاگرد تعليم
حاصل ڪرڻ ايندا هئا. مولانا ضياءَ الدين سندس
همعصر هو. هن بزرگ عالم به يارهين صدي هجري جي
بالڪل آخر ۾ وفات ڪئي.(1)
مخدوم حسن هريره جو دائري ۾ مدرسو:
مخدوم حسن هريره، دائري ڳوٺ جو برک عالم ۽ بزرگ ٿي
گذريو آهي. پنهنجي طالبن ۽ مريدن کي روحاني راهه
جو درس ڏيندي سڄي عمر پوري ڪيائين. سندس وفات جو
سال چئي نٿو سگهجي.(2)
حيدرآباد
(علم ۽ فيض جو گهوارو)
حيدرآباد سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. جنهن کي
پهريائين ”نيرون ڪوٽ“ سڏيو ويندو هو. سنڌ جي هڪ
مشهور عالم مخدوم جعفر بوبڪائي، علامه جلال الدين
سيوطي جي ڪتاب ”جمع الجوامع“ مان هڪ روايت نقل ڪئي
آهي ته، ”آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن صحابه ڪرام
مان پنجن ماڻهن کي مڪتوب گرامي ڏيئي سنڌ ڏانهن
موڪليو هو ۽ اهي نيرون ڪوٽ ۾ آيا. چنانچه هتي جي
ڪن ماڻهن اسلام قبول ڪيو. جڏهن نيرون ڪوٽ جي ماڻهن
جو هڪ وفد آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي خدمت ۾
حاضر ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو ته صحابه ڪرام مان ٻه
انهن سان واپس موٽيا ۽ باقي هتي ئي رهيا. انهن جون
قبرون سنڌ ۾ اڃان تائين موجود آهن.(1)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن روايت تي نوٽ هنيو آهي ته
مون هن کي مخدوم جعفر بوبڪائي جي خط سان ڏٺو ۽
مخدوم بايزيد ٺٽوي جي پٽ مخدوم حافظ کان ٻڌو. اهو
لکي ٿو ته جمع الجوامع ۾ مون انهيءَ روايت جي ڳولا
ڪئي، پر جيڪو نسخو مون وٽ موجود هو، ان ۾ اها
عبارت ڏسڻ ۾ نه آئي. ساڳئي وقت تي هڪ ٻي روايت جمع
الجوامع کان آيل آهي ته محمد بن ابي طالب رضي الله
عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ
وسلم جن فرمايو آهي ته هڪ ڏينهن منهنجي خدمت ۾ ٻه
وفد آيا، هڪ سنڌ مان ۽ ٻيو آفريڪا کان. ٻنهي وفدن
منهنجي اطاعت قبول ڪئي. هن روايت بابت به مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جو نوٽ آهي ته مون سيوطي جي جمع
الجوامع ۾ علي بن ابي طالب رضي الله عنہ جي پٽ
محمد اڪبر رضه جيڪو ابن الحنيفہ کان مشهور آهي، ان
جي روايت جي ڳولا ڪئي ته اها به ڏسڻ ۾ نه آئي. وري
ساڳي روايت کي مٿئين ڪتاب ۾ محمد ذاڪر بن علي بن
حسين بن علي بن ابي طالب جي روايتن ۾ ڳوليو، هن
خيال کان ته متان اها روايت ان جي ڏاڏي ڏانهن
منسوب هجي، پر مون کي اتي به اها عبارت ڏسڻ ۾ نه
آئي.
باقي محمد اوسط ۽ محمد اصغر، جيڪي پڻ علي بن ابي
طالب جا پٽ آهن، جن جو ذڪر سيوطي جمع الجوامع ۾ نه
ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته سيوطي جو اهو ڪو ٻيو ڪتاب
هجي، جنهن ۾ اها روايت آندل هجي.(1)
جيتوڻيڪ هن روايت جي تائيد ٻئي هنڌان ڪٿان به نٿي
ٿئي. ليڪن قرائن کان هن جي تائيد ٿئي ٿي، حالانڪ
اسين ڏسون ٿا ته محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ تي
حملي ڪرڻ کان پهريائين نيرون ڪوٽ جا ماڻهو عراق جي
گورنر حجاج بن يوسف ڏانهن پنهنجو سفير موڪلي اظهار
اطاعت ڪري عهد پيمان استوار ڪن ٿا ۽ جڏهن محمد بن
قاسم نيرون ڪوٽ پهچي ٿو ته بنا ڪنهن چون چرا جي
قلعي جا دروازا کولي ٿا ڇڏين. ائين سنڌ جي ۽ ٻئي
ڪنهن به شهر جي ماڻهن نه ڪيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته هتي جا ماڻهو اسلام سان پهريائين مانوس ٿي چڪا
هئا.
شيخ
الحديث حسين احمد مدني رح پنهنجي هڪ مڪتوب ۾
فرمايو آهي ته ”سرزمين سنڌ ۾ صحابه ڪرام و تابعين
عظام جون مزارون موجود آهن، جن جي زيارت جو فيض اڄ
تائين دنيا حاصل ڪري رهي آهي.“(1)
گو مولانا موصوف ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي، ليڪن جيڪي
حضرات مولانا جي تبحر علمي کان واقف آهن، اهي ڄاڻن
ٿا ته هن اها ڳالهه بغير ڪنهن يقيني سند جي ڪانه
لکي هوندي. بهرحال حيدرآباد هن علائقي جو هڪ قديم
۽ تاريخي شهر آهي ۽ اسلام جي ابتدا کان وٺي اسلامي
تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو رهيو آهي.
عربن سنڌ ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي
ملڪي مصلحت جي بنا تي نيرون ڪوٽ جي اتر اوڀر طرف
تقريباً 45 ميل پري منصوره نالي هڪ ٻيو شهر آباد
ڪري ان کي دارالحڪومت بنايو، جنهن ڪري نيرون ڪوٽ
جي اهميت ۾ وڏو فرق اچي ويو ۽ هي شهر آهستي آهستي
غيرآباد ٿيندو ويو، ايستائين جو ملڪ جون تاريخون
هن جي ياد کان خالي ٿي ويون.
1757ع ۾ سنڌو نديءَ ۾ هڪ وڏو سيلاب آيو، جنهن سنڌ
جو ان وقت جو تختگاهه خدا آباد غرق ڪري ڇڏيو. تنهن
ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جي تختگاهه لاءِ
ڪنهن اهڙي جاءِ جي تلاش ٿي، جيڪو سيلاب جي دستبرد
کان محفوظ رهي. آخر وڏي جستجو کان پوءِ نيرون ڪوٽ
منتخب ٿيو ۽ انهيءَ پراڻي قلعي جي جاءِ تي نئون
قلعو تعمير ٿيو ۽ شهر جو نالو نيرون ڪوٽ جي بجاءِ
حيدرآباد تجويز ڪيو ويو. اها ڳالهه وڏي تعجب خيز
آهي جو ايترو وڏو قلعو فقط ٻن مهينن (ذوالقعد ۽
ذوالحج 1182هه مطابق جنوري ۽ فيبروري 1759ع) جي
ٿوري عرصي ۾ تعمير ٿعيو. تعمير جو سال هيٺ ڏنل
جملي مان ڪڍيو ويو: يا رب اجعل هذا البلد آمنا -
1182هه
انهيءَ کان پوءِ هن شهر جي تعليمي، تبليغي، تهذيبي
۽ تمدني اهميت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو.
اڄ هي شهر پاڪستان ۾ ٽئين نمبر تي آهي ۽ تقريباً
ڏهه لک آبادي تي مشتمل آهي.
هي
شهر ۽ ان جي پسگردائي اسلامي سلطنت جي ابتدائي دور
۽ نشاة ثانيہ ۾ اسلامي علوم ۽ ثقافت جا گهوارا
رهيا. جيتوڻيڪ شهر ۾ سيد محمد مڪي (جنهن محمد بن
قاسم جي نيرون ڪوٽ فتح ڪرڻ کان پوءِ هن شهر ۾ رشد
و هدايت جو سلسلو جاري ڪيو) ۽ سيد عبدالوهاب شاهه
جيلاني (جنهن اندازاً پنجين يا ڇهين صدي هجري ۾
هتي اچي رشد ۽ هدايت جي مسند وڃائي) وغيره بزرگان
دين جون مزارون شهر جي ارد گرد موجود آهن. علماءِ
۽ مشائخ جون خانقاهون هن حقيقت جو بين ثبوت آهن.
اهو قلمي رسالو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي
ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو
نئين زندگي ۾ گهڻا سال اڳ ڇپجي چڪو آهي.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ”ابوالحسن ڏاهري“
سماهي الرحيم 1965ع ص62
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌي ادب جي تاريخ،
جلد اول ص88
انهيءَ ڪتاب جي هڪ ڪاپي مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
ارمغان، ڪل پاڪستان تعلقات اسلامي ڪانفرنس
1963ع، سنڌ جا مشهور علماءَ، ص23
تاريخ بدايوني، ص ص317-364، ج3، ص128 طبقات
اڪبري ج2 ص382، اڪبر نامہ ص ص 3، 7، 52، ماثر
الامراءَ، ج3 ص260.
نظام الملڪ غلط آهي، صحيح خواجه نظام الدين
آهي.
تفصيل لاءِ ڏسو ”مرزا غازي ترخان اوراسڪي بزم
ادب“ از حسام الدين راشدي ص ص129، 183، 561.
مثنوي ”قصه پري خانه سليمان“ ۽ وڌيڪ احوال
لاءِ ڏسو ”تذڪره امير خاني“ مطبوع سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد
حسام الدين راشدي، مڪلي نامہ ص ص 224-230،
ماثر الامرا اهو قول ذخيره الخوانين تان نقل
ڪيو آهي. ج اول ص73
ڏسو ”تذڪرو امير خاني“ ص112
منشات عالمگيري، دستور دانش (صغير ۽ ڪبير) پڻ
سندس تصنيفون آهن ۽ منشات (آداب عالمگيري) جي
نالي سان ٻن جلدن ۾ تازو 1971ع ۾ لاهور مان
شايع ٿيو آهي.
1072هه يا 1073هه ۾ فوت ٿيو
مير علي شير قانع، تحفة الڪرام (فارسي) ص131
تحفة الڪرام ص ص345، 450 ۽ 418
”رشحات الفنون“ تاليف 1126هه، مضمونن جي فهرست
لاءِ ڏسو تذڪره امير خاني، ص197 ۽ معلومات
الافاق لکنو مان سال 1873ع/ 1290 هجري ۾ ڇپيو.
تحفة الڪرام (فارسي) ج اول ص456
تحفة الڪرام ۾ آهي ته هڪ ڀاڻس محمد معصوم هو
جو تحفة الڪرام لکڻ وقت جيئرو ۽ صاحب حال و
قال هو. ٻيو محمد افضل جيڪو شاعر هو، ٽيون
محمد غوث جيڪو پڻ شاعر ٿيو ۽ سالڪ راه سلوڪ جو
ٿي فوت ٿيو. پوئين جو پٽ ميان الله بخش تحفة
الڪرام لکڻ وقت زنده هو. (ج2، ص130)
تحفة الڪرام (فارسي) ص ص224 ۽ 227، تحفة
الطاهرين، ص35
مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام ص554،
سونڊا شهر جو علمي ادبي عروج ڪلهوڙن جي دور
تائين قائم رهيو.
مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، 426
بياض مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، جلد چوٿون، ص82
(قلمي نسخو) جمع الجوامع جي حوالي سان، مخدوم
امير احمد، ارمغان، ڪل پاڪستان تعيلمات اسلامي
ڪانفرنس 1962ع، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ص8
بياض هاشمي جو قلمي نسخو مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي ۽ اتان
مصنف جي خط سان ورتل آهي.
مخدوم امير احمد ”ارمغان“ ڪل پاڪستان تعليمات
اسلامي ڪانفرنس 1963ع ص8.
|