20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

پنهنجي پاران

سنڌيڪار طرفان

عبدالحليم شرر جو مختصر احوال

حصو پهريون

باب پهريون

اڳاٽي سنڌ ۽ سندس جاگرافي

باب ٻيون

سنڌ جي قديم تاريخ

باب ٽيون

هندستان تي آڳاٽن ڏينهن ۾ ڌارين جا حملا

باب چوٿون

سنڌ جا شهر اروڙ

باب پنجون

سنڌ جي هندو سلطنت جو آخري دؤر

باب ڇهون

خير القرون (ڀلو زمانو)

باب ستون

خلافت آل مروان - فتوحات سنڌ

باب اٺون

محمد بن قاسم جون فتحون

باب نائون

محمد بن قاسم سنڌو درياءَ جي هن پار

باب ڏهون

ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه ۽ محمد بن قاسم

باب يارهون

محمد بن قاسم جون بي مثال ڪاميابيون

باب ٻارهون

محمد بن قاسم جو انجام

حصو ٻيو

باب پهريون

محمد بن قاسم کانپوءِ سنڌ جي حالت

باب ٻيو

بنو اميه جو باقي رهيل دور خلافت

باب ٽيون

عباسي دور جي شروعات

باب چوٿون

هارون رشيد کان مامون جي آخري دور تائين

باب پنجون

سنڌ ۾ عباسين جو آخري اثر

باب ڇهون

عربي نسل ۽ خودمختياري سلطنت سنڌ

باب ستون

اسماعيل شيعا

باب اٺون

قرامطي

باب نائون

قرامطين جو باقي احوال

باب ڏهون

قرامطين جو باقي احوال

حاشيا

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا اسلامي درسگاهه

باب: --

صفحو :1

سنڌ جا اسلامي درسگاهه

محمد جمن ٽالپر

ٻه اکر

سنڌي زبان ۾ تحقيقي ڪم گهڻو گهٽ ٿيو آهي. اُن ۾ به ٿورو ڪم آهي، جيڪو دل جي سچائي ۽ محنت سان ڪيو ويو آهي. ورهاڱي کان اڳ اسان وٽ اهو ڪم گهڻو ڪري پرائمري استادن ڪيو آهي. هاڻي ته اسان جي پرائمري تعليم جو جنهن طرح سان ٻيڙو ٻڏل آهي، جو لڳي ٿو ته جيڪڏهن اسان جو پنهنجي بنيادي تعليم سان اهو رويو رهندو ته ممڪن آهي ته اڳتي هلي اسان کي هٿ مهٽڻا پَون ۽ پنهنجن عملن تي افسوس ڪرڻو پوي.

ورهاڱي کان پوءِ اهو ڪم ڪِي قدر اسان جي يونيورسٽين جي استادن سرانجام ڏنو، پر هاڻي اهو سلسلو به پوئتي پوندو وڃي.

محترم محمد جمن ٽالپر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو لائق استاد هو، جنهن اسان جي مهربان محترم غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ جي موضوع تي انتهائي شاندار تحقيق ڪئي ۽ اهو ڪتاب ڪنهن مستقل اداري طرفان نه ڇپجڻ ڪري ڄڻ پڙهندڙن تائين چڱيءَ طرح پهچي نه سگهيو ۽ سنڌ هِن شاندار ڪم جو قدر ڪرڻ کان رهجي وئي.

ڀٽ شاهه جي هڪ تقريب ۾ مون مرحوم غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کان جڏهن مشورو ورتو ته پراڻن ۽ چڱن ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ هو اسان جي رهنمائي ڪري ته ڪهڙا ڪتاب ڇاپيا وڃن؟ ته پاڻ هڪدم ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ڪتاب جو نالو کنيائون. اسان ان ڪم کي گهڻو عرصو اڳ هٿ ۾ کنيو هو، پر اسان جي اداري طرفان ڪيترن ئي ڪمن ۾ مختلف وقتن تي رڪاوٽون پئجيو وڃن. هاڻي اهو ڪتاب ڇاپائي پڌرو ڪجي هٿو.

- ناز سنائي

حيدرآباد، سنڌ

31- سيپٽمبر 2007

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

اها ڳالهه اسان سڀني جي علم ۾ آهي ته اسلام جو آغاز انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن تي چاليهن ورهين جي عمر ۾ ڌڻي تعاليٰ طرفان سڀ کان پهريون وحي نازل ٿيو، جنهن ۾ حڪم هو ”اقراءَ“ يعني ”پڙهه“ ۽ قلم جي تعريف هنن لفظن ۾ ڪئي وئي ته سمورا علم انهيءَ وسيلي آهن:

”يعني ته تنهنجو رب بزرگيءَ وارو آهي، جنهن قلم جي وسيلي تعليم ڏني ۽ سيکاريو انسان کي، جنهن جي هن کي ڄاڻ نه هئي.“

علم اسلام جو بنيادي جز آهي ۽ اهو حاصل ڪرڻ هر مرد خواه عورت جو ڄڻ ته بنيادي فرض آهي. اهوئي سبب آهي ته اسلام جتي به پهتو، اتي نه رڳو ماڻهن جي دلين مان ڪفر، شرڪ ۽ بد عملي جي پاڙ پٽي. پر انهن جون دليون علم جي روشنيءَ سان منور ڪيون. سنڌ ۾ اسلام 712 عيسويءَ ۾ آيو ۽ انهيءَ نسبت سان سنڌ کي ”باب الاسلام“ جو نالو مليو، جو هتان ئي برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلام جو نور پکڙيو ۽ عام ٿيو.

سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ عربن سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهيو ۽ هتي جي عام ماحول ۾ ملي جلي هڪ ٿي ويا. نتيجي طور سنڌ جي حدن اندر هڪ نئين ۽ روشن معاشري جي اوسر شروع ٿي. مسجدون ۽ مدرسا قائم ٿيا، مسلمانن پنهنجا نوان شهر آباد ڪيا، ۽ گڏيل سماج ۾، اسلامي اقدار جي ترويج ڪئي ۽ عالم اسلام جا ڪيترائي معتبر ۽ معزز عالم سنڌ ۾ آيا، جن قرآن، فقہ، حديث ۽ ٻين علوم جي تعليم ڏيهي ماڻهن کي ڏني ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اهو اعزاز رهيو آهي جو هنن انهيءَ علم ۾ ايڏي مهارت حاصل ڪئي، جو هو خود دنيائي اسلامي جي برک عالمن ۾ شمار ٿيا، جن ۾ ابو معشر سنڌي، شيخ الاسلام عبدالله بن عمرو امام اوزاعي، حافظ ابو محمد سالم سنڌي، ابو عبدالملڪ محدث سنڌي، ابو علي سنڌي، ابو اسحاق ابراهيم سنڌي موصلي قابل ذڪر آهن ۽ اڄ تائين انهن جو نالو اسلامي دنيا ۾ مشهور ۽ عام آهي. اهي سڀ هستيون سنڌ جي اسلامي دور جي ابتداءَ ۾ سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن مان تعليم حاصل ڪري، ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عرب دنيا ۾ پهتا ۽ اتي پنهنجي پنهنجي علم سان اسلام جي خدمت ڪيائون ۽ پنهنجي علم کي عام ڪيائون.

سنڌ ۾ اهو سلسلو نهايت طويل رهيو آهي. تاريخ جي ورقن ۾ ٺٽو پنهنجي عروج واري زماني ۾ علم ۽ فضل جو مرڪز هو. سون جي تعداد ۾ مدرسا ديني تعليم ڏيڻ ۾ مشغول هئا. اهي ئي مدرسا هئا، جتان مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم محمد معين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، خواجه محمد زمان لواري وارو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي عالم سنڌ جي علم جي افق تي سج بنجي اڀريا ۽ سندن تصنيفون دنيائي اسلام ۾ اڄ به معتبر ۽ معزز تصور ڪيون وڃن ٿيون ۽ اسلامي دنيا جي مدرسن جي نصاب جو حصو آهن. ان کان سواءِ، انگريزن کان، ٽالپور اميرن جي زماني ۾، سنڌ اندر مقامي تعليمي سلسلو ڪافي وڏي پيماني ۾ جاري هو. سيوهڻ، ٽرپٽ، کهڙا، مٽياريون، ولهار ۽ چوٽياريون اعليٰ تعليم جا مکيه مرڪز هئا. جتي جي درسگاهن کي 19 صديءَ واري انگلينڊ جي تعليمي نظام جي لحاظ سان ”ڪاليجن“ واري حيثيت حاصل هئي.

اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن اسان تاريخي تواتر سان سنڌ ۾ ديني مدرسن جي تاريخ تي نظر ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي اهڙا مدرسا نظر ايندا، جيڪي خالص اسلامي تعليم جي ترويج ۾ مشغول آهن. مثلاً ڀرچونڊي، ٺيڙهي، پير جهنڊي، پير جي ڳوٺ، کڏي وارا مدرسا، اسان جي علمي ۽ ديني تاريخ ۾ ته اهم آهن.

هتان سنڌ جي اهڙن ٻين مدرسن جو بنياد پيو، جن سنڌ جي ماڻهن کي جديد تعليم جي زيور سان سينگاريو ۽ انهن مدرسن مان پاڪستان جي تحريڪ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جا اڳواڻ اڀريا. قائد اعظم سنڌ مدرسة الاسلام ۾ پنهنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. نوشهري ۽ ٽنڊي باگي جي مدرسن سنڌ جي ذهين ماڻهن جي تربيت ڪئي. سنڌ جي تاريخ جي سمورن شعبن جي فعال شخصيتن کي تعليم ڏني.

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور جو زير مطالع ڪتاب انهيءَ تاريخي پس منظر ۾ پڙهڻ گهرجي، جيڪو سنڌ پراونشنل هجره ڪميٽي طرفان، پنڌرهين صدي هجري جي افتتاحي جشن جي يادگار طور شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر اسلامي تعليم ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ جن مدرسن، معلمن ۽ مصنفن نمايان خدمت انجام ڏني آهي، تن جو سلسليوار جائزو ورتو ويو آهي. جيئن ته سنڌي اشاعت ۾ اها پهرين ڪوشش آهي، تنهن ڪري مصنف ۽ ڪميٽي مبارڪباد جا مستحق آهن. ليڪن اهو چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي ته هي ڪتاب سنڌ ۾ ٿيل اسلامي خدمتن جو هڪ مختصر جائزو آهي. انهيءَ ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ تفصيل سان ڪم ڪري سگهجي ٿو، جيڪو هڪ سجاڳ قوم جي حيثيت سان اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو.

هن قسم جي ادبي ۽ تاريخي تحقيق ۽ انهن جي اشاعت ۾ ڪوشش وٺڻ فقط حڪومت جو ڪام ناهي، پر عام ماڻهو، عالم ۽ اديب پنهنجي مختصر امداد ۽ مصروفيت مان ڪجهه وقت هن ڏس ۾ صرف ڪرڻ سان به قومي خدمت ۾ هٿ ونڊائي سگهن ٿا.

آئون سنڌ پراونشل هجره ڪميٽي ۽ اداره سنڌ ثقافت کي هن قابل قدر يادگار تصنيف شايع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

 

جسٽس سيد غوث علي شاهه

وزير تعليم ثقافت، رانديون ۽ قانون

حڪومت سنڌ

ڪراچي 20 مئي 1982ع

 

تعارف

صدين کان وٺي سنڌ جي هر پهلوءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو پئي ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن پاڻ موکيو آهي. هڪ طرف سياحن، مورخن ۽ وقائع نويسن، ته ٻئي پاسي عالمن ۽ استادن، شاعرن ۽ اديبن پنهنجي وس آهر علم جي هر شعبي ۾ پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا قلبمند ڪيا ۽ سنڌ متعلق بي انداز مواد تحرير ڪيو. انهيءَ ڪري سنڌ کي ”علم جو ڀنڊار“ چيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو.

مون کي پنهنجي شاگردي توڙي تدريسي دور ۾ سالن کان وٺي پنهنجي قابل قدر استادن جي حاضري ۽ صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليو. سندن صحبت جي اثر منهنجي دل ۾ پڻ پنهنجي وطن متعلق تصنيف ۽ تاليف جو جذبو جاڳايو. هي ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ انهيءَ جذبي جي نتيجي ۾ تاليف ٿي، اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.

جيئن ته اڳين عالمن ۽ بزرگن ڪوبه اهڙو موضوع نه ڇڏيو هو، جنهن تي نه لکيو ويو هجي. انهيءَ ڪري منهنجي لاءِ موضوع جو انتخاب نهايت ئي مشڪل مرحلو ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته فقط انهيءَ عنوان تي جستجو ڪري سگهبي جيڪو دلپسند هجي، ڪنهن نه ڪنهن واسطي سان اُهو لاڳاپيل هجي يا عقيدت جي وابستگي هجي. سرزمين سنڌ جي نسبت سان روزمره جي لاڳاپن کان وٺي عقيدتمندي تائين، منهنجي ذهن تي فقط حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح ۽ ڪلام جو ايتري قدر قبضو رهيو، جو اُن کان ٻاهر نڪرڻ منهنجي لاءِ تقريباً ناممڪن هو ۽ آئون يقين سان چوان ٿو ته شاه لطيف جو اثر هر سنڌي جي ذهن تي انهيءَ حد تائين ڇانيل رهي ٿو، جو منهنجو مثال انهن آڏو ڪا حيثيت نٿو رکي. انهيءَ ڪري قدرتي طور منهنجي اندر ۾ لطيف گهوٽ جي تعليمي فلسفي تي جامع مقالي لکڻ جي سڪ سالن تائين سلامت رهي.

پر جيئن ته منهنجو تعلق جامعہ سنڌ جي تدريسي شعبي سان آهي، تنهن ڪري جڏهن آئون ”شاهه لطيف جي تعليمي فلسفي“ جو موضوع پي. ايڇ، ڊي جي لاءِ پنهنجي استاد محترم مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ وٽ منظور ڪرائڻ لاءِ کڻي ويس، تڏهن ٺهه پهه جواب ڏنائين ته ”پاڻ کي جيئري ڇو ٿو دفنائين، ڪم ڪٺن ۽ منزل دور آهي. انهيءَ ڪري سڪ جو سودو سٺو آهي، ٻيو ڪو عنوان کڻ!“ مون کين عرض ڪيو ته ”منهنجو لاڙو تعليم سان واسطو رکندڙ پهلو ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن سالن کان اهو مضمون پڙهائيندو رهيو آهيان.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي مولانا صاحب جن حڪم ڪيو ته پوءِ ”سنڌ جون قديم درسگاهون، جي موضوع تي تحقيق ڪريو! جيڪو مون بسر و چشم قبول ڪيو.

آئون مولانا صاحب جن کان موڪلائي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ آيس ۽ استاد محترم جناب ڊاڪٽر قاضي محمد علي صاحب سان مشورو ڪيم. ڊاڪٽر صاحب جن فرمايو ته ”خيال نيڪ آهي، پر ڪم رولڙي وارو آهي. ڏاڍو سٺو ٿيندو جيڪڏهن انهيءَ مقالي تي تحقيق جاري رکي مڪمل ڪريو.“

يونيورسٽي مان داخلا فارم وٺي مولانا قاسمي صاحب جن کي پُر ڪري ڏنم ته فرمايائون ته: سنڌ جي اسلامي درسگاهن جو هر دور جو مواد ملي سگهي ٿو، پر ڪم ڇڙوڇڙ آهي. اوهان کي ”چونڊو“ ڪرڻو پوندو.

بسم الله ڪري توڪل جو ترهو ٻڌي تحقيق شروع ڪيم. پنهنجي روزمره جي ڊيوٽيءَ کان سواءِ زماني جي ٻين اڻ ٽر مصروفيتن ۽ ڪمن جي باوجود روزانو ٿورو ڪي گهڻو مواد هٿ ڪندو رهيس. جيتوڻيڪ اول پتڻ به ڏاڍي ڪرڻ ٿي پئي، جيڪا حوصلي شڪني جو باعث بنجي ها، پر منهنجو ڪليگ مسٽر نور محمد ميمڻ کل ڀوڳ ۾ مون کي چوندو هو ته:

 “Mr. Talpur, you have taken ages to submit your thesis.”

تحقيق دوران ڪيترائي مشڪل مرحلا آيا ۽ علمي مسئلا پيدا ٿيا، جيڪي استاد محترم مولانا صاحب جن جي رهنمائي ۽ اونهي علمي ڄاڻ سان حل ٿيندا رهيا. پر ان کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ساٿين هن ڏس ۾ منهنجي مدد ڪئي، جن جي تعاون کان سواءِ جيڪر هي مقالو پي. ايڇ. ڊي جي معيار تي پورو نه اچي سگهي ها. ازانسواءِ ڪيترائي ادارا ۽ ڪتبخانا ڏٺا ويا، جن جي اراڪين پڻ منهنجي ڪافي مدد ڪئي. آئون انهن سڀني جو دلي طور ٿورائتو آهيان.

آئون پنهنجي قابل ۽ شفيق شاگرد حامد علي قريشي خانائي جو نهايت مشڪور آهيان، جنهن پنهنجي وڏن جي ذاتي ڪتبخاني بابت مواد ڏنو ۽ پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ مشورن سان وقتاً فوقتاً پئي نوازيو.

هن مقالي لکن ۾ مون جن قلمي يا ڇاپي ڪتابن مان مدد ورتي آهي، تن مان ڪيترائي قيمتي ڪتاب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج لائبريريءَ ٿورا ڪتاب خالقڏنو هال، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، مولانا قاسمي صاحب جن جي شخصي لائبريري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي جنرل لائبرري، پاڪستان نيشنل سينٽر لائبريري حيدرآباد، آءِ. اي. آر سنڌ يونيورسٽي سيمينار لائبريري، مختلف مدرسن ۽ انهن جي ڪتبخانن مان حاصل ڪيا ۽ ڪي دوستن ساٿين کان ورتا هئم.

خوش قسمتي سان اسان وٽ آءِ. آي. آر ۾ هر سال سڄي سنڌ مان استاد صاحب بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ لاءِ ٽريننگ وٺڻ ايندا آهن، جن کان پڻ ديني درسگاهن، مدرسن، عالمن ۽ استادن متعلق گهڻو احوال مليو.

مون ڪوشش ڪري سڄي سنڌ جي وسين ۽ واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن، ملڪ کان ٻاهر ويل ۽ ٻاهران سنڌ ۾ آيل عالمن جي قائم ڪيل درسگاهن ۽ مدرسن ۽ انهن ۾ درس تدريس جي طريقن جو اوائلي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تفصيل سان بيان ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي احوال نه ملڻ جي صورت ۾ مختصر ذڪر ڪيو اٿم.

هي مقالو ڏهن بابن ۾ لکيل آهي. پهريون باب سنڌ جي جاگرافي، سماجي ۽ سياسي صورتحال لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ ٻين نون بابن ۾ مختلف دورن جي عالمن ۽ درسگاهن جو ترتيب وار ذڪر ڪيل آهي.

مولانا دين محمد وفائي جي ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جو مهاڳ منهنجي نظرن مان گذريو، جنهن ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جن جي ارشاد موجب ته ”ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو سنڌ جي عالمن جون حياتيون ڪٺيون ڪيون وڃن“، مون صرف عالمن جون سوانح عمريون گڏ نه ڪيون آهن، پر سندن درس تدريس جي سلسلي کي پڻ قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خصوصاً اوائلي اسلامي دور جي عالمن ۽ درسگاهن جو احوال وڏي جاکوڙ کان پوءِ جناب مولانا قاسمي صاحب جن اسماءَ رجال جي مجموعن، عربي تاريخن ۽ تذڪرن مان هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

آخر ۾ آئون حڪومت سنڌ جي محڪمه ثقافت جي ڊائريڪٽر جناب عبدالحميد آخوند جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي ڊپارٽمينٽ طرفان هن مقالي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ منتخب ڪيو.

مون کان جيترو ممڪن ٿي سگهيو آهي، هن تحقيقي مقالي جي هر گوشي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهائي اميد آهي ته سنڌ جي علمي احوال جا شائق هن مقالي مان چڱو لاڀ پرائيندا.

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا

محمد جمن ٽالپر

حيدرآباد سنڌ

 

باب پهريون

سنڌ ۽ ان جو  تاريخي ۽ سياسي پس منظر

”سنڌ“ جي ابتدائي تاريخ تي زماني جي انقلابن ۽ حادثن ڪري ڪافي رءُ ۽ لَٽ چڙهيل آهي. هن وقت تائين ”سنڌ“ جي نالي ۽ ٻئي احوال بابت جيڪا معلومات ملي آهي، اها مختلف قومن جي مذهبي ۽ ڌرمي ڪتابن مان حاصل ڪيل آهي. اڳتي هلي ان مواد کي ئي بنياد بنايو ويو آهي. دراصل قديم سنڌ هڪ وڏو ملڪ هو، جيڪو قديم زماني کان و‎ٺي تهذيب جو مرڪز پئي رهيو آهي. جيئن واديءَ نيل کي پنهنجي قديم تهذيب تي فخر ۽ ناز آهي، تيئن واديءَ مهراڻ کي پڻ پنهنجي قديم تمدن ۽ ثقافت تي فخر آهي. قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو ملڪ جهڙو پاڻ قديم آهي، تهڙو ئي سندس نالو پڻ قديم آهي.

تحفة الڪرام جي تحقيق موجب سنڌ ملڪ جو قديم نالو حضرت آدم عليہ السلام جي پٽ حضرت ”شيث“ عليہ السلام جي نالي ڏانهن منسوب آهي. حضرت ”شيث“ عليہ السلام کي توريت ۾ ”سيت“ ۽ رگ ويد ۾ ”ورڻ“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي.(1) الله تعاليٰ، حضرت آدم عليہ السلام جي انهيءَ پٽ کي اها عزت ۽ عظمت عطا ڪئي، جو جتي هو رهيو، سو سندس نالي پٺيان ”سنڌ“ ڪوٺجڻ ۾ آيو. طوفان نوح کان پوءِ جي نسل وارن پڻ ”سنڌ“ جي نالي کي مقدس تصور ڪري، سندس ڏاڍو احترام ڪرڻ لڳا. حضرت نوح عليه السلام جن پٽن مان سامه ۽ يافث سنڌ ملڪ ۾ رهڻ پسند ڪيو ۽ ”حام“ جي پٽن ڪوش نسل وارن سنڌ کي پنهنجو آبائي وطن سمجهي رهڻ قبول ڪيو.(1) مير علي شير قانع ٺٽوي انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ تي نالو حام بن نوح عليہ السلام جي پٽ ”هنڌ“ جي ڀاءُ ”سنڌ“ جي نالي پٺيان پيل آهي.(2)

اهو قديم سنڌ وارو ملڪ اتر ۽ سائيبيريا، ڏکڻ ۾ بحر هند، الهندي ۾ دجله درياءَ ۽ اُڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين ڦهليل هو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه مبالغو نه آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ سنڌ جي نالي سان سڏبو هو. بعد ۾ ٻولين جي اختلاف سبب اهو ”سنڌ“ وارو لفظ بدلجي ”هند“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. عرب سياحن ۽ تذڪره نويسن جي حوالن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته بحر هند وارا ٻيٽ قديم زماني ۾ ”سنڌ“ جي نالي سڏيا ويندا هئا. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته اهل فارس سنڌ کي ”هنڌ“ جي نالي سان سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته قديم ايراني زبان ۽ سنسڪرت ۾ ”س“ ۽ ”هه“ پاڻ ۾ مٽجن ٿا. انهيءَ ڪري سنڌ کي ”انڊ“ سڏبو ويو، جنهن مان ”انڊيا“ مشهور ٿيو.(1) زنداويستا ۾ پڻ ”هندو“ لفظ ملي ٿو، جو قديم مخطوطي حرف نوارن ڪتبن ۾ ”هندس“ تحرير ٿيل آهي. ان مان گمان غالب آهي ته ”هندو“ لفظ ”زند“ ٻولي جو آهي.

آرين جي ڪتاب رگ ويد ۾ ”سپت سنڌو“ جو ذڪر اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ست درياءَ، پر زنداويستا ۾ ”هپت هندو“ جو لفظ اچي ٿو، جيڪو ”اند“ ۽ ”هند“ لفظ جي يوناني صورت آهي. انگريزن ان مان هن ملڪ کي ”انڊيا“ سڏيو. مسلمانن مورخن وري هن ملڪ کي هندن جي اڪثريت سببان ”هندوستان“ ڪري ڪوٺيو.(2)

رگ ويد واري زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا ڏيئي اچي ويٺا، تنهن ڪري آڳاٽن ايرانين هند جي انهن سڀني رهاڪن کي گڏي ”سنڌو“ سڏيو.(3)

پروفيسر مئڪسن ملر جي خيال ۾ سنڌ ملڪ تي اهو نالو ”سنڌونديءَ“ جي ڪري پيو. آرين جي اچڻ وقت ڪڇ جي رڻ جو وڏو حصو سمنڊ هيٺ هو. ان وقت ”سنڌو“ جو نالو ”مهراڻ“ هو ۽ اها ڪڇ وٽ ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.(4)

آريا جڏهن پنجاب مان لنگهي سنڌ اندر داخل ٿيا، تڏهن هنن وادي سنڌ تي ”سپتا سنڌ آوه“ جو نالو رکيو. زرخيز علائقي جي هئڻ ڪري آرين سرسوتي ۽ سنڌونديءَ جي ڪنارن واري ملڪ کي ”برهم ورت“ جو نالو ڏنو. آرين کان پوءِ سٿين، يوچي ۽ ٻين غير قومن مغربي هندستان تي ڪاهون ڪيون ۽ هنن سنڌو نديءَ تي ”مٺو مهراڻ“ جو نالو رکيو.(1)

سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ لفظ جي معنيٰ آهي سمنڊ يا وڏو درياءَ. اڳئين زماني ۾ ڪابل ۽ گومتي نديون سنڌ ۾ اچي ڇوڙ ڪنديون هيون. سنڌو ندي عام ندين کان تمام گهڻو وڏي هئي، انهيءَ سببان ئي مٿس آرين اهو نالو رکيو. هندستان جي امپيريل گزيٽيئر، بينفي صاحب ۽ پروفيسر آپٽي صاحب جن پنهنجن سنسڪرت ڊڪشنرين ۾ سنڌو جو ڌاتو سنسڪرت جي لفظ ”سينڊ“ (Synad) مان اخذ ڪيو آهي.(2) ان لفظ جي معنيٰ آهي ”وڻ“، جنهن جو مفهوم آهي ته اهو درياءُ جو سدائين وهندڙ هجي.

آرين هن ملڪ ۾ اچي سڀ کان پهريائين اٽڪ درياءَ جي ڀر واري حصي تي قبضو ڪيو ۽ انهيءَ نسبت سان اٽڪ درياءَ کي آرين جو درياءَ ڪري سڏيائون. سندن عقيدي موجب ”سنڌو“ درياءُ سندن ”ديوتا“ هو.(3) ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ آريا ساري ملڪ ۾ ڦهلجي ويا ۽ اٽڪ درياءَ وٽ پنج نديون ۽ سرسوتي(4) گڏ نظر آين، تڏهن هو هن ملڪ کي ”سنڌ“ سڏڻ لڳا. ان دور ۾ سنڌ ۾ هاڪڙو درياءَ به وهندو هو.(1) اٽڪل پندرهن سو سال قبل مسيح آرين اڀرندي طرف وڌڻ شروع ڪيو ۽ جيئن ويا ملڪ ۾ آباد ٿيندا، تيئن سنڌ ملڪ ويو وسيع ٿيندو. اهڙيءَ طرح پنجاب، بلوچستان ۽ اتر هندستان جو وڏو حصو سنڌ ۾ شامل ٿي ويو. سنڌ جي هندو راجائن جي وقت ۾ سنڌ جون حدون هڪ طرف ڪشمير کان قنوج تائين ته ٻئي طرف سليمان جبل، قنڌار، سيستان، مڪران ۽ ديبل تائين هيون. راجا ڏاهر جي زماني ۾ سنڌ جون حدون هيٺين ريت هيون: اتر ۾ جهلم ندي تائين، جنهن ۾ ڪشمير جا هيٺاهان ضلعا اچي وڃن ٿا ۽ هندوڪش جبل، اتر اولهه ۽ هيلمند ندي تائين. ڏکڻ اولهه ۾ ايران تائين، جنهن ۾ مڪران به اچي وڃي ٿو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ. ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحد تائين.(2)

زماني جي انقلابن ۽ سياسي تبديلين سببان سنڌ جون سرحدون سميٽبيون رهيون. تان جو آخر ۾ سنڌ جو موجوده پرڳڻو هن وقت پاڪستان جو هڪ سرسبز ۽ شاداب علائقو آهي.

سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ بابت موئن ۽ ڪاهو جي دڙن ۽ ٻين ڪيترن ئي قديم آثارن جا کنڊرات آڳاٽا ۽ واضح مثال آهن.(1) انهن کي ڏسي قديم آثارن جي ماهر مسٽر آر. جي بينرجي جو چوڻ آهي ته تاريخ جي دور کان گهڻو اڳي هن ملڪ جي گود ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو هو. قديم آثارن کان سواءِ دنيا جي مذهبي ۽ الهامي ڪتابن توريت، ويدن ۽ زنداويستا ۾ پڻ سنڌ جي تاريخ جو ذڪر ملي ٿو.

هيروڊوٽس، استرابو، پليني، ايرين ۽ بطليموس جي نامور ڪتابن ۾ سنڌ ملڪ جي طبعي حالتن ۽ هتي جي رهاڪن جي تهذيب ۽ تمدن جو تفصيل سان احوال ملي ٿو.

هندو دور جي تاريخ گهڻي ڀاڱي مذهبي رنگ ۾ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ آهي. مهاڀارت ۽ رامائڻ انهيءَ دور جا ڌرمي ڪتاب آهن، جن مان پڻ سنڌ جي جهوني تاريخ جا اهڃاڻ ملن ٿا. مهاڀارت، رامائڻ ۽ منو شاستر مان قبائلي حڪومت بدران شخصي ۽ موروثي حڪومتن جو پتو پوي ٿو. مهاڀارت واري زماني ۾ سن ساگر دوآبي کان و‎ٺي قلات تائين آرين جو راڄ هو. آرين جي ٻي شاخ جي حڪومت پشاور کان قنڌار تائين هئي. سندن راڄڌاني جو هنڌ ”گنڌارا“ يا ”پروشاپورا“ (پشاور) هو.(2) سنڌ ملڪ جو واپار سنڌو درياءَ جي وسيلي ڏورانهن ملڪن سان هلندو هو. انهيءَ واپاري اچ وڃ سببان سنڌ جي سرمايه ۽ شهري تمدن جي هاڪ پرانهن ڏيهن ۾ مشهور هئي. اٽڪل پنج هزار سال ق. م مصر دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو، ليڪن سنڌ جي شاهوڪاري ۽ وڻج واپار تي موهجي مصري، ڪلدانين، بابل ۽ اشور وارن ايرانين ڪاهون ڪيون. انهن قومن جا ڪافي نشان اڄ به هن ملڪ ۾ ملن ٿا. اهڙي پر آشوب زماني ۾ سنه 563 ق.م نيپال جي ڪپل وستو رياست جي ساڪيا راجا سڌوڌن جي پٽ سڌارٿ، جو پوءِ ”گوتم ٻڌ“ جي نالي سان مشهور ٿيو، نئون ڌرم جاري ڪيو. سندس مرڻ کان پوءِ سن473 ق.م تائين سندس مذهب هند، سيلون، سيام، چين، تبت، وچ ايشيا، سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙجي ويو. سنڌ جا راءِ گهراڻي جا حاڪم پڻ ٻڌمت جا پوئلڳ هئا.(1)

انهيءَ ساڳئي زماني ۾ بهار جي راجا سڌارٿ جي پٽ وڌرمان مهاوير، جيڪو گوتم ٻڌ جو همعصر هو، تنهن وري جين ڌرم جو بنياد وڌو. ”اچارنگا هوترا“ سندس مذهبي پستڪ آهي. جين مت پڻ بنگال، وچ هندستان، دکن، سوراشتر ۽ سنڌ تائين پکڙيل هو.(2) سنڌ اندر پاري نگر ۾ جين ڌرم وارن جو مندر هو.

سن325 ق.م ۾ سڪندر مقدونيءَ ڪابل ۽ سوات جي رستي کان پنجاب ۾ پهتو ۽ اتي جي راجا پورس کي شڪست ڏنائين. ان کان پوءِ سنڌو نديءَ جي رستي ملتان ۾ آيو ۽ اتي جي راجا کي پڻ شڪست ڏنائين ۽ اُچ جو شهر تعمير ڪرايائين. ان بعد سڪندر سنڌ ۾ پهتو ۽ پٽالا (نيرن ڪوٽ) هٿ ڪيائين. ان وقت سنڌ تي ”پٿيان“ نالي ايراني گورنر هو. اهڙي ريت يوناني کان پوءِ سنڌ ۾ موريا، گپتا خاندان، سٿين لوڪن ۽ هرش وارن جون حڪومتون قائم رهيون.

ايوڌيا جي سورج ونسي ڪُلَ جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پٽن يارهن سو ورهيه ق.م الور تي حڪومت ڪئي.(3) يادو خاندان جو سنڌ ۾ حڪومت جو پايو ”سمايا“ وڌ هو، جو دوارڪا جي راجا ڪرشن جي سُتين راڻي جامبوتي جو وڏو پٽ هو. هن حڪومت جون حدون زابلستان کان پريان هيلمند تائين هيون. ”سنڌ سمہ“ سڏبي هئي ۽ سندس گادي جو هنڌ ”مينا ننگر“ يا ”سمانگر“ هو. راءِ گهراڻي جي پنجن حاڪمن الور ۽ سنڌ تي (350ع کان 632ع تائين) حڪومت ڪئي. هن سلطنت اندر اُچ، ماٿيلو، سپوراءِ مائو، سيوستان، نيرن ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد ۽ ديبل مشهور قلعا هئا.(1) راءِ گهراڻي کان پوءِ برهمڻ گهراڻي اٽڪل اسي ورهيه سنڌ تي (631ع کان 712ع تائين) راڄ ڪيو. برهمڻ گهراڻي جي آخرين راجا ڏاهر جي دور (سن700ع کان 712ع) ۾ عربن سنڌ ملڪ فتح ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ اندر اسلامي حڪومت قائم ٿي.


(1)    ”ورڻ“ هن لفظ جو ڌاٽو ”ور“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وري وڃڻ“ يا ”ڍڪڻ“ زمين مٿان آسمان ڍڪ جي صورت ۾ آهي. انهيءَ لحاظ سان آسمان ”ورڻ“ آهي. آسمان ۽ سمنڊ افق وٽ پاڻ گڏيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ سڀ درياءَ ۽ نديون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، انهيءَ سبب ڪري ”رڻ“ سمنڊ ۽ ندين جو به ديوتا آهن. رگ ويد ۾ ”ورڻ“ جو جيڪو لفظ آيو آهي، تنهن جي معنيٰ آهي ”پاڻي“ جنهن ۾ سمنڊ ۽ درياءَ اچي وڃن ٿا.

Sind anciently meant the Valley of the Sindhu, Sindh Gazetter 1907, Vol: 1.

(1)    ابو حنيفہ احمد بن دائود الدينوري ”اخبار الطوال“ (اردو ترجمہ) مرزا محمد منور ايم. اي. مرڪزي اردو بورڊ لاهور، جي گلبرگ لاهور، بار اول سن1966، ص63.

(2)    مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“ جلد ٽيون (سنڌي ترجمو) ص1 ۽ 2 (مقدمہ)

(1)    سيد سليمان ندوي، ”عرب و هند ڪي تعلقات“ (اردو) هندستاني اڪيڊمي يو. پي 1930ع ص11 ۽ 12.

(2)    Imperial Gazetteer of India, Vol: VI, P-2.

(3)    رگ ويد موجب سنڌو ندي ۽ سندس پنج شاخون جي ساڻس گڏجن ٿيون، سي آهن: ڪڀا (ڪابل)، سواستو (سوات)، ڪرومو (ڪرم) ۽ گومتي (گومل) وغيره.

Cambridge History of India, Vol. I P-324.

(4)    Professor Max Muller’s: India, “What can it teach us?” P-171.

(1)    Sindh Gazetter Vol. I, P-1, 1907

(2)    “Imperial Gazetteer of India”, Vol. VI, P-2

     “Sindhu From the root SYAND- to flow”

     Professor Manik Pithawala- “Marvels of the Earth” P.P 56, 57.

(3)    R. L. Mitra: Indo-Aryans- Vol. 11, P-300

(4)    Heurith C.F: “The Ruling Races of Pre Historical Times” Vol. I. P-137. West Minster.

سرسوتي ندي اُن وقت سنڌ مان وهندي هئي ۽ ٻين ندين کان ننڍي هئي. هن وقت سندس ڪوبه نشان باقي نه آهي. ابن بطوطه، پنهنجي سفرنامي ۾ سرسوتي نالي شهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو دهلي ۽ اجوڌن جي وچ تي هو ۽ شهر تي اهو نالو سرسوتي ندي جي پويان پيل آهي ”سفرنامہ ابن بطوطہ“ مترجم مولوي محمد حسين دهلوي، ص39-40

(1)    هاڪڙو سنڌ درياءَ جي هڪ شاخ هئي، جا پنج ند وٽان سنڌو نديءَ مان نڪرندي هئي ۽ اڀرندي سنڌ جي ٿر واري حصي کي آباد ڪندي، عمر ڪوٽ پريان ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. اڄ تائين رياست بهاولپور ۽ جيلسمير طرف ان جا ڪافي نشان نظر اچن ٿا. هاڪڙي درياءَ جو نالو سمن جي دور جي ”ماموئي“ وارن بيتن ۾ ملي ٿو. موجود ڍورو نارو، اڀرندو نارو، جمڙائو واه ۽ پراڻ جو ڍورو، هاڪڙي جا وهڪرا آهن.

(2)    مولانا سيد ابو ظفر ندوي ”تاريخ سنڌ“ (اردو) سن1927ع ص2

(1)    V. A Smith- “Early History of India.” Oxford, 1914, P-97

(2)    J. F. Hewith: “The Ruling Races of Pre-Historic Times” Vol: I, P-163.

(1)    D. D. P. Sanjana: “The Pahlevi Vendidad” P-9 Bombay, 1895.

(2)    “The Cambridge History of India”, Vol. I, Chapt: IV, P-150

(3)    J. Tod: “The Annals and Antiquities of Rajasthan” Vol: I, P-61.

(1)    Kalich Beg Furedun Beg “The Chachnama”, ChaptL I Karachi 1900.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org