سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 11

صفحو :15

 

باب نائون

ٽالپرن جو دور

(سن1197هه/1783ع کان سن1259هه/ 1843ع)

سنڌ جي اوائلي تاريخ مان ايترو ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زمين ۾ بلوچستان اصل ۾ سنڌ جو هڪ حصو هو، جيڪو گهڻي قدر پهاڙي ۽ ميداني علائقو آهي. هتي سياري جي ٿڌي موسم ۾ سرد ۽ برفاني هوائون لڳنديون آهن، جنهن ڪري انهيءَ علائقي جا باشندا گهڻو ڪري سنڌ ڏانهن رخ ڪندا آهن ۽ سنڌ جي سرسبز علائقن ۾ اچي رهائش اختيار ڪندا آهن. انهيءَ موسمي لڏپلاڻ جي ڪري هن طرف جا سنڌ سان قديمي ۽ گهاٽا تعلقات پئي رهيا آهن. ڪيترائي بلوچ قبيلا جيڪي گهڻي وقت کان سنڌ ۾ آباد آهن، سي پڻ هن وقت سنڌي آهن ۽ هو ٻولي، رسم، رواج ۽ ٻين ڪيترين ئي سماجي ضرورتن جي ڪري سنڌي ٿي ويا آهن.

ڪلهوڙا گهراڻي جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي، پهريون ڀيرو منظم طريقي سان ٽالپرن کي دعوت ڏيئي، حڪومت جي استحڪام لاءِ فوجي واڳون سندن حوالي ڪيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا بلوچ، مغل شهنشاهه شاهه جهان جي زماني ۾ مغلن خلاف بغاوت ڪري پنهنجي طاقت جو ڌاڪو ڄمائي چڪا هئا.(1) ڪلهوڙن جي صاحبيءَ م شهداد خان پنهنجي فوجي لياقت ڪري فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. ميان غلام شاهه کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به حاڪم ٿيا، تن پنهنجي سنڌي وزيرن جي چرچ تي ٽالپر سردارن سان چڱا پير نه کنيا ۽ انهن کي هڪ ٻئي پٺيان مارائڻ شروع ڪيو. جنهن ڪري آخرڪار سن 1783ع ۾ هالاڻي وٽ مير فتح علي خان ٽالپر، ڪلهوڙن کي سخت شڪست ڏيئي، سندن صاحبي جو مڪمل طرح خاتمو آندو ۽ ٽالپر خاندان جي سنڌ تي باقاعدي حڪومت شروع ٿي. جملي ڇهن ميرن 1843ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندن ٻه چوريون ٿيون، پهرين چوياري ۾ ترقي ڪيائون ۽ پوئين چوياري ۾ سندن تنزل شروع ٿيو. سنڌ جا اڳوڻا حاڪم سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح غزني، دهلي يا خراسان جي ماتحت هئا، پر ٽالپرن سنڌ کي ڌارين جي غلامي کان آزاد ڪرايو هو.

ٽالپرن جي حڪومت جو نمونو مغلن ۽ ڪلهوڙن وانگر هو. شريعت جو قانون سڄي ملڪ ۾ جاري هو. سنڌ، پرڳڻن ۽ تعلقن ۾ ورهايل هئي. هر هڪ پرڳڻي مٿان سزاولڪار مقرر هو. عدالتي کاتو قاضين جي هٿ ۾ هو. عدالتي کاتي وارا فيصلن ۾ اينگهه ڪين ڪندا هئا. مسلمانن جا فيصلا قاضي شرع مطابق ڪندا هئا ۽ هندو پئنچات ذريعي فيصلا ڪرائيندا هئا. قاتلن جا فيصلا قاضي جي فيصلي موجب مير صاحب پاڻ نبريندا هئا.(1)

سن 1780ع ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي ختم ٿيڻ کان ٻه ورهيه اڳ تيمور شاهه جي حڪم سان مدد خان پٺاڻ ڍل وصول ڪرڻ جي بهاني سان سنڌ تي ڪاهي آيو. سري کان وٺي لاڙ ۽ ٿر تائين وسندڙ ۽ آباد ڳوٺ پٺاڻن جي ڦرلٽ سان تباهه ٿي ويا هئا، پر ٽالپرن سٺ ورهين جي عرصي اندر جيڪي شهر يا ڳوٺ (ٽنڊا) تعمير ڪرايا، سي اڄ به موجود آهن ۽ سندن نالن تي سڏجن ٿا. ان زماني ۾ آسپاس جي مسلمان ملڪن جي حالت تي غور ڪبو ته يقين سان چئي سگهبو ته ميرن جي صلح پسند حڪمت عملي ڪري صوبي اندر امن امان هو ۽ ماڻهو سکيا ستابا هئا. مير شهداد خان کي ابتدا ۾ جڏهن دهلي درٻار کان پٽ باران جاگير ۾ مليو، تڏهن ٽالپرن پنهنجي رهائش لاءِ ننڍا ننڍا قلعا تعمير ڪرايا، جن کي ”ديرا“ سڏيندا هئا. مير صاحب جا گهر ۽ رهائشگاهه بلڪل سادا هئا. مير صاحب فرش تي غاليچا وڇائي وهندا هئا.

فاتح سنڌ مير فتح علي خان کي عمارت سازي جو شوق هو. هن حيدرآباد جي قلعي ۾ توڙي ٻاهر ڪي مسجدون تعمير ڪرايون. ڪراچيءَ ۾ منهوڙي جو قلعو بچاءُ لاءِ تعمير ڪرايائين. حيدرآباد ۾ ڦليلي جي ڪپ تي آغا سيد اسماعيل شاهه ٽنڊو آغا ۾ مسجد تعمير ڪرائي. سر رچرڊ برٽن جنهن ٻه گهمرا سنڌ جي سياحت ڪئي، سو ميرن جي حيدرآباد وارن قبن متعلق لکي ٿو ته: ”اتر وارن مقبرن تي نظر وجهڻ سان چئي سگهبو ته اهي گذريل زماني جي مشرقي عمارت سازي جو بهترين نمونو آهن..... ٽالپرن ڪلهوڙن جي زماني وارين عمارتن جي به حفاظت ڪئي. پراڻو مقبرو مير ڪرم علي خان جو 1879ع ۾ جوڙايل آهي.(1) ٽالپر اميرن آثارِ قديمه جي مرمت ڪرائڻ تي به خرچ ڪيا. مير نور محمد خان ٺٽي جي شاهه جهان مسجد ۽ مڪلي جي مقبرن جي مرمت ڪرائڻ تي ٻارهن هزار رپيا خرچ ڪيا. حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان عبدالنبي جي ماڻهن کان سواءِ مرراڻي بلوچ رهندا هئا. قلعي اندر مٺي پاڻيءَ جا پنج کوهه، هر قسم جي ان جا انبار، گاهن جون دنيون ۽ بارود سان ڀريل تجرون هيون. قلعي وارن کي ٻاهرين غنيم جي حملي کان ڪوبه خطرو نه هو. مير فتح علي خان جي لشڪر قلعي کي گهيرو ڪيو. مرراڻين بارود کي باهه ڏني، جنهن جي ڌڪاءَ ڪري قلعي جي اُڀرندي واري ديوار جو ڳچ حصو ڪري پيو ۽ اهڙي طرح مير صاحب قلعي تي قبضو ڪري حيدرآباد کي پنهنجو دارالخلافہ بنايو. جڏهن ٽالپرن جي اقبال جو علم پوري شان سان بلند ٿيو، تڏهن فاتح مير پنهنجن ڀائرن لاءِ قلعي اندر عمارتون تعمير ڪرايون. قلعي جي منهن وٽ ميان غلام شاهه جي زماني جون ٻه جڙيل عمارتون رحمت الله شاهه ۽ طالب شاهه نالي هيون. تن جي سرڪاري خرچ سان مرمت ڪرائي وئي.(1)

جامع الخيري حيدرآباد ۾ فاتح مير جي والده ماجده بيبي خير النساءِ جوڙائي، جا اڃان تائين موجود آهي.(2)

مير نصير خان شاهه عبداللطيف رح جي مقبري واري مسجد تعمير ڪرائي ۽ مير نور محمد خان قبي اڳيان ايوان تعمير ڪرائي کوهه کڻايو هو. سندس سوٽ مير محمد خان قبي کي چاندي جو دروازو هڻايو.(3) مير فتح علي خان ۽ مير ڪرم علي خان هالن جي مخدوم حضرت نوح رح جي مقبري سان لاڳو ڪي عمارتون تعمير ڪرايون، جن کي ڪتبا لڳل آهن.(4)

جيتوڻيڪ ٽالپوري دور ۾ حڪومت جي زبان فارسي هئي، مگر سنڌي نظم ۽ نثر تي پورو توجهه ڏنو ويو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان سرفراز خان مداح ۽ مناجات جي ابتدا ڪئي هئي ته هن دور جي شاعرن ان کي معراج تي پهچايو. مثلاً صاحبڏني فقير جي مداح ”اغثيٰ يا سيدا“ جمن چارڻ جي ”يا پير پيران بادشاهه“ هن دور جون خاص شيون آهن. ان کان سواءِ پير اشرف ۽ فتح فقير جون مناجاتون لازوال حيثيت رکن ٿيون. مسلسل قصن کي مثنوي جي انداز ۽ نظم ڪرڻ به هن دور جو خصوصي ڪارنامو آهي. حفيظ ”مومل راڻو“ لکي ابتدا ڪئي، ان کان پوءِ حاجي عبدالله ”ليليٰ مجنون“ 1208هه ۾ لکيون. ان کان گهڻو پوءِ ٻين شاعرن به داستان گوئي کي اختيار ڪيو. مرثيه به هن دور جي پيداوار آهي. ايران کان مرثيه گو شاعر ۽ ذاڪر ايندا رهيا، جن کي ڏسي سنڌي به هن صف ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. شاعر سيد ثابت علي شاهه هن دور جو پهريون مرثيه گو شاعر هو. مرثيه گوئي ڪري شعر جي زبان ۾ ڪثرت سان فارسي الفاظ گڏجي ويا. غرض ته ايران سان تعلقات ڪري گهڻائي غير وطني الفاظ رائج ٿي ويا. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي زبان جي نثر جي ابتدا ٿي. هن دور ۾ ”وائي“ جو نالو بدلجي ”ڪافي“ ٿيو. هر قسم جا خيالات جي اڳ محدود دائري اندر دوهرن ۾ سمايل هئا، سي ڪافين ۾ آساني سان آندا ويا. شاعر دل کولي پنهنجي طبع جا جوهر ڏيکارڻ لڳا ۽ ڪافين جو رواج پختي طرح پئجي ويو.(1) غزل جي ابتدا به هن دور ۾ ٿي. سيد ثابت علي شاهه ۽ سچل سرمست خاص طور غزل ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. انهن ئي بنيادن تي اڳتي هلي غزل کي سنڌي شاعرن معراج جي منزل تي پهچايو. ٽالپرن جي دور ۾ فارسي گو سنڌي شاعرن ايران وارن کان خراج تحسين وصول ڪيو. هن دور ۾ فن ڪتابت زور ورتو، بعض سنڌي خوشنويس شاعر ۽ ڪاتب مشهور ٿيا، جهڙوڪ محمد وارث سيوستاني، عبدالقادر جوهر سيوستاني، قاضي محمد احسان هالائي، محمد شفيع نصرپوري، منشي عبدالله حيدرآبادي، مرزا قربان علي گرجي، مرزا آصف مسڪين قلم ڪراچوي، آخوند گل محمد ۽ ملا نور محمد وغيره.(1)

ميرن صاحبن جي حويلين ۾ اميرزادين کي حرم جي چئن ديوارين اندر تعليم سان گڏ تير اندازي، شمشير زني ۽ شهسواري جي تعليم به ڏني ويندي هئي. اميرزادين وٽ پنهنجا جدا جدا ڪتبخانا هئا، ۽ وٽن پگهاردار ڪاتب مقرر هئا. ڪو بهترين نسخو عراق يا عجم کان وٽن پهچندو هو ته ڪاتب انهن کي نقل ڪري پيش ڪندا هئا. شهرن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ آخوندن جي مڪتبن ۾ پڙهنديون هيون.(2) تعليم جو دائرو فقط وڏن شهرن ۽ وڏن ڳوٺن تائين محدود هو. اميرزاديون توڙي شهري خواتين پردي جون پابند هيون. اميرزاديون گهڻو ڪري پالڪين ۾ ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ شهري عورتون برقعن ۽ چادرن سان نڪرنديون هيون. سوسيون، ريشمي گربيون، ململ، تسر، اجرڪون ۽ لويون اميراڻي طبقي جي عورتن لاءِ ڪپڙا هئا. زرعي ۽ ريشمي ڀرت سان ڪپڙن پائڻ جو مردن ۽ زالن ۾ رواج هو. زالون ننڍڙن ٻارن کي ڪنن ۾ دُر ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارائينديون هيون.(3)

ميرن جي دور جي تعليمي سرشتي جي باري ۾ سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ميرن جي زماني ۾ چئن سالن جي عمر ۾ ڇوڪرين کي مڪتب يا مدرسي ۾ موڪليندو هو، جتي مولوي يا آخوند تعليم ڏيندا هئا. اڱاري ۽ جمعي جي ڏينهن کان سواءِ باقي ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين ٻار پڙهڻ ۾ رڌل رهندا هئا. پهريائين آخوند ٻار کان ”الحمد لله رب العالمين“ جا اکر سڃاڻائيندو ۽ چوارائيندو هو. قرآن مجيد جي پوئين سيپاري پوري ڪرڻ کان پوءِ ٻار کي نماز لاءِ ضروري سورتون بر زبان ياد ڪرايون وينديون هيون ۽ ساڳئي وقت لکائڻ شروع ڪرائبو هو. ميٽ سان ميساريل ڦرهيءَ تي ڪلڪ سان ٿلهن اکرن ۾ انڊا ڀرايا ويندا هئا، جنهن ڪري شاگردن جا اکر موتين جهڙا هوندا هئا.“

تعليم جي پهرئين سال دوران لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشق ڪرائي ويندي هئي، ان کان پوءِ معنيٰ ۽ مطلب کان سواءِ قرآن ڪريم پڙهايو ويندو هو. ان ۾ گهڻو ڪري چار سال لڳندا هئا. نائين سال ۾ هر مروج سنڌي زبان ۾ اڀياس ڪندا هئا، جنهن ۾ نور نامو پڙهائبوهو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪتاب، جن ۾ شروعات تفسير سان ڪيل آهي، پڙهايا ويندا هئا. ان سان گڏ نثر ۽ نظم ۾ سيف الملوڪ، ليليٰ مجنون ۽ سڀ کان مشهور ڪتاب ”حڪايات الصالحين“ مولانا عبدالحڪيم جو، جنهن ۾ اوليائن جي سير سلوڪ ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيل آهي، پڙهايا ويندا هئا. انهيءَ کان سواءِ ميان عبدالله جو جوڙيل ”لاڏاڻو“ (حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جي وفات) ۽ تاريخ ”حبيب السير“ تان ورتل معراج نامو ۽ عبدالحليم جو لکيل ”سو مسئلا“ پڙهائبا هئا. اهڙا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب شاگردن جي ذهني طاقت وڌائڻ لاءِ پڙهايا ويندا هئا. تعليم جو اهو ڏاڪو ٻن ٽن سالن ۾ پورو ڪيو ويندو هو.

ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار کان پوءِ شاگردن کي دوايو، ٽوايو ۽ چشم چراغ واتي ويڻي ياد ڪرائبا هئا. ڪريما ۽ ناگهان جهڙا سولا ۽ عام مشهور شعر جا ڪتاب وڌيڪ تحصيل لاءِ پڙهايا ويندا هئا.

وڏن شاگردن کي اعليٰ تعليم ۽ ڄاڻ لاءِ تاريخ انشا، گلستان، بوستان ۽ يوسف زليخا جهڙا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. مثنوي ۽ خاقاني جا وڌيڪ ڏکيا ڪتاب ڪي ورلي شاگرد پڙهندا هئا ۽ فردوسيءَ کي ته ڪو قليل شاگرد وچڙندڙ هو.

ٽالپرن جي دور ۾ مدرسا گهڻو ڪري وقف تي هلندا هئا، ۽ انهن کي حڪومت جي طرفان به مدد مليل هوندي هئي. تنهن کان سواءِ مالدار يا متقي ماڻهو انهن لاءِ وصيتون ڇڏيندا هئا. هر هڪ مدرسي ۾ هڪڙو يا ٻه اعليٰ تعليم يافته مخدوم هوندا هئا، جيڪي مٿانهن شاگردن کي سبق ڏيندا هئا. انهن کي ماهيانو وظيفو يا پگهار ملندو هو. مدرسي ۾ رهندڙ شاگرن کي کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو وغيره حڪومت توڙي سرندي وارن کان ملندو هو. عيدن ۽ عاشورن تي شاگردن کي عام موڪل ملندي هئي. ڪن خاص حالتن ۾ لائق شاگردن کي ٿورن هفتن لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي به موڪل ملندي هئي.

ميرن جي صاحبي ۾ مدرسن جي نصاب ۾ صرف نحو، منطق، فقہ، تفسير، حديث، معاني، بيان ۽ بديع پڙهايا ويندا هئا. شاگردن کي مڪتبن ۾ صرف جا ابتدائي قاعدا پڙهائبا هئا، انهيءَ مقصد لاءِ قلندر لعل شهباز جو ڪتاب ”ميزان صرف“ پڙهائبو هو. انهيءَ سان گڏ ”اجناس“ يا ”منشعب“ گهڻو ڪري برزبان حفظ ڪيا ويندا هئا. اهي ٻئي ڪتاب پڻ لعل شهباز جا لکيل آهن. ٽيون ڪتاب ”عقد“ به نصاب ۾ شامل هو، جنهن جي عبارت عربي فارسي گاڏڙ آهي. چوٿون ڪتاب ”زبده“ جنهن کي شاگرد نثر ۾ ياد ڪندا هئا. ڪي وري دائمي يادگيري لاءِ ساڳيو ڪتاب نظم جي صورت ۾ حفظ ڪندا هئا. نحو جي اڀياس لاءِ شاگرد پهريائين ”مائه عامل“ شرح سان پڙهندا هئا. انهيءَ موضوع تي مير سيد علي شريف جو ڪتاب يا جامي جو عربي فارسي ۾ جوڙيل ڪتاب ”زرادي“ پڙهندا هئا.(1) شاگردن جي صرف ۽ نحو جو دور اتي پورو ٿيندو هو، پر انهيءَ فن ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ابن الحاجب جو ڪتاب ”شافيه“ پڙهندا هئا. انهيءَ ڪتاب تي جاربردي يا رضي جون قيمتي شرحون ڪن ٿورن وٽ موجود هونديون هيون. صرف کي پوري ڪرڻ کان پوءِ ابوالحسن علي الضريري جو نحو تي لکيل ڪتاب ”القهدزي“ پڙهندا هئا ۽ شاگرد ساڳئي وقت منطق شروع ڪندا هئا. شجاوندي، هدايٽ النحو ۽ آخر ۾ ڪافيه سان گڏ ”شرح ملا جامي“ ۽ عبدالڪريم ۽ عبدالغفور جا حاشيه پڙهيا ويندا هئا. منطق ۾ پهريائين مولانا اثير الدين الهري جو ”ايساغوچي“ جو عربي ترجمو پڙهائيندا هئا. ڪي شاگرد وري ”قال اقول“ ۽ ”شمه“ جي شرح جي متن کي بر زبان ياد ڪندا هئا. ان کان پوءِ ”نيم روزي“ ۽ ”يڪروزي“ پڙهيا ويندا هئا.

انهن ڪتابن پوري ڪرڻ کان پوءِ مشهور ڪتاب ”شمسيہ“ ۽ ان جي شرح ”قطبي“ تي منطق جو نصاب پورو ٿيندو هو. پر ڪي طالب ”تهذيب“ ۽ ”سلم“ به پڙهندا هئا. شاگردن کي ديني اڀياس ۾ پهريائين حنفي فقهه جا ڪتاب ”هدايه“ ۽ ”وقايه“ پڙهايا ۽ ياد ڪرايا ويندا هئا. ان کان پوءِ شاگرد تفسير جا ڪتاب جلالين، مدارڪ بيضاوي، ڪشاف جواهر ۽ حسيني پڙهندا هئا. ساڳئي وقت علم حديث پڻ سيکاريو ويندو هو. انهن ڪتابن کان سواءِ ”تلخيص“ ۽ ان جا شرح ”مختصر“ ۽ ”مطول“ به مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. ٻيا علم جيڪي شاگرد اعليٰ تعليم جي مقصد لاءِ پڙهندا هئا، تن مان مکيه هي آهن: قرائت، ناظره، عروض، طب، رمل، نجوم، جفر، تاريخ، حڪمت ۽ علم خط. مٿيون نصاب موجود عربي مدرسن ۾ رائج آهي. پر زماني جي لحاظ کان ان ۾ ڪي ضروري ڦيريون گهيريون ٿي چڪيون آهن.(1)

مير صاحب گهڻو ڪري شاعري ڏانهن مائل هئا. سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ سندن ڪلام اڄ به موجود آهي. سندن درٻار ۾ يا سير شڪار تي ساڻن علماءِ ۽ شاعر هر وقت موجود رهندا هئا. علمائن، شاعرن ۽ درويشن کي وظيفا ڏيندا هئا. ڪيترا ايراني ۽ هندستاني علماءَ ۽ شاعر سندن مجلس ۾ رهندا هئا. مير فتح علي خان جا ڪارناما سيد عظيم الدين ٺٽوي ”فتح سنڌ“ جي نالي سان تصنيف ڪيا. مير صاحب مشهور بلوچي قصي ”سسئي پنهون“ کي مولانا جامي جي طرز تي فارسي ۾ تصنيف ڪرايو.

مير ڪرم علي خان جو تخلص ”ڪرم“ هو. مير صوبدار خان جو تخلص ”مير“ هو، مير نصير خان جو تخلص ”نصير“ هو. سندس ديوان جعفر مان ايام جلاوطني جي تڪليفن ۽ غمن جو پتو پوي ٿو، مير محمد حسن علي جو تخلص ”حسن“ ۽ مير عبدالحسين جو تخلص ”سانگي“  مير علي نواز خان جو تخلص ”ناز“ هو.

مير صاحب دولت کان وڌيڪ ڪتابن کي پسند ڪندا هئا. سندن ذاتي ڪتبخانن ۾ قيمتي ڪتاب موجود هئا. جن ۾ هڪڙو قرآن شريف جو قلمي نسخو حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي هٿ مبارڪ جو لکيل آهي، جو ميان سرفراز ڪلهوڙي جي ڪتبخاني مان کين هٿ لڳو هو.(1) مٽيارين جي هڪ بزرگ مخدوم عزيزالله (وفات 1272هه) تيرهين صدي هجري جي اوسط ۾ قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو تيار ڪيو، جو ڪيترائي ڀيرا بمبئي مان ڇپيو.(2)

ميرن جي ڏينهن ۾ سندن علم پروري ڪري سنڌ جا شعراءَ ڪرام، علماءَ، اهل قلم ۽ اديب فڪر ڪائن کان آزاد هئا، ان زماني جي رسم رواج ۽ وسائل موجب علم ڪافي ترقي ڪئي. وڏا وڏا جيد عالم، مفسر، محدث ۽ فقيهه نه فقط سنڌ، بلڪ دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ فيض جو باعث بنيا. ٽالپرن نه رڳو حڪمراني ڪئي، پر خلق خدا جي خدمت سان گڏ شعر و شاعري ۽ تصنيف و تاليف جو ڪم سرانجام ڏنو. انهن مان جيڪي ناليرا ۽ قابل ذڪر آهن، تن جي علمي ادبي خدمتن جو ذڪر ڪجي ٿو:

مير ڪرم علي خان ٽالپر ”ڪرم“:

مير ڪرم علي خان جو ٽيون ڀاءُ، مير غلام علي خان کان پوءِ گادي نشين ٿيو. سندس وقت ۾ رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهي آيو، پر انگريزن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ٺاهه ٿي ويو. شاهه شجاع الملڪ به ان وقت ئي سنڌ ۾ آيو هو.

مير ڪرم علي خان فارسي جو هڪ وڏو شاعر پڻ هو ۽ سندس مجلس شعر و ادب سان سينگاريل هوندي هئي. وقت جا برک شاعر سندس درٻاري هوندا هئا، جهڙوڪ مير عظيم الدين ٺٽوي، مير مائل ٺٽوي، مخدوم نور محمد بوبڪائي، آخوند نور محمد هالائي، مرزا خسرو بيگ چرڪس، مير صاحب علي ”صابر“ ٺٽوي، مير ڪاظم شاهه سرخپوش، سليمان صباحي، عبدالمجيد جوکيه (مصنف تاريخ بلوچي). منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير هوتڪ افغان، آغا محمد عاشق، مرزا مظهر، سيد طباطبائي ۽ منشي دولترام.

مير ڪرم علي خان جي تاليفن مان ”ديوانِ ڪرم“ جو نالو سرفهرست آهي ۽ اشعارن جو هڪ مجموعو نالي ”مجموعه دلڪشا“ به سندس تاليف آهي. تاريخ 12 جمادي الثاني 1244هه/ 1828ع ۾ وفات ڪري ويو. ”بادا بهشتش بارگاهه“ مان سندس سال وفات ملي ٿو. سندس مقبرو حيدرآباد جي ٽالپرن جي قبرستان ۾ آهي.(1)

مير مراد علي خان ٽالپر ”علي“

ٽنهي ڀائرن (مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان) جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان بن مير صوبدار خان گادي تي ويٺو. سندس زماني ۾ هڪ طرف انگريز هڪ نئون معاهدو ڪري سنڌ ۾ دريائي واپار ۾ جهاز راني جو بنياد وڌو ته ٻئي پاسي شڪارپور وارو حصو شاهه شجاع الملڪ ڦٻائي ويو.

سندس تخلص ”علي“ هو ۽ هيٺيان ڪتاب سندس تاليف ڪيل آهن:

(1)     ديوان فارسي، هن ڪتاب جو هڪ نسخو ٽالپرن جي ڪتبخاني ۾ ٽنڊي نور محمد حيدرآباد ۾ محفوظ آهي.

(2)    طب مراد، جيڪو 1246هه ۾ لکي پورو ڪيائين.

(3)    محڪ خسروي، اڳين پوين جي جنگ جي اشعار کي قافيه جي ترتيب سان پڻ گڏ ڪيو اٿس. سنڌ جي همعصر شاعرن جي اشعار کي پڻ گڏ ڪيو آهي. هي ڪتاب سن1237هه ۾ لکي پورو ڪيائين.

مير حسن الحسيني شيرازي ”تذۡڪره زبد المعاصرين“ کي سن1240هه ۾ جوڙي، هن ٽالپر حڪمرانن جي نالي سان مسنوب ڪيو آهي.

مير مراد علي خان پويان چار پٽ ڇڏي 6 جمادي الثاني سن1249هه/1833ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن ۾ دفنايل آهي.

مير صوبدار خان ٽالپر ”مير“:

هي صاحب سنڌ جي فاتح مير فتح علي خان جو فرزند ۽ ولي عهد هو. سن1892ع ۾ ان وقت تولد ٿيو، جڏهن سندس والد موت جي بستري تي پويان پساهه کڻي رهيو هو، سندس چاچن کيس ناز نعمت ۾ پاليو. جوانيءَ ۾ پنهنجن چاچن کان حڪومت ۾ ڀائيواري جي ڇڪ ڪيائين، پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ جاگير جي هڪ ٽڪري تي قناعت ڪري وقت گذارڻ لڳو.

سندس سوٽ مير نصير خان تي جڏهن انگريزي فوجن ڪاهيو، تڏهن جهوني ڪدورت جي بنياد تي انگريزن سان ساز باز ۾ رهندو آيو، تان جو مياڻي جي جنگ ۾ حصو نه ورتائين ۽ ٽالپرن جو خاتمو ٿيو. سندس خيال هوته مير علي مراد وانگر انگريز کيس وفاداري جي صلي ۾ ڪو رياست جو ٽڪڙو عطا ڪندا، مگر ٻين ميرن سان گڏ کيس به ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتي 1846ع/ 61-1262هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس لاش کي سنڌ ۾ آندو ويو.(1)

مير صوبدار خان فارسي جو سٺو شاعري هو. مخدوم ابراهيم نقشبندي ”خليل“ ٺٽوي، تڪملہ مقالات الشعراءَ ۾ مير صوبدار خان جو خوشگو شاعرن ۾ ذڪر ڪيو آهي. سندس ڪلام جو هڪ ديوان به هو، جيڪو ناياب ٿي چڪو آهي.

مير صوبدار خان جا هيٺ ڄاڻايل ڪتاب مير محمد بخش خان، ٽنڊي غلام حسين واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن: (1) ديوان مير (2) فتح نامه (3) خطوط (منظوم فارسي (4) قصه سيف الملوڪ و بديع الجمال (5) جدائي نامه (منظوم)(2)

مير حسين علي خان ٽالپر:

مير حسين علي ولد مير نور محمد ولد مير مراد علي خان ٽالپر (فاتح سنڌ مير فتح علي خان جو ننڍو ڀاءُ)، انهن آواره بخت ٽالپرن مان هو، جن پنهنجي اکين اڳيان پنهنجو راڄ ۾ ڀاڳ ختم ٿيندو ڏٺو. سن1245هه/ 1829ع ۾ ڄائو. سندس تعليم و تربيت ٻين ٽالپرن کان چڱي نموني ٿي. هو فارسي جو شاعر ۽ عربي جو چڱو عالم هو. مياڻي جي جنگ کان پوءِ هو به ٻين ميرن سان ڪلڪتي ۾ نظر بند ٿي رهيو ۽ اتي ڪيترا غزل حسب حال لکيائين. 1276هه/ 1859ع ۾ لارڊ ڊلهائوسي وائسراءِ هند جي هڪ اعلان موجب ميرن جي نظربندي ختم  ٿي، جنهن ڪري هي به سنڌ ۾ موٽي آيو. سندس گذران لاءِ جاگير ۽ 3 هزار روپيا پينشن مقرر ٿي، جنهن تي قناعت ڪري پنهنجي ڄمار جو پويون وقت چڱو گذاريائين.

ان زماني ۾ ڊاڪٽر فندر عيسائي مسيحي تبليغ سان گڏ اسلام جي برخلاف فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب پڌرو ڪيو، جنهن جو جواب هندستان جي ڪيترن ئي عالمن ڏنو، پر مير حسين علي خان ”معيار الحق“ نالي هڪ وڏو بسيط جواب لکي پادري کي لاجواب بنايو. هن ڪتاب مان مير صاحب جي وسيع معلومات ۽ علمي قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪلڪتي مان واپسي کان پوءِ 1295هه بمطابق 1878ع ۾ ٽنڊي مير نور محدم ۾ وفات ڪيائين.(1) شعر شاعري ۽ ادبي ڪچهرين سان گڏ تصنيف ۽ تاليف به سندس شغل رهيو. فارسي ۽ سنڌي ۾ مير صاحب هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا:(2)

(1) مناقب علوي (فارسي)، (2) شاهد الامامت (فارسي نثر)، (3) لب لباب (فارسي نثر)، (4 ديوان حسين (فارسي نظم)، (5) ديوان حسين (سنڌي، اردو).

نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري:

نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري به هڪ اهم ۽ وڏي رتبي جو مالڪ هو، سندس ولادت 1165هه ۾ ٿي. سندس والد جو نالو غلام محمد خان ”نگار“ آهي. خاندان روايتن موجب وقت جي وڏن عالمن ۽ اديبن کان تعليم پرايائين، شعر گوئي سان به سندس ڏاڍو چاهه هو. ٽالپرن جي فوج ۾ سپهه سالار ۽ وزير مملڪت هو. کيس اپر سنڌ (سيوهڻ کان وٺي جيڪب آباد تائين) جو حاڪم پڻ بنايو ويو هو. هن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. افغانستان ۽ سنڌ جي معاملن ۾ يا فرنگين ۽ ملڪي مسئلن ۾ سندس راءِ ۽ مشوري کي وڏي اهميت حاصل هئي. نه فقط ملڪي سياست ۾، پر طب، شعر ۽ ٻين علمن ۾ به کيس وڏو ملڪو حاصل هو. شاعري ۾ سندس تخلص ”ولي“ هو. کيس چار پٽ هئا: (1) نواب الهداد خان (وفات 1300هه) تخلص ”صوفي“ هئس. فارسي جو سٺو  ديوان جو مالڪ هو. (2) احمد خان (وفات 1870ع) هن جو پٽ نواب ولي محمد ثاني (1295هه-1332هه) پنهنجي ڏاڏي وانگر صاحب ديوان شاعر هو. (3) غلام حيدر خان (4) محمد خان.

نواب ولي محمد خان ”ولي“ سن1247هه ۾ وفات ڪئي. هيٺيان ڪتاب سندن تاليف مان يادگار ڳڻيا وڃن ٿا: (1) ديوان ولي فارسي (2) نزهة الابدان طب فارسي، هن ۾ نواب صاحب پنهنجا آزمايل طبي نسخا ڏنا آهن. (3) ساقي نامه (4) موعظت فارسي (5) مثنوي هير و رانجها فارسي (مطبوعه)

نواب علي محمد خان لغاري ”علي“:

نواب علي محمد خان لغاري، نواب ولي محمد ”ولي“ جو وڏو ڀاءُ هو. سن1116هه/ 1739ع ۾ ڄائو. هي به فارسي جو وڏو شاعر هو ”انيس السالڪين“ سندس تصنيف آهي ۽ هڪ بياض به گڏ ڪيل اٿس. تڪملہ مقالات الشعراءَ جي مصنف هن جي خوشخطي جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. سن1250هه/ 1834ع ۾ وفات ڪيائين.(1) سندس اولاد اڃا تائين تاجپور ۾ سڪونت پذير آهي ۽ انهن ۾ به ادب شاعري سان وابستگي هلندي اچي ٿي.

مخدوم عبدالواحد (قاضي محمد احسان) سيوستاني جي درسگاهه:

سنڌ جو نامور فقيهه، مدرس ۽ عالم صوفي مخدوم عبدالواحد بن مخدوم دين محمد بن مفتي عبدالواحد پاٽائي (ڪبير)، سندس والد دين محمد پاٽ مان نقل ڪري سيوهڻ ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي ئي شادي ڪيائين، جتان مخدوم عبدالواحد ۽ محمد حسن ٻه فرزند کيس تولد ٿيا. مخدوم دين محمد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي گهاٽن دوستن مان هو. مخدوم محمد معين ٺٽوي به سندن معاصر هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس ڏاڍو ڀروسو هو.

مخدوم عبدالواحد کي حنفي فقهه ۾ تمام وڏو درڪ هو. ان وقت جا علماءِ سندس فتويٰ کي بنا ڪنهن چون چرا جي قبول ڪندا هئا. سندس فتوائن کي سندس شاگردن مولوي محمد افضل ٽن وڏن جلدن ۾ ”جمع المسائل عليٰ حسب النوازل“ جي نالي سان جمع ڪيو. اڄڪلهه اهو ڪتاب ”بياض واحدي“ جي نالي سان مشهور آهي.(1)

مخدوم عبدالواحد پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ درس تدريس، تصوف ۾ نقشبندي طريقي تي بيعت وٺڻ ۽ طالبن ۽ مريدن جي تربيت ۽ اصلاح جو به شغل جاري رکيو ايندو هو. هو حضرت خواجه صفي الله مجددي (وفات 1212هه) جو خليفو هو ۽ سيوهڻ ۾ ئي سندس بيعت ۽ خرقه خلافت کان مشرف ٿيو هو.(2)

مخدوم عبدالواحد کان جن طالبن بيعت ڪئي ۽ خلافت جو درجو حاصل ڪيو، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:(3) (1) محمد حسين سيوستاني (2) آخوند رازق ڏنو (3) رئيس محمد حسن کهاوڙ (4) ميان محمد امين خيرپوري (5) غلام رسول افغان ”خاموش“ (6) خليفو عبدالحڪيم سيوستاني وغيره.

مخدوم عبدالواحد جي زماني ۾ حيدرآباد جي ٽالپرن مان مير ڪرم علي خان جو ڏاڍو اوج ۽ عروج هو. سيوهڻ جي ٻاهران سندس شڪارگاهه هوندو هو، جتي مهينن جا مهينا اچي رهندو هو. انهيءَ هنڌ سندس نالي سان ”ڪرم پور“ نالي قصبو آهي. اتي مخدوم عبدالواحد ۽ سيوهڻ جي ٻين عالمن سان مجلسون ڪندو هو، جنهن ۾ علمي بحث مباحثا هلندا هئا.(1)

مخدوم عبدالواحد جي تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب هن وقت به سنڌ جي بعض ڪتبخانن ۾ ملن ٿا: (1) تحرير المسائل عليٰ حسب النوازل، جيڪو ”بياض واحدي“ جي نالي سان مشهور آهي. (2) حاشيه اشياءَ والنظائر (3) رش الانوار حاشيه الدر المختار، اهو ڪتاب ناياب ٿي ويو آهي.(2) (4) ڪشف الڪامن في علم الباطن (5) تهديد الغافر بتهذيب الڪافر (6) تفسير القدير في اصحية الفقير (7) القول الجلي (8) رسالہ در ڪسب و توڪل (9) جبر السڪين في تصلية المسڪين (10) تسهيل اصعب (11) ارشاد الصواب (12) لطف اللطيف في اعطاءَ الرغيب (13) اربعين في رشد الطالبين (14) اليسر المطلوب (15) ايضاح العاقبہ في طلب العافيہ (16) نص السارب في قطع الشارب (17) رسالہ در عدالت امير معاويہ (18) رسالہ در حرمت دخان (19) ديوان واحدي (20) انشاءَ واحدي، وغيره.(1)

سندس معاصرين مان قاضي محمد شڪارپوري ۽ مخدوم عثمان متعلوي سان بعض فقهي مسائل تي ردڪد ۽ مناظرا رهيا آهن، جي تفصيل سان ”بياض واحدي“ ۾ بيان ڪيل آهن. مخدوم حاجي حسن الله جي زباني آهي ته قاضي محمد شڪارپوري پڪو موحد هو ۽ مخدوم صاحب وري هميشه قلندر شهباز جي قبي تي ويندو رهندو هو.

مخدوم صاحب کي 74 سالن جي ڄمار ۾ هڪ وڏي ڦرڙي پيدا ٿي، ان جي آپريش ڪرائڻ سبب سندس وفات ٿي. پنهنجي حياتيءَ ۾ سجاده، فتويٰ ۽ تصوف جو وارث پنهنجي ڀائٽي مخدوم محمد عارف کي مقرر ڪيائين. اهو واقعو 14 رمضان سن1224هه ۾ ٿي گذريو.(1)


(1)   Sarkar, History of Auranyzeb, Vol: I Ch. VII P-118

(1)   Burton. R. F. History of Sindh, 194-195

(1)   Smith, J. W. Gezetteor of the Province of Sind, Vol: XI PP.48-49. 1191.

(1)   شاهنامه سنڌ، ذڪر حيدرآباد جو قلعو

(2)   شاهنامه سنڌ، ذڪر مير فتح علي خان

(3)   ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، جلد پهريون ص ص99-40

(4)   رحميداد خان مولائي شيدائي، سفينة النوح (قلمي)

(1)   پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادب، ص ص62-65

(1)   نئين سنڌ ڪراچي ”سنڌ جا مشهور ڪاتب“ ص35، مئي 1954ع.

(2)   شمس العلماءَ نامه 1894ع ڪراچي، ص ص50-51.

(3)   خيرپور نامہ 1894ع، ڪراچي، ص ص50-51

(1)   برٽ جي اها غلطي آهي، زرادي سيد علي شريف جو ڪتاب آهي (راقم الحروف)

(1)   الوحيد ڪراچي، اسپيشل نمبر جون 1936ع، ص ص110-112

(1)   مرزا قليچ بيگ، تاريخ خيرپور 1924ع.

(2)   الوحيد، اسپيشل نمبر جون 1936ع، مولوي وفائي جو مضمون ”سنڌي زبان“

(1)   مشاهير سنڌ، الوحيد، ص186

(1)   ڪلڪتي ۾ 14 رجب رجب 1262هه ۾ فوت ٿيو. خدا آباد (هالا پراڻا) ۾ پڻس جي پاسي ۾ مدفون آهي. سندس قبر تي ڪتبو آهي: (1) وفات حضرت جنت مڪان مير صوبيدار خان عليہ رحمة (2) تاريخ چاردهم ماه رجب 1262هه تڪلمہ مقالات ص566)

(2)   تڪلمہ مقالات الشعراءَ جي ص ص563- 593 تي هيٺيان ڪتاب ڄاڻايل آهن:

(1)        مثنوي سيف الملوڪ، 1247هه

(2)       مثنوي فتح نامہ، 1244هه (ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي جنگ جو داستان، جنهن کي پوءِ مير حسن علي خان سنڌي ۾ منظوم ڪيو)

(3)       مثنوي خسرو شيرين، 1251هه

(4)       مثنوي ماه و مشتري، 1255هه

(5)       مثنوي جدائي نامہ، 1260هه (هن ۾ جلاوطني جو داستان آهي)

(6)       خلاصة التدادي، يوناني طب ۾

(7)       ديوان مير، ٽن ديوانن  جي گم ٿيڻ بعد هي چوٿون ديوان 1240هه ۾ مرتب ٿيو، جنهن ۾ 314 غزل آهن.

(1)   26 ربيع الاول 1295هه ۾ فوت ٿيو. ميرن جي قبن حيدرآباد ۾ مدفون آهي. سندس قبر تي هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي:

حضرت بندگان – سرڪار دولت مدار مير صاحب

مير محمد حسين علي خان ٽالپر عليہ رحمة

والغفران تاريخ بيست و ششم ماه ربيع الاول 1295هه شب يڪ شنبہ بوقت هفت ڪلاڪ

(2)   تڪملہ مقالات الشعراءَ ص755

(1)   تڪملہ مقالات الشعراءَ، ص ص457-463

(1)   تذڪره مشاهير سنڌ، ص204

(2)   علمة المقامات ص493

(3)   مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي (1193هه- 1258هه) ۾ مولانا محمد افضل به سندس شاگرد هئا. (الرحيم، ص6)

(1)   مولوي دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، ص ص206-207

(2)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، حڪيم محمد مراد صديقي جي ڪتبخاني ۾ درمختار پهرئين جلد جي حاشيه تي ”رش الانوار“ جو اختصار لکيل آهي. جنهن کي هن المتانة في مرة الخزانة جي حاشين ۾ جابجا ڇاپيو آهي.

(1)   پير حسام الدين راشدي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ هيٺيان رسالا موجود آهن:

(1)        اصدق التصديق بافضيلة الصدقي 1189هه، ڪاتب نور محمد سيوهاڻي.

(2)       الازها المتناثره في الاخبار المتواتره 1196هه، متواتر حديثن جو بيان.

(3)       لطف اللطيف في اعطاءَ الرغيب (5 صفحا)

(4)       مراة الحلية اڱارو ص25 صفر 1187هه، حضور جن جو حليو مبارڪ

(5)       اربعين في فضل المجاهدين، مجاهدن جي فضيلت ۾ چاليهه حديثون.

(6)       تهديد الغافر بتهذيب الڪافر (11 صفحا)، ڪتاب مظفر الدين.

(7)       ارشاد الصوب لمن وقع في بعض الصحاب (10 صفحا)، ڪاتب مظهر الدين حضور جن جي صحابن جي حمايت ۾.

(8)       ڪشف الڪامن في علم الباطن، 1185هه، علم باطن جا ڪي نڪتا ۽ راز

(9)       تفسير القدير في اصحية الفقير (4 صفحا)

(10)     ايضاح الخافية في سوال العافية، در مختار جي هڪ عبارت جي رد ۾

(11)      طريق السداد في وجوب الاعتداد، عورت جي عزت جي باري ۾

(12)     انور الفيوضات الباطنيہ في امتياز اهل الباطن من الباطنيہ، 119هه اهل باطن جي امتياز ۾

(13)     ازالة الاشتباه في قطع همزة يا الله (6 صفحا، 1179هه، ياالله ۾ الف همزو ساقطا نه ٿيندو.

(14)     القول الجلي في تذڪر البغي (2 صفحا)، ولم اک بغيا بابت تحقيق

(15)     جبر المتسڪين في ڪسر التنوين (3 صفحا)

(16)     تسهيل الصعب في ابيات الڪعب (2 صفحا)

(17)     مبط المقال في حل الاشڪار، هن ۾ مخدوم محمد شجاع جي هڪ خط جو جواب ڏنو ويو آهي. سن1201هه

(18)     غاية الصراحة في تحريم النباحة (7 صفحا)، هن ۾ ميت تي پارن ڪڍڻ کي حرام ثابت ڪيو ويو آهي.

(19)     حسن الفهم و المتعقل في جمع الکسب والتوکل (34 صفحا) 1209هه

(20)    اربعين رشد الطالين (5 صفحا)

(21)     فضائل ربيع

(22)    اربعين برواية سراج المسلمين. اهي سمورا رسالا پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. هن کان سواءِ وڌيڪ هيٺيان رسالا پڻ ڪتبخاني ۾ آهن:

(1)        بياض واحدي

(2)       مجموعہ رسائل سيوستاني

(3)       الاستدراڪ للدوراڪ

(4)       البراهين الغرض منع بين الحر

(5)       جوده الضيع في ڪثره السبع

(6)       السبيل الواسطين

(7)       النص السارب في فطع الشارب

       خواجه حسن جان سرهندي مرحوم جي ڪتبخاني ۾ (27 رسالن جو) مجموعو ۽ ”بياض واحدي“ جو نسخو آهي.

(1)   مولوي دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، ص212

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org