مخدوم محمد عارف سنائي (وفات 1222هه کان پوءِ) جو
سن ۾ مدرسو:
مخدوم محمد عارف بن محمد افضل، شهر سن جو رهاڪو
هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي سندس معاصر هو. مخدوم
محمد عارف کي سن ۾ پنهنجي درسگاهه هئي، جنهن ۾
ديني علمن سان هن سالن جا سال درس تدريس جو ڪم
جاري رکي ڪيترن طالبن کي ديني علمن سان سيراب ڪيو.
سندس ڄاڻ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو
ته ان دور جي دستور موافق علم فقهه جو وڏو ڄاڻو ۽
فقهي تحريرن ۾ ماهر هو. سندس ڪيتريون ئي تحريرون
مولانا قاسمي صاحب جي نظر مان گذريون آهن، جيڪي هن
جي علمي تبحر جي ساک ڏين ٿيون.
دارالهديٰ ٺيڙهي جي مدرسي ۾ المتانہ في مرمت
الخزانہ مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جو هڪ قلمي نسخو
موجود آهي، جنهن جو ڪاتب پڻ مخدوم محمد عارف سن
وارو آهي، خط نسخ ۾ آهي ۽ تحرير صاف آهي. ڪتاب جي
آخر ۾ هن طرح نوٽ لکيل آهي: ”تمت نسخہ الشريفہ
ڪتاب متانہ الروايات من يد الفقير الحير الراجي
الي رحمة الله العزيز الغفار محمد عارف بن محمد
افضل سڪنہ قصبہ سن في التاريخ غره شهر ربيع الاخر
يوم الاثنين وقت الضحيٰ سن 1222هه.“ هن تي ڪاتب جي
مهر به لڳل آهي، ان ۾ صفحي جو عڪس سنڌي ادبي بورڊ
طرفان ڇپايل ”المتانة“ جي مقدمي ۾ اچي چڪو آهي.(1)
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي جي هاشميه درسگاهه:
مخدوم محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جي ولادت ٺٽي ۾ سن1162هه/1748ع ۾
ٿي. سندس تعليم ۽ تربيت پنهنجي گهراڻي ۾ ٿي. سندس
تيرهن سالن جي عمر ۾ مخدوم محمد هاشم وفات ڪئي. ان
بعد تعليم پنهنجي والد مخدوم عبداللطيف کان
پرايائين، جنهن جي علميت قابليت لاءِ ان جو ڪتاب
”ذبہ ذبابات الدراسات“ وڏي شهادت آهي. تڪملہ
مقالات الشعراءَ جو مصنف لکي ٿو ته ڪاتب الحروف
(مير خليل جي ناني جو پيءُ هو، علوم ۾ يگانه
روزگار هو ۽ ارشاد ۾ پڻ وقت جو برگزيده بزرگ هو،
سندس حالات لاءِ ميان محمد امين ڇترائي جو مستقل
رسالو آهي. سندس خليفا به گهڻائي آهن، پر سندس
مريدن جو تعداد ٻه لک آهي. مريدن جي دعوت تي هر
شهر يا ديهه ۾ ويندو هو ۽ جيڪي کانئس تلقين وٺندا
هئا، انهن جا نالا لکيا ويندا هئا.
ڪتاب مونس المخلصين جو مصنف لکي ٿو ته: ”مخدوم
محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي ڪامل ولين ۽ راسخ عالمن ۽ مدرسن مان هو.
طريقت ۾ خواجه صفي الله ڪابلي (وفات سن1212هه) جو
مريد بلند مقامات تي پهتل هو. حضرت خواجه صاحب کيس
پوري خلافت عطا ڪئي هئي. ڪتاب ”عمده المقامات“ ۾
جا بجا سندس ذڪر خير آيو آهي. محمد امين سنڌي سندس
فضائل ۽ مناقب ۾ مستقل رسالو لکيو آهي. سندس وفات
سن1255هه/ 1810ع ۾ ڪڇ جي مڏئي بندر ۾ ٿي.“(1)
مخدوم محمد ابراهيم صاحب پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمد
هاشم وانگر هڪ وڏو مؤلف ۽ مصنف به آهي. هن پنهنجي
ڏاڏي جي قائم ڪيل مدرسي ”هاشميہ“ ٺـٽي ۾ سندس پيءُ
جي وفات کان پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو به ڪم
جاري رکيو، پر ٺٽو علمي لحاظ کان اجڙي چڪو هو.
حڪومت به ڪمزور ٿي ويئي هئي، ان ڪري مخدوم محمد
ابراهيم جي ڪابه قدرداني نه ٿي سگهي، ڪڏهن هتي ته
ڪڏهن ڪٿي ڪشالا ڪڍندو رهيو.
مخدوم محمد ابراهيم جي عربي عبارت ۾ وڏي رواني
آهي. ڇوته هڪ پاسي سندس تربيت خاص علمي گهراڻي ۾
ٿي ۽ ٻئي پاسي عرب ملڪن ۾ به گهڻو گهمندو رهيو.
زماني جي گردش ۽ ڏولائن سان گڏ نقشبندي طريقي ۾
داخل ٿي، رياضتون ڪري، پنهنجي صحت به وڃائي ويٺو.
پر تڏهن به سندس تصنيف پنهنجي همعصرن مان مخدوم
عبدالواحد سيوهاڻي کي ڇڏي باقي ٻين سڀني کان گهڻي
آهي. پير جهنڊي جي لائبريري، پير حسام الدين شاهه
راشدي جي ذاتي ڪتبخاني، سنڌ يونيورسٽي جي لائبريري
۽ مدرسہ مظهر العلوم کڏه ڪراچي جي ڪتبخاني ۾ سندس
اڪثر تصنيفون موجود آهن.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ مخدوم محمد ابراهيم
صاحب جي تصنيفات مان هيٺيان رسالا موجود آهن، جيڪي
کيس پنهنجي دوست قاضي فتح الرسول نظاماڻي ساڪن
ٽندو قيصر کان هٿ آيا، انهن مان ڪن جو مختصر بيان
هيٺ ڏجي ٿو:
(1)
”تهذيب البيان في اجويہ اسولہ وحيد من اڪابر
الاخوه الخلان“ (عربي): هن رسالي جي مقدمي ۾ حمد
صلوات کان پوءِ مخدوم صاحب لکي ٿو ته ڪن مشهور
عالمن وٽان مون وٽ ڪي سوال پهتا. مون کي سندن حڪم
جي تعميل کان سواءِ ٻي ڪابه صورت نه هئي، ان ڪري
قلم کنيم ۽ جڏهن ته ”تهذيب البيان“ جا ابجد جي
خيال کان عدد 1211 هئا، جنهن مان هن رسالي جي سن
تاليف جي سڌ پوي ٿي، ان ڪري رسالي جو نالو ئي
تهذيب البيان رکيو. پهتل سوالن مان پهريون سوال
نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي نور بابت آهي ته
ڇا اهو قديم آهي؟ جنهن جي هن حديث ۾ صراحت آيل آهي
ته ”ڪنت نورا بين يدي الله تعاليٰ- الخ“ ۽ ٻي حضرت
جابر رضي الله عنہ جي حديث آهي ته: ”اي جابر، الله
تعاليٰ سڀني شين کان اڳ پنهنجي نور مان تنهنجي نبي
جي نور کي پيدا ڪيو- الخ“ انهن کان سواءِ ٻيون به
اوهان کي معلوم هونديون، جن مان صراحت يا اشاري
سان اهو مقصد نڪري ٿو. ڇا اهو نور حادث آهي؟ جي
اوهين ان کي قديم چوندو ته اهو ذات نبوي ۾ ڪيئن
جذب ٿي ويو؟ هوڏانهن قديم ته حادث ۾ حلول نه ڪندو
آهي، جيئن اهو مسئلو علم ڪلام ۾ ثابت ٿيل آهي، پر
جي قديم آهي ته پوءِ ”خلق“ ان لاءِ ڪيئن آندو ويو؟
اهڙي طرح اهو سوال ڊگهو هليو ويو. هن سوال جو جواب
هڪ صفحي ۾ ڏنل آهي. پر ٻيو سوال آهي، حضرت خضر ۽
حضرت موسيٰ کي علم سيکارڻ بابت ته صحيح بخاري جي
حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت خضر کي حضرت موسيٰ
کان وڌيڪ علم هو، ٻئي پاسي هڪ ٻي روايت آهي، جنهن
مان ائين معلوم نه ٿو ٿئي. هن سوال جو جواب ٻن وڏن
صفحن ۾ آيل آهي. ٽيون سوال هڪ فقهي مسئلي بابت آهي
ته فرج جي رطوبت پاڪ آهي يا پليت، ان سان وضو
ڀڄندو يا نه؟ چوٿون سوال آهي ته تشهد کان پوءِ
پوئين قعده ۾ مختصر صلوات پڙهي سلام ڦيريائين ته
ڪافي آهي يا نه؟ پنجون سوال وتر نماز ۾ ڪنهن شافعي
مذهب امام جي پويان اقتدا ڪرڻ بابت آهي.
2-
الاجازة للطريقة النقشبندية: هي ننڍڙو رسالو
عربيءَ ۾ فل اسڪيپ سائيز جي ڇهن صفحن ۾ ڦهليل آهي،
جنهن ۾ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي پنهنجي هڪ مريد ۽
خليفي سيد قاسم بن سيد علي بن سيد محمد اسڪافيءَ
کي طريقه نقشبنديه جي اجازت عطا ڪئي آهي. هن جي
پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جو باطني فيض
نه رڳو سنڌ ۾ ڦهليل هو، پر ٻاهر به پکڙيل هو. ڇوته
هي سيد صاحب عرب ٿو معلوم ٿئي. هن رسالي ۾ مخدوم
ابراهيم ٺٽوي ٻڌايو آهي ته کيس باطني فيض ۽ خلافت
شيخ الحاج محمد صفي الله کان مليا ۽ شيخ صفي الله
سرهندي لاءِ لکي ٿو ته کيس بيت الله ۾ حق تعاليٰ
طرفان آدم صفي الله جو خطاب مليو ۽ کين پنجن طريقن
سان نسبت هئي: نقشبنديہ، قادريہ، سهرورديہ، ڪبرويہ
۽ چشتيہ.(1)
خواجہ صفي الله کي سندس والد خواجه غلام محمد کان
فيض مليو، ان کي قطب وقت خواجہ محمد اسماعيل کان ۽
ان کي سندس پيءُ شيخ خواجہ محمد صبغت الله کان ۽
ان پنهنجي والد امام محمد معصوم کان خرقو حاصل ڪيو
۽ ان پنهنجي والد مجدد الف ثاني امام رباني شيخ
احمد سرهندي کان فيض پرايو.(1)
آخر ۾ ذڪر جا طريقا پڻ بيان ٿيل آهن ۽ هن سلسلي ۾
پنهنجي خليفي کي ڪي هدايتون به ڪيون اٿس، هن رسالي
جي آخر ۾ اها مناجات به ڏنل آهي، جيڪا مخدوم
ابراهيم صاحب روضه نبوي جي آڏو پڙهي هئي.
3-
توثيق الاسباق في مسالة الصداق (عربي) هي رسالو
مدينہ منوره ۾ لکيائين ۽ اتي سن1211هه ۾ رمضان جي
پوئين ڏهين ۾ اعتڪاف اندر ويٺو هو، جو وٽس خليفي
محمد بن علي الزرافي (هي به عرب آهي) وٽان نڪاح ۾
مهر بابت سوال پهتو، جنهن جي جواب ۾ هي رسالو فل
اسڪيپ سائيز جي 13 صفحن تي ڦهليل عربيءَ ۾
لکيائون. رسالي تي اهو نالو به تاريخي آهي، جو
ابجد مواقف نالي مان تاليف جو سن نڪري ٿو.
4-
”دماج المغنم“ (عربي) هي رسالو فل اسڪيپ سائيز جي
9 صفحن تي ڦهليل آهي، هن ۾ کانئن پڇيل سوال جو
جواب ڏنو اٿس. سوال هي آهي ته کوسا بلوچ ۽ انهن جا
حمايتي جوڌپور ۽ ان جي آسپاس تي حملا ڪندا رهندا
آهن، اتي ماڻهن کي ماريندا آهن، انهن جي عورتن ۽
ٻارن کي قيد ڪري زوري کڻي ايندا آهن، ڇا ائين ڪرڻ
کين مباح آهي ۽ اهي عورتون سندن ٻانهيون ٿي سگهن
ٿيون؟ ۽ ڦريل مال غنيمت ڳڻبو؟
مخدوم صاحب هن جو جواب ”ها“ ۾ ڏنو آهي ۽ انهن
رياستن کي دارالحرب سڏيو آهي ۽ ان لاءِ دلائل پيش
ڪيا اٿس. هن مسئلي ۾ ان وقت جو هڪ ٻيو وڏو عالم،
مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارو، مخدوم ابراهيم
ٺٽويءَ جي خلاف راءِ رکي ٿو ۽ انهيءَ ڦرلٽ کي
ناجائز سڏي ٿو. هن بابت ٻنهي عالمن جو هڪ ٻئي سان
تحريري مناظرو به رهيو آهي، رسالي جي آخر ۾ مخدوم
ابراهيم ٺٽوي هڪ عربي قصيدو لکي، مخدوم محمد
مٽيارين واري تي ديني حميت جي جوش ۾ ڏاڍا نازيبا
حملا ڪيا آهن.
5-
هي رسالو ”اعداد ازواج“ بابت لکيو اٿن ۽ چئن کان
مٿي زالن رکڻ کي حرام ۽ ناجائز ثابت ڪيو اٿس. هي
رسالو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي ايڊٽ ڪيل
”المتانة في مرمة المتامة“ (فتاويٰ بوبڪائي) جي
حاشيہ تي ڇپجي ويو آهي.
6-
الجفر الجعفري: هي عربيءَ ۾ ننڍڙو رسالو علم جفر
تي لکيل آهي.
مولانا عبدالڪريم گنجي جو ڦلجي ۾ مدرسو:
مولانا عبدالڪريم ڦلجي جو ويٺل هو ۽ قوم جو گنجو
هو. ميان صاحب محمد ڪامل ڪٽباري جو مريد هو. خبر
ناهي ته ڪٿي تعليم ورتائين. مولانا محمد حيات بن
محمد ڪامل ڪٽباري ننڍ پڻ ۾ فارسي جا ڪتاب کانئس
پڙهيو هو. مولانا صاحب اهلِ دل هو ۽ کيس مڪاشفه جي
ڏاڍي قوت هئي. ڦلجي جي ڳوٺ ۾ سندس قائم ڪيل مدرسي
۾ قرآن شريف جي قراءَت، حديث ۽ فقهه جي تعليم ڏني
ويندي هئي. درس تدريس جو دور ختم ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجن شاگردن ۽ عام ماڻهن کي دين اسلام جي تبليغ
۽ مختلف موضوعن تي وعظ ڪندو هو. مخدوم عبدالواحد
سيوهاڻي، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد
عثمان مٽيارين وارن جو معاصر هو. 1230هه کان اڳ
وفات ڪيائين.(1)
قاضي احمد علي سنڌي جي مٺڻ ڪوٽ واري درسگاهه:
قاضي احمد علي بن محمد عاقل بن محمد شريف بن محمد
يعقوب سنڌي چشتي مشائخ جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي،
سندس ولادت، تعليم ۽ تربيت مٺڻ ڪوٽ ۾ ٿي. شريعت
پنهنجي والد بزگوار وٽ ۽ طريقت پنهنجي والد جي
مرشد شيخ نور محمد بن بندال چشتيءَ کان پرايائين.
والد جي وفات کان بعد مسند ارشاد تي ويٺو ۽ سلوڪ
سان گڏ تعليم جو ڪم به جاري رکيائين. وٽانئس سوين
شاگرد علم جو فيض حاصل ڪري ويا. هر جمعي تي مٺڻ
ڪوٽ جي جامع مسجد ۾ وعظ ڪندو هو. شعبان سن1231هه ۾
وفات ڪيائين. هي احوال ”مناقب فريديہ“ ۾ آيل آهي.
(1)
قاضي محمد عاقل سنڌي ۽ سندس درسگاهه:
قاضي محمد عاقل سنڌي، قاضي احمد علي سنڌي جو ڀاءُ
هو. ڳوٺ مٺڻ ۾ ڄائو هو. فن قراءَت ۾ ابتدائي درس
پنهنجي والد بزرگوار محمد شريف کان حاصل ڪيائين.
ان کان پوءِ شيخ نور محمد چشتي جي صحبت ۾ رهي
کانئس طريقت جو علم ورتائين. هيءُ ڀلارو عالم بزرگ
وڏو محنتي، عبادت گذار، 8 رجب 1230هه ۾ وفات ڪري
ويو.(2)
خواجه قاضي احمد دمائي نقشبندي:
نوابشاهه ضلعي جي سڪرنڊ شهر کان اتر ۾ ”قاضي احمد“
نالي هڪ شهر آهي، جيڪو ٻارهين صدي هجري ۾ خواجه
قاضي احمد نقشبندي بزرگ آباد ڪرايو هو. هن بزرگ جي
ولادت 1117هه ڌاري سيوهڻ جي ويجهو احمدين جي ڳوٺ ۾
ٿي. سندس والد جو نالو خواجه محمد صديق هو، ذات جو
ڪوريجو هو. پاڻ وڏو عالم ۽ قادري سلسلي جو بزرگ
هو. ديني علم جي تحصيل کان پوءِ قضا جي عهدي تي
فائزو ٿيو ۽ ”قاضي“ جي لقب سان سڏجڻ لڳو. ستت ئي
پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي، درياءَ ٽپي ”دم ڳوٺ“ ۾ اچي
مقيم ٿيو ۽ اتي ئي هڪ عاليشان درسگاهه قائم ڪري
درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. دم ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري
”قاضي احمد دمائي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
وڏن
جي قادري طريقي هجڻ ڪري اوائل ۾ پاڻ به قادري
طريقي جو هو،(1)
پر جڏهن حرمين شريفين وڃڻ لاءِ اُسهيو، تڏهن ڪڇ ڀڄ
ڏانهن ويندي، واٽ تي لواري شريف وٽان سندس گذر
ٿيو، اتي خواجه محمد زمان رح جي صحبت جو اهڙو اثر
ٿيس جو سندس بيعت وٺي نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿي
ويو. سندس چوڻ آهي ته حضرت قبله گاهم مون کي هر
روز ٽي دفعا صبح، ٻنپهرن ۽ شام جو خاص توجهه سان
نوازيو ۽ ٽن ڏينهن ۾ مون کي ڪامل ڪري فرمايائون ته
هاڻي توهين حج تي وڃي سگهو ٿا.
حج
تي پهچڻ کان پوءِ يمن جو هڪ مشهور بزرگ شيخ
المشائخ حضرت محمد علي وستار قدس سره وڏي انبوه
سان مسجد ۾ آيو. سڀ ماڻهو سندس استقبال لاءِ اٿي
کڙا ٿيا، پر اسان کي نه اٿڻ جو اشارو ڪيائين ۽ اچي
ڀر ۾ ويٺو. نماز بعد اسان جي قيام گاهه تي اچي
نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو. وري انهيءَ بزرگ کيس
قادري سلسلي جو توجهه ڏيئي ارشاد جي اجازت ڏني.
وطن پهچڻ شرط اول پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ پهتو،
اتان دعا گهري اجازت وٺي ”دم شريف“ ۾ آيو، جتي
ڪجهه وقت قيام ڪري، جدا ڳوٺ ٻڌايائين، جيڪو هاڻي
سندس نالي پـٺيان ”قاضي احمد“ سڏجي ٿو. سندس
درسگاهه واري خانقاهه ”ميل شريف“ جي نالي سان
مشهور ٿي، ڇاڪاڻ ته دم شريف مان لڏڻ بعد ميل هڻائي
پوءِ اچي ديرو دمايو هئائين.
سندس صحبت مان ڪئين عامل ۽ اولياءَ پيدا ٿيا، جن
مان مخدوم عبدالوالي ڊڀري وارو، ميان نور محمد
شاهه ڪنڍائي کاهي ڪنڍن (تعلقو نوشهرو فيروز) وارو،
ميان عبدالڪريم پنگاري شريف وارو ۽ سيد حسن شاهه
رتڙڇتڙ (پنجاب) وارو، تمام مشهور ٿي گذريا.
”رتڙڇتڙ“ امرتسر جي پريان هڪ شهر آهي، اتان جي
درگاهه لواري شريف وانگر مڪان شريف جي نالي سان
مشهور آهي، جتان سڄي هندستان ۾ ڪئين خانقاهون ڦٽي
نڪتيون جي اڄ به فيض ڏيندڙ آهن. خواجه قاضي احمد
رح جي اولاد مان ان درگاهه جا مسند نشين ٿيندا آيا
آهن.
خواجه سلطان الاولياءَ محمد زمان جي حياتي ۾ توڙي
سندس پٽ خواجه گل محمد جي حاضري ۾ قاضي احمد دمائي
ويندو رهندو هو. ان بعد خواجه محمد زمان ثاني جو
جواني تائين زنده رهيو. آخر هڪ سو سالن کان به
وڌيڪ ڄمار ۾ 16 ذوالقعد سن1233هه/ 1817ع ۾ وفات
ڪيائين.
حافظ محمد حيات:
حافظ محمد حيات، ميان محمد ڪامل ڪٽباري جو وڏو
ڀاءُ هو. قرآن پاڪ جو حافظ ۽ وڏو پرهيزگار شخص هو.
سدائين منهن ڍڪي هلندو هو. ساري عمر شادي نه
ڪيائين ۽ هميشه عبادت ۾ گذاريندو هو، گهوٽڪيءَ ۾
وفات ڪيائين ۽ موسيٰ شاهه جي خانقاهه ۾ دفنايل
آهي. 1239هه کان اڳ گذاري ويو.
مولوي سيد رستم علي بکري رامپوري:
سنڌ
کان ٻاهر جن بزرگن ناموري جي زندگي ۽ شهرت حاصل
ڪئي، تن مان هڪ مولوي سيد رستم علي بکري به آهي.
سندس سلسله نسب هن ريت آهي: رستم علي بن سيد
اسماعيل بن محمد اسحاق بن مير محمد يوسف بکري،
جنهن جو سلسلو امام علي نقي رضه سان وڃي ملي ٿو.
مولانا محمد اسحاق بکر جي وڏن بزرگن مان هو. عالي
واهڻ (هاڻي تعلقو روهڙي) جو سمورو علائقو قريباً
هڪ لک جريب سندن خاندان جي جاگير ۾ هو. سندس فرزند
سيد اسماعيل سنڌ ڇڏي وڃي الله آباد (يو- پي) ۾
آباد ٿيو ۽ اتي هڪ قصبي ”ڪوڙا جهان آباد“ ۾ سيد
حاتم علي جي دختر بيبي نور سان شادي ڪيائين، جنهن
مان مولوي رستم علي پيدا ٿيو.
الهه آباد جو مغل گورنر شاهه عالي گوهر، سيد
اسماعيل جو ڏاڍو معتقد هوندو هو. هڪ دفعي شاهه
عالي گوهر، سيد اسماعيل کي پاڻ سان گڏ دهلي وٺي
ويو، ان وقت مولوي رستم علي علم جي طلب لاءِ فرخ
آباد روانو ٿي ويو ۽ ان بعد وڌيڪ تحصيل لاءِ
رامپور ڏانهن پئي آيو ته واٽ تي پنهنجي والد سيد
اسماعيل جي وفات ٻڌائين، جنهن کي ڳڙهه مڪتيسر ۾
خواجه گنج بخش جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.
مولوي رستم علي جي طالب علمي واري زماني ۾ رامپور
جو نواب سيد فيض الله خان (1188-1208هه) هو.
رامپور ۾ مولوي نور عالم ۽ مولوي امام بخش کان
گهڻائي ڪتاب پڙهيائين. منطق ۽ فلسفي جا ڪتاب
مولانا بحر العلوم وٽان تحصيل ڪيائين. سيد جمال
الدين (شاگرد شاهه ولي الله دهلوي) نه فقط سندس
دستاربندي ۾ پڳ جو پهريون پيچ ڏنو، پر پنهنجي
صاحبزادي سان به شادي ڪرايائينس.
سيد
رستم علي بکري هميشه لاءِ رامپور رهجي ويو ۽ سنڌ
ڏانهن نه موٽي سگهيو. سموري زندگي ڪنهن امير جي
دروازي تي نه ويو. نواب فيض الله خان والي رامپور
پاران ڪجهه وظيفو ملندو هوس ۽ ان تي ئي گذران ڪندو
رهندو هو. سندس تصنيفات مان حاشيه مير زاهد
(منطق)، حاشيه صدرا (فلسفه) ۽ تقارير سمح (جو
مولوي اسماعيل لندني جو جواب ۾ لکيل) مشهور آهن.
سندس هڪ خليفي ۽ شاگرد مولوي حفظ الله بزرگن جي
حالات ۾ هڪ ڪتاب ”بيت المعرفة“ لکيو پئي، ته ان کي
پنهنجي احوال لکڻ جي اجازت نه ڏنائين. توڪل ايڏو
هو جو نواب نصر الله خان (نواب فيض الله خان والي
رامپور جو نائب) به سندون جاگيرن جون لکائي کيس
موڪلي ڏنيون. مگر پنهنجي نالي واري سند واپس ڪري
ڇڏيائين، باقي سندس وڏي فرزند مولوي عبدالعلي خان
پنهنجي نالي واري سند رکي ڇڏي جا اڄ تائين انهيءَ
خاندان ۾ موجود آهي.
سندس سهرو ۽ استاد مولانا جمال الدين چشتي طريقي
جو بزرگ هو، جيڪو هميشه پنهنجي مرشد شاهه فخر
الدين دهلوي جو ٻارهو ڪندو هو، جنهن ۾ قوالي به
ٿيندي هئي. هڪ دفعو مولوي رستم علي کان ٻارهي جي
مجلس لاءِ مڪان گهريائين، پر قوالي ٿيڻ ڪري جاءِ
ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. مولوي رستم علي 1240هه ۾
وفات ڪئي ۽ رامپور ۾ مدفون آهي.
حافظ عبدالوهاب فاروقي عرف سچل سرمست جي درسگاهه:
93هه ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه وقت شيخ شهاب
الدين فاروقي به ساڻس شريڪ هو ۽ سيوستان جي فتح
کان پوءِ کيس سيوستان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. شيخ
شهاب الدين فاروقي 9 محرم 95هه ۾ فوت ٿيو ۽ سيوهڻ
۾ مدفون آهي. ان کان پوءِ شيخ محمد فاروقي سندس
جانشين حاڪم مقرر ٿيو. اهو به 7 رجب 124هه ۾ فوت
ٿيو ۽ سيوهڻ ۾ دفن آهي. ان بعد سندس فرزند شيخ
اسحاق فاروقي سندس جانشين ٿيو. جنهن 30 جمادي
الثاني 139هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شيخ محمد
فاروقي جانشين ٿيو. ان کان پوءِ جڏهن سلطان محمود
غزنوي سنڌ هٿ ڪئي، ته هن شيخ محمد فاروقي کي جاگير
طور ساليانو پگهار مقرر ڪري ڏنو. شيخ محمد فاروقي
221هه ۾ فوت ٿيو، جنهن جي اولاد مان مخدوم وحيد
الدين بن عبدالعزيز بن محمد ابوالفتح فاروقي نالي
وارا ٿيا ۽ اهي مڙيئي سيوهڻ ۾ رهندا هئا.
مخدوم نور الدين کي چار پٽ ابو سعيد، بدر الدين،
رڪن الدين ۽ ضياءَ الدين هئا، جن مان ابو سعيد ۽
بدر الدين سيوهڻ مان لڏي گاگڙي پرڳڻي (لڌي گاگن) ۾
اچي رهيا. 665هه ۾ اهي ٻئي ڀائر مخدوم جمار جا
مريد ٿيا، جيڪو مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جو
مريد، خليفو ۽ صاحب ولايت هو. ٻئي ڀائر زهد،
عبادت، تقويٰ، اطاعت، رياضت ۽ ديني علوم جا پروانا
ٿي گذريا آهن.
مخدوم ابوسعيد جا پويان موسيجيءَ کان لڏي اچي
راڻيپور شهر ۾ رهيا، جن مان قاضي مخدوم محمد شريف
هڪ محدث ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سچل سائين جو ڏاڏو
ميان محمد حافظ عرف صاحبڏنو (1101-1192هه) ڪلهوڙن
حاڪمن طرفان وڏي عهدي تي فائز هو. ميان صاحبڏنو،
شيخ عبدالله جيلاني جو پڙڏاڏو هو ۽ پنهنجي ٻن
ڀائرن شيخ ڪليم الله ۽ شيخ عبدالملڪ سان گڏ سنڌ ۾
آيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڏاڏو شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شيخ ڪليم الله جو مريد ٿيو
۽ شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ وارو شيخ عبدالملڪ جو
مريد ٿيو هو.(1)
ميان صاحبڏني کي ٻه پٽ هئا: وڏو ميان صلاح الدين،
جيڪو سچل سائين جو والد هو، پر سندس ننڍو پٽ
عبدالحق، ميان صاحبڏني کان پوءِ گاديءَ تي ويـٺو.
صحيح متواتر روايت ۾ آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جڏهن ٻئي ڀيري دراز شريف ۾ آيو ته گادي نشين
مان عبدالحق پنهنجي صغير ڀائٽي سچل سائين کي ڀٽائي
صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪري دعا طلب ٿيو، ته فرمايائون
ته ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هي
نينگر لاهيندو.“
سچل
سائين 1152هه/ 1739ع جي ڳوٺ دراز شريف ۾ ڄائو.
ميان صلاح الدين جي وفات بعد هي پنهنجي چاچي خواجه
عبدالحق جي سرپرستيءَ هيٺ رهيو. حافظ عبدالله
قريشي وٽ ننڍي عمر ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪيائين. ان
بعد سندس چاچي عبدالحق پاڻ فارسي پڙهائي ۽ علوم
عربيہ متداولہ جي تحصيل سان گڏ تصوف ۽ معرفت جي
تڪميل ڪرائي، خلافت جو خرقو ڍڪائي، سرفراز
ڪيائينس. انهيءَ ڪري کيس ”خليفو سچل“ ڪوٺيندا هئا.
سچل سائين کي فريد الدين ”عطار“، شمس تبريزي،
بايزيد بسطامي، منصور وغيره سان غائبانه عقيدت ۽
محبت هئي، تنهن ڪري کين پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترائي
دفعا محبت وچان ياد ڪيو اٿس. جوانيءَ ۾ پابنديءَ
سان پنج وقت نماز پڙهندو هو ۽ ورد وظائف ۾ مشغول
رهندو هو، پر جڏهن پنجاهه سالن جي ڄمار کي پهتو ته
پوءِ موج ۽ مستي جي حالت ۾ بيخود ٿيو پيو هوندو
هو. پنهنجي نفس تي اهڙو قابض هو، جو آخر عمر تائين
شريعت جي خلاف ڪڏهن به پير نه کنيائين.
سچل
سرمست رڳو هڪ اڌ دفعو سکر، روهڙي، شڪارپور ۽
لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو هو. روهڙي ۾ ميان قادر بخش
”بيدل“ سان رهاڻ ڪيائين، جيڪو سندس معتقد هو. سکر
۽ شڪارپور ۾ پڻ سندس ڪيترائي طالب ٿيا هئا.
لاڙڪاڻي ۾ عثمان فقير چاڪيءَ کي فيض رسايو هئائين
۽ ميان محمد صالح سندس طالب ٿيو، جنهن کي فقيريءَ
جي امانت بخشيائين. يوسف فقير ”نانڪ“ اڳڙن وارو،
يعقوب فقير ۽ سيد ميان خير شاهه رتي ديري وارو،
جانو فقير حلاج (پڃارو) شڪارپوري، سيد ميان دين
محمد شاهه ۽ سيد ميان پير شاهه حيدر شاهه، سيد
ميان حسن، شير خان فقير ڀنڀرو، شير علي فقير ۽
محمد صديق فقير ويٺل ڳوٺ فتي، محمد صلاح ڀيو دوٿي
تعلقي خيرپور وارو ۽ گهرام فقير جوتئي اهي مڙيئي
باخدا درويش ۽ شاعر سندس طالب هئا. 14 رمضان
1242هه ۾ وفات ڪيائين ۽ درازا شريف ۾ مدفون آهي.
سچل
سرمست جو سرائڪي رسالو، ديوان آشڪار، سوزنامه،
گداز نامه، عشق نامه سندس ڪلام جا مجموعا آهن. سچل
سائين جذب الي الله کان عروج جي حالت ۾ بي ساخته
منصور، عطار ۽ تبريزي وانگر شطحيات ڪلام به چئي
ويندو هو. جن کي ٻڌي ڪن علماءِ دين ۽ قاضيان شرح
متين سندس خلاف ڪفر جون فتوائون به صادر ڪيون.
عبدالوهاب فاروقي عرف سچل سرمست جي سموري تصنيفات
سوز، گراز، درد، غم سان ڀريل آهي ۽ اها به حقيقت
آهي ته سچل سائين پنهنجي ڪلامن جا ڪي بياض پاڻيءَ
۾ لوڙهي ضايع ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪجهه روبرو ساڙائي
ڇڏيا هئا ۽ انهيءَ وقت طالبن کي چيو هئائين ته
”متان منهنجي اهڙن ڪلامن جي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ماڻهو
شريعت جي واٽ کان ڀلجي گمراهه ٿين.“
شاهه عبدالرحمٰن سنڌي لکنوي:
هن
بزرگ جو نالو هندستان جي مشهور مشائخن ۾ شمار ٿئي
ٿو. سندس نسب هن طرح آهي: عبدالرحمٰن بن محمد حسن
بن علم الهديٰ بن حسن محمد بن دين محمد بن عرب
شاهه سنڌي، ڳوٺ روپاهه (شڪارپور) ۾ سن1161هه ۾
پيدا ٿيو. علم و نحو، صرف، فقهه ۽ اصول جا ڪتاب
علامه عبدالحڪيم وٽ پڙهيائين. اتان خيرپور ۾ آيو ۽
حافظ محمد فاضل وٽ درمياني ڪتاب پڙهيائين. پوءِ
وڌيڪ علم پرائڻ جي طلب ۾ ”مهارون“ پهتو ۽ اتي سارو
سال شيخ اسدالله کان منطق ۽ حڪمت پڙهندو رهيو.
اتان پوءِ انگ بلاول ۾ ويو. جيڪو اودية الجبال
پهاڙي واديءَ جو هڪ ڳوٺ آهي، اتي ڪي درسي ڪتاب شيخ
ڪليم الله وٽ پڙهيائين ۽ سڄا سارا چار سال ان جي
صحبت ۾ رهيو. اتان وري رامپور هليو ويو. جتي شيخ
محمود کان حڪومت، رياضي ۽ طب جي تعليم حاصل ڪيائين
۽ ڪن عالمن کان حديث جي سند پڻ ورتائين.ان بعد
”بهار“ هليو ويو، جتي بحر العلوم عبدالعلي ابن
استاد العلماءِ نظام الدين لکنويءَ جي درس ۾ شامل
ٿيو ان بعد ڪجهه ڏينهن ”ميدني پور“ ۾ رهي پڙهائيءَ
جو ڪم ڪندو رهيو، جتان وري ”حيدرآباد دکن“ هليو
ويو ۽ چار سال خلق خدا کي تعليم جي ذريعي فائدو
ڏيندو رهيو ۽ اتان ئي سن ٻارهن سؤ پنج يا ڇهه ۾
حرمين شريفين ڏانهن اُسهيو، اتان موٽي پنهنجي
اباڻي ڳوٺ روپاهه (شڪارپور سنڌ) ۾ آيو، ۽ پنهنجي
ڀاءُ علامه عبدالحڪيم کان طريقت جي فضيلت لڌائين،
ڇهه مهينا اتي رهي ”اجوڌن“ ڏانهن اسهيو ۽ اتي ڪجهه
عرصو شيخ فريد الدين مسعود (بابا فريد) جي قبر تي
مجاور ٿي رهيو، اتان وري اجمير هليو ويو. خواجه
معين الدين سنجري جي قبر تي به چڱا چلا ڪڍيائين.
اجمير کان دهليءَ آيو ۽ شيخ محمد عظيم دهلويءَ کان
به طريقت کي هٿ ڪيائين. اتان پوءِ سياحت تي نڪتو.
سن1214هه ۾ لکنو پهتو، جتي شيخ محمد مينا جي قبر
تي ست ورهيه رهيو، اتان پوءِ 1222هه ۾ مسجد پنڊائڻ
۾ اچي قيام ڪيائين ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين
اتي ئي رهيو. 6 ذوالقعد 1245هه تي وفات ڪيائين.
کيس مسجد جي سامهون دفنايو ويو.(1)
هي
بزرگ نرالي طبيعت جو ماڻهو هو، مسجد جي اڱڻ ۾ ساز
و سرود تي راڳ ٻڌندو هو ۽ عالمن جي شديد روڪ هوندي
به وجد ڪندو هو. سيدن ۽ عالمن جي بي انتها عزت
ڪندو هو. شهداءِ ڪربلا جي تعزين (تابوتن) جي تعظيم
جو قائل هو. توحيد جي سلسلي ۾ سندس خيالات، اڳين
عالمن جي تحقيقن جي سراسر خلاف آهن. ان بابت ان
جون هي تصنيفون آهن: مفتاح التوحيد، جهد العقل،
کلمة الحق ۽ سرة الاسنان.(2)
”ڪلمة الحق“ (تصنيف 1235هه) عربي ۾ آهي ۽ اردو
ترجمي سان لاهور مان ڇپيل آهي. شيخ عبدالحڪيم
لاهوري هڪ ۾ سندس توحيد واري فڪر تي رد ڪيو آهي ۽
مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني آهي. شاهه اسماعيل شهيد ابن
شيخ عبدالغني دهلوي هنن ٻنهي عالمن جي وچ ۾ پئي
فيصلو ڪيو آهي. حضرت شاهه عبدالعزيز بن شاهه ولي
الله محدث دهلوي پڻ هن سنڌي عالم جي رد ۾ رسالو
لکيو آهي.(3)
”ڪلمة الحق“ جي هڪ اقتباس جو اردو ترجمو ”وحدت
الوجود“ جي نالي سان ”الله والي ڪي قومي دڪان“
وارن لاهور مان 1339هه ۾ ڇپايو هو. هن ترجمي جا ٻه
حصا مولوي حافظ غياث الدين صاحب جا ۽ هڪ حصو عرفان
احمد انصاري جو ترجمو ڪيل آهي، جيڪو مولانا
عبدالرحمٰن صاحب جي سلسلي جو مريد هو. هن ڪتاب ۾
وحدت الوجود کي فلسفيانه نوع ۾ سمجهايو ويو آهي.
ڪلمي جي معنيٰ تي به وڏو بحث آهي ۽ اڳين عالمن جي
ڪيل معنيٰ تي سخت تنقيد آهي. ان وقت جي عالمن ۾ هن
ڪتاب تي وڏو چوٻول پيدا ٿيو هو.
مقدمہ المتانة مرمة الخزانة عربي
مخدوم محمد ابراهيم ڪڇ جي مڏئي بندر ۾ وفات
ڪئي ۽ اتي سندس مزار تي عاليشان قبو اڏيل آهي.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، الرحيم مشاهير سنڌ،
ص21
اهو احوال ”عمدة الآثار في تذڪار اخبار
الڪتبار“ مان مولانا غلام مقصطفيٰ قاسمي معلوم
ڪيو ۽ وفات جو سال به اندازي سان لکيو ويو
آهي.
نزهة الخواطر، جلد ستون ص450
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، الرحيم، تذڪره
مشاهير سنڌ ص171
سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ،
1959ع، ص4
مولانا عبدالرحمٰن سنڌي جو سن وفات، مخدوم
محمد خصلت حسين صابري جي مضمون (ماهنامہ ”تاج“
جون 1960ع ”الله والي ڪي دڪان“ وارن طرفان
ڇپايل) ”وحدت الوجود“ ۽ انيس الرحمٰن کان مليل
معلومات جي بنا تي لکيو ويو. پر ان سموري
معلومات ۾ مولانا صاحب جو سنڌ وارو اصل ڳوٺ
صاف طرح سان ڄاڻايل ڪونهي، مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي جي تحقيق موجب مولانا صاحب جو اصل ڳوٺ
تعلقي پني عاقل ۾ مخدومن جو ڪوٽ يا ڳوٺ هو،
جيڪو هينئر به موجود آهي ۽ ان ۾ مخدومن جا
پونير رهن ٿا. (الرحيم، ص74)
سرة الانسان قلمي حالت ۾ سندس درگاهه تي موجود
آهي.
نزهة الخواطر، جلد ستون ص ص46-51
|