سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 3

صفحو :5

 

باب پنجون

(الف) سنڌ ۾ عربي حڪومت جو قيام

قديم تعلقات

عرب ۽ برصغير پاڪ و هند جا تعلقات قديم زماني کان وٺي رهيا آهن. قديم دور ۾ ٻنهي ملڪن جا پاڻ ۾ تجارتي ناتا گهڻا گهاٽا هئا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته تاريخ جي دور کان گهڻو اڳ جڏهن حضرت آدم عليہ السلام کي جنت مان ڪڍيو ويو ته کيس لنڪا يعني سرانديپ جبل تي لاٿو ويو ۽ ڏاڏي حوا کي عرب ملڪ اندر لاٿو ويو. آخر ۾ ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاقات جده ۾ ٿي. عرب ۽ پاڪ و هند جي انسانن جي وچ ۾ اها سڀ کان پهرين ملاقات هئي.(1) سبحة المرجان جي مصنف مولانا آزاد بلگرامي ان متعلق ڪافي روايتون جمع ڪيون آهن.(2) مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته حضرت آدم جڏهن جنت مان تڙجي نڪتو ته هن پاڻ سان حجر اسود به آندو هو ۽ اهوئي پٿر پوءِ لنڪا ۽ هندوستان جي علائقن مان ٿيندو مسلمانن جي مقدس خانه ڪعبه ۾ نصب ٿيو.(3) عرب مصنف اهو پڻ لکن ٿا ته جنوبي هندستان مان ويندڙ خوشبودار مصالحا پڻ حضرت آدم جا يادگار آهن، جي هُن پاڻ سان جنت مان آندا هئا. اهڙيءَ طرح سان حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي هڪ حديث پڻ بيان ڪئي وڃي ٿي ته ”مون کي سنڌ جي سرزمين مان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“(1) اگرچه هن حديث جي باري ۾ ڪيترا ئي اختلاف آهن. تاهم ان ۾ برصغير پاڪ و هند جي عظمت ڏانهن مبهم اشارو آهي.

قديم زماني ۾ عرب واپاري هندستاني بندرگاهن تان مال جا وڏا غوراب ڀرائي، خشڪي رستي شام طرف روانو ڪندا هئا. جتان وري يورپ جي واپاري منڊين ۾ پهچايو ويندو هو. جڏهن عرب جي سرزمين اسلام جي نور سان روشن ٿي، تڏهن ڪجهه وقت لاءِ عرب ۽ هند جي تعلقات تي اثر پيو. اسلامي دور ۾ مسلمان عرب ملاحن ۽ واپارين پنهنجي اڳ وارن عرب واپارين جي روايتن کي برقرار رکندي، هندستان سان پنهنجو واپاري سلسلو قائم رکيو ۽ جلد ئي واپاري تعلقات سان گڏوگڏ سياسي رابطو استوار ٿي ويو.

خلافت راشده جي زماني ۾ (سن11هه/632ع کان 40هه/761ع) اسلامي حڪومت جون حدون سنڌ سان مليل هيون. حضرت عمر رضي الله عنہ جي خلافت جي زماني ۾ حڪم بن عمرو تغلبي جي اڳواڻي هيٺ اسلام فوج جو ايراني فوج سان مقابلو ٿيو. سنڌ جي راجا ان جنگ ۾ ايرانين جي مدد ڪئي، پر کين شڪست ملي. ان زماني ۾ بحرين جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي، حضرت عمر رضي الله عنہ جي اجازت کان سواءِ عمان جي رستي هند جي ساحل تي حملو ڪيو، ليڪن حضرت عمر رضي الله عنہ کيس ان جي سختي سان منع ڪئي. ان کان پوءِ به تاريخن ۾ ڪيترن حملن جو ذڪر ملي ٿو. حضرت عمر رضي الله عنہ هندستان تي حملي ڪرڻ جي فائدي ۾ نه هو.

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو بنياد

سن64هه/683ع ڌاري خلافت آل رسول ﷺ ختم ٿي ۽ بنو اُميه جي حڪومت شروع ٿي. هن خاندان 132هه/749ع تائين حڪومت ڪئي. سندن دارالخلافت دمشق هو. سن 65هه/684ع ۾ عبدالملڪ بن مروان خلافت جي گادي تي ويٺو. ان زماني ۾ خليفي جي پاران حجاج بن يوسف ثقفي عراق جو حاڪم هو. حجاج بن يوسف عرب جي تاريخ ۾ پنهنجي بهادري، انتظامي قابليت ۽ سخت گيري جي ڪري گهڻو مشهور هو. سندس ظلمن کان تنگ ٿي گهڻن عرب قبيلن پاڪ و هند جي ڪيترن حصن ۾ اچي، پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. حجاج بن يوسف، بني هاشم جو بدترين دشمن هو. هن بني هاشم جي طرفداري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ماڻهو مارائي ڇڏيا.(1) علافي سنڌ ۾ نواعط، ڪوڪز، ملبار، معبر ۽ ڪارو منڊل ۾ رهڻ لڳا ۽ هنن سنڌ جي ماڻهن مان شاديون ڪيون.(2) عربن جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته ان وقت ڪسريٰ يزدگرد کي سنڌي راجائن لشڪر ۽ هٿيارن جي مدد ڪئي ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي راجائن علافي کي سنڌ ۾ پناهه ڏي، جيڪي عربن جي خلاف سازشون ڪندا رهيا.(3)

سنڌ جي برهمڻ راجائن هتي جي ٻڌ ڌرم وارن سان سٺا پير نه کنيا هئا ۽ هنن واسطي سخت قانون ٺهيل هئا. انهيءَ ڪري تنگ ٿي نيرون ڪوٽ جي ٻوڌين پنهنجو هڪڙو وفد عراق جي گورنر حجاج بن يوسف ڏانهن موڪليو. سن86هه/ 705ع ۾ وليد بن عبدالملڪ دمشق جي مسند خلافت تي ويٺو. سندس دور خلافت ۾ ڪي عرب واپاري سرانديپ (سيلون) ۾ وفات ڪري ويا. اتي جي راجائن عرب واپارين جي زالن ۽ ٻارن کي خليفي ڏانهن بصره روانو ڪيو. جڏهن اهو قافلو سنڌ جي ديبل بندر وٽ پهتو، تڏهن سنڌي سامونڊي ڦورن کين لُٽي قيد ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ راجا ڏاهر برهمڻ گهراڻي جو حڪمران هو. ڏاهر اڳ ۾ ئي عربن کي پناهه ڏني هئي، جن مڪران جي گورنر سعيد بن اسلم کي قتل ڪيو هو ۽ اهائي مکيه ۽ اهم ڳالهه هئي، جنهن راجا ڏاهر ۽ عربن جي وچ ۾ مخالفت پيدا ڪئي.(1) پهريائين عبدالله ۽ بُذيل جي ڪمان هيٺ فوج موڪلي ويئي، ليڪن ٻئي سنڌ ۾ جنگ ڪندي مارجي ويا، سنڌ جي راجا جي پٽ جئه سنگهه ٻنهي کي شڪست ڏني.(2)

حجاج بن يوسف، خليفي ولد کان اجازت وٺي پنهنجي نوجوان ناٺي محمد بن قاسم ثقفي کي بحري ۽ بري لشڪر ساڻ ڏيئي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. محمد بن قاسم ڇهه هزار سوار ساڻ ڪري خشڪي رستي سن 711ع ۾ ديبل پهتو ۽ ديبل جي فتح کان پوءِ سيوهڻ ۽ برهمڻ آباد فتح ڪيائين. ان کان پوءِ سن712ع ۾ الور ۾ راجا ڏاهر کي شڪست ڏيئي سنڌ ملڪ فتح ڪيائين. سن712ع ۾ ملتان کي فتح ڪيائين. اهڙيءَ طرح سان ٻن سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۽ ملتان جي سموري علائقي ۾ باقاعدي عربي حڪومت قائم ٿي.(3)

12 ربيع الاول 132هه/ 25 ڊسمبر 749ع ۾ ابو مسلم خراساني جي ڪوششن سان ابوالعباس سفاح راءِ عامه سان خليفو ٿيو. بني اُميه جي گورنر سنڌ مٿان اٽڪل چاليهه ورهيه راڄ ڪيو، پوءِ عباسي خلافت شروع ٿي. بنو عباس جي دور ۾ بغداد سندن گادي جو هنڌ هو. سنڌ تي عباسي گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. سن240هه/854ع ۾ سنڌي عربي خاندان هباري منصوره تي قبضو ڪيو.(1)

سنڌ جي فتح کان پوءِ سٺ ستر سال لاڳيتو عربن جو سموري سنڌ تي اقتدار رهيو، ليڪن بعد ۾ سندن وچ ۾ باهمي تڪرار شروع ٿي ويا.(2) يمني ۽ حجازي عربن جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿيو، جنهن عربن جي حڪومت جي بنياد کي ڪمزور ڪري وڌو. سن290هه/749ع سنڌي عربن مان بنو سام وارن ملتان تي قبضو ڪيو. سنڌ، منصوره ۽ ملتان ٻن عربي رياستن ۾ ورهائجي ويئي. عربن جي باهمي جهڳڙن جو فائدو وٺي مقامي راجائن وري ڪنڌ کنيو. اُتر سنڌ ۾ جاٽن ۽ ڏکڻ ۾ ميڊن بغاوتون ڪيون. بغداد جي خليفن جي حڪومت به صرف نالي ماتر وڃي رهي هئي، تنهن ڪري سن854ع ۾ سنڌ اندر هباري حڪومت قائم ٿي

ڪجهه عرصي کان پوءِ امام العزيز بالله فاطمي (المتوفي 316هه/996ع) ڌاري جلم بن شيبان کي لشڪر ڏيئي سنڌ ڏانهن موڪليو، جنهن بنو سام قريشن کان 367هه/977ع ۾ ملتان کسي ورتو. ملتان ۽ منصوره ۾ اسماعيلي شيعن جو مذهبي اقتدار هئڻ ڪري سلطان محمود غزنوي سن401هه/1010ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو ۽ سن416هه/1025 ۾ سومناٿ کان موٽندي منصوره تي قبضو ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ، غزنوي سلطنت جي ماتحت ٿي ويئي. ان زماني ۾ اسماعيلي عقيدي جا ماڻهو، جن کي قرمطي چوندا هئا، مصر ۽ شام تي قابض هئا ۽ انهيءَ عقيدي وارا مصر جا فاطمي خليفا هئا. قرمطي داعي ۽ مبلغ، عباسي خلافت ۾ اندروني طرح پنهنجي عقيدي جي اپٽار ڪندا هئا. سڀ کان دور دراز علائقو سنڌ سندن تحريڪ جو اهم مرڪز هو. سن 270هه/883ع ۾ اسماعيل پهريون داعي سنڌ ۾ آيو.(1)

عباسي دور ۾ جڏهن بغداد تخت گاهه بڻيو، تڏهن هندستان سان عربن جي علمي، مذهبي، ادبي ۽ سياسي رابطو هيڪاري وڌيڪ مضبوط ٿيو. عرب ان دور ۾ ساري دنيا جي قومن ۾ سربلند هئا. چين جي سرحد کان وٺي اسپين تائين سندن جهنڊو لهرائي رهيو هو. سنڌي اگرچه سندن محڪوم رعيت هئي، پر هنن علم جي راهه ۾ انهن کان به سبق حاصل ڪرڻ ۾ ڪين گهٻرايو.(2)

(ب) عربي دور حڪومت ۾ اسلامي علوم جي اشاعت ۽ سنڌ ۾ عربي ٻوليءَ جو اثر:

عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هنن سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون ۽ ان ڏس ۾ سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيائون جو سنڌ کي پنهنجو مادر وطن تصور ڪيائون ۽ پوءِ هتي جي تهذيب ۽ تمدن کان واقف ٿي، هتي جي ئي دستور ۽ زبان کي قائم رکيائون. دراصل عربن جي اها سياسي پاليسي هئي ۽ ان ڪري هو مفتوح ملڪ ۾ پنهنجو قانون، اثر رسوخ ۽ زبان جو ڦهلاءُ سولائيءَ سان ڪري سگهيا ٿي. جيتوڻيڪ شروع ۾ قديم سنڌي زبان کي ئي قائم رکيائون، ليڪن آهستي آهستي پنهنجي طاقت کي سنڌ اندر مستحڪم ڪرڻ کان پوءِ عربي زبان کي ئي سنڌ ۾ سرڪاري زبان قرار ڏنو ويو. ان بعد اٽڪل پنج سو ورهين تائين عربي ٻولي سنڌ ۾ رائج رهي ۽ باقاعدي ڳالهائي به ويندي هئي. ان متعلق اسان جي آڏو ان دور جي عرب سياحن مان ابن حوقل، مسعودي ۽ بشاري مقدسي جا بيان آهن ته ”سنڌ ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون.“

سنڌ جي فتح ڪيل شهرن ۾ عربن فوجي ڇاوڻيون قائم ڪيون هيون ۽ انهن شهرن ۾ عام مسلمانن ۽ سپاهين جي عبادت لاءِ مسجدون تعمير ڪرايون ويون هيون ۽ انهن مسجدن جو سلسلو ديبل کان وٺي ملتان تائين پکڙيل هو.(1) خلافت جي مسند تي وقت بوقت جيڪي خليفا ويٺا، تن اسلام جي اشاعت لاءِ پنهنجي سر ڪافي ڪوششون ڪيون.

عمر بن عبدالعزيز پنهنجي خلافت جي زماني ۾ سنڌ جي راجائن کي دعوت ناما موڪليا، جنهن ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي راجائن اسلام قبول ڪيو.(2) ان متعلق بلاذري لکي ٿو ته، ”خليفي، بادشاهن کي هن شرط سان اسلام جي دعوت ڏني ته سندن بادشاهي ۾ ڪوبه خلل نه پوندو ۽ جيڪي حق مسلمانن کي ڏنل آهن، سي سڀ کين ملندا، جيڪي ذميواريون مسلمانن تي عائد آهن، سي ساڳيون مٿن عائد رهنديون. سنڌ جا راجائون خليفي جي حسن اخلاق کان اڳ ۾ ئي ڪافي متاثر هئا، تنهن ڪري سنڌ جي راجا جُسيه (جئسين) ۽ ٻين ڪيترن خوشي سان اسلام آندو ۽ ڪيترن ته پاڻ تي عربي نالا به رکايا.“(1)

انهن تعمير ڪرايل مسجدن ۽ مدرسن ۾ پيش امامن، فقيهن ۽ شاگردن لاءِ بيت المال مان وظيفا مقرر ڪيل هوندا هئا.(2) ٻيءَ صدي هجري جي پوئين ڏهاڪي ۾ بنو اُميہ جي خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ بنو عباس جو اقتدار قائم ٿيو. ان دور ۾ به گهڻائي اهل علم سنڌ مان بغداد پهتا، جن جو احوال تاريخ مان ڪافي ملي ٿو. البيروني جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته سن157هه ۾ هڪڙو علمي وفد سنڌ مان بغداد جي خليفي منصور عباسي جي درٻار ۾ پهتو ۽ انهن ۾ ڪي هندو اهل علم به هئا. ان زماني ۾ سنڌ جو مشهور محدث ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن.(3) ٻيو حضرت ربيع بن صبيح هو. هو تبع تابعين مان هو ۽ عمر جي آخرين وقت ۾ اچي سنڌ ۾ رهيو هو ۽ وفات پڻ هتي ڪيائين. سندس وفات سن160هه ڌاري ٿي. هو سنڌ جي ابتدائي عربي لکندڙ مان هو.(1)

عربن ۽ سنڌين جي پاڻ ۾ باهمي ميل جول سبب عربي علوم ۽ فنون جي هر شعبي ۾ ڪافي واڌارو ٿيو. علامه سمعاني سنڌ جي ڪيترن اهڙن وڏن عالمن جا نالا پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جن مان صاف ظاهر آهي ته نه صرف عرب جي عالمن عربي ۾ تصنيف و تاليف جو ڪم ڪيو، بلڪ سنڌ جي باشندن پڻ ان ۾ نمايان حصو ورتو، ايتري قدر جو خود عرب جي عالمن کان به هو اڳتي نڪري ويا. سنڌ جي عالمن جي عربي تصنيفات جو خود عرب جي عالمن پڻ قدر ڪيو ۽ انهن جي ادبي شهه پارن جي ساراهه جا ڍڪ ڀريائون. ابو معشر محدث ۽ ابو عطا افلح مشهور عالم سنڌي آهن، جن عربي ۾ شعر چيو آهي. اهڙيءَ طرح سان علامه سمعاني ”ڪتاب الانساب“ ۾ منصوره، ديبل، لاهوري ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن سنڌي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي. ابن النديم شاعر ابو ضلع جو پڻ احوال ڏنو آهي.(2) هي وڏو محب وطن سنڌي هو ۽ هن شعر ۾ پنهنجي مادر وطن سنڌ جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. ابن النديم سنڌي بن علي هڪ ڪاتب جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن اسحاق موصلي جي ڪتاب ”الاغاني“ جا ڏهه باب پنهنجي هٿن سان لکيا هئا.(3) عربن سنڌ ۾ جيڪي نوان شهر تعمير ڪرايا، مثلاً: منصوره، محفوظه ۽ بيضاءَ وغيره. دراصل اهي اسلامي اشاعت ۽ تبليغ جا مکيه ادارا هئا. عمر بن عبدالعزيز جو زمانو سن 99هه/717 کان 101هه/720ع تائين اٽڪل اڍائي ورهيه مس رهيو، مگر ان ٿوري عرصي ۾ سنڌ ۾ اسلامي اشاعت ۽ تبليغ ۾ ڏاڍو اضافو ٿيو. هن اسلام جي اشاعت واسطي سلطنت جي صوبن ڏانهن واعظ ۽ مفتي روانا ڪيا، جن اتي جي رهاڪن کي فقه ۽ حديث جي تعليم ڏيڻ ۽ حرام حلال جي مسئلن کان واقف ڪيو.(1)

عربي دور حڪومت ۾ هتان جا جيڪي ماڻهو قيدي بنجي عراق ۽ عرب ويا، تن اتي ٿورائي  واري قوم جي حيثيت ۾ علم ۽ سياست ۾ چڱو بهرو ورتو ۽ ان ۾ اعليٰ مرتبو حاصل ڪيائون. ازانسواءِ ٻين سنڌين به عربن جي صاحبي ۾ مختلف علمن ۽ فنن ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيو، جو وڏن جيد عالمن پڻ کانئن علم پرايو.(2) سنڌ جا اهي عالم عرب دنيا ۾ اڪثر ”السندي“ جي لقب سان سڏبا هئا. شيخ ابوبڪر سرائيفيني جي ڏاڏي جو لقب ”السندي“ هو. ابن عبدويہ رازيءَ جو اولاد پڻ السندي سڏبو هو. جامع ترمذي، حافظ ابن حجر جي ڪتاب ”تهذيب التهذيب“ ۽ علامه ذهبي جي ”تذڪره لحفاظہ“ ۾ ڪيترن سنڌي استادن ۽ شيخن جا نالا آهن.(3) شيخ الاسلام عبدالرحمٰن بن عمر امام اوزاعي فقهه جو وڏو امام شمار ٿئي ٿو. امام صاحب سن88هه ۾ ڄائو هو ۽ سن156هه ۾ وفات ڪري ويو. علامہ ذهبي ۽ حافظ ابن حجر عسقلاني هن بزرگ کي سنڌي شمار ڪن ٿا.(1) امام اوزاعي امام اعظم جو همعصر هو.(2) حافظ ابو محمد خلف بن سالم السندي (المتوفي 231هه) آل مهلب جو غلام هو. ابو نصر بن فتح بن عبدالله السندي فقيهه ۽ متڪلم جي لقب سان شهرت حاصل ڪئي.

ستين صدي جي شروعات ۾ عربي ٻولي جي هڪڙي قديم تاريخ جي آسان فارسي ترجمي (چچ نامه) جو پتو پوي ٿو. هي ڪتاب منهاج المسالڪ آهي ۽ هن جو مصنف علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي اموي آهي. هي عربي قبيلہ ثقيف مان هو. سن 613هه ۾ زنده هو. غالباً هي اهوئي ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”ڪشف الظنون“ ۾ ”تاريخ السند“ جي نالي سان لکيو ويو آهي.

عباسين جي دور ۾ عربي جا ڪئين وڏا جيد عالم ۽ صاحب تصنيف بزرگ سنڌ اندر ٿي گذريا. مثلاً: حافظ محمود سنڌي، ابوالنصر سنڌي، ابان بغدادي، ابو عبدالملڪ محمد بن ابي معشر سنڌي، ابو جعفر بن محمد ابراهيم بن عبدالله ديبلي مڪي وغيره. ابراهيم بن عبدالله ديبلي مڪي مڪتوبات نبويہ جو هڪڙو مجموعو تيار ڪيو هو، جيڪو ابن طولون جي ڪتاب اعلامہ السائنين عن ڪتب سيد المرسلين جي آخر ۾ شامل ٿي ويو آهي.

عباسي حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ سمن ۽ سومرن جون حڪومتون هڪ ٻئي پوئتان اٽڪل چئن سَون سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو قائم رهيون. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي عالم پيدا ٿيا، تن جو مختصر احوال اسان ايندڙ بابن ۾ ڪنداسون. نائين صدي هجري ڌاري سنڌ ۾ سمن ۽ سومرن جي حڪومتن جو خاتمو ٿي ويو، ليڪن عربي ٻولي جو اثر برابر سنڌ ۾ قائم رهيو. جيتوڻيڪ ان دور جو ادبي ذخيرو زماني جي انقلابن سبب عدم پيدا آهي، ليڪن ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ستن صدين ۾ اسلامي علوم ۽ فنون گهڻي ترقي ڪئي. عربي ٻولي جا ڪيترائي عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مصنف پيدا ٿيا، جن جا ادبي ڪارناما سندن علميت جي ساک ڀرين ٿا.

(ج) سنڌ متعلق قديم عرب سياحن جا بيان

عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ وقت به وقت جيڪي عرب مسلمان سياح آيا، تن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اٺين ۽ نائين صدي عيسوي جي عرب عالمن مان جاحظ (سن255هه) وڌيڪ اهميت رکي ٿو. هن سنڌ ۽ هندستان جي تاريخ تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي. سندس بيان ڪيل احوال ڪنهن حد تائين وڌيڪ دلچسپ آهن، ڇاڪاڻ جو اهو دور اموي خلافت جي علمي ۽ فني سرگرمين جي آغاز ۽ فڪري هيجان وارو هو. هن دور ۾ قديم قومن سان ميل ميلاپ قائم رکڻ ڪري نوان نوان فڪر ۽ رجحان پيدا ٿيا. مطيع بن اياس پنهنجي هڪ عربي قصيدي ۾ سنڌ جي باري ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.(1) سندس ٻيو هڪ دوست هشام بن عمرو تغلبي عباسي خليفي منصور (المتوفي 185ع) پاران سنڌ جو امير مقرر ڪيل هو. مطيع پنهنجي امير دوست جي دعوت تي سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترا ورهيه سنڌ ۾ رهي پيو. جاحظ جو بذات خود جن سنڌين سان واسطو رهيو، تن مان ابراهيم ۽ ان جي والد سان ڪافي تعلقات قائم هئا. عباسين جي زماني ۾ ابراهيم جو سنڌي والد نهايت ئي اهم عهدن تي فائز هو. مهدي (المتوفي 169هه) ۽ هادي (المتوفي 170هه) جي عهد ۾ وزير مواصلات هو. هارون جي زماني ۾ (المتوفي 193هه) ضربخاني جو نگران هو، سنڌيءَ جو وڏو پٽ عالم، خطيب، فقيهه، محدث ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. جاحظ عربي زبان ۾ هڪ ديسي تصنيف جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته سن 54-155هه ڌاري سنڌ مان هڪ علمي جماعت بغداد پهتي، جنهن مان هڪ عالم ”علم هيئت“ تي تصنيف ڪيل ڪتاب ”برهمپت سنڌانت“ تحفي طور خليفي کي پيش ڪيو هو.

سن 290هه ۾ هڪ عرب سياح ابن رسته سنڌ ۾ سياحت جي خيال سان آيو. هن سنڌ جي باري ۾ ڪافي احوال ڏنا آهن.(1) ان کان پوءِ ٻيو عرب سياح مسعودي 303هه ڌاري سنڌ ۾ آيو. هن پنهنجي ڪتاب ”مروج الذهب“ ۾ سنڌ بابت تفصيل سان احوال بيان ڪيو آهي. مسعودي سنڌ جو نقشو پڻ ٺاهيو هو. مسعودي کان اٽڪل ٽيهه سال پوءِ سن 331هه ۾ ابو دلف مسعر بن مهلهل نيبوعي سنڌ ۾ آيو. هن ملتان بابت لکيو آهي ته ”اهو هڪ وڏو شهر آهي ۽ شهر کي قلعو به آهي. هتي هندو به رهن ٿا ۽ اهي هن شهر ۾ زيارت لاءِ ايندا آهن. هتي اسلامي سلطنت آهي ۽ غير مسلم انهن جي ماتحت آهن. عام طور ماڻهو شريعت جا تابع آهن ۽ ديني امور تي گهڻو عمل ڪن ٿا.“ اهو ساڳيو عرب لکي ٿو ته: ”زيرين سنڌ جو مشهور شهر خير و برڪت وارو آهي. اهو ملڪ جو پايه تخت آهي. حاڪم هتي قيام ڪن ٿا. هتي هڪ ندي آهي، جا سنڌو درياءَ کان الڳ ٿي شهر جي چوگردن ڦري اچي ٿي، جنهن جي شڪل اپٻيٽ جهڙي آهي، ليڪن هتي گرمي تمام گهڻي ٿئي ٿي، هتي ليمن ۽ صوفن جو ميوو سـٺو ٿئي ٿو.“

سن320هه ۾ ابو اسحاق اصطخري سنڌ ۾ سير سياحت لاءِ آيو هو. منصوره بابت لکي ٿو ته ”منصوره هڪ گرم شهر آهي ۽ منجهس کجيءَ جا وڻ گهڻا آهن، ليڪن انگورن، صوفن، شفتالن جا ميوا نٿا ٿين. البت ڪمند جام ٿئي ٿو. ليمن جا وڻ گهڻا آهن. هي وڏو شاداب شهر آهي.“ اهڙيءَ طرح سان هن سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي لهڻي، پوشاڪ ۽ تهذيب جي سلسلي ۾ ڪن قديم شهرن جو ذڪر ڪيو آهي.

سن360هه ڌاري ابن حوقل بغدادي پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ ۽ ان جي پسگردائي وارن شهرن جو وضاحت سان بيان ڪيو آهي. هن سنڌ جي قديم شهرن مان ديبل ۽ ملتان بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي. ابن حوقل سنڌ جي ٻولي بابت چوي ٿو ته ”منصوره ۽ ملتان وارن جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي.“

سن 375هه ۾ مقدسي هڪ مشهور سياح سنڌ ۾ آيو. هُن سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن کي هڪ اقليم قرار ڏيئي سنڌ تي نالو ئي ”اقليم سنڌ“ رکيو. هن نه فقط منصوره جو احوال ڏنو آهي، پر سنڌ جي ٻين قديم شهرن سان گڏ ان دور جي عام حالتن جو ذڪر پڻ ڏنو آهي، اهڙيءَ طرح سان البيروني، ابن بطوطه، بلاذري، ابن نديم بغدادي وغيره جا بيان سنڌ متعلق ڪافي معلومات ڏين ٿا.(1)

(د) عربي دور حڪومت ۾ اسلامي درسگاهه:

سنڌ ۾ اسلام پهرين صدي هجري جي آخر ۾ پهتو. ان دور ۾ مسلمانن وٽ قرآن مجيد کان سواءِ ٻيو ڪوبه علم وجود ۾ نه آيو هو. نبي صلي الله عليہ وسلم جن جي سنت ۽ حديث به فني حيثيت حاصل ڪانه ڪئي هئي. تڏهن ائين ٿو معلوم  ٿئي ته ان اوائلي دور ۾ اسلام جي پهچڻ سان گڏ ڪي عبادت گاهه ديبل ۽ ٻين شهرن ۾ ٺهيا هوندا ۽ اهي ان دور ۾ درسگاهن جو ڪم به ڏيندا هئا، جتي شروع شروع ۾ قرآن حڪيم جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان دور جي عالمن مان برصغير جو پهريون عالم مولانا اسلامي آهي، جنهن کي محمد بن قاسم راجا ڏاهر ڏانهن ترجمان ۽ قاصد جي حيثيت ۾ موڪليو هو.

مولانا اسلامي جي تعليم لاءِ تاريخ ۾ ڪابه وضاحت ڪانه آئي آهي. ٻيا علوم ته هو اسلام کان اڳ سنڌ جي قديم درسگاهن ۾ پڙهيو هوندو، جي گهڻو ڪري عبادت گاهن، مندرن ۽ ٽڪاڻن ۾ هوندا هئا، باقي قرآن مجيد جي تعليم هن مسلمانن جي فوج ۾ آيل ڪنهن عالم کان پرائي هوندي. اسلامي لشڪر ۾ آيل عالمن مان اسان کي تاريخ ۾ هڪ عالم موسيٰ بن يعقوب ثقفي جو واضح احوال ملي ٿو، ان جو حسب نسب هن طرح آهي: موسيٰ بن يعقوب بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفي، فقيهه، محمد بن قاسم کيس اروڙ جو قاضي ۽ خطيب بنايو، اهو هجري سال 93هه هو.

هن اروڙ ۾ تبليغ ۽ قضا جو ڪم شروع ڪيو ۽ سندس اولاد به صدين تائين اتي رهندو آيو. انهن مان هر هڪ جا هي القاب هوندا هئا: صدرع امام، وڏو، بدر الملة والدين سيف السنة ۽ نجم الشريعة.(1) هن مان منطقي طور اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اتر سنڌ ۾ اروڙ جو اهو پهريون درسگاهه هو، جيڪو اتي جي جامع مسجد ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جو پهريون مدرس ۽ استاد عالم قاضي موسيٰ بن يعقوب ثقفي هو. اروڙ جي عالمن ۽ درسگاهن جو احوال اڳتي ايندو.

هن اوائلي عربي دور ۾ سنڌ جي اڪثر وڏن ۽ اهم مرڪزي شهرن اندر ڪيترائي درسگاهه ۽ مدرسا هئا. هتي جي مدرسن ۾ ڏورانهن ڏينهن کان طالب العلم علمي تحصيل لاءِ ايندا هئا. عربي دور حڪومت سنڌ لاءِ علم ۽ فضل جو دور هو، جنهن ۾ سنڌ جي سرزمين مان وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيهه پيدا ٿيا، جن جي عظمت جي ساک خود عرب ۽ ايران جي نزديڪي ڪري اسلامي علمن، عربي ۽ پارسي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ ان دور جو ادب نهايت ئي معياري ۽ بلند هو. شروع ۾ سنڌ جي انهن قديم مدرسن ۽ درسگاهن ۾ عراق ۽ عرب کان مشهور عالم مدرس مقرر ٿي ويندا هئا.

ديبل

ديبل سنڌ جو قديم مشهور واپاري بندرگاهه هو. ديبل کي چوگرد قلعو هو. فتحنامي مان هن شهر جي قدامت جو ڪافي احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسوي کان وٺي تقريباً تيرهين عيسوي صدي جي اڌ تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ سنڌ جي نقشي تي قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ اندر عربي دور اقتدار جو زور آهستي آهستي ختم ٿي ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو ”لوهاراني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. سن1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو ته هن ”لاهري“ بندر کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سو ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو ۽ ان سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو.

جيتوڻيڪ ديبل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، مگر سنڌ وارن نئين بندرگاهه کي به ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سو ورهين جي عرصي ۾ ”بندر“ ۽ ”ديبل“ جا الفاظ لازم ملزوم بڻجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي. سورهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي لاهري بندر، دربل، ديوئل ۽ ديوئلسند ڪري لکيو آهي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ”ديبل بندر“ ڪري لکيو آهي.(1) انهن احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ ديبل، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن سبب تباهه و برباد ٿي ويو، تڏهن به ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ بعد ۾ لوهاراني يا لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا.

سنڌ جو مشهور تذڪره نگار مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏي ٿو. ساڳيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي هڪ بندرگاهه کي به ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ديبلي ڪري سڏيو آهي.(2) محقق بيروني جو چوڻ آهي ته ديبل هڪ ساحلي بندر هو ۽ لوهاراني کان اڀرندي ڏانهن سنڌو نديءَ جي شاخ جو هڪ بندر هو.(3) ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪيننگهام لاهري بندر کي اصلي ديبل سمجهن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪمرڊو، دلاروشي، رينيل ڊبليو، همئلٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ديبل ڪري لکن ٿا، جو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. ايليٽ صاحب ڪراچي کي ديبل ٺهرايو آهي. حالانڪ ڪراچي جو ان وقت اڃا وجود ئي نه ڪونه هو. ڪراچي بندر طور سن1729ع ڌاري استعمال ٿيڻ ۾ آيو.


(1)   ڊاڪٽر شيخ محمد اڪرم، آب ڪوثر، 19

(2)   مولانا سيد سليمان ندوي، عرب و هند ڪي تعلقات ص3

(3)   ڊاڪٽر شيخ محمد اڪرم، آب ڪوثر، ص19

(1)   مولانا سيد سليمان ندوي، عرب و هند ڪي تعلقات ص3

(1)   ڊاڪٽر شيخ محمد اڪرم، چشمہ ڪوثر، ص35.

(2)   مولائي شيدائي، تمدن سنڌ، ص15.

(3)   ايران جي مجوسين شڪست کائڻ کان پوءِ سنڌ ۾ قيام ڪيو هو ۽ راجائن کي عربن جي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا.

(1)   شيخ محمد اڪرام، آب ڪوثر ص22

(2)   ايضاً، ص24

(3)   رحميداد خان مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، ص ص 150-151

(1)   هبارين جي حڪومت صرف منصوره عربي رياست جي مٿان هئي.

(2)   ايضاً، ص ص24-25

(1)   مولانا سيد ابو ظفر ندوي، تاريخ سنڌ، ص2

(2)   سيد ابو ظفر ندوي (تاريخ سنڌ، ص223) جي بيان موجب ته ان دور ۾ سنڌ ۾ ڇهه رياستون هيون:

نمبر

رياست

پايه تخت

حاڪم

1

ملتان

جندور

خان سامبن لوي قريشي

2

سنڌ

منصوره

هبار بن اسود قريشي خاندان

3

مڪران

ڪيز (ڪيچ)

ڪيسر ابن معدان

4

مشڪي

شڪہ

مطهر بن رجا

5

ٻڌيہ

قفدابيل

دراجه

6

طوران

ڪيزڪانان

معير بن احمد

 

(1)   ڊاڪٽر گستاولي بان، تمدن عرب، اردو ترجمو سيد علي بلگرامي، حيدرآباد دکن، ص217

(2)   بلاذري، فتوح البلدان ص446 ۽ يعقوبي ج2 ص62.

(1)   بلاذري، فتوح البلدان، ص346 فاتح سنڌ جي نيڪي، انصاف ۽ رواداري کي ڏسي قديم رهاڪو سمنيہ خوشي سان مسلمان ٿيو. علامه سيوطي، تاريخ خلفاءَ، ڪلڪتو صفحو 226.

(2)   سيرت عبدالعزيز ص74.

(3)   ابو معشر سنڌي جو اصل نالو نجيح هو ۽ ڪنيت ابو معشر هيس. اصل ۾ سنڌ جو رهاڪو هو، پوءِ مديني وڃي رهيو. ان ڪري کيس مدني ڪري سڏيو ويندو آهي. روايت آهي ته بنو اسد مديني ۾ کيس خريد ڪري نجيح نالو رکيو. هن حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي هڪ صحابي ابو امامہ اسعد بن سهل بن حنيف رضي الله عنہ کي ڏٺو هو، ان ڪري کيس تابعين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ خاص طور معاني ۾ وڏو درڪ حاصل هوس، سن170هه ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين. (عربي ادب ۾ سنڌ جو ڀاڱو رسالو الرحيم (سنڌي) شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ، ص80)

(1)   ايضاً، ص80

(2)   مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ص175.

(3)   T. W. Arnold, “The Preaching of Islam” P-283, Aligarh, 1913.

(1)   حسن المحاضره، علامه سيزطي ج اول، مصري ڇاپو ص18

(2)   مولائي شيدائي، جنت السنڌ ص17

(3)   ايضاً ۽ شبلي نعماني، سيرت النبي ج اول ص22.

(1)   مولانا سعيد انصاري سيد، اصحاب ص ص31-32

(2)   ايضاً

(1)   مطيع بن اياس ٻي صدي جو مشهور شخص هو ۽ بغداد جي خليفي جو مقرب هو. هن پنهنجي عربي نظم ۾ سنڌ جو تعريفي بيان ڪيو آهي.

(1)   ”سنڌ متعلق قديم عرب سياحن جا بيان“ ارمغان (اردو)، ڪل پاڪستان تعليمات ڪانفرنس، 1963ع، ص50.

(1)   سيد سليمان ندوي، عرب و هند ڪي تعلقات، ص23-43 ۽ ارمغان (اردو)، ڪل پاڪستان تعليمات اسلامي ڪانفرنس 1963ع، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، ص50

(1)   ڏسو نزهة الخواطر ج1 ص35، ڇاپو حيدرآباد دکن.

(1)   مخدوم امير احمد ”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، دفعو اول 1953ع، ص6

(2)   مير علي شير قانع ٺٽوي ”تحفة الڪرام“ ج3 ص54.

(3)   البيروني، ڪتاب الهند، ص102

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org