سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 1

صفحو :17

درسگاهه جي خدمت:

سيد علي محمد شاهه جڏهن دائري جي درسگاهه جي خدمت پنهنجي ذمي ڪئي، تڏهن درس تدريس سان گڏ درسگاهه جو سڄو نظام پاڻ سنڀاليندو هو. سندس اها ذميواري پنجٽيهن سالن تائين جاري رهي. انهيءَ دور ۾ درسگاهه جو تعليمي معيار اوج تي پهتو. شاگردن جي مستقل رهائش لاءِ هڪ ”قيام گاهه“ قائم ڪئي ويئي. پاڻي جي مستقل انتظام لاءِ کوهه کوٽايو ويو ۽ لنگر خاني جو انتظام ڪيو ويو. درسگاهه جي پوئين دور ۾ تر جا به ٻه سو شاگرد اقامت پذير هئا.

سيد علي محمد شاهه جون تصنيفون:

مصلح المفتاح (سنڌي) 1270-1277هه جي عرصي ۾ جوڙي راس ڪيائين، جيڪو سندس علمي وسعت، تحقيق ۽ تدقيق، فقهي فهم ۽ فڪر تي شاهد آهي.

مختصر مصلح المفتاح (سنڌي)، مٿئين ڪتاب جو خلاصو جيڪو ربيع الثاني 1277هه کان پوءِ مرتب ڪيائين.

ڪڪڙ جي ٻانگ جي فضيلت (سنڌي)، آڌي ۽ اسر ويل ڪڪڙن جي ٻانگن جي فضيلت بابت هڪ رسالو لکيائين. مصلح الفتاح جي پڇاڙي ۾ صفحي 575 تي اشارو ڪيو اٿس ته اهو رسالو درس عبدالملڪ وٽ موجود آهي.

بياض سيدي (عربي ۽ فارسي)

زبده المواليد (عربي) 1281هه ۾ لکي پورو ڪيائين. ڪن حوالن مان ائين معلوم ٿيو ته سيد علي محمد شاهه شايد ”فيءَ الزوال“ (سج جي پاڇي لڙڻ ۽ اڳين نماز جي وقت) بابت پڻ ڪو رسالو لکيو.

”مصلح المفتاح“ جي خاتمي تي ڄاڻايو اٿس ته سندس حياتي وفا ڪئي ته ”مصلح المفتاح“ جو ٻيو جلد پڻ جوڙيندو.(1) سندس اها تمنا غالباً ائين ئي رهجي ويئي، پر جي ٻيو جلد جوڙيائين ته به اهو مسودي جي صورت ۾ رهيو، يا ضايع ٿي ويو. تصنيفن کان سواءِ مختلف شرعي مسئلن بابت سندس هٿ لکيل تحريرون ۽ خط چوٽيارين، ولهار، کنياري ۽ هالن پراڻن جي عالمن جي آثار باقيہ ۾ موجود آهن.(1)

تصوف جي سلسلي ۾ سيد علي محمد شاهه نقشبندي طريقو رکندڙ هو ۽ حاجي عبدالرحمٰن سرهندي (متعلوي) جو مريد هو. فارسي ۾ سندس هٿ لکيل ”ذڪر جي تلقين جو طريقو“ ميان غلام نبي شاهه وٽ موجود آهي. 19 محرم 1287هه ۾ وفات ڪيائين.(2)

کهڙن جي درسگاهه:

کهڙن (ضلعي خيرپور) جي درسگاهه ڪلهوڙن جي دور کان آڳاٽي آهي، ليڪن ان کي ڪلهوڙن جي دور ۾ عروج حاصل ٿيو.

مخدوم قاضي عبدالرحمٰن، دين جي فضيلتن جو ڀنڊار ۽ اسلامي تعليم جو سرچشمو هو. سندس زندگي جي تعليمي پس منظر کي ڏسبو ته ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. هن پنهنجي سڄي ڄمار دين جي خدمت، درس تدريس ۽ اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. دين جي فيصلن ۽ شريعت جو پابند رهيو هو. سنت طريقي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام مبالغو ڪندو هو. هڪ ڏينهن هدايت واري جماعت سان اسلام جي حمايت ۾ مسجد اندر نماز پڙهندي شهيد ٿيو.

سندس خاندان جو وڏو بزرگ سيدنا ابراهيم شهيد، خليفي معتصم بالله عباسي جي ڏينهن ۾ بغداد کان دين جي تبليغ ۽ تعليم لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي ويجهو ”ڪلور“ نالي هڪ ٽڪر تي رهيو، جتي سن248هه ۾ وفات ڪيائين.(1)

مخدوم عبدالرحمٰن شهيد جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي: مخدوم عبدالرحمٰن بن مخدوم محمد بن مخدوم محمد عاقل بن مخدوم عبدالخلق بن مخدوم يحيٰ بن مخدوم جمال الدين بن مخدوم اسدالله بن مخدوم احمد بن مخدوم محمد بن سيدنا عبيدالله بن جمال الدين محمد بن عبدالله بن محمد بن علي بن سيدنا عبدالله بن سيدنا عباس رضه.(2)

سندس اولاد مان مخدوم اسدالله، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ سنڌ جو قاضي القضاة ۽ مدرس مقرر ٿيو. هن سنڌ جو دورو ڪندي رياست خيرپور جي حدن ۾ پپريءَ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ڪجهه وقت بعد اتي هڪ درسگاهه قائم ڪيائين، جنهن ۾ قرآن شريف، حديث، فقهه ۽ تفسير جو درس ڏيندو هو. انهيءَ مدرسي سان گڏ هڪ مسجد پڻ تعمير ڪرايائين، جا اڃان تائين موجود آهي. سن966هه ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ مخدوم جمال الدين ۽ ان بعد سندس پٽ مخدوم يحيٰ پيريءَ ۾ ئي درس تدريس جو سلسلو جاري رکيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. انهن بزرگن جون مزارون پپريءَ ۾ اڃان تائين عام توڙي خاص لاءِ زيارتگاهه آهن.

مخدوم يحييٰ جو فرزند عبدالخالق، پپريءَ مان لڏي اچي کهڙن جي شهر ۾ ويـٺو ۽ اتي پنهنجي وڏن جي مشغلي کي جاري رکڻ لاءِ ديني درسگاهه جو بنياد وڌائين. اڃان تائين سندس اولاد کهڙن ۾ سڪونت پذير آهي

مخدوم عبدالرحمٰن شهيد مخدوم عبدالخالق جو پڙ پوٽو هو. هن ظاهري توڙي باطني علمن جي تڪميل پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد وٽان ڪئي ۽ کانئس پوءِ سندس مسند تي ويهي درس تدريس جو شغل جاري رکيائين، تنهن کان سواءِ غير اسلامي رسمن، شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽڻ ۾ مشغول رهيو.

مخدوم عبدالرحمٰن، هڪ وڏو عالم ۽ ڪرامت جو صاحب هو. هو سن1145هه ۾ 222 ڄڻ سان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. هن پنهنجي زندگي ۾ کهڙن جي درسگاهه جي تنظيم، تربيت ۽ اسلامي تبليغ جي لحاظ سان اوج تي پهچايو. اهوئي سبب هو جو وقت جا حاڪم به سندس نالي کان ڪو کائڻ لڳا ۽ ڪڏهن به هن جي ڳالهه کي رد نه ڏنائون. مخدوم عبدالرحمٰن جي شهادت جو داستان مخدوم غلام محمد بگائي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.(1)

مخدوم عبدالرحمٰن جي شهادت وقت سندس وڏي فرزند ميان محمدي جي عمر ٻه سال هئي ۽ ننڍي فرزند احمدي جي عمر هڪ سال هئي. تاريخ آئينه جهان نما جو مصنف مخدوم محمدي جي باري ۾ لکي ٿو ته کيس ظاهري خواهه باطني علم سندس والد بزرگوار جي توجهه سان حاصل ٿيو هو. هو اويسي سلسلي جو هڪ وڏو شيخ ۽ مادر زاد ولي الله هو. ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين. سندس وڌيڪ تعليم لاءِ علامه مخدوم ابوالمعالي نوشهرائي کي تڪليف ڏني ويئي. پر هن جيڪو به ڪتاب کولي انهيءَ جو مشڪل ۾ مشڪل مقام ڪڍي مخدوم محمدي جي آڏو رکي، کيس پاڙهڻ جي ٿي ڪئي، ته هن في البديهه انهيءَ جي اهڙي ته تشريح ٿي ڪئي جو مخدوم ابوالمعالي جي زبان مان بي اختيار نڪتو ته ”هن صاحبزادي کي ته لدني علم عطا ٿيل آهي، اسان جي رهڻ جو ڪوبه ضرور نه آهي.“(1)

تذڪره مخاديم کهڙا جو مصنف لکي ٿو ته هڪ دفعي شاهه ڀٽائي سير ڪندو اچي کهڙن کان نڪتو ۽ شهر جي ٻاهران ميان چنيه جي کوهه تي لٿو. مخدوم صاحب کي خبر پيئي ته هڪ ماڻهو هٿان دعوت چوائي موڪليائين. شاهه صاحب جواب ۾ هي بيت چوائي موڪليو:

”اڄ نه آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،

توتي جنهن جو نانءُ، کڻي بار کهين جو.“

ٻئي ڏينهن صبح جو شاهه صاحب، مخدوم وٽ تشريف فرما ٿيو ۽ پوءِ پورو هفتو مخدوم صاحب جو مهمان رهيو. مخدوم محمدي نهايت بارعب، شريعت جو جان نثار ۽ صاحب استغنا بزرگ هو. سن1171هه ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم احمدي:

مخدوم احمدي پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وفات کان پوءِ سن1171هه ۾ درس تدريس تي ويٺو. پاڻ قادري طريقي جو ڪامل مرشد هو. فارسي ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪيترا مولود به چيائين. وقت جا حاڪم سندس عقيدتمند هئا. سنڌ جا بيشمار باشندا هن درويش جي فيض جي چشمي مان سيراب ٿيندا رهيا.

احمد شاهه ابدالي پنهنجي لشڪر سان گڏ هندستان پئي ويو ته هن پنهنجي لشڪر کي هدايت ڪئي ته کهڙن کان لنگهن ته مخدوم محمدي، ميان احمدي، مخدوم عبدالله ۽ ٻين متعلق ماڻهن سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪن، ڇوته اهي دين متين جا عالم ۽ يقين واري واٽ جا واٽهڙو آهن. احمد شاهه ابدالي، مخدوم احمدي جو نهايت معتقد هو. انهيءَ ڪري هن درسگاهه ۽ خانقاهه جي خرچ ۽ لنگر لاءِ تعلقي ڳڙهي ياسين (ضلعي سکر) جون ديهون مرزاپور، نئون آباد، وڪڙ، جرم وغيره عطا ڪيون هيون، جي اڃان تائين مخدوم صاحب جي پوين جي هٿ ۾ آهن.

مخدوم احمدي رح، احمد شاهه دراني ڏانهن هڪ خط لکي اها گهر ڪئي ته اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن. ان جي جواب ۾ بادشاهه پنهنجي شاهي مهر سان شڪارپور جي حاڪمن ڏانهن اسلام جي احڪامن کي جاري ڪرڻ جو فرمان موڪليو.(1)

راشدي پيرن جو مورث اعليٰ حضرت پير محمد راشد صاحب هن مخدوم صاحب جو شاگرد هو. سن1200هه جي آخر ۾ امير تيمور شاهه پنجاب تي حملو ڪيو، جنهن ڪري شاهي لشڪر جي آمد رفت سنڌ مان ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار جي حالت پيدا ٿي ويئي. اها حالت ڏسي مخدوم صاحب انهيءَ مسجد شريف جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جنهن ۾ سندس والد بزگوار مخدوم عبدالرحمٰن شهيد ٿيو هو. ان بعد پنهنجي والد مخدوم عبدالرحمٰن شهيد جي مزار تي به عاليشان مقبرو اڏايو، جيڪي سن1201هه ۾ ٺهي راس ٿيا. مخدوم احمدي جي ڏينهن ۾ بغداد شريف کان سيد عبدالقادر جيلاني رح جي اولاد مان ٻه ڀائر محمد شاهه ۽ احمد شاهه جي نالي سان سنڌ ۾ آيا، پر ميان غلام شاهه کين رهڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته اهي ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن. تنهن ڪري اهي ٻئي ڄڻا اچي مخدوم صاحب جا مهمان ٿيا. مخدوم ميان احمدي کين پورو هڪ سال رهائي، پوءِ وڏي ڀاءُ محمد شاهه کي گمبٽ ۽ ننڍي ڀاءُ احمد شاهه کي راڻيپور ۾ رهايو. اڄ تائين ٻنهي پيرن جو خاندان گمبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي. مخدوم احمدي سن1203هه ۾ وفات ڪئي.

مخدوم محمد عاقل:

مخدوم محمد عاقل، مخدوم احمدي جو فرزند هو، جيڪو پنهنجي والد مخدوم احمدي جي وفات کان پوءِ سن1202هه ۾ مسند خلافت تي ويٺو. هن پوري تعليم پنهنجي وڏن کان پرائي ۽ روحاني فيض به انهن کان ئي حاصل ڪيائين. وقت جا حاڪم ۽ علماءَ هن جي عزت ڪندا هئا. مخدوم محمد عاقل کي شريعت جا احڪام جاري ڪرڻ ۽ بدعتن جي پاڙ پٽڻ جو سخت اونو هوندو هو. انهيءَ ڪري سڄي سنڌ ۾ بدعتي ماڻهو کانئس ڪنبندا هئا. کيس پيغمبر عليہ السلام جن جو حضور حاصل هو. رات جاڳڻ ۽ عبادت ڪرڻ ۾ ته ڪوبه ساڻس ڀڄي نه سگهندو هو. نصير خان بروهي کيس سلطان جو لقب ڏنو هو. ان کان سواءِ شاهه شجاع الملڪ ۽ ٻين بادشاهن کي به ساڻس وڏي عقيدت هوندي هئي.

شاهه شجاع الملڪ سن1222هه کان پوءِ سگهوئي سنڌ ۾ آيو. ماڻهو هن جي خوف کان ڀڄي ويا. ان وقت حيدرآباد جو حاڪم مير ڪرم علي خان ۽ خيرپور ۾ مير سهراب خان ٽالپر هو. نيٺ سڀني ميرن، مخدوم محمد عاقل کي روهڙي ۾ گهرائي، سنڌ جي ٻين پيرن فقيرن سان گڏجي شاهه شجاع الملڪ ڏانهن موڪليو ته کيس وڃي سمجهايو ته هتان واپس هليو وڃي. اهي ٻيا پير صاحب هئا: پير سيد محمد راشد ولد پير سيد محمد بقا شاهه، جو مخدومن جو شاگرد هو، ٻيو پير محمد صالح شاهه جيلاني ابن پير احمد شاهه جيڪو مخدوم صاحب جو وڏو مددگار هو. درازن جو ميان قبول محمد ۽ سچل سرمست سندس معاصر هئا. مخدوم محمد عاقل سن1232هه ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي نماز ۾ حضرت پير محمد راشد رح، پير ميان محمد شاهه جيلاني، فقير سچيڏنو (سچل سرمست) ۽ ٻيا ڪيترا مشائخ جماعتن سميت شريڪ هئا.

مخدوم ميان ضياءَ الدين:

مخدوم ضياءَ الدين، مخدوم محمد عاقل جو وڏو فرزند ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارن جو ڏوهٽو هو. وڏي جلال ۽ ڪمال جو صاحب هو، اسلامي جي مقدمن ۾ ڏاڍو دلير هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ معاملي ۾ انڪار يا مقابلي جي همت نه ٿيندي هئي رڳو ڇهه مهينا سجاده نشيني ماڻي عيد رمضان واري رات 1231هه ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم عبدالخالق:

مخدوم عبدالخالق بن مخدوم محمد عاقل هڪ وڏو عالم، مفتي، مدرس ۽ معرفت جو صاحب هو. زهد، رياضت، مجاهده ۽ تجريد ۾ سندس جهڙو ڪو ورلي هوندو. علم فقهه ۽ تفسير ۾ بي بدل عالم هو. قال الله ۽ قال الرسول کان سواءِ ٻي ڪا وائي نه هيس. هر مشڪل مسئلي جي اهڙي ته وضاحت ۽ شرح ڪندو هو، جو وقت جا عالم حيران رهجي ويندا هئا. سندس علمي تفوق ۽ برتري لاءِ سندس تصنيف ۽ تاليف شاهد آهي. خاص طرح فقهه ۾ سندس بياض جا ٻه جلد موجود آهن، جن ۾ ڪنهن به مسئلي کي وضاحت کان ڇڏيو نه اٿس. حديث ۾ سندس تاليف منتخب جامع الصغير موجود آهي، جا پنهنجي موضوع ۾ بينظير آهي.

درس تدريس، وعظ ۽ نصيحت ۾ يگانو هوندو هو. سندس درس ۽ تشريح نهايت ئي متاثر ڪندڙ هئا. باطني علم بابت کيس وڏي دسترس هئي. سندس دعا ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ ڏاڍي اگهامندي هئي. شرعي مقدمن ۾ پنهنجن بزرگن وانگر ڏاڍو سخت هوندو هو. خيرپور جو والي مير رستم خان سندس علمي مرتبي سبب سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ سندس فيصلن جي پٺڀرائي ڪندو هو.

تذڪره مخاديم کهڙا جو مؤلف لکي ٿو ته: ”هڪ ڏينهن هن مسڪين کي فرمايائون ته سڀ کان اول مون حضرت شاهه صفي الله مجددي جي ڀاءُ شاهه فضل الله سرهندي جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي، انهن کان گهڻي فيض جي پالوٽ ٿي هئي. ان کان پوءِ ڏاڏي بزرگوار مخدوم محمد جي روحانيت کان اهو توجهه ٿيو جو شاهه فضل الله ۽ ٻين بزرگن جي توجهه ۽ تلقين جو اولڙو ختم ٿي ويو ۽ سلوڪ جي آڏو جيڪي به حجاب هئا، سي سڀ ڪافور ٿي ويا.“ تذڪره جو صاحب اهو به لکي ٿو ته: سندن ڪمال هن حد تي پهتو جو کين آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو حضور حاصل هو. ان جو اولڙو هن حقير تي به پيو جو جڏهن تفسير بيضاوي، هدايہ ۽ شرح عقائد جهڙن مشڪل ڪتابن جا ڪي مقام رات جو سمجهه ۾ نه ايندا هئا ۽ صبح جو سندن روبرو سبق پڙهڻ ايندو هوس ۽ پاڻ ظاهري طرح ته ڪتاب ۾ نظر ڪندا هئا، پر باطني طرح منهنجي دل ڏانهن توجهه هوندو هين، ان وقت عبارت پڙهڻ سان اهي مشڪل جايون سمجهه ۾ اچي وينديون هيون. مون تي اها به عنايت ڪيائون جو صحاح ستہ ۽ فقہ وغيره جي سڀني ڪتابن جي سند اجازت عطا ڪيائون ۽ اهي اسناد ڪتابن جي مصنفن تائين پهچن ٿيون. ان کان سواءِ پنهنجي بياض ۾ وڏا وڏا علمي فائدا لکيا اٿن. جهڙوڪ: احاديث جي تناقض جو حل، علم فقہ جي دقيق ۽ متشابهه آيتن جو بيان وغيره. پاڻ ائين به فرمائيندا هئا ته اهو سڀ علم لدني جي برڪت سان حاصل  ٿيو آهي.

سندن اڪيچار ڪرامتون ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ۾ بيان ڪيل آهن. پاڻ ڇنڇر ڏينهن 28 رجب سن1268هه ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم محمد عاقل بن مخدوم عبدالخالق:

مخدوم محمد عاقل پنهنجي والد مخدوم عبدالخالق جي وفات کان پوءِ درس مسند تي ويـٺو. تعليم پنهنجي بزرگن کان پرائي هئائين ۽ پاڻ وقت جو وڏو عالم، عارف، ڪامل، جواد، فياض، زاهد بزرگ هو. علم تفسير ۽ قرآن مجيد جي پوئين پاري جو منبع المعاني نالي فارسي زبان ۾ تفسير لکيو اٿس، جنهن ۾ شريعت ۽ طريقت جون ڪيتريون تحقيقون ۽ نڪتا لکيا اٿس. اهل تشيع طرفان لکيل رسالي ”جواب لا جواب“ جي رد ۾ هڪ رسالو نالي ”جواب باجواب“ لکيائين. ٻيو هڪ رسالو حنفي مذهب جي تائيد ۾ نماز ۾ هٿ ٻڌي بيهڻ بابت جوڙيائين. فارسي زبان جي نثر توڙي نظم ۾ کيس وڏي مهارت هئي. سندس پورو هڪ ديوان حروف تهجي جي ترتيب تي موجود آهي. بهار دانش جي نموني تي فصيح بليغ عبارت ۾ چار درويش جو قصو فارسيءَ ۾ لکيائين. انشاءَ فارسي به عجيب صنعت سان ٺاهيو اٿس جو انهن ۾ ”الف“ کان ”ي“ تائين اهو التزام ڪيو اٿس جو هڪ هڪ خط ۾ حروف تهجي مان هڪ هڪ اکر کي ڇڏيندو ويو آهي.

علم تاريخ ۾ به کيس ڏاڍي مهارت هئي. هن فن ۾ ”تاريخ آئينه جهان“ فارسي ۾ لکيائين، هڪ ڪتاب ”رياض المحافل“ نالي لکيائين، جنهن ۾ سخنوري جا آداب ۽ مجلس آرائي جا نڪتا بيان ٿيل آهن. سندس علميت ۽ قضا ۾ قابليت جو هن واقعي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو جو گهوٽڪي جي پير صاحبن جو اُچ شريف جي پيرن سان ملڪيت تي جهڳڙو هو. جڏهن فيصلي لاءِ اجتماع ٿيو ته اتي وڏا وڏا عالم به آيل هئا. مخدوم صاحب ڳالهيون ٻڌي جڏهن گهوٽڪي جي پيرن صاحبن جي فائدي ۾ فيصلو ڏنو ته سڀني عالمن جي واتان آفرين ۽ تحسين جا نعرا بلند ٿي ويا. ڪنهن مجلس ۾ بهاولپور، احمدپور ۽ ديري نواب خان مان ڪيترا وڏا وڏا عالم آيل هئا، جن امتحان طور مخدوم صاحب کان تفسير ۽ حديث سان لاڳو ڪي سوال ڪيا. مخدوم صاحب جڏهن انهيءَ مضمون تي تقرير ڪئي ته سڀني عالمن جي واتان تعريف شروع ڪري ڏني. مخدوم صاحب جو خطبو ۽ وعظ دلپذير ٻڌڻ لاءِ هر جمعي تي پري پري کان ماڻهو ايندا هئا.

سندن والد بزرگوار جي وفات کان پوءِ ولي عهد جو بار هن تي پيو، پر ماڻهن جي معاملن ۽ گهريلو ڪاروبار لاءِ اهڙا وقت مقرر ڪيائين، جو انهن جي ڪري ورد وظائف توڙي ٻين ذميدارين ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿيندي هئي. رات جي ٽن پهرن گذرڻ کان پوءِ وضو ڪري ٻه ٽي نفل تهجد جا پڙهندو هو. خدا تعاليٰ جي ساراهه لاءِ قصيده برده گهڻو پڙهندو هو. فجر جي سنت گهر ۾ پڙهي فرض نماز جامع مسجد ۾ جماعت کي پڙهائيندو هو. فجر جي نماز کان پوءِ قلبي ذڪر ڪندو هو. ان جي تلقين مرشد ڪامل خواجه محمد عبدالباقي کان ورتل هيس. ناشتي بعد شرعي فيصلا نبيريندو هو. نماز عصر کان پوءِ نقشبندي حضرات جو ختم خواجگاهه پڙهندو هو. پوءِ وقت هوندو هو ته وعظ ڪندو هو.(1)

شعر و شاعري ۾ کيس وڏي مهارت هئي. حافظ شيرازي جي ڪن غزلن جا جواب لکيائين. محمد امير خان دراني جي غزل جو جواب لکيو اٿس. ”فوز الاخلاف“ ڪتاب ۾ پنهنجن بزرگن جا قطعات تاريخ وفات ڏنا اٿس. انشاءَ مرغوبي نالي خطن جو هڪ ڪتاب سندن جوڙيل آهي. ميان رحمت الله ڏانهن هڪ خط لکيائين، جنهن ۾ رڳو باغ جي شين کي آندو اٿس، ۽ ڪوبه اهڙو لفظ نه ڏنائين جنهن ۾ اکر ”ذال“ آيو هجي. ٻئي هڪ خط ۾ ”سين“ کي ڪٿي به نه آندو اٿس. ٽيون خط قاضي غلام محمد ڏانهن لکيل آهي، جنهن جي عبارت جا عدد غلام محمد جي عدد 1163 جي برابر آهن.

مخدوم محمد عاقل تاريخ ڇهين شعبان سن1293هه بمطابق 1877ع ۾ شڪارپور ۾ وفات ڪئي.

گهوٽڪي ۾ جيلاني ساداتن جون خانقاهون ۽ درسگاهه:

گهوٽڪي جا جيلاني سادات نه رڳو پنهنجي پيري مريدي، ڪرامتن ۽ ڪشف جي ڪري مشهور ٿيا، پر هنن مان ڪيترائي مدرس، محدث، فقيهه ۽ عالم به ٿي گذريا. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ جيڪي جيلاني سادات مسند درس تي ويٺا، تن جو احوال هيـٺ ڏجي ٿو:

سيد عبدالخالق جيلاني:

سيد عبدالخالق، گهوٽڪيءَ جي مشهور جيلاني بزرگ سيد موسيٰ جو پوٽو ۽ سيد دوست محمد جو پٽ هو. خانداني روايت موجب پوري تعليم ۽ تربيت پنهنجن وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ حاصل ڪيائين. سندن خانقاهه ۾ عقيدتمندن ۽ طالبن جو ميڙو متل هوندو هو. وٽن عام خاص کي وعظ ٻڌڻ جي اجازت هوندي هئي. سيد عبدالخالق ڪرامت جو صاحب، ظاهري ۽ باطني علمن جو جامع ۽ فاضل انسان هو. وٽانئس ڪيترائي شاگرد ۽ مريد علمي توڙي روحاني فيض پرائي ويا. هن بزرگ سن1205هه ۾ وفات ڪئي، سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.(1)

سيد محمد عابد ثاني جيلاني:

سيد محمد عابد ثاني، پير موسيٰ شاهه جيلاني جو ننڍو پٽ هو. هن جي ولادت سن1154هه / 1741ع ۾ ٿي. پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم پرايائين ۽ پنهنجي ئي بزرگن کان فيض ورتائين. وڏو فاضل ۽ اڪمل عالم ٿي گذريو آهي. ڪلام الله جو حافظ هو. صبح کان شام تائين درس تدريس جو ڪم ڪندو هو ۽ سجاده نشيني بعد شرعي فيصلا به نبيريندو هو. هر جمعي تي خطابت ۽ امامت جا فرائض بجا آڻيندو هو. نه صرف شريعت جو صاحب هو، پر طريقت جو رموز کان به واقف هو. ولايت، ڪرامت، سخاوت ۽ شجاعت ۾ شهرت رکندڙ هو. آچر ڏينهن 20 جمادي الثاني 1214هه/ 1799ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي. پويان ٻه پٽ ڇڏيائين: (1) سيد فيض الله شاهه وڏو (2) سيد موسيٰ شاهه ثاني.

سيد محمد مبارڪ جيلاني:

سيد محمد مبارڪ شاهه، سيد جمال شاهه جيلاني جو وڏو فرزند ۽ سندس جانشين هو. سن1176هه ۾ ولادت ٿي. عظمت، ڪرامت، دٻدٻي ۽ وڏي شان جو صاحب هو. علم تفسير، فقهه، حديث ۽ وعظ ۾ مشهور عالم هو. هن بزرگ جون پنهنجي طالبن ۽ مريدن لاءِ علمي توڙي ديني خدمتون بيشمار آهن.(1) سندن دور ”صاحبن جي لوءِ“ (گهوٽڪيءَ) جي ۽ ٻين ساداتن (چڪ ۽ غوثپور جي) کي 1195هه ۾ مير نصير خان بروهي وٽان ڪاڇي ۾ انعام طور جاگيرون مليون. ساڳئي سال ميان عبدالنبي ڪلهورو شڪست کائي ”سره“ ڏانهن هليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپرن جي قبضي ۾ آئي. انهيءَ سال مدد خان افغان لشڪر وٺي سنڌ ۾ اچي ڪڙڪيو. مير ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا ۽ خراساني ماڻهو سنڌ کي ڦري لٽي موٽي ويا. هن واقعي کي ”مدد خان جي ڀڳي“ سڏيندا هئا. هن بزرگ عالم تاريخ 2 رمضان سن1214هه ۾ وفات ڪئي.

سيد فيض الله شاهه جيلاني:

سيد فيض الله شاهه، پير موسيٰ شاهه جيلاني جو پوٽو ۽ سيد محمد عابد ثاني جو پٽ هو. سندس ولادت 1183هه/ 1763ع ۾ ٿي. وڏو ڪامل انسان، سهڻي سيرت ۽ صورت جو مالڪ هو. قرآن شريف جو حافظ هو. هن ڪيترا سال درس جي مسند تي ويهي جيلاني درسگاهه ۾ درس تدريس جو شغل جاري رکيو. هن بزرگ 11 رمضان سن1246هه/ 1843ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو وڏي خانقاهه گهوٽڪي ۾ آهي.

سيد محمد صالح شاهه ثاني جيلاني:

مخدوم سيد محمد صالح شاهه ثاني جيلاني، مبارڪ شاهه جيلاني جو پهريون نمبر پٽ ۽ درس تدريس جي مسند جو صدر مدرس ۽ سجاده نشين هو. سندس ولادت جمعي جي ڏينهن، جمادي الاول سن1190هه/1763ع ۾ ٿي. هي بزرگ گهوٽڪي جي موسيٰ شاهي خاندان مان پنجون بزرگ آهي، جيڪو شرافت ۽ نجابت جو مالڪ هو. علم عمل، زهد ۽ تقويٰ جو سرچشمو، علم حديث ۽ فقهه جو وڏو عالم ۽ وعظ ۽ نصيحت جو پڻ مالڪ هو.

وڏن جي دستور موجب هن به جيلانين جي درسگاهه ۾ درس تدريس جو شغل جاري رکيو. روايت آهي ته ان دور جي ولين مان ڪنهن کي به ساڻس طريقت ۾ مقابلي ڪرڻ جي مجال نه هئي. سندس دور ۾ سن1249هه ۾ کرڙي واري جنگ ٿي، جنهن ۾ ميرن جي لشڪر کي شڪست آئي.

مولوي منٺار کان ڪتاب ”صحيح السبطين“ وارو نقل پيش ٿو ڪري ته جڏهن ته انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا ته ان وقت سيد محمد صالح شاهه جي زبان مان نڪري ويو ته خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نه ڏيکاريندو. پوءِ انگريز اڃا سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نه ٿيا هئا جو سيد محمد صالح شاهه 10 محرم 1249هه/ 1843ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو گهوٽڪي جي شاهي خانقاهه ۾ آهي.

سيد ڪرم الله شاهه جيلاني:

سيد ڪرم الله جيلاني، سيد فيض الله شاهه جيلاني جو فرزند هو. پنهنجي والد جو جانشين، وڏي پرهيزگاري ۽ زهد جو مالڪ هو. قرآن شريف جو حافظ هو. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس ۽ پيري مريدي جو مشغلو جاري رکيائين. سندس وفات 11 رمضان 1260هه/ 1844ع ۾ ٿي. هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي.

سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني:

گهوٽڪي جي خاندان موسيٰ شاهي جو ڇهون بزرگ محمد صالح شاهه جيلاني جو فرزند ۽ سجاده نشين سيد مبارڪ شاهه ثاني هو، جيڪو سن1207هه/ 1792ع ۾ تولد ٿيو. هي سيد صاحب حسن و جمال، علم و فضل، درس تدريس، بزرگ ۽ ڪمال جو صاحب هو. مستجاب الدعوات بزرگ هو. سندس دور خلافت ۾ سن 1852ع ۾ گهوٽڪي جي ساداتن جي باغن جا پروانا جيڪي بند ٿي ويا هئا، سي وري کين انگريز سرڪار وٽان مليا. هن اڱاري ڏينهن ۽ شعبان سن1274هه/ 1858ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو به گهوٽڪي جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.

سيد موسيٰ شاهه ثاني:

سيد موسيٰ شاهه ثاني بن سيد محمد عابد گهوٽڪي وارو وڏو برڪت ڀريو بزرگ عالم ۽ زاهد هو. سندس ولادت 1211هه/ 1796ع ۾ ٿي. ڪاني ڪرامت جو مالڪ، صورت ۽ سيرت ۾ ڏاڍو سهڻو هو. جمعي جو خطيب ۽ امام به پاڻ هو. هي بزرگ سندس ڀائٽي ڪرم الله شاهه جي وفات کان پوءِ دستار ٻڌي ان جو جاءِ نشين ٿيو. اربعا جي ڏينهن 17 رمضان 1281هه/ 1865ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي.

سيد محمد صالح اصغر جيلاني:

مخدوم سيد محمد صالح شاهه اصغر، موسيٰ شاهه خاندان جو ستون بزرگ، سيد مبارڪ شاهه ثاني جو پٽ هو. هن 1244هه ۾ ولادت ڪئي ۽ جمعي جي ڏينهن شغبان 1272هه ۾ سجاده نشيني جي مسند حاصل ڪئي. انهيءَ سان گڏ خانداني روايت ۽ پيشي جي لحاظ کان درس تدريس جو شغل به چڱي نموني جاري رکيائين. علم، حلم، عقل ۽ دانش جو مالڪ، سخاوت، شجاعت، فضل ۽ ڪمال وارو عالم، واعظ ۽ مدرس هو. سندس خلافت واري دور ۾ سن1276هه ۾ مسٽر علي بخش مختيار ڪار جي ڪوشش سان جامع مسجد گهوٽڪي جي مرمت ٿي، جيئن ته اندريون ۽ ٻاهريون فرش چوني سان بنايو ويو ۽ نقاشي جو ڪم به ٿيو. هن آچر ڏينهن 11 جمادي الاول 1277هه ۾ وفات ڪئي.

سيد مبارڪ شاهه اصغر جيلاني:

سيد مبارڪ اصغر جيلاني، سيد محمد شاهه ثاني جو فرزند هو. ڇهن واسطن سان هن جو نسبت حضرت موسيٰ شاهه گهوٽڪي وارن سان ملي ٿو. هي بزرگ شرعي علوم ۽ وعظ جو جامع هو. صدق ۽ دل جي صفائي ۾ يگانو هو. زندگيءَ جي آخري دم تائين درس تدريس جو ڪم سرانجام ڏيندو رهيو. هن تي سجادگي ختم ٿي. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ جيڪي به ڏاڏنگ ۾ قريب هيس، تن سڀني جا اختلاف ختم ڪري کين هڪ ڪري ڇڏيائين. گهڻن ماڻهن کانئس فيض پرايو. سن1279هه/ 1862ع ۾ وفات ڪيائين.(1)

ڪٽبارن جي درسگاهه

ڪٽبارن جي درسگاهه جو باني ميان محمد ڪامل بن محمد ڄام بن سليمان بن محمد ڄام بن لعلو هو. لعلو کي ست پٽ هئا، جن جي اولاد کي لعلو پوٽا سڏيو وڃي ٿو. اهي اصل ۾ ابڙن جي ”وَڌا“ نُک جي ”گهوٽ“ پاڙي مان آهن. ڄامن جي سنڌ تي حڪومت رهي، جيڪا سبي تائين ڦهليل هئي. ان دور ۾ ابڙن جي سرداري هئي. ”وڌا“ جيڪي ابڙن جي هڪ شاخ آهن، تن جو ”موري“ تي قبضو هو، پر ڪي ”ڇتر“ ۽ ”لهڙي“ ۾ رهندا هئا. جيئن ته اڄ به ”گنجابه“ ۽ ”فتح پور“ جي ويجهو ”پنگرودهه“ ۾ سندن اهڃاڻ موجود آهن. ”پنگرودهه“ ان قوم جو سردار هو.

”وڌن“ جو هڪ وڏو مالدار سوداگر، ڪوٽ ماٿيلي ۾ واپار جي سانگي ويندو هو، جيڪو ڪنهن هندو راجا جي هٿ هيٺ هو. هڪ لڱا راجا ۽ وڏو مالدار شرط هڻي شطرنج کيڏڻ لڳا ته جيڪو هارائيندو، سو ٻئي کي سڱ ڏيندو. نيٺ راجا هارايو، پر سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. سوداگر اچي پنهنجن وڏن کي سڄي ڳالهه سڻائي، جيڪي وڏو لشڪر وٺي ماٿيلي تي ڪاهي آيا. لڙائي ۾ راجا مارجي ويو، پوءِ وڌن راجا جي مال ملڪيت تي قبضو ڪري سندس ڌيءَ جي شادي انهيءَ سوداگر سان ڪرائي، جيڪو ”گهوٽ“ پاڙي مان هو. انهيءَ گهوٽ سوداگر جي نالي سان گهوٽڪي جو شهر سڏجي ٿو، ميان محمد ڪامل صاحب به انهيءَ قوم مان آهي. ميان محمد ڪامل 1150هه/ 1737ع ۾ ڄائو. پير موسيٰ شاهه جيلاني جي وڏي فرزند پير محمد صالح شاهه جو استاد مولانا محمد شريف، ميان محمد ڪامل جو چاچو چيو وڃي ٿو.(1)

ميان محمد ڪامل جو والد ميان محمد ڄام، سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. انهيءَ ڪري سندس تربيت ۽ تعليم لنجار قوم جي هڪ خليفي صاحبڏني ڪئي، جيڪو محمد ڪامل جي چاچي مولانا محمد شريف جو شاگرد هو ۽ مخدوم مولانا محمد صديق جو مريد هو. مولانا محمد شريف جي وفات کان پوءِ پيرن صاحب جي مدرسي ۾ استاد جي جاءِ تي تعليم ڏيندو هو ۽ ميان محمد ڪامل جي تعليم ۽ تربيت جو کيس ڏاڍو اونو هوندو هو.

ميان محمد ڪامل، خليفي صاحبڏني وٽ پڙهندو هو، ان جي واسطي سان مخدوم محمد صديق وٽ به ايندو ويندو هو. هڪ ڀيري سندس پنهنجي مامي عمر سان سڱ جي ڳالهه تي اختلاف ٿي پيو. انهيءَ تي هن خليفي صاحبڏني وٽ شڪايت ڪئي، جيڪو کيس پير صاحب وٽ وٺي ويو. پير صاحب کيس سڱ وٺي ڏنو. ان کان پوءِ ميان محمد ڪامل وڃي کڏ واري ۾ رهيو ۽ مخدوم محمد صديق وٽ ذڪر افڪار ۾ مشغول ٿيو. ڏهن ٻارهن سالن جي رياضتن کان پوءِ کيس خلافت ملي.

پير موسيٰ شاهه جي ننڍي فرزند سيد عابد شاهه جيلاني حق کان هٽي زور ورتو، جو غريب ماڻهن جون زمينون زوري پنهنجي قبضي ڪيائين. ٽالپر امير به سندس معتقد ۽ طرفدار هئا. انهيءَ ڪري گهوٽ قوم جا ماڻهو اتان لڏي ويا. ميان محمد ڪامل، پير عابد شاهه جي اها ماجرا پنهنجي مرشد مخدوم محمد صديق کي ٻڌائي، جنهن پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي مير نصير خان بروهي جي رياست ڪڇي ۾ علائقي لهڙيءَ جي ”ڪٽبار“ ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. نيٺ انهن مان ڪي تونين جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ جوڻيجن ۾ وڃي رهيا ۽ باقي ماڻهو ميان محمد ڪامل سان گڏجي ڪٽبارن جي شهر ۾ (جيڪو گوده جي نالي سان مشهور هو) وڃي رهيا ۽ ٽي چار سال اتي گذاريائون. پوءِ پير موسيٰ شاهه جي روحانيت کان موڪل وٺي ڪڇي جي حاڪم وٽ فرياد داخل ڪيائون ۽ خان صاحب نصير خان ڪلان جي سفارش سان سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر وٽ پنهنجي زمين جي واپسي ۽ حق رسي لاءِ عرض ڪيائون. نيٺ شريعت جي فيصلي موافق پير عابد شاهه کان اهي زمينون کسائي گهوٽن کي ڏنيون ويون، تنهن ڪري ميان محمد ڪامل جا گهڻا مٽ مائٽ ڪٽبارن کي ڇڏي گهوٽڪي موٽي آيا. باقي محمد ميان ڪامل پنهنجي مرشد جي ارشاد تي اولاد سميت ڪٽبار ڳوٺ ۾ رهي پيو.

ميان محمد ڪامل جيتوڻيڪ شرح ملا جامي تائين پڙهيو، پر سندس اندر واريون اکيون سجاڳ هيون. سندس آڏو ڪيڏا به اوکا مسئلا ايندا هئا ته انهن کي حل ڪري ڇڏيندو هو. ڪٽبار ۾ سندس قائم ڪيل درسگاهه ۾ اوري پري جا شاگرد به تعليم حاصل ڪندا هئا. مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سان سندس علمي بحث مباحثو هلندو هو.(1)

ميان محمد ڪامل کي ٽي پٽ هئا: (1) ميان محمد ڄام (2) ميان محمد حيات (3) ميان محمد حسن.

تاريخ 6 رجب 1239هه/ 1824ع تي سومر جي ڏينهن منجهند وقت هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند مولانا محمد حيات درس مسند تي ويٺو.

ميان محمد حيات ڪٽباري:

ميان محمد ڪامل جو ٻيو نمبر فرزند هو. ميان محمد ڄام رڳو فارسي پڙهيو هو، انهيءَ ڪري جڏهن درس تدريس جو سوال اٿيو، تڏهن ميان نور محمد، مخدوم محمد صديق ۽ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي گڏجي مولانا محمد حيات کي مسند تي وهاريو. ان تي ميان محمد ڄام ناراض ٿي بکڙا ماڇي لڏي ويو.

مولانا محمد حيات هڪ وڏو عالم ۽ روحاني صفت وارو، قراءَت جو ماهر هو. علم حديث ۾ کيس ملڪو ۽ تبحر حاصل هو. پاڻ مولوي محمود صاحب ڀاڳ واري وٽ، مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سان گڏ پڙهيو هو. مولانا محمد ڀاڳ وارن جي وفات کان پوءِ ان جي شاگرد مولانا نور محمد پنجابي کان به درس ورتائين.

درس تدريس جي شغل سان گڏ مسند خلافت جو بار به سندس ڪلهن تي هو، انهيءَ ڪري مريدن ۽ معتقدن سان منهن ڏيڻ جو ڪم پنهنجي ننڍي ڀاءُ ميان محمد حسن جي حوالي ڪيائين. وٽس هر طرف کان شرعي فيصلا ايندا هئا، جن کي سهڻي نموني ۾ نبيريندو هو.

مولانا محمد حيات کي ٻه پٽ ٿيا: (1) محمد اشرف، جنهن سورهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، (2) ميان محمد اڪرم، جيڪو وڏو اهل الله ۽ عالم هو ۽ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ان جي مسند تي ويٺو.

مولانا محمد حيات، ڇنڇر جي ڏينهن، اسر محل تاريخ 23 ربيع الاخر 1255هه/ 1839ع ۾ درس تدريس جو شغل جاري رکندي وفات ڪئي، سندس تربت ڪٽبارن ۾ آهي.

مولانا ميان محمد حسن:

ميان محمد ڪامل صاحب جو ننڍو پٽ هو. سندس ولادت 1198هه/ 1783ع ۾ ٿي. پنهنجي والد کان فيض پرايائين. باطني ڪمالات ۾ پنهنجي پيءُ کان به اڳتي وڌي ويو. هو پنهنجي والد يا ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ پنهنجي ٻن غلامن عبدالرحمٰن ۽ ڇتي سان گڏجي پوک ۽ لنگر جي ڪم ۾ لڳو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شاگردن کي درس به ڏيندو هو. سندس ڀاءُ مولانا محمد حيات جي وفات کان پوءِ به مسند تي وهاريائين. هن سموري تعليم پنهنجي وڏن جي زير نگراني ۾ حاصل ڪئي. ظاهري علم جا سڀ ڪتاب پڙهيائين. فارسي جو ماهر هو. گهڻو ڪري مثنوي رومي، ديوان حافظ ۽ بوستان جا شعر خوش الحاني سان پڙهندو هو.

روايت آهي ته مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊوي، جيڪو ميان محمد ڪامل جو مريد هو، سو ميان صاحب جي وفات کان پوءِ ميان محمد حسن وٽ توجهه ۽ تلقين جو طالب ٿيو. ميان محمد حسن جي توجهه ۽ تلقين جو مٿس اهو اثر ٿيو جو گهڻي عقيدت سان چيائين ته، ”الحمدلله، ميان محمد ڪامل جو فيض اڃان تائين هلندو اچي ٿو.“

ميان نور محمد شهداد ڪوٽي، جيڪو مولانا عبدالحڪليم ڪنڊوي جو شاگرد ۽ ڪٽباري صاحبزادن جو استاد هو. سو به ميان محمد حسن کان بيعت وٺي مريدن جي حلقي ۾ داخل ٿيو. مولانا عبدالغني واطار وارو ۽ ٻيا ڪيترائي وقت جا عالم فاضل پڻ ميان محمد حسن جا مريد ٿيا.

ميان محمد حسن گهڻي پرهڻ ۽ ذڪر ۾ ڪلمہ لا الـٰہ الاالله جي زور سان ضرب هڻڻ ۽ ٻين غيبي مشاهدن ڪري الاهي مستي ۽ سڪر جي حالت ۾ رهندو هو. پيريءَ ۾ پاڻ مولود پڙهندو هو ۽ ان دوران وجد ۽ مستيءَ جي حالت ۾ اچي ويندو هو. صبح جي نماز کان پوءِ چاشت جي نماز تائين مسجد شريف ۾ مراقبو ڪڍي، ذڪر ۾ مشغول رهندو هو. آخر سومر جي رات، اسر وقت 27 ذوالقعد 1274هه/ 1858ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ٻه پٽ هئا: ميان غلام حيدر (2) ميان تاج محمد. انهن ٻنهي مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ کان ڪنڊي ڳوٺ ۾ علم پرايو.

ميان محمد اڪرم ڪٽباري:

مولانا محمد حيات ڪٽباري جو فرزند جيڪو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مسند درس تي ويٺو. نهايت متقي ۽ پرهيزگار هو. پنهنجي والد جي درسگاهه ۾ ديني خدمت سان گڏ دنيا سان به منهن ڏيندو هو. ڪڏهن به ديني فرضن کي قضا نه ڪيائين. صبح کان پوءِ قرآن مجيد جي تلاوت ۽ دلائل الخيرات جو ورد هن خاندان جو وظيفو هوندو هو، مسجد جي امامت به پاڻ ڪندو هو.

ميان محمد اڪرم کي هڪ پٽ ميان عبدالرسول نالي هو، جو ننڍپڻ کان ئي نيڪ هو. مولانا نور محمد شهدادڪوٽي وٽ ڪنڊيءَ ۾ پڙهندو هو. ان کان پوءِ ميان جي ڳوٺ ۾ مولانا قادر بخش وٽ پڙهندو هو، جو اوچتي وبا وگهي 1278هه ۾ فوت ٿي ويو. ان حادثي کان پوءِ ميان محمد اڪرم هن دنيا جا سڀ ڌنڌا ڌاڙيون ۽ شوق ڇڏي ڏنا. سندس ڪرامتون ۽ ڪشف جون ڳالهيون گهڻيون مشهور آهن. هي بزرگ 21 شعبان 1285هه/ 1868ع ۾ لاولد فوت ٿيو، ۽ ڪٽبارن ۾ پنهنجي والد مولانا محمد حيات جي قبر جي پشت ۾ دفن ٿيو.


(1)   مصلح المفتاح (دائري وارن جي سنڌي) 1970ع، ص578

(1)   ايضاً، ص20

(2)   ايضاً، ص23

(1)   مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ص337

(2)   ايضاً

(1)   ڏسو ڊاڪتر بلوچ جو مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ”واقعاتي بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

(1) ميان چنيہ ذات اچڻ، مخدوم محمدي جي والد ميان عبدالرحمٰن شهيد جو خليفو هو. سندس اولاد اڃا تائين کهڙن جي شهر ۾ موجود آهي.

(1)   احمد شاهه ابدالي اها ڪتابت 21 محرم 1167هجري ۾ لکي، جنهن تي بادشاهه جي مهر ۾ هي لفظ لکيل هئا: ”هو الفتاح بادشاهه احمد شاهه دودران“ (الرحيم ص171)

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، (مشاهير سنڌ نمبر) 1967ع ص136.

(1)   ڪتاب ايضاً، ص146

(1)   الرحيم، مشاهير سنڌ، ص146

(1)   الرحيم ٽماهي، ص149، بحوالہ صحيح السبطين

(1)   مولانا محمد شريف ۽ حافظ محمد حيات جون قبرون پير موسيٰ شاهه جي خانقاهه جي اتر اوڀر واري ڪنڊ ۾ آهن.

(1)   مولانا عبدالحليم کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ميان محمد ڪامل جي آڏو قرآن مجيد جي آيت ”فما ربحت تجارتهم“ جو تفسير بيان ڪري رهيو هو ته ميان صاحب ٻڌي فرمايو ته هن آيت جون ٻيون به توجيهون آهن، پر انهن مان ٽي توجيهون بيان فرمايائون، جن مان ڪنهن به تفسير ۾ نه ڏٺو آهي ۽ ائين پئي معلوم ٿيو جو لوح محفوظ وٽان واقفيت لهي ٻڌايون اٿن. ڪنهن شاعر سچ چيو آهي:

نگار من ڪمبڪتب نرفت و خط نه نوشت،

بغمزه مسئلہ آموز صد مدرس شد.

(الرحيم، ص102)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org