باب
اٺون
(ڪلهوڙن جو دور سن1592ع کان 1783ع)
سنڌ
۾ مذهبي تعليم جي عروج جو زمانو
ترخان جي خاتمي کان پوءِ سنڌ تي مغل بادشاهن جي
پاران گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. ان وقت سنڌ ٻن حصن
۾ ورهايل هئي. هڪ بکر سرڪار ۽ ٻيو ٺٽو سرڪار،
ٻنهي حصن تي جدا جدا نواب مقرر هئا، ٺٽي جا نواب
گهڻي قدر علم پرور، نڪته دان ۽ قدردان هئا، جنهن
ڪري عالمن، استادن، اديبن ۽ شاعرن جي ڏاڍي عزت
ڪندا هئا. ان دور ۾ به هن شهر ۾ ڳاڻيٽي کان ٻاهر
علمي ادارا هئا، جن ۾ جدا جدا علمن ۽ فنن جي تعليم
ڏني ويندي هئي.
ڪلهوڙن جو دور علميت ڪري تمام گهڻو مشهور آهي، نه
فقط سنڌ جي خوشحالي جو دور هو، پر علم ۽ فضل جي
لحاظ کان پڻ درخشان زمانو هو. ڪلهوڙا خاندان جا
بيروني ۽ ٻين اسلامي ملڪن سان سٺا لاڳاپا هئا.
دنيا جي عالمن جي اچ وڃ تمام گهڻي هئي. کنڀات ۽
سورت جا بندر مقدس مقامات ڏانهن وڌيڪ ويجها هئا ۽
آمدرفت جي لحاظ کان سهوليت وارا هئا. مڪي شريف ۽
مديني منوره جون درسگاهون سنڌ جي عالمن لاءِ هميشه
کليل هيون. فقه، تفسير، حديث، منطق، شاعري، حڪمت،
تاريخ، مصوري، هيئت ۽ ٻين ڪافي ترقي ڪئي. ايران جي
چوٽي جي شاعرن، سنڌ جي نوابن جي سخن سنجي جي واکاڻ
ٻڌي سنڌ ۾ ديرو ڄمايو. شيخ جزين، سرمد سرمست ۽
طالب آملي به پهريائين سنڌ ۾ پهتا، پوءِ گجرات ۽
دکن ڏانهن ويا. ان دور ۾ جونپور، احمد آباد، دهلي،
لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٺٽوي ديني علوم جي اشاعت
جا اهم ۽ مکيه مرڪز هئا.(1)
سمرقند ۽ ايران جي ڪن عالمن جي اچڻ ڪري علم منطق ۽
فلسفي جو رواج عام ٿيو. مير فتح الله شيرازي، جنهن
کي اڪبر بادشاهه عضد الدولہ جي خطاب سان نوازيو
هو، تنهن جلال الدين دواني، مير صدر الدين، مير
غياث الدين منصور ۽ مرزا جان مير جا ڪتاب برصغير
پاڪ و هند ۾ رائج ڪرايا ۽ سنڌ جي مدرسن ۾ پڻ اهو
نصاب رائج ٿيو.(2)
ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جا شاگرد علمي تحصيل
ڪرڻ لاءِ پنهنجي قابل ۽ ڪامل استادن سان گڏ مڪي ۽
مديني پاڪ وڃڻ لڳا. نوابن جي سرپرستي هيٺ سنسڪرت،
عربي، ترڪي ۽ يوناني ٻولين جي ادبي شاهڪارن جو
فارسي ۾ ترجمو ٿيو. فن طبابت کي مدرسن جي نصاب ۾
شامل ڪيو ويو.
سيد
عبدالرزاق، نواب اميرخاني جي دور ۾ جملي علمن جو
جامع ٿي گذريو آهي. نواب امير الدين خان بن سيد
ابوالمڪارم 1212هه ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو.
بلند پايه جو مصنف ۽ عالمن جو قدردان هو. رشحات
الفنون، معلومة الافاق جي نالي معياري ڪتاب تصنيف
ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
مسجدون، حوض ۽ درسگاهه تعمير ٿيا.
شيخ
عمر ٺٽوي وقت جو وڏو عالم هو، جنهن وٽ شيخ ڪبير
ناگوري باطني علم پڙهيو. شيخ عمر پوين ڏينهن ۾
گجرات ۾ وڃي رهيو. خواجه عبيدالله احرار، خطيب
ابوالفضل گازروني ۽ مولانا جلال الدين دواتي سندس
همعصر هئا.(1)
ڪلهوڙا پنهنجو نسب حضرت عباس رضه کان ڇڪين ٿا. هن
گهراڻي جو هڪ وڏو بزرگ ميان ”اوڍاڻي“ نالي ڪڇ
مڪران ۾ پير طريقت هو، ۽ گهڻا ماڻهو سندس معتقد
هئا. پوءِ سندس اولاد سنڌ ۾ رهيو. ان بعد گهڻي
عرصي تائين سندس اولاد مان ڪوبه ناليرو ماڻهو پيدا
نه ٿيو. آخر تائين پيڙهي کان پوءِ آدم شاهه بن
ميان کچن بن صاحب بن ميان خان بن طاهر بن ميان
راڻو بن ميان شاهه محمد عرف شاهم بن ميان ابراهيم
بن ميان محمد بن ڄام چنيه، شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ
ابوبڪر جتوئي جي واسطي سان، حقيقت جو ڪامل مظهر،
دائمي معرفت جو بنياد رکندڙ، سيد محمد عرف ميران
مهدي جونپوري، ارشاد جي گادي روشن ڪري، سري جي سير
ڪرڻ کان پوءِ تعلقي چانڊڪي جي هٽڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو.
نواب عبدالرحيم خان خانان، ميان آدم شاهه وٽ دعا
گهرڻ آيو ۽ نذرانو پيش ڪيائين.(2)
ميان اوڍاڻي جي پوٽي چنيه (جونيا) پنهنجي مريدن
سميت مڪران کان نڪري، کنڀات ۾ سڪونت ڪئي. پوءِ
روهڙي تعلقي جي ڳوٺ پريالوءِ وٽ چنيه ٻيلي ۾ ڪجهه
وقت رهيو. سن1220ع ۾ کنڀات جي سانڪره ڳوٺ ۾ وفات
ڪيائين.(1)
ميان آدم شاهه پنهنجي وقت جو سنڌ ۾ وڏو درويش عالم
۽ مدرس هو. ملتان جي سهروردي مشائخن سان سندس
دوستانه رستو هو. ملتان جو ڪوٽوال آقا شاهه محمد
سندس مريد هو. سندس مريدن وصيت موجب سندس جنازي کي
سکر جي لڳ الهندي ٽڪر تي دفنايو. اها ٽڪري اڄ
تائين آدم شاهه جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ عام
زيارتگاهه آهي.(2)
ميان آدم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان دائود پيءُ
جي گادي وسائي. هن ڪو خاص ڪارنامو انجام نه ڏنو،
پر سندس پٽ ميان الياس طالبن ۽ مريدن ۾ گهڻو مقبول
هو. سندس مقبرو ڏوڪري تعلقي ۾ انڙ آباد جي ويجهو
آهي.
ميان يار محمد ڪلهوڙو 1112هه/ 1700ع - 1131هه/
1718ع تائين خدا يار خان جي لقب سان تخت تي ويٺو.
دادو کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف خدا آباد
شهر ٻڌائين، جيڪو 1701ع کان 1768ع تائين ڪلهوڙن جو
تختگاهه ٿي رهيو. هن شهر جا ڦٽل نشان ڏيڍ سو ايڪڙن
۾ آهن. ميان يار محمد جي يادگارن مان اُتي هڪڙي
مسجد سالم بيٺل آهي، ٻيو سندس مقبرو خدا آباد کان
هڪ ميل جي فاصلي تي آهي. اهي ٻئي يادگار ميان يار
محمد پنهنجي جيئري ٺهرايا. ڪلهوڙن سنڌ تي 1196هه/
1783ع تائين حڪومت ڪئي.
ڪلهوڙن جو دور مذهبي تبليغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ
سونهري دور شمار ڪيو وڃي ٿو. عربي ۽ فارسي جو تمام
گهڻو عروج هو. تصنيف ۽ تاليف، درس ۽ تدريس جو
سمورو ڪم عربي ۽ فارسي ۾ ٿيندو هو. سمن جي صاحبي
کان پوءِ فارسي سنڌ جي سرڪاري زبان هئي، ليڪن سنڌي
ٻوليءَ ۾ درس تدريس جي پڻ ضرورت محسوس ڪئي ويئي،
تنهن ڪري ٺٽي جي مشهور عالم مخدوم ابوالحسن سنڌي
ٻوليءَ جو رسم الخط ايجاد ڪيو ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي لکڻ جي باقاعدي شروعات ٿي.
(1)
سڀ
ڪنهن مدرسي کي پنهنجو عاليشان ڪتب خانو هو. اڳ ۾
مدرسا مسجدن جي حجرن ۾ هوندا هئا، پر ڪلهوڙن جي
صاحبي ۾ مدرسن جون الڳ جايون ٺهرايون ويون. پڙهائڻ
جو طريقو اهو ساڳيو ئي رهيو، پر استادن جي تعداد ۾
ڪافي اضافو ڪيو ويو.
ٺٽو
وڏو شهر هو ۽ صدين کان تمدن، تهذيب، صنعت، حرفت،
تجارت ۽ تعليم جو مرڪز پئي رهيو آهي. هيملٽن جي
زماني ۾ ٺٽي ۾ چار سو درسگاهه هئا، پر انهيءَ مان
اهو تاثر وٺڻ نه گهرجي ته سنڌ جا باقي حصا درسگاهن
کان خالي هئا. بکر، سکر، روهڙي، الور، سيوي، کهڙا،
سيوستان، دشت باران، پڪا ڪاتيار، بوبڪان، هالا
ڪنڊي، خانوٺ، جهيجا، انڙپور، کپرو، نصرپور، اگهم
ڪوٽ، ولها، بلڙي، ڪڪراله، مٽياري، نيرون ڪوٽ،
سونڊا، لاهري، ٺٽو، شڪارپور، پريالوءِ، ڪاهان، سن
وغيره جا شهر علم ۽ فضل جي درسگاهن سان ٽمٽار هئا.(2)
مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌي ماڻهو جلد سازي، جدول سازي،
نقاشي ۽ فن مصوري کان وڌيڪ واقف ٿيا. ٺٽي ۾ شيراز
جا بعض علماءَ رهندا هئا، جيڪي خط نسخ ۽ خط
نستعليق کان واقف هئا. مدرسن ۽ درسگاهن کي وڏا وڏا
ڪتب خانا هئا، انهن سان گڏ مصوري ۽ ڪتابن تي
طلاڪاري جو رواج پيو. امير ۽ شاهوڪار ماڻهو
خوشنودين کان ڪتاب لکائيندا هئا.
جيئن ته مغلن جي دور ۾ فن عمارت سازي پڻ ترقي ڪئي،
تنهن ڪري سنڌ ۾ به عمارتن، مسجدن، خانقاهن ۽
درسگاهن جي تعمير سهڻي نموني سان ۽ ايراني طرز تي
ٿيڻ لڳي. انگريزي دور ۾ انهن مان بعض عمارتون
محڪمه آثار قديمه جي نگراني هيٺ رهيون.(1)
نواب سعد الله خان بکري جي مسجد وارو مدرسو:
بکر
جي قلعي جي اتر ۾ خواجه خضر واري خانقاهه نواب
ڪشلو خان تعمير ڪرائي هئي. سندس اولاهين ڪنڊ تي هڪ
شڪسته حالت ۾ مسجد آهي، جيڪا نواب سعد الله خان
بکر واري 1011هه ۾ جوڙائي، جنهن ۾ مدرسو پڻ قائم
هو. انهيءَ مدرسي ۾ قرآن شريف، حديث ۽ فقه سان گڏ
ٻيو دنيوي علم پڻ پڙهايو ويندو هو.
روهڙي، سنڌ جو قديم برڪت ڀريو، عالمن، بزرگن ۽
درويشن جو شهر سن1297ع ۾ جڙيل آهي. هتي جي جامع
مسجد، جيڪا وار مبارڪ ڀرسان پرفضا هنڌ تي آهي، سا
اڪبر بادشاهه جي نواب فتح خان سن992هه ۾ تعمير
ڪرائي هئي. اتي به پري پري جا طالبو تعليم سان
مخمور ٿيا.
نواب سيد ديندار خان جو مدرسو:
سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جو مقبرو پهريائين سلطان
فيروز شاهه تعمير ڪرايو، جنهن کي پوءِ مرزا جاني
بيگ وڌايو. ان بعد امير تيمور جي زماني ۾ نواب
ديندار خان مسجدون تعمير ڪرايون، جن ۾ قرآن شريف
جي درس تدريس ۽ ورد جاري هو. ساڳئي نواب سن1042هه
۾ شيخ ڇٽي امراڻي جي مقبري تي گنبذ تعمير ڪرايو.
ٺٽي
جي شاهجهاني مسجد جو مدرسو:
ساري سنڌ اندر آثار قديم جي نظرن ۾ ٺٽي کي جيڪا
اهميت آهي، سا ٻئي ڪنهن به شهر کي حاصل نه آهي.
هتي جي جامع مسجد شاهجهاني مغليه جو نمونو آهي.
مسجد جي ڇت ۾ ڪل ٻيانوي وڏا گنبذ آهن. ”لب تاريخ“
جي مصنف جو چوڻ آهي ته هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا
امير خان ولد نواب ابوالقاسم بکري شاهجهان جي حڪم
سان 1054هه ۾ شروع ڪرايو ۽ مسجد جي تڪميل 1068هه ۾
ٿي. انهيءَ مسجد ۾ حڪومت طرفان جامع درسگاهه قائم
هو، جتي ولايتن جا شاگرد پڙهندا هئا. اسلامي دنيا
جا مڃيل جيد عالم پڙهائيندا هئا.
ٺٽي
جي بازار جي مهڙ ۾ مسجد ظفر خان، جيڪا مسجد خضر
حيات سڏجي ٿي، دراصل سن1022هه ۾ جهانگير جي زماني
۾ مير عبدالرزاق حسين المعموري تعمير ڪرائي، جنهن
۾ مرزا رستم صفوي ٺٽي جي نواب پاران هڪ وڏو مدرسو
قائم هو.
ڪلهوڙن جي دور ۾ تعليم جي نظام کي ٽن گروپن ۾
ورهائي سگهجي ٿو: (1) هڪڙا اهي بزرگ، جيڪي نيڪ ۽
روحانيت جا صاحب هئا. اهي پنهنجن طالبن، مريدن ۽
عقيدتمندن کي خانقاهن اندر اسلام جي تبليغ وسيلي
روحانيت جو سبق ڏيندا هئا. (2) ٻيا اهي عالم جيڪي
وقت جا قاضي هئا. اهي پنهنجن گهرن ۾ تعليم ڏيڻ جو
ڪم ڪندا هئا. (3) ٽئين قسم جا اهي فاضل ۽ عالم،
جيڪي باقاعدي مدرسن ۾ مختلف علمن جو درس ڏيندا
هئا، مدرسن جو نصاب پڻ علمي سلسلن جي نمائندگي
ڪندو هو: (الف) سمرقندي ڪورس (ب) سيالڪوٽي ڪورس
(۽) درس نظامي.
سن
1182هه ۾ جڏهن محمود غوري سنڌ تي حملو ڪيو ۽ لاڙ
واري ڀاڱي تي قبضو ڪيو هئائين، ان زماني ۾ سنڌ
اندر جيڪي اسلامي درسگاهه هئا، تن ۾ نصاب سمرقندي
رائج ڪيو ويو. هن نصاب ۾ حنفي فقهه تي گهڻو زور
ڏنو ويندو هو. حديث، علم منطق ۽ فلسفي ڏانهن ايترو
ڌيان نه ڏنو ويندو هو. مغلن جي زماني ۾ پنجاب جي
مشهور شهر سيالڪوٽ ۾ هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ مولانا
عبدالحڪيم سيالڪوٽي پيدا ٿيو، جنهن سمرقندي نصاب ۾
ڪجهه ڦيرو آندو هو. منطق ۽ فلسفي تي زياده زور ڏنو
ويو. ان ساڳئي دور ۾ علامه نظام الدين سيهالوي يو.
پي ۾ آيو. هن بزرگ پڻ نصاب سمرقندي ۾ ڦيرو آڻي درس
نظامي رائج ڪيو.(1)
اُن
زماني ۾ عربي مدرسا ٻن نمونن ۾ ورهايل هئا: پهريون
قسم انهن مدرسن جو هو، جيڪي سومرن، سمن، ارغونن ۽
ترخانن جي دور ۾ به ڪجهه بدليل هئا ۽ اهي ئي مدرسا
ڪلهوڙن جي صاحبي توڙي ٽالپرن جي دور ۾ به قائم
رهيا. مدرسا ڪن خاص نالن جي بدران فقط ”عربي
مدرسا“ ڪري سڏيا ويندا هئا. الڳ الڳ نالن جو رواج
برطانيه جي دور جي پيداوار آهي، جن جو ذڪر ايندڙ
باب ۾ ڪنداسون. تنهن ڪري هتي مدرسن ۽ درسگاهن جو
ذڪر عالمن جي نالن سان ئي ڪجي ٿو.
شيخ
عمر جو مدرسو:
شيخ
عمر ٺٽوي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي.
شيخ مبارڪ ناگوري کانئس علم باطني ۽ ظاهري پڙهيو
هو ۽ سندس ئي چوڻ تي دنيا جي سياحت ڪرڻ جو ارادو
ترڪ ڪيو هئائين. شيخ عمر پنهنجي زندگيءَ جو اوائلي
دور ٺٽي ۾ درس ۽ تدريس ۾ گذاريو.(1)
ان بعد پويان ڏينهن گجرات ۾ وڃي رهيو، جتي خواجہ
عبدالله احرار، خطيب الفضل گازروني ۽ مولانا جلال
الدين دواني سندس همعصر هئا.(1)
مرزا عبدالرحيم خان خانان جي علم پروري ۽ شعراءَ
نوازي گهڻن ئي بزرگن کي گجرات ڏانهن ڇڪي وٺي وئي،
مولانا عمر به انهن مان هڪ هو. سندس وفات ڏهين صدي
هجري جي آخر ۾ ٿي.
ملا
احمد شاهي استاد ۽ سندس درسگاهه:
ملا
احمد بن نصر الله ٺٽوي السندي اصل شيرازي ملن مان
هو ۽ حڪيم فتح الله شيرازي جي سفارش سان فتح پور
(سڪري) واري اڪبري علمي مجلس ۽ علمائن جي زمري ۾
شامل ٿيو. ملا احمد شهنشاهه جي حڪم سان ٻن مهينن
اندر ياقوت حموي جي ”معجم البلدان“ جي ٻن سون جلدن
مان ٻارهن جلدن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ان بعد
شهنشاهه اڪبر جي حڪم سان اسلام جي هزار ورهين جي
”تاريخ الفي“ تصنيف ڪئي، جنهن جا بعض جلد رامپور
جي شاهي ڪتب خاني ۾ موجود آهن. هن ڪتاب جو ديباچو
شيخ ابوالفضل جو لکيل آهي.
ملا
احمد، شاهي محل ۾ شهزادن ۽ اميرزادن کي به ديني
تعليم سان گڏ دنيوي ۽ اخلاقي تربيت ڏني، ان ڪري
اڪبري درٻار ۾ کيس شاهي استاد جي لقب سان سڏيندا
هئا ۽ سندس وڏي عزت ڪندا هئا. هندستان جي تاريخ جو
مصنف، حڪيم محمد قاسم بن مولانا غلام علي استر
آبادي، جنهن جي ”تاريخ فرشتہ“ هن وقت مورخن لاءِ
سند آهي، سو ملا احمد جو شاگرد هو.(2)
”تاريخ الفي“ کان سواءِ ملا احمد، ايران جي شاعر
خيام جي ٻن رسالن ”لوازم المنڪنہ“ ۽ ”ميرزان
الحڪيم“ جو محققانه انداز ۾ تفسير ۽ تبصرو ڪيو.
عيسوي 19 صدي جي آخر ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ يورپ
جا مستشرق جيڪي عمر خيام جي شخصيت جي ڳولا ڪرڻ
نڪتا، تن مان روسي مستشرق والنٽاٿين زڪووسڪي،
فرينچ محقق هوٽسمان، ايڊورڊ برائون ۽ ڊاڪٽر
ڊينسيسن راس جهڙن اديبن کي به ”تاريخ الفي“ جي
ڳولا ڪرڻي پيئي. سن1906ع ۾ پروفيسر برائون تاريخ
”اديبات ايران“ تصنيف ڪرڻ وقت ”تاريخ الفي“ تان
مدد ورتي. ملا احمد رافضي عقيدي جو هو، تنهن ڪري
اڪبري دربار جا بعض علماءَ ساڻس اندروني دشمني
رکندا هئا. آخرڪار يارهين صدي هجري جي پهرئين ڏهي
۾، هڪ رات مرزا فولاد برلاس هٿان سنڌ جو هيءُ
درخشان ستارو هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. مرزا فولاد
به مٿئين ڏوهه ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان مارجي
ويو.
شيخ
مبارڪ ناگوري سنڌي عربي نسل مان هو. سندس عربي
خاندان جو جد اعليٰ شيخ موسيٰ سياحت جي ارادي سان
پنهنجي وطن يمن کان گهمندو ڦرندو سنڌ جي ريل پرڳڻي
۾ پهتو، جتي هن شادي ڪئي، جنهن مان سن911هه ۾ شيخ
مبارڪ ڄائو. شيخ مبارڪ سنڌ مان نڪرڻ کان پوءِ
پهريائين ناگور پهتو، پوءِ ڪجهه وقت گجرات ۾ رهڻ
کان پوءِ آگري پهتو، جتي جمنا جي ڪناري تي خواجه
حسين مروي جو پاڙيسري ٿي رهيو.
خواجه حسين، شيخ علاءُ الدين سمناني جي خاندان مان
اهل ڪمال ٿي گذريو. شيخ مبارڪ ظاهري مهدوي فرقي جو
قائل هو، ان ڪري وقت جي علمائن اڪبري درٻار ۾ سندس
شڪايت ڪئي. انهيءَ مخالفت جي ڪري شيخ صاحب ڪجهه
وقت خاموش رهيو. آخر سن974هه ۾، سندس وڏي پٽ فيضي
کي شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ رتبو مليو ۽ شيخ جي
قسمت پلٽو کاڌو. اڪبر اعظم فن حديث ۾ سندس شاگرد
هو.
شيخ
مبارڪ هڪ بلند پايه شخص هو. ظاهري توڙي باطني علمن
۾ ڪمال رکندڙ هو. تفسير ڪثير جي انداز تي چئن جلدن
۾ تفسير ”منبع العيون“ لکيائين. س1000هه ۾ وفات
ڪيائين ۽ آگري جي چهار باغ ۾ دفنايو ويو.(1)
ابوالفيض فيضي شيخ مبارڪ جو وڏو پٽ هو، سن954هه ۾
آگري ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان
حاصل ڪرڻ بعد خواجه حسين مروي کان تربيت وٺڻ لڳو.
جلوس اڪبري جي 24 سال شهزادي دانيال جو اتاليق
مقرر ٿيو. پوءِ درٻار اڪبري ۾ ”ملڪ الشعراءَ“ جي
رتبي کي پهتو.
حقيقت آهي ته هندستان اندر ڇهن سون سالن جي وڏي
عرصي اندر فقط ٻه شاعر پيدا ٿيا، جن شاعري ۾ وڏي
ڪماليت جو درجو حاصل ڪيو. هڪڙو امير خسرو ”طوطي
هند“ ٻيو علامه فيضي السندي.(2)
علم
۽ فن جي خدمت ڪرڻ، درس و تدريس ڏيڻ فيضي جو خاص
مذاق هو. سندس قيمتي ڪتبخاني ۾ 4006 مصنفن جي هٿ
اکرن سان لکيل نسخا موجود هئا، جن ۾ طب، نجوم،
موسيقي، حڪمت، تصوف، تفسير، فقهه ۽ حديث جا ڪتاب
هئا. شيخ محدث دهلوي سان سندس دوستي هئي. اٽڪل هڪ
سو ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن مان ”خمسہ“ عيني نظامي
گنجوي جي پنجن مثنوين جو جواب 1003هه ۾ لکي پورو
ڪيائين. ”موارد الڪلم“ جيڪو قرآن پاڪ جو غير منقوط
تفسير آهي ۽ ڪلڪتي مان شايع ٿي چڪو آهي، سن985هه
لکي ختم ڪيو هئائين. ”سواطع المهام“ به غير منقوط
تفسير سن1002هه ۾ تصنيف ڪيائين، جنهن تي مصنف کي
ناز هو. ”انشاءَ فيضي“ علامه فيضي جي خطن جو
مجموعو آهي، جن کي سندس ڀاڻيجي نور الدين محمد بن
حڪيم عين الملڪ نقل ڪري ”لطيف فيضي“ نالو رکيو. هي
ڪتاب انشاءَ پردازي تي بهترين شاهڪار آهي. جيتوڻيڪ
”طباشير الصبح“ سندس هڪ ديوان جو نالو آهي، پر
سندس پوري ڪلام جو تعداد 59 هزار آهي. سن990هه
”مهاڀارت“ کي فارسي ۾ منظوم ڪري، مٿس ”رزمگاهه“
نالو رکيائين. هن ڪم ۾ ملا عبدالقادر بدايوني ۽
ملا اثيري سندس مددگار هئا.
سن983هه ۾ فيضي ابراهيم سرهندي جي مدد سان
”اٿرويد“ جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو، ساڳئي وقت رياضي
جي مشهور ڪتاب ”ليلا وتي“ کي به فارسي جو جامو
پهرايائين. سن 1004هه ۾ اڪبر درٻار جو هي مايه ناز
سنڌي رتن وفات ڪري ويو.
علامه ابوالفضل شيخ مبارڪ جو ٻيو نمبر فرزند هو.
هو سن958هه ۾ آگري ۾ ڄائو. سن993هه ۾ اڪبري درٻار
۾ پهريائين هڪ هزاري منصب تي فائز ٿيو. پوءِ
1000هه ۾ ٻن هزارن جي منصب سان گڏ درٻار اڪبري جو
”مير منشي، ممالڪ ڪل هندستان“ به مقرر ٿيو.
ابوالفضل صاحب سيف و قلم هو. الله آباد ۾ شهزادي
سليم جي بغاوت کڙي ڪرڻ تي اڪبر بادشاهه کيس معاملي
کي سڌارڻ لاءِ روانو ڪيو، پر گواليار وٽان لنگهندي
اُجين جي راجا هٿان شهيد ٿي ويو.(1)
سندس تربت گواليار کان پنج ميل پري انتڙي جي ڳوٺ
وٽ آهي. شيخ ابوالفضل جي تصنيفات مان مشهور ڪتاب
آهن: آئين اڪبري جيڪو هن 1006هه ۾ لکيو، ”اڪبر
نامه“ (ٻن جلدن ۾)، ۽ ”رقعات ابوالفضل“ جنهن مان
سندس طبعي حالات، دلي خيالات ۽ علمي لياقت جو پتو
پوي ٿو. تيموري دور ۾ ”علامه“ جو خطاب پهريائين
ابوالفضل کي حاصل ٿيو.(1)
ميون مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (ولادت 1085هه/1661ع)،
ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽي جو وڏو جيد عالم ۽ بزرگ ٿي
گذريو آهي. سندس زندگي جو ڪوبه مفصل احوال ڪٿان
ڪونه ٿو ملي، صرف ايترو تاريخن ۾ اچي ٿو ته هن
بزرگ پنهنجي حياتي جو وڏو حصو درس تدريس، تصنيف ۽
تاليف ۾ گذاريو. سنڌي ٻوليءَ جي الف- بي مقرر ڪرڻ
۽ ان ۾ تصنيفات ڪرڻ هن بزرگ جو هڪ وڏو ڪارنامو
آهي.
مقدمة الصلوات نالي سندس پهريون ڪتاب انهيءَ رسم
الخط ۾ سن1700ع ڌاري لکيائين، جيڪو خود پنهنجي
مدرسي ۾ 1715ع تائين پڙهائيندو رهيو. مخدوم صاحب
جي مدرسي مان وقت جي ڪيترن ئي وڏن عالمن فيض حاصل
ڪيو ۽ علمي تحصيل ڪيائون.(2)
”مقدمة الصلوات جي اهميت جو اندازو هن مان ڪري
سگهجي ٿو جو وقت جي وڏن عالمن جو ڪتاب ۾ آيل مسئلن
بابت تحريري مناظرو ٿيو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، هن
ڪتاب جي ڪن مسئلن تي تنقيد ڪئي ۽ ٻه چار اصلاحي
بيت ان سان ملايا، جنهن تي ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم
مخدوم محمد قائم سنڌي مقدمة الصلوات جو عربي ۾
ترجمو ڪيو ۽ ان ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تنقيد
جو محققانه جواب ڏنو. اتفاق اهڙو ٿيو جو مخدوم
محمد قائم وفات ڪري ويو ۽ ان جي رسالي تي مخدوم
محمد هاشم رد لکيو. اهي سڀ رسالا قاسمي صاحب جي
ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهن.
مخدوم ابوالقاسم درس ٺٽوي جي روحاني درسگاهه:
مخدوم ابوالقاسم نور الحق ٺٽوي ولد ابراهيم نزيل
ٺٽو(1)
شروع ۾ قرآن شريف ياد ڪري، ظاهري علمن کان فارغ ٿي
ٺٽي جي مشهور عارف ڪامل عالم مخدوم آدم جي صحبت ۾
تصوف جون منزلون طي ڪرڻ لڳو. مخدوم آدم (وفات
1066هه) سندس قابليت ۽ استعداد ڏسي کيس حڪم ڪيو ته
باقي منزلون وڃي شاهه سيف الدين (متوفي 1098هه)
ولد عروت الوثقيٰ خواجه محمد معصوم ولد شيخ احمد
امام رباني سرهندي جي خدمت ۾ پوريون ڪري.
ابوالقاسم سنڌ مان ڪهي سرهند ۾ پهتو. شاهه سيف
الدين جي مٿس گهڻي مهرباني ٿي ۽ ظاهري و باطني
علمن جي مٿس پالوٽ ٿي. اتان فيض پرائي ٺٽي ۾ واپس
آيو، ۽ اتي پنهنجو وڏو روحاني فيضگاهه کوليائين.
پنهنجي عامل ۽ ڪامل استاد شاهه سيف الدين جي اچڻ
تي سنڌ ۾ نقشبندي طريقي کي زور وٺايائين. وقت جا
وڏا علماءَ به سندس معتقد ۽ مريد اچي ٿيا. مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جهڙا بلند پايه عالم به سندس بيحد
معتقد هئا. سندس فيض جو آواز ٺٽي مان نڪري، ساري
هندستان ۾ پهتو. دهلي، سورت ۽ احمد آباد ۾ به سندس
طالب، مريد ۽ خليفا هئا. دهليءَ جي هڪ وڏي امير
محمد صديق نالي سندس خدمت ۾ رهي، ٺٽي ۾ ئي پنهنجا
پساهه پورا ڪيا. ان زماني ۾ جيڪي ماڻهو سرهند شريف
ڏانهن سلوڪ لاءِ ويندا هئا، تن کي هڪ ئي جواب
ملندو هو ته ابوالقاسم ٺٽوي ڏانهن رجوع ڪريو.
مخدوم ابوالقاسم جون ڪرامتون ۽ خورازق عادات هزارن
جي تعداد ۾ مشهور آهن، جن کي علامه معين ٺٽوي، جدا
هڪ رسالي جي صورت ۾ جمع ڪيو آهي. هند ۽ سنڌ توڙي
عربستان جي جن عالمن ۽ بزرگن کانئس فيض پرايو يا
بيعت ورتي، تن جا نالا هي آهن: (1) مخدوم محمد
معين ٺٽوي (2) مخدوم مقيم ولد سعد الله ساڪن ڪريه
جهيجاه (3) ميان يعقوب سمون ساڪن ڪريه ڪبر (4) شيخ
يحيٰ عرب مدينه منوره (5) سيد محمد ناصر ولد سيد
نعمت الله شڪر الايلي شيرازي رح (6) ميان حبيب ميت
پوٽي سان مشهور آهي. (7) ميان عبدالولي برادر
عبدالباقي واعڊ اگهمي (8) حاجي ڪمال اڍيجو (9)
مخدوم ضياءُ الدين دانشمند معروف ٺٽوي (هيءُ بزرگ
مخدوم محمد هاشم جو استاد آهي.) (10) ميان نور
محمد سهار (11) سيد عبدالله ولد سيد نعمت الله شڪر
الاهي شيرازي رح (12) مخدوم عنايت الله بصير واعظ
ٺٽوي (13) مير مرتضيٰ ولد مير ڪمال الدين خان رضوي
(14) سيد سلطان شاهه هندي(1)
(15) سيد رحمت الله عرف سيد مٺو شڪر الاهي شيرازي
رح (16) ميان عبدالباقي واعظ ساڪن اگهم متعلوي قدس
سره (17) ميان عبدالرحيم سومرو (18) مخدوم ميدنه
رح نصرپوري، جنهن کان سندس پٽ مخدوم عبدالله فيض
ورتو. (19) درس بلال، ساڪن پراڻ، جنهن کان سندس پٽ
درس الدين فيض پرايو. (20) ميان محمد نبيره مخدوم
آدم نقشبندي کان ميان زمان ساڪن موضع لنواري و سيد
عزت الله شيرازي شڪر الاهي والد مير قانع صاحب.
مخدوم ابوالقاسم نقشندي ٺٽوي ايڏي وڏي روحاني علم
۽ عمل جو مالڪ ۽ سالڪ عالم بزرگ 7 شعبان 1138هه ۾
محمد شاهه جي ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو.(1)
علامه ابوالحسن ڪبير سنڌي ۽ سندس مدرسو ”مدرسہ
الشفا“:
مخدوم ابوالحسن جو اصل نالو محمد، ڪنيت ابوالحسن ۽
لقب نور الدين آهي. سندس نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
محمد بن عبدالهادي السندي التتوي ثم المدني الحنفي
ٺٽي ۾ پيدا ٿيو، اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. حديث
جي تعليم کان سواءِ جملي علوم و فنون جي تحصيل
پنهنجي وطن ۾ ئي ڪيائين. سندس اُستادن مان ڪنهن به
عالم جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. البت مرادي
جي لفظن ”واخذ بها عن جماعتہ من الشيوخ“ مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن استاد جي هڪ جماعت کان تعليم حاصل
ڪئي. ملا عابد سنڌي به اهوئي لکي ٿو ته ”اخذ عن
جماعة من العلماءِ الاعلامہ في بلده والحرمين
وغيرهما“(2)
حرم جا علماءَ اعلام هي هئا:
(1)
برهان الدين ابراهيم بن حسن الڪردي الڪوراني
المتوفي 1102هه (شاه ولي الله صاحب رح، ”انسان
العين في مشائخ الحرمين“، مطبع احمدي دهلي، ص7-8)
(2) شيخ محمد بن عبدالرسول برنجي، هي ملا
ڪوراني جو خاص شاگرد هو.(3)
(3) شيخ عبدالله بن سالم بصري.
مولائي شيدائي، جنت السنڌ ص521
مير غلام علي آزاد، خزانه عامره، ص ص122-165
مولوي ذڪاءَ الله، تاريخ هند، ص57
رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ”ڪلهوڙا اصل نو مسلم چنا
قوم مان هئا، جي پوءِ زور وٺي پاڻ کي عباسي
سڏائڻ لڳا. وٽن شجرو ڪونه هو ۽ نه وري وقت جا
علماءَ سندن شجرو ٺاهي سگهيا. سنڌ ۾ هڪڙو
عباسي بزرگ مهرا خطيب نارو رهندو هو، جنهن وٽ
پتل جي تختي تي سندس شجرو لکيل هو. ڪلهوڙن
سندس ڳوٺ ساڙائي ۽ سندس مريدن کي مارائي، تختي
هٿ ڪئي ۽ ان موجب پنهنجو شجرو ٺاهي پاڻ کي
عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. انگريزي دور ۾ هندستان
جي آدمشماري جي رپورٽ ۾ ڪلهوڙن کي ڄاموٽ شمار
ڪيو ويندو هو.
تحفة الڪرام، جلد 3، ص ص102- 103
رحيمداد شيدائي، جنت السنڌ، ص449
محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، جلد اول
1937ع، ص1113 مخدوم ابوالحسن 1700ع ۾ سنڌي رسم
الخط ۾ مقدمہ الصلواة ڊگهي نظم جي صورت ۾ ڪتاب
لکيو.
غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا عهد) حصو
ٻيو، ص980
سنه 1870ع ۾ برٽش حڪومت هندستان ۾ آثار قديمه
جو کاتو کوليو، سن1878ع ۾ لارڊ لٽن گورنر جنرل
پوڻا چار لک روپيا انهيءَ کاتي جي خرچ لاءِ
منظور ڪيا. لارڊ ڪرزن تاريخي عمارتن جي حفاظت
لاءِ
“Abcrient Nounmonts Proscrvation Act”
سان گڏ هن کاتي مٿان هڪ
Dirrector General
مقرر ڪيو.
The Indian Year Book 1941-42 Vol: XXVIII,
CHP. Archeology Bombay.
درس نظامي، نظام الملڪ ملا نصير الدين طوسي جو
وضع ڪيل آهي، جيڪو بغداد جي مدرسه نظاميه لاءِ
تيار ڪيو هو. بغداد جو مدرسو نظاميه 10
ذوالقعد 457هه، 1064ع ۾ قائم ٿيو. دارالعلوم ۾
هڪ ئي وقت ڇهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪندا
هئا. علامه ابو اسحاق شيرازي مدرسي جو صدر
اعظم هو. شاگردن لاءِ نقد وظيفا ۽ استادن لاءِ
معقول رقم مقرر ٿيل هئي (مولانا شبلي اسلامي
مدارس، ص ص449-450) طوسي جي وضع ڪيل نصاب ۾ سڀ
کان وڌيڪ اضافو سڪندر لوڌي جي دور ۾ شيخ
عزيزالله ۽ شيخ عبدالله ڪيو. هنن ٻنهي عالمن
قاضي عبدالملڪ جون تصانيف، مطالع، مواقف ۽
سڪاڪي جي مفاتح العلوم کي نصاب ۾ داخل ڪيو.
علامه بدايوني جي قول مطابق ته علم منطق کي
هند و پاڪ ۾ انهن ماڻهن جي وجود سان فروغ حاصل
ٿيو. ان کان پوءِ مير سيد شريف جرحاني ره جي
شاگرد علامه تفتازاني جي شاگردن پنهنجي استادن
جي شرح کي نصاب ۾ داخل ڪيو. (هندستان جا قديم
درسگاهه، ص ص93-95) اڪبري زماني ۾ عضدالملوڪ
مولانا فتح الله شيرازي نصاب ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو
۽ عالمن ان کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. عالمگيري
دور ۾ شاهه ولي الله (المتوفي 1173هه، 1660ع)
ان ۾ ڪافي ترميمون آنديون ۽ انهن کي الجزءُ
اللطيف ۾ لکيو آهي. ملا نظام الدين سيهالوي
(المتوفي 1161هه، 1747ع) جي مرتب ڪيل نصاب کي
مدرسه نظاميه فرنگي محلي لکنوي ۽ هند و پاڪ جي
سڀني ديني مدرسن ۾ قبول ڪيو ويو. هن ۾ سڀ کان
اول مولانا محمد قطب الدين عبدالوي فرنگي محلي
۾ ڪافي اصلاح آندي. اهو ساڳيو درس نظامي
معمولي تبديلي کان دارالعلوم ديوبند توڙي هند
و پاڪ جي سڀني عربي مدرسن ۾ رائج ٿيو.
مولوي ذڪاءَ الله، تاريخ هند، جلد پنجون
مولوي حڪيم عبدالحي، يادِ ايام، ذڪر گجرات جا
علماءَ
مولانا حڪيم محمد قاسم، تاريخ فرشته، جلد 2
(اردو ترجمو) ص379
مولانا محمد حسين آزاد، درٻار اڪبري، ذڪر شيخ
مبارڪ ناگوري
علامه فيضي کان اڳ غزالي ايراني اڪبري درٻار
جو ملڪ الشعراءَ هو. شبلي، شعر العجم، جلد
ٽيون ص28
Bornier’s Travels, Vol: I, P-154
مولانا سيد عبدالحي، يادِ ايام ص ص34- 72
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، ج
اول ص590
شجرو ابوالقاسم ۽ احول تڪمہ مقالات الشعراءِ
سيد سلطان شاهه هندي، خواجہ خليل جو ڀاڻيجو
هو، جنهن مرزا باقي کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد
ڪئي. ان خدمت جي ٻدلي ۾ وڏي عهدي تي سرفراز ٿي
مهردار ٿيو، سندس رائنڪ مڪلي تي مشهور آهي.
سندس وصيت موجب کيس ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ عليحده گنبذ
۾ دفنايو ويو. 1128 هجري ۾ مير لطف علي خان جي
موقوف ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل چار ورهيه ٺٽي جو
ناظم ٿي مقرر ٿيو.
مولانا سيد عبدالحي، يادِ ايام ص ص 34-72
مولوي عبدالوهاب ملتاني، ”حاشيه صحيح مسلم“
ص90
شاه ولي الله، ”انسان العين مشائخ الحرمين“
مطبع احمدي دهلي ص7
|