موجوده داٻيچي اسٽيشن کان اٽڪل 5 ميلن جي فاصلي تي
ڏکڻ اوڀر طرف ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ رستي کان ٻن
ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ ”گهارو“ نالي هڪ سامونڊي
کاريءَ جي تي قديم شهر ڀنڀور جي کوٽائي مان قديم
آثارن وارن کي ڪي شيون ۽ نشانيون لڌيون، جن جي
بناءَ تي هن شهر کي سنڌ جو قديم بندر ديبل ٺهرايو
ويو.(1)
سنڌ جي هن قديم بستي متعلق مورخن ۾ ڪافي اختلاف
پئي رهيا آهن ۽ مختلف دورن ۾ هن بستي کي جدا جدا
هنڌن تي ڏيکاريو ويو آهي. ديبل جي ان غير يقيني
محل وقوع بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عرب تاريخ
نويسن جي احوالن جي آڌار تي لکي ٿو ته ”سن37-636ع
۾ حضرت عمر رضه جي خلافت جي زماني ۾ (سن5هه) عمان
جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي، مغيره ۽ حڪم
جي هٿ هيٺ سمنڊ ذريعي هڪ مهم موڪلي هئي، جنهن
هندوستان جي ٽن بندرگاهن ديبل، ڀروج ۽ ٿاڻه تي
حملا ڪيا هئا، ۽ ان کان پوءِ عبدالله بن نبهان ۽
بُذيل بن طهفة الجبلي سن711هه ۾ ديبل تي حملو ڪيو
۽ بعد ۾ محمد بن قاسم سن713ع ۾ ديبل فتح ڪيو.(1)
ان
دور ۾ سنڌ ۾ ديبل بندر ۽ وڏو شهر هو، جيڪو عربن جي
اچڻ کان پوءِ علمي شهر بنجي ويو. هن شهر ۾ عربي
مدرسي جو بنياد پيو. عراق ۽ عرب کان ڪيترائي عالم
هن شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود هن ئي شهر ۾ وڏا جيد عالم،
محدث، مفسر ۽ فقيهه پيدا ٿيا. عرب تاريخ نويسن
ڪيترن اهڙن عالمن کي ان شهر جي نسبت سان ”ديبلي“
ڪري لکيو آهي. علامه سمعاني پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب
الانساب“ ۾ اهڙن ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي،(2)
جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
1-
ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي:
هيءُ وڏو بلند پايه عالم هو. ديبل مان هجرت ڪري
مڪي شريف ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائين. ابن عيينہ
ڪتاب التفسير ۾ ابو عبدالله سعيد بن عبدالرحمٰن
مخزومي کان روايت ٿو ڪري ته پاڻ ابو عبدالله حسين
بن حسن مروزي کان تعليم حاصل ڪئي هئائين. ساڳيءَ
طرح عبدالحميد بن صبح کان به روايت ثابت ٿئي ٿي.
سندس شاگردن مان هيٺيان مشهور بزرگ ۽ عالم ٿي
گذريا: ابوالحسن احمد بن فرا سمڪي، ابوبڪر محمد بن
ابراهيم بن علي ابن مقري وغيره. علامه ياقوت حموي
پڻ مختصر نموني ۾ ابو جعفر جو ذڪر ڪيو آهي.
2-
ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي:(1)
هي
بزرگ ديبل جو وڏو محدث عالم ٿي گذريو آهي. مٿئين
ابو جعفر محمد جو فرزند هو. علامه سمعاني هن بابت
سندس والد جي تذڪري ۾ لکي ٿو ته ابو جعفر ابن
ابراهيم بن محمد بن علي ڪبير کان ٻين ڪيترن عالمن
حديث جي روايت ڪئي آهي. علامه ياقوت حموي به ساڳي
روايت ڪري ٿو.
3-
ابوالقاسم شعيب بن محمد ديبلي:(2)
سندس ڪنيت ابوالقاسم آهي. سندس نالو شعيب بن محمد
بن احمد بن شعيب بن بزيع بن سوار ديبلي آهي. علامه
سمعاني لکي ٿو ته کيس ابن قطحان ديبلي به ڪري
چوندا آهن. مصر ۾ آيو ۽ اتي حديث جي روايت ڪيائين.
ديبل ۾ سندس مدرسو هو، جنهن ۾ حديث جو درس ڏيندو
هو. ابو سعيد بن يونس فرمايو ته مون کانئس حديث
ٻڌي هئي ۽ ان کي قلمبند ڪيو.
4-
خلف بن محمد موازيني ديبلي:(3)
هي
وڏو جيد عالم ۽ سرزمين سنڌ جو وڏو بزرگ ٿي گذريو.
بغداد ۾ رهي علي بن موسيٰ ديبليءَ کان روايتون
ٻڌائين، جيڪي کانئس وري ابوالحسن احمد بن محمد بن
عمران جندي بيان ڪيون. هو سندس شاگردن مان هو.
5-
ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي:(1)
هي
وڏو صالح ۽ نيڪ انسان هو. ابو خليفه، فضل بن حباب
حمصي جعفر بن محمد بن حسن قريابي، عبيدان بن احمد
بن موسيٰ عسڪري، محمد بن عثمان بن ابي سويد بصري
کان حديث جي روايت ٻڌي ۽ ان ۾ سندس سند حاصل
ڪيائين. مشهور محدث امام حاڪم ابو عبدالله الحافظ
به هن سنڌي عالم جو شاگرد آهي. هن کان سواءِ کيس
سماع جو شوق ٿيو. ماهه رمضان 345هه ۾ وفات ڪيائين.
ابو عمرو بن نجيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي.
6-
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي:(2)
هي
بزرگ وڏو جيد عالم، عابد ۽ زاهد هو. علم جي طلب ۾
ڪافي ملڪ ڦريو هو. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيمة
جي دور ۾ نيشاپور ۾ اچي رهيو. نيشاپور ۾ حسن بن
يعقوب حدادي جي خانقاهه ۾ رهيو هو. اُن جي گرم
پوشاڪ پهريندو هو ۽ پير اُگهاڙا ڪري گهمندو هو. هن
بصري ۾ وقت جي وڏن عالمن جهڙوڪ ابو خليفه قاضي
کان، بغداد ۾ جعفر بن محمد فريابي کان، مڪي ۾ مفضل
بن محمد جندي ۽ محمد بن ابراهيم ديبلي کان، مصر ۾
ابن عبدالرحمٰن ۽ محمد ابراهيم کان حديثون ٻڌيون.
نيشاپور ۾ ماهه رجب سن343هه/954ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين
۽ حيره جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي آهي.(3)
7-
علي بن موسيٰ ديبلي:(1)
هي
بزرگ سرزمين سنڌ جو هڪ وڏو محدث هو. خلف بن محمد
موازيني ديبلي هن کان روايت ڪئي آهي ۽ هو سندس
شاگرد هو.
مٿي
بيان ڪيل ديبل جي سنڌي عالمن جو مختصر احوال ”ڪتاب
الانساب“ مان ورتل آهي. انهن سنڌي عالمن جا ان
عربي دور ۾ سنڌ جي قديم تاريخي شهر ديبل ۾ ضرور
مدرسا هوندا، جيڪي ان زماني جي رواج موجب مسجد
شريف ۾ ئي هوندا. سرزمين سنڌ ۾ ديبل ئي سڀ کان
پهريون شهر هو، جنهن ۾ عربن مسجد شريف جو بنياد
رکيو.(2)
اروڙ
اروڙ هڪ پراڻو شهر راءِ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ
هو. مهراڻ جي ڪناري تي آباد هو ۽ منجهس قسمين
قسمين جا باغ هئا، جنهن ڪري سڄي سنڌ ۾ ممتاز هو.
پر پوءِ سنڌو درياءَ جي رخ مٽائڻ سبب شهر ويران ٿي
ويو. ان کان پوءِ اُتي جا رهاڪو بکر ۽ ٻين جاين
ڏانهن لڏي ويا.(3)
جڏهن محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن دستور
موجب ”احنف بن قيس بن رواح“ اسدي کي اروڙ جو گورنر
مقرر ڪيائين. ٻن سالن کان پوءِ هندستان جا ماڻهو
باغي ٿي ويا. باقي ديبالپور جي سرحد کان وٺي سمنڊ
تائين اسلامي گورنرن جي هٿ هيٺ رهيو.(1)
عرب
سياح ۽ تاريخ نويس جهڙوڪ ابن خردازبہ، اصطخري،
مقدسي ۽ مسعودي سڀئي اروڙ بابت هن ريت متفق آهن:
”پوءِ جڏهن اهي سڀ درياءَ جن جو بيان ڪيوسون (يعني
پنجاب جا پنج درياءَ) ملتان جي حد ٽپي اڳتي وڌن
ٿا، تڏهن ملتان ۽ منصوره کان بعد دوشاب نالي هڪ
جاءِ تي پاڻ ۾ گڏجن ٿا. پوءِ جڏهن اهي سڀ ”رور“
(اروڙ) جي شهر وٽ جو منصوره جي ضلعن مان هڪ آهي،
ان جي الهندي طرف کان پهچن ٿا ته اتي کين ”مهراڻ“
جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جو پوءِ ٻن حصن ۾
ورهائجي ٿو ۽ هن وڏي درياءَ- جو ”سنڌ جي مهراڻ“ جي
نالي سان مشهور آهي- جا ٻئي حصا منصوره جي هڪ ضلعي
شاڪره (ساڪره) وٽ هندي سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ ڇوڙ ڪن
ٿا ۽ اهو ديبل جي شهر کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي
آهي.“(2)
اروڙ واري درياءَ جي سير وارا پٿر:
ايسٽوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ مير مصعوم جي هڪ ٻئي
يادگار جو ذڪر ڪيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته: ”اروڙ
۾ مون قابل توجهه فقط ٻه پهڻ ڏٺا، جن تي ڪتبا
اُڪريل هئا. ڪتبن تي لکيل عبارت جو مطلب هي هو ته
اهي پٿر مير معصوم جا هڻايل هئا. انهيءَ لاءِ انهن
جي وسيلي درياءَ جي اڳئين سير جو پتو پوي ٿو.“
انهن پٿرن جي ذريعي مير معصوم اروڙ واري درياءَ جي
پوزيشن نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس جو
اهي پٿر اڄ عدم پيدا آهن.(1)
سلطان محمود غزنوي جي وزير عبدالرزاق سن417هه ۾
بکر جي فتح کان فارغ ٿي، سيوستان ۽ ٺٽي پهچي،
انهيءَ ملڪ ۾ بنو اُميه ۽ بنو عباس جي ماڻهن مان
ڪوبه ڪونه ڇڏيو، صرف اهي چند ماڻهو جيڪي فضيلت ۽
چڱي حالت جا مالڪ هئا، شرعي عهدن ۽ وظيفن تي رهيا.
نسبت جي ڄاڻن اهڙا ارڙهن قبيلا ثابت ڪيا آهن، جن
مان ”ثقفي“ بکر ۽ اروڙ جي قاضين جو قبيلو آهي.
قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن
محمد بن شيبان بن عثمان، ثقفي خاندان مان آهي،
جنهن کي محمد بن قاسم انهيءَ شهر جو قاضي ۽ خطيب
مقرر ڪيو هو. سندس اولاد پشت به پشت اهو عهدو
ماڻيندو آيو. قاضي اسماعيل ڇهين صدي هجري جو هڪ
ناليرو بزرگ ۽ عالم هو. اُچ جي رهندڙ علي بن حامد
ڪوفي انهيءَ تذڪري ”فتحنامہ السند“ جو، جيڪو وٽس
سنڌ جي حالات متعلق عربي زبان ۾ سندس وڏن کان
رهندو ٿي آيو، فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو.(1)
شيخ
محمود قطب: سهڻين وصفن وارو عالم، عرفان جي آسمان
جو قطب ۽ مخدوم جلال الدين جهانيان جو مريد هو.
سندس مزار انهيءَ سرزمين ۽ عام خاص ماڻهن جي مشهور
زيارتگاهه آهي.
ڇٽو
امراڻي: اروڙ جي راجائن مان پوئين راجا دلوراءِ جي
ڀاءُ آمر جو پٽ هو. اروڙ جي ويراني کان پوءِ
دلوراءِ شهر ڀانڀرا ۾ رهڻ لڳو. ڇٽي امراني کي خدا
تعاليٰ ننڍپڻ ۾ اسلام جي توفيق عطا ڪئي، ۽ انهيءَ
شهر مان نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا
عقائد سکيا. شهر ۾ موٽي آيو ته سندس مائٽن کيس
شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، مگر هن قبول نه ڪيو. اتي
کيس ڪنهن طعني طور چيو ته هي ڪنهن ناليري عرب جي
ڌيءَ سان شادي ڪندو. حسن اتفاق سان کيس حج جو
ارادو ٿيو. اتي پهچي هڪ عورت کي دڪان تي قرآن پاڪ
جي تلاوت ۾ مشغول ڏسي ٻڌڻ واسطي بيهي رهيو ۽ کيس
قراءَت سيکارڻ لاءِ چيائين. انهيءَ عورت سندس
استاد نينگريءَ فاطمہ وٽ پڙهڻ ويهاريس ۽ انهن کان
قراءَت سکيائين. پوءِ ساڻس شادي ڪري پاڻ سان وطن
دلور وٺـي آيو. ڇٽو امراڻي اروڙ جي ويراني ۽
ڀانڀرا جي بربادي ڪري اتان لڏي اچي سيوستان ۾ رهيو
۽ اتي ئي دفن ٿيو. اڄ تائين خدا وارن جو زيارتگاهه
آهي.(1)
قاضي ستابو: اڳئين زماني جي نامور عالمن مان وڏي
بزرگيءَ واري زندگي سان موصوف هو. اروڙ جي قضا ۽
بکر جو احتساب سندس حوالي هوندو هو.(2)
المنصوره
سنڌ
۾ عربي حڪومت جي قيام کان پوءِ عربن خاص فوجي
ڇانوڻيون تعمير ڪرايون، جي آهستي آهستي وڌي شهرن
جي صورت ۾ تبديل ٿي ويون. اهڙن شهرن مان المنصوره
سڀني کان وڌيڪ اهم حيثيت رکي ٿو. محمد بن قاسم جي
سنڌ مان واپس وڃڻ کان پوءِ سنڌ مٿان عرب گورنر
مقرر ٿي ايندا هئا، جن جي سياسي مصلحتن ۽ جلد جلد
ڦيرين گهيرين ڪري سموري ملڪ ۾ بد انتظامي پيدا ٿي
چڪي هئي. ڪيترن ئي ڏيهي سردارن ان ڪمزوري جو فائدو
وٺي خود مختياري جو عَلم کڙو ڪيو. ان کان سواءِ
يمانين ۽ نزارين جي باهمي خانه جنگي ڪري به عربن
جي طاقت سنڌ اندر ڪمزور ٿي چڪي هئي.
انهن مڙني ڳالهين جي سڌاري لاءِ عراق جي والي خالد
قسري جي سفارش سان حڪم بن عوام ڪلبي سنڌ جو گورنر
مقرر ٿي آيو. هي هڪ جبرو حاڪم ۽ سـٺو منتظم هو.
حڪم بن عوام سنڌ ۾ پاڻ سان عمرو بن محمد بن قاسم
ساڻ وٺي آيو، جيڪو پنهنجي پيءُ وانگر فن سپهه
گريءَ ۾ ماهر هو. عمرو، حڪم بن عوام جي حڪم سان
سنڌ جو سمورو اندروني انتظام درست ڪيو. جيڪي
علائقا خودمختيار ٿي ويا هئا، تن کي ٻيهر فتح ڪيو.
انهيءَ فتوحن جي خوشيءَ ۾ عمرو بن محمد بن قاسم
مهراڻ جي الهندي ڪناري تي موجود برهمڻ آباد کان ٻن
ميلن جي مفاصلي تي هڪ شهر اڏيو، جنهن جو نالو
”المنصوره“ يعني ”فتح جي جاءِ“ رکيو ويو. المنصوره
جو بنياد سن105هه/723ع ۽ سن120هه/738ع جي وچ ڌاري
پيو. جيڪو پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪندي سنڌ جو گادي
جو هنڌ بڻيو.(1)
سنڌ
جي مرڪزي شهر هئڻ ڪري منصوره جا ٻين اسلامي عرب
ملڪن سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا تعلقات هئا. عرب
سياحن، مورخن ۽ جغرافيه نويسن جي بيان مطابق
منصوره جي قلعي کي چار دروازا هئا.(2)
منصوره غالباً غياث الدين بلبن جي عهد حڪومت
(642هه) تائين قائم هو، جيڪو پوءِ مهراڻ جي اٿل
پٿل سبب يا وري زمين جي زلزلي سبب زمين دوز ٿي
ويو.
المنصوره جيئن ته اسلامي حڪومت جو تختگاهه هو، وڏا
وڏا جيد عالم هن شهر ۾ رهندا هئا ۽ ڪي ته وري
علمي پياس پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهران ڪهي هن شهر ۾
ايندا هئا. هن شهر ۾ عربي ماحول ۽ عالمن جي موجود
هجڻ جي ڪري وڏا وڏا مدرسا ۽ درسگاهه به هئا. عرب ۽
عراق کان وڏا وڏا عالم، مفتي، قاضي ۽ مدرس ٿي هن
شهر ۾ ايندا هئا. عرب سياحن ۽ مورخن جي تذڪرن مان
اهو صاف طرح واضح ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ منصوره
۾ ڪيترائي بلند پايه عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر
رهندا هئا. منصوره جي علمي ۽ مذهبي حالت جي باري ۾
بشاري مقدسي هن طرح سان ساراهه جا ڍُڪ ڀري ٿو:
”هتي جا رهاڪو لائق ۽ بامروت آهن، اسلام جي وٽن
تازگي آهي. اهل علم هتي گهڻا رهن ٿا. ماڻهن ۾
ذهانت ۽ ذڪاوت آهي. نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا، گهڻو ڪري
سڀ اهل حديث آهن. وڏن شهرن ۾ حنفي فقهه به رائج
آهي، ليڪن مالڪي ۽ حنبلي ڪين آهن ۽ نه معتزلي آهن.
ماڻهو سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن. نيڪ ۽ پاڪدامن
آهن.“(1)
بزرگ بن شهريار جو چوڻ آهي:
”منصوره ۾ سنڌي ٻولي عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي ۽
حاڪم طبقو ان جي ڄاڻ ۽ پوري اهليت رکي ٿو.“(2)
مسعودي لکي ٿو ته:
”منصوره جا باشندا لائق ۽ بامروت آهن. وٽن اسلام
کي تازگي حاصل آهي ۽ اهل علم آهن ۽ منجهن ذهانت ۽
ذڪاوت آهي، هو نيڪ ۽ سخي آهن، خير خيراتون ڪن ٿا.“(3)
انهن مٿي بيان ڪيل احوالن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته
منصوره ۾ ڪافي عالم دين ۽ اهل علم موجود هئا. اهي
بزرگ گهڻو ڪري اهل حديث هئا. هتان جي جن عالمن جي
مدرس ۽ درسگاهن جا احوال ميسر ٿي سگهيا آهن، سي
هيٺ بيان ڪجن ٿا:
ابو
محمد عبدالله بن جعفر بن مرت منصوري المقري:
رنگ
جو ڪارو هو ۽ پاڻ حسن بن مڪرم ۽ ان جي همعصرن کان
روايت ڪئي آهي. الحاڪم جهڙو محدث به سندس شاگرد
هو. ابو جعفر عبدالله بن اسماعيل بن ابراهيم عيسيٰ
بن ابي جعفر معروف بن ابن بويہ منصوره شهر جي جامع
مسجد ۾ امام ۽ روايت ۾ معتبر هو. هن احمد عتاردي،
اسماعيل بن اسحاق قاضي، سواده بن عيسيٰ احمسي، ابن
الدنيا ۽ ٻين کان روايت ڪئي آهي. ابوالحسن محمد بن
درس ۽ احمد الباءَ ۽ هڪ ٻي جماعت هن سنڌي عالم کان
روايت ڪئي آهي. سندس وفات 150هه ۾ ٿي.(1)
قاضي محمد بن ابي شوراب جو مدرسو:
قاضي محمد بن ابي شوراب جمادي الاول سال283هه ۾
منصوره جو قاضي مقرر ٿي آيو. قاضي صاحب وڏو اهل
علم ۽ لائق انسان هو. ساڻس حياتي وفا نه ڪئي ۽ سنڌ
۾ اچڻ کان پوءِ هن فاني جهان مان وفات ڪري ويو.(2)
عراق ۽ خاص ڪري بغداد ۾ ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندا
هئا. منصوره ۾ قضا جي ڪم سان گڏوگڏ درس و تدريس جو
به شغل جاري رکيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ علي بن
محمد ابي الشوراب منصوره جو قاضي بڻيو. سندس اولاد
چوٿين صدي هجري جي شروعات تائين منصوره ۾ رهيو.
ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح بن تميمي
المنصوري:
هي
هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ منصوره جو رهاڪو هو. هن منصوره
۾ علم و ادب جو عام فيض ڏنو. هن پنهنجو آخري وقت
شهر بغداد ۾ گذاريو ۽ عراق ۾ ئي سڪونت اختيار
ڪيائين. ڪتاب الانساب جو مصنف السمعاني لکي ٿو ته
”مون جيڪي به دنيا ۾ عالم ڏٺا، انهن سڀني کان اهو
سنڌي منصوري عالم وڏو ظريف هو.“(1)
ايران ۾ هن ابوالعباس بن اثرم کان حديث ٻڌي ۽ بصره
۾ ابا رئوف همداني کان به روايت ڪئي اٿس. دائود
اصفهاني جي مذهب جو امام هو. حديث ۾ وڏو عالم هو.
کانئس الحاڪم ابو عبدالله الحافظ صاحب مستدرڪ حديث
روايت ڪئي آهي. وڏين تصنيفن جو مالڪ پڻ هو. سندس
انهن ڪتابن مان المصاع ڪبير، ڪتاب احادي ۽ ڪتاب
النير(2)
گهڻو مشهور آهي.
قاضي ابو محمد جو مدرسو: منصوره ۾ قاضي ابو محمد
جو مدرسو ان وقت جي علمي لحاظ کان تمام گهڻو مشهور
هو. ابو محمد پاڻ دائودي مذهب جو امام هو. هن
ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان خاص ابطال
التقليد، ابطال القياس، الخصوص و العموم، المفسر
والمجمل گهڻو مشهور آهن.(3)
احمد بن محمد قاضي منصوري: هن عراق ۽ ايران ۾ وڃي
علم حاصل ڪيو ۽ اتي به علم جي اشاعت ڪندو رهيو.
پاڻ دائود اصفهاني جي مذهب جو امام هو. اثرم ۽ ان
جي طبقي جي محدثن کان هن روايت ڪئي آهي.(4)
ملتان
(علميت جي لحاظ کان سنڌ جو بغداد)
گهڻو ڪري مورخن ۽ جاگرافيدانن انهيءَ ڳالهه جي
وضاحت ڪئي آهي ته سنڌ ۽ ملتان هڪ وسيع علائقي جو
نالو آهي. اڄڪلهه جنهن شهر کي ملتان سڏيو وڃي ٿو،
انهيءَ جو قديم نالو ”پراڻ“ مطابق ڪيشپ پور هو، جو
غالباً ان وقت جي راجا هرنيه ڪيشڦور جي نالي تان
پيل ٿو ڏسجي. راجا جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ
ڀڳت پرهلاد سلطنت جو مالڪ ٿيو ته ان جو نالو
پرهلادپور رکيو ويو. بعض مورخن ان جو قديم نالو
”ڀاڳلپور“ به لکيو آهي ۽ ان کان پوءِ سامبپور به
ٿيو. ”پراڻ“ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مهاراج
ڪرشن جو ڇوڪرو سامب جو ڄامونتي مان پيدا ٿيو هو،
سو پنج هزار ق.م ۾ هتي آيو ۽ هن انهيءَ شهر جو
بنياد رکيو. پر انهيءَ کان اڳي اهو شهر آباد هو،
جنهن کي ”مترون“ چوندا هئا.(1)
پر سامب کان پوءِ ان جو نالو سامبپور ٿي ويو. انهن
نالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بحيثيت شهر جي ان جو نالو
ملتان يا مولتان هو. البت مول اسٿان قابل غور آهي.
”حدود العالم“ (چوٿين صدي هجري) جي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته مول اسٿان ڪنهن شهر جو نالو نه
هو، پر هڪ پوري سرزمين جو نالو هو، جنهن جي حدن ۾
هڪ لک ويهه هزار ڳوٺ شامل هئا. انهن جي سرحد ايتري
ته وسيع هئي جو هڪ طرف مغرب ۾ ڪشمور ته ٻئي طرف
اوڀر ۾ لاهور کان اڳيان جلندر تائين حدون ملتان ۾
شامل هيون. ڏکڻ طرف بيڪانير وغيره به شامل هو.(2)
علامه ياقوت حموي، معجم البلدان ۾ ٻن جاين تي هن
شهر جو بيان آندو آهي. هڪ مختصر مذڪور ”ملتان“ هيٺ
۽ ٻيو ”ملتان“ تي تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهو
سمورو تفصيل اصطفري جي حوالي سان بيان ڪيو آهي. ان
مولتان جي نالي جي اصلي ڪارڻ بابت به لکيو ويو
آهي. ان دور ۾ اتي جو حاڪم سامه بن لوي جي نسل مان
قريش هو، جنهن منصوره جي حاڪم کان الڳ ٿي حڪومت
قائم ڪئي ۽ خطبو خليفي جي نالي تي پڙهيو ويندو هو.(1)
ملتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، تمدني زندگي
۽ قديم مذهبي عقيدن جي ڪري نمايان طور تي اها
ڳالهه آڏو اچي ٿي ته ٻئي علائقا پنهنجي روايتن جي
لحاظ کان هم آهنگي رکندا هئا. قديم آثار به انهيءَ
ڳالهه جي شهادت ڏين ٿا ته هڙاپا، سنڌ ۽ ملتان ۾ هڪ
خاص مرڪزي رابطو هو، جو انهن علائقن جا ماڻهو ڪنهن
وقت تائين ملتان ۾ ”ياترا“ لاءِ ويندا هئا. سنڌ ۽
ملتان جي قديم تعلقات جون ثابيون 1500 ق.م تائين
ملن ٿيون.(2)
محمد بن قاسم ثقفي جي اچڻ کان اڳ هتي خودمختيار
بادشاهه رهندا هئا. جن جو تعلق سنڌ جي راجائن سان
هوندو هو. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٿورو
وقت پوءِ اسلام جي تعليم ۽ تبليغ جو سلسلو ديبل
کان وٺي ملتان تائين جاري رهيو. هر هنڌ مسجدون
تعمير ڪرايون ويون ۽ انهن مسجدن ۾ اسلامي علوم جو
درس ڏيڻ شروع ڪيو ويو.
اسلامي فتوحات کان ٿورو وقت ئي گذريو ته هي شهر
قرمطين جي ور چڙهيو، جن کان سلطان محمود غزوي قبضو
ڇڏايو. ان بعد سلطان معز الدين محمد سام غور ي کي
هٿ آيو. تنهن کان پوءِ سن847هه تائين دهلي جي
بادشاهن جي قبضي ۾ رهيو. مغلن جي حملن ڪري جڏهن
ملتان حاڪم کان خالي رهيو، تڏهن شيخ بهاءُ الدين
زڪريا ملتاني جي مريدن درگاهه جي سنڀاليندڙ شيخ
يوسف قريشي کي بادشاه بنائي، اُچ ۽ ٻين هنڌن تي
سندس نالي خطبو پڙهيو. ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ
لانگاهن جي سردار راءِ سيهره، شيخ يوسف قريشي جي
مريد کي شهيد ڪري، قطب الدين جي لقب سان سورهن سال
حڪومت ڪئي. تنهن کان پوءِ سلطان حسين قطب الدين
لانگاهه 34 سال، ان بعد سلطان محمود بن فيروز خان
لانگهه 27 سال ۽ آخر ۾ سلطان حسين بن سلطان محمود
حڪومت ڪئي. ٿورن سالن کان پوءِ مرزا شاهه حسن
ارغون ملتان فتح ڪري بابر بادشاهه کي نذراني طور
پيش ڪيو. ان بعد سندس پٽ مرزا ڪامران راڄ ڪيو.
ملتان نادر شاهه ۽ احمد شاهه دراني (ابدالي) جي
ماتحتي ۾ پڻ رهيو.
ملتان کي علم ادب، ثقافت، اسلامي درسگاهن ۽ مدرسن
جي گهڻائي، تعليم ۽ تبليغ جي عروج ڪري سنڌ جو
بغداد سڏيو وڃي ٿو. اسلام جي آمد کان پوءِ جن
عالمن، مدرسن ۽ درسگاهن جو احوال دستياب ٿي سگهيو
آهي، تن جو احوال هيٺ شامل ڪيو ويو آهي.
هارون بن عبدالله ملتاني: عربي دور ۾ ملتان ۾
هارون بن عبدالله پنهنجي زماني جو وڏو شاعر، عالم
۽ محدث هو. پاڻ نبي زادن جي موالي مان هو. سندس
شعر ڪيترين عربي تاريخن ۾ اچي ٿو. مشهور عرب سياح
ابو دلف پنهنجي سفرنامي ۾ ان جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي.
ملتان ۾ پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ ئي درس تدريس جو
ڪم ڪندو هو.(1)
جعفر، لقب المويد من السماءِ: جعفر ولد محمد بن
عبدالله بن محمد بن ابي عمر بن علي هو. هن ملتان
جي سرزمين تي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ اهل علم ۽
ڪرامت جو صاحب هو. هن پنهنجي خانقاهه ۾ درسگاهه
قائم ڪري، درس تدريس جو شغل جاري رکيو. کيس پنجاهه
پُٽ هئا، جيڪي اسلام جي تبليغ ۽ تعليم لاءِ
هندستان، ڪرمان ۽ ايران ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا، جن
مان عبدالحميد اُچ تي حڪومت ڪئي.
الشيخ الڪبير بهاءُ الحق والدين شيخ بهاءُ الدين
زڪريا: بن شيخ بهاءُ الدين زڪريا بن شيخ ابو محمد
بن شيخ ابراهيم بن شيخ عبدالله بن شيخ شهاب الدين
بن شيخ زڪريا بن شيخ نور الدين بن شيخ سراج الدين
بن شيخ خوجد الدين بن شيخ مسعود بن شيخ رضي الدين
بن القاسم بن الجعفر بن ابي بڪر رضه.
ڪن
تاريخ نويسن شيخ جو نسب هن طرح لکيو آهي: شيخ
بهاءُ الدين زڪريا بن محمد غوث بن ابي بڪر بن
سلطان جلال الدين بن سلطان علي قاضي بن سلطان محمد
بن سلطان حسين بن سلطان عبدالله بن سلطان طرفه بن
سلطان جذيمہ بن عبدالله بن امير عاصم بن عبدالرحيم
بن عبدالرحمٰن بن عياض بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصي
بن ڪلاب.(1)
شيخ
بهاءُ الحق زڪريا ملتاني جي نسب جو سلسلو مخدوم
معين بخش قريشي رح پنهنجي ڪتاب ”انوار غوثيه“ ۾ هن
ريت لکيو آهي:(2)
غوث بهاءُ الحق والدين ابو محمد زڪريا بن شيخ
وجيهه الدين محمد غوث بن ڪمال الدين ابوبڪر بن
جلال الدين بن علي قاضي بن شمس الدين بن حسين بن
عبدالله بن حسين بن مصرف بن حذيمہ بن حاذم بن تاج
الدين المطرف بن عبدالرحيم بن عبدالرحمٰن بن هبار
بن اسد بن هاشم بن عبدالمناف.
ابن
بطوطه پنهنجي سفر نامي ۾ ملتان جو سفر ڪندي لکي ٿو
ته هن جي حضرت غوث زڪريا ملتاني جي پوٽي حضرت شاهه
رڪن عالم سان ملاقات ٿي ۽ پاڻ فرمايائون ته اسان
جا وڏا عرب کان سنڌ ۾ آيا ۽ منصوره سنڌ ۾ گهڻو وقت
رهيا. ان کان پوءِ هن پاسي ڪروڙ ملتان ۾ آيا.
مخدوم شيخ محمد غوث بن سيد شاهه مير بن سيد علي بن
سيد مسعود بن سيد احمد بن سيد صفي الدين بن سيد
سيف الدين عبدالوهاب بن سيد عبدالقادر جيلاني قدس
الله سره معقول خواه منقول علمن جو جامع، فروغ ۽
اصول جو ماهر هو. هن ملتان جي لانگاهه زميندارن
مان شادي ڪئي. سندس علمي، ادبي ڪارگذارين ۽ اسلام
جي تبليغ سان گهرو رابطو قائم رهندو هو. ڪيترائي
اسلام جا پروانا کانئس ديني تعليم حاصل ڪري فيض
پرائي ويا.
شجرو پيج نمبر 100 جو ايندو
شيخ
عبدالقادر ولد شيخ محمد غوث بن سيد شاهه مير بن
سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن صفي الدين.
دارا شڪوه ”سفينة الاولياءَ“ ۾ شيخ عبدالحق قادري
دهلوي کان نقل ڪيو آهي ته شيخ ”اخبار الاخيار“ ۾
چيو آهي ته: ”شيخ عبدالقادر ثاني ولايت ۾ غوث
الثقلين جو حقيقي وارث آهي.“ سندس اولاد مان ڪي
وڃي ملتان ۾ رهيا، جن اسلام جي اشاعت جي جوت جڳائي
تعليم سان گڏ تبليغ جاري رکي.
سيد
جلال بخاري، شيخ بهاءُ الدين ملتاني جو مريد ۽
طالب هو. سيد جلال ڪامل ولي سان گڏ ڪامل عالم به
هو. کيس جهانيان به ڪري سڏيندا هئا. جلال شاهه
جهانيان ظاهري توڙي باطني تربيت ۽ تعليم پنهنجي
والد کان پرائي. مڪي معظم ۾ رهڻ واري عرصي ۾ امام
عبدالله يافعيءَ کان وڌيڪ علم حاصل ڪيائين ۽ ونڊ
ورتائين. مخدوم جهانيان پنهنجي ملفوظات ”خزانهءِ
جلالي“ ۾ امام عبدالله يافعي جو ذڪر ڪيو آهي.
”تاريخ محمدي“ ۾ ذڪر آيو آهي ته هن نبوي حرم جي
محدث شيخ عنيف الدين عبدالله العطري کان سند حاصل
ڪري ٻه سال سندن صحبت ۾ رهي ڪتاب عوارف ۽ ٻيا سلوڪ
جا ڪتاب سندن خدمت ۾ پڙهيا. مخدوم جهانيان سلطان
محمد تغلق جي ڏينهن ۾ سيوستان ۽ ان جي آسپاس لاءِ
شيخ السلامي جي عهدي ۽ خانقاهه محمد جي سند سان
سرفراز ٿيو. سلطان فيروز شاهه جي ڏينهن ۾ سن785هه
۾ وفات ڪيائين.
شيخ
برهان الدين قطب العالم مخدوم جهانيان جو پٽ ۽
جانشين هو. پاڻ عالم ۽ وقت جو ولي هو. هن سن856هه
۾ وفات ڪئي. سيد باقر بن سيد عثمان رسالي ”باقر
الانوار“ جو مصنف آهي. سيد راجو قتال بن احمد ڪبير
بن سيد جلال وڏو بخاري باڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي
گذريو آهي. هن وٽان ڪيترائي طالب فيض پرائي ويا.
شيخ
جمن بن سيد زين العابدين بن سيد راجو قتال، پنهنجي
وقت جو وڏو فاضل ۽ عالم ٿي گذريو آهي. قاضي نور
الله شوشتري جي ساڻس خط و ڪتابت هوندي هئي. قاضي
جا ڪجهه سوال سيد جي جوابن سميت قاضي جي ڪتاب
”مجالس المؤمنين“ ۾ لکيل آهن. شيخ اسماعيل، قاضي
ابو الخير ۽ قاضي عبدالرحمٰن، اُچ جا عالم ۽ بزرگ
مرزا شاهه حسن جي دور ۾ ٿي گذريا.
ميان سڄڻ صديقي پرهيزگار، متقي، عالم ۽ عارفن جي
جماعت ۾ داخل آهي. سندس فرزند مخدوم بهاءُ الدين
فضيلت ۾ مشهور ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجي وقت ۾
معروف هو. محمد علي بن شيخ عبدالواسع پاڻ صوفي ۽
صاحب علم هو. اچ جي بخاري سيدن جو شجرو سندن نظم
ڪيل آهي.
شيخ
شهاب الدين سهروردي جو هڪ اڪمل مريد وڏي ۾ وڏو
خليفو عالم هو. شيخ جي رخصت سان اچي ملتان ۾ رهيو.
اتي جو شيخ الاسلام ٿي گذاريائين. سنڌ جا اڪثر
ماڻهو انهيءَ دروازي جا مريد ۽ شاگرد آهن. هي
پهريون شخص هو، جنهن سنڌ ۾ ارشاد جي سلسلي سان گڏ
پنهنجي ڪيٽِيِن ۽ خانقاهه ۾ اسلامي تعليم ۽ تبليغ
جي شغل جو سلسلو جاري رکيو. هو سن 360هه ۾ گذاري
ويو ۽ ملتان جي قديمي قلعي ۾ آرامي آهي. شيخ فخر
الدين عراقي ۽ ڪتاب ڪنز الرموز، زد المسافرين ۽
نزهت الارواح جو مصنف امير حسيني، سندس ڪامل مريد
شاگردن مان هئا.(1)
شيخ
صدر الدين محمد سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ ارڙهن
سال مريدن ۽ شاگردن جي تڪميل ۾ مشغول رهيو. پيءُ
وانگر سندس ڪيئي ڪارناما مشهور آهن.
شيخ
رڪن الدين جي درسگاهه:
شيخ
رڪن الدين جو نالو شيخ صدر الدين آهي. 52 سال پيءُ
۽ ڏاڏي جي مصلي تي ويهي پنهنجن طالبن کي درس ڏيندو
رهيو. انهيءَ کان پوءِ سندس فرزند رشيد شيخ
اسماعيل شهيد قائم مقام بڻجي، علم خواهه سلوڪ جي
طالبن جي رهنمائي ۾ گذاريو ۽ شيخ الاسلام جي
موروثي عهدي سان ممتاز ٿيو. هن به ساڳئي مدرسي ۾
درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو ۽ اسلام جي تبليغ
سان گڏ اسلامي اشاعت تي گهڻو ڌيان ڏنو. سندس مدرسي
مان ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا ۽ هنن ملڪ
جي جدا جدا هنڌن تي اسلام جي تبليغ ڪئي ۽ ان سان
گڏ مسجدن ۾ قائم ٿيل مدرسن ۽ ديني علوم جي نشوونما
ڪئي.(1)
شيخ
صدر الدين ثاني:
تنهن کان پوءِ شيخ صدر الدين ثاني ولد شيخ اسماعيل
شهيد، پيءُ ڏاڏي جي دستور موجب قائم مقام سجاده
نشين، وڏن جي مزارن جو متولي ۽ ملتان جو شيخ
الاسلام ٿي رهيو. سندس طالبن ملڪ جي مختلف هنڌن تي
اسلام جي تعليم کي زور شور سان جاري رکيو. شيخ رڪن
الدين ثاني بن شيخ صدر الدين ثاني، پنهنجي وڏن
وانگيان بلند مقام جو صاحب هو.(2)
شيخ
عماد الدين جو مدرسو:
شيخ
عماد الدين اسماعيل ولد شيخ صدر الدين بن شيخ
بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، هڪ ڪامل ولي ۽ پرهيزگار
عالم ٿي گذريو آهي. هن علم ۽ فيض جا دروازا عام
لاءِ کولي ڇڏيا ۽ انهيءَ مشغلي ۾ سڄي حياتي صرف
ڪيائين. وٽانس ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي
نڪتا.
فضلي: وقت جي وڏن عالمن مان هو. ناصر الدين قباچه
جي خدمت ۾ رهندو هو. ڪماليت جي فن جو جامع هو ۽
ڪڏهن ڪڏهن شعر گوئي به ڪندو هو.
مخدوم حسام الدين جو مدرسو:
مخدوم حسام الدين وقت جي وڏن عالمن ۽ ڪامل بزرگن
مان هو. شريعت جي بجا آوري جو ڏاڍو اهتمام ڪندو
هو. مير عبدالقادر ”حديقة الاولياءَ“ ۾ لکيو آهي
ته شيخ سفر ۾ جنهن ڳوٺ وٽان لنگهندو هو، ته ٻاهران
اتي جي رهاڪن کي شريعت جي پابندي جي هدايت ڪندو
هو. سندس وقت گهڻو ڪري عبادت، طالبن کي پڙهائڻ ۽
فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. هن پنهنجو مدرسو خانقاهه ۾
قائم ڪيو.
سعيد قريشي: شهزادي مراد بخش بن عالمگير بادشاهه
جو ملازم هو. شاعري ۾ وڏي مهارت حاصل هئس.
احمد بن زين ملتاني جو مدرسو:
الشريف احمد بن زين بن عمر بن عبداللطيف الحسيني
ملتاني- اسماعيل بن جعفر بن محمد بن محمد علوي جي
نسل مان آهي. سرزمين هند ۾ پيدا ٿيو. تحصيل علم
لاءِ بغداد جو سفر ڪيائين. اتان ماهر استادن ۽
عالمن کان علم حاصل ڪري وطن واپس آيو ۽ درس تدريس
جو شغل جاري رکيائين. شيخ شهاب الدين عمر بن محمد
سهروردي جي همعصرن کان علم حاصل ڪيائين. بغداد کان
موٽندي شيخ مودود الچشتي سان ملاقات ڪيائين. هي
صاحب ڪشف ۽ ڪرامت جو مالڪ هو. سندس قائم ڪيل مدرسي
مان ڪيترائي صاحب علم ٿي فيض پرائي ويا. هن577هه ۾
وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ملتان ۾ آهي.(1)
شيخ
صلاح الدين ملتاني: شيخ الصالح صلاح الدين ملتاني
هو. هي هڪ نامور عالم هو. سندس شمار وقت جي وڏن
عالمن ۾ ٿيندو هو. شيخ صدر الدين محمد عارف ملتاني
جو پيروڪار ۽ شاگرد هو. ملتان کي ڇڏي دهلي هليو
ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. هن740هه ۾ وفات ڪئي.(1)
شيخ
علاءُ الدين ملتاني جو مدرسو:
شيخ
علاءُ الدين ملتان جو رهاڪو هو. هي معرفت الاهيه
جي مشهور عالمن مان هو. هن شيخ صدر الدين محمد
عارف ملتاني کان تعليم حاصل ڪئي ۽ گهڻو وقت سندس
صحبت ۾ رهيو. ملتان ۾ پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس
تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. سندس مدرسي مان
ڪيترائي شاگرد پڙهي نڪتا، جن ملڪ جي مختلف حصن ۾
ساڳيو شغل جاري رکيو.(2)
شيخ
فضل بن محمد ملتاني:
الشيخ الفقيہ الزاهد فضل بن زڪريا اسدي قريشي هو.
هن شيخ صدر الدين محمد العارف، عالم ۽ معرفت جي
مالڪ ۽ سالڪ کان تعليم حاصل ڪئي. هن تاديب ۽ تربيت
شيخ شمس الدين مصري محدث کان پرائي.(3)
اُچ
اُچ
جي سرزمين قديم زماني کان سنڌ ۽ ملتان جي حدن ۾
شامل هئي. اُچ انهن ستن شهرن مان آهي، جن جي قلعن
کي راءِ سهاسي بن سيهرس رعيت کي ڍل جي بدران مٽيءَ
سان ڀرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن ڪري اهي جايون (جن کي
حويليون به سڏيندا هئا) اوچيون ٿي پيون. گهڻي وقت
گذرڻ ڪري انهن ستن اوچين جاين مان صرف ٽي جايون
اُچ جيلاني، اُچ مخدوم جلال جهانيان ۽ اُچ مغليه
وڃي رهيون آهن.
مٿي
ڄاڻايل ٽي ”اُچ“ هڪ ٻئي جي ڀرسان آباد آهن. نالي
جو سبب سندن مٿانهين زمين آهي، جو هن خطي جي زمين
مٿانهين هئي. اُچ جي سرزمين اسلامي علم ادب،
ثقافت، مدرسن ۽ درسگاهن جي ڪري ملتان جي اثر هيٺ
رهي آهي.
شيخ
صفي الدين ڪبير گاذروني: هن برڪت ڀرئي ٽڪر ۾ الله
وارن جو مرجع ۽ دايت وارن جو زيارتگاهه آهي. شيخ
صفي الدين صغير، مخدوم شيخ محمد غوث جيلاني جو
همعصر هو. پاڻ بزرگي جو ڀنڊار ۽ علم جي کاڻ هو.
کانئس ڪيترائي شائق طالب علم فيض پرائي ويا.(1)
هي شهر زمين جي زلزلي ڪري تباهه ٿي ويو. لاهري
کي اڳ ۾ ديبل بندر به چوندا هئا، جنهن جو قديم
سنڌ جي تاريخ ۾ ذڪر اچي ٿو. پوءِ اهو به ڦٽي
ويو، جنهن ڪري اتان جا ماڻهو ڌاراج بندر ۾ رهڻ
لڳا. اتي نگامرن جي قوم رهندي هئي ۽ راڻو عبيد
سردار هو. اهو راڻو سن1000هه ۾ اتي راڄ ڪندو
هو، ان وقت ۾ ڪڪرالہ جو حاڪم ڄام جرار هوندو
هو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقدمہ ”فتح نامه
سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد 1966ع،
ص15.
قاضي ابو سعيد سمعاني حديث جي علم حاصل ڪرڻ
لاءِ هن دنيا جي چئن ڏسن جو سفر ڪيو. ماوراءَ
النهر، خراسان جي سڀني ملڪن ڏانهن ڪيترائي
ڀيرا سفر ڪيائين. عراق، حجاز، موصل، جزيره،
شام ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ويو. اٽڪل چئن هزار
استادن کان استفادو حاصل ڪيائين. سندس مشهور
ڪتاب ”ڪتاب الانساب“ وڏي شهرت جو مالڪ آهي.
علامه سيد عبدالحي حسني، نزهة الخواطر (اردو
ترجمو) ج اول ص125
علامه عبدالحي حسني، نزهة الخواطر، ج اول ص133
چون ٿا ته هن بزرگ دمشق ۾ ابوالحسن احمد بن
عمير بن جوصا کان، بيروت ۾ ابو عبدالرحمٰن
معڪول کان، حران ۾ ابن عرويہ حسين بن ابي معشر
کان، تستر ۾ احمد بن زهير تستري ۽ عسڪرين بن
خزيمة ۽ ان دور جي ٻين همعصرن کان حديث جي علم
۾ تحصيل ڪئي هئي (علامه سيد عبدالحي حسني،
نزهة الخواطر ج اول ص126.)
علامه سيد عبدالحي حسني، نزهة الخواطر ج اول
ص139
”ڪتاب الانساب“، تاليف عبدالڪريم بن محمد
سمعاني، ورق 236 طبع ليڊن، 1913ع
مير علي شير قانع ٺٽوي ”تحفة الڪرام“ (سنڌي
ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص330
اصل عبارت هن ريت آهي: ”فاذا اجتاز جمع ساذا
ڪرنا من النهار (اي النهار الخمسة بلاد فنجاب)
ببلاد فرج بيت الذهب والمولتان، اجتمعة بعد
المولتان والمنصوره في الموضع المعروف بدوشاب،
فاذا انتهيٰ جمع ذالک اليٰ مدينة الرور من
غربها في من اعمال المنصوره، سمي هناک مهران
ثم ينقسم قسمين و يصب کلا القسمين من هذا
الماءَ العظيم المعروف بمهران السند في مدينة
شاڪره من اعمال منصوره في البحر الهندي وذالک
عليٰ مقدار يوسين من مدينة الديبل.“ ابن
خردازبہ، ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“ ص62،
اصطخري، ”ڪتاب المسالڪ والممالک“ ص175، مقدسي،
احسن التقاسيم، ص479، مسعودي ”مروج الذهب“ ج
اول ص378.
عزيزم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جن ڏينهن
۾ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان
PHD
جي ڊگري وٺڻ لاءِ
Sindh Under the Arabs
مضمون تيار ڪري رهيو هو، تڏهن تحقيقات ڪندي،
هن اروڙ جي ڳوٺ کان اٽڪل ڏيڍ ميل پري شاهه شڪر
گنج جي درگاهه جي ڀرسان هڪ پٿر ڏٺو هو، جنهن
کي جيتوڻيڪ ڌنارن ڌڪ هڻي مٿس ڪي لکيل اکر ڊاهي
ڇڏيا هئا، تاهم ٿوري غور سان ڏٺو ويو ته
انهيءَ پٿر تي هيٺيان لفظ لکيل هئا:
”برادر قدم چو ره نوردان دربار ٿو پائي نه چون
مردان
بفرموده صيادت پناه امير محمد
معصوم
مرقوم شد سن1008
”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو) سنڏي ادبي بورڊ،
1952ع ص37.
فتحنامہ السند (ص ص 9-10) مان معلوم ٿئي ٿو ته
قضي اسماعيل بن موسيٰ ثقفي سنڌ جو تذڪرو عربي
۾ ڪونه لکيو. پر سندس وڏن مان ڪنهن جو لکيل
وٽس موجود هو، جنهن جو ترجمو ”علي بن حامد“
ڪوفي فارسي زبان ۾ ڪيو، جو اڄڪلهه چچنامي جي
نالي سان مشهور آهي. ڏسو سنڌي ترجمو، ص72-73
مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“ (سنڌي
ترجمو) ص112- 116
منصوره جي متعلق سنڌ خواهه هند جي ڪيترن عالمن
ڪافي ڪجهه لکيو آهي. تازو انگريزيءَ ۾ پڻ
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو ڪتاب ”المنصوره جي عرب
رياست“ شايع ٿيو آهي.
بشاري، مقدسي، احسن التقاسيم ص479
بزرگ بن شهريار، ڪتاب الهند ص82، ليڊن
مسعودي، مروج الذهب ج اول ص379
سمعاني، ڪتاب الانساب، ورق 543
ابن اثير، الڪامل ج7 ص334، ليڊن
السمعاني، ڪتاب الانساب ورق 543
تاريخ التشيريع الاسلامي للخضري ص27، مصري
ڇاپو
السمعاني ”ڪتاب الانساب“ ورق 543
عبدالحميد فڪري، العتيق العتيق جلد اول ص1971ع
ص ص38-40
سيد سليمان ندوي، عرب و هند ڪي تعلقات 205-206
علامه ياقوت حموي، معجم البلدان ج5 ڇاپو بيروت
ص227
عبدالحميد فڪري، العتيق العتيق ج اول ص1971ع
ص29
ابن مهلمل، بحواله سير البلاد و اقليم، احسن
التقاسيم، ليڊن، ص481
مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام (سنڌي
ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص ص289-290
مخدوم حسين بخش قريشي، انوار غوثيہ ملتان.
مولانا سيد عبدالحي بريلوي لکنوي، نزهة
الخواطر ج اول ص232
سيد عبدالحي بريلوي، نزهة الخواطر ج اول ص233
اُچ شريف جو قديم نالو ”اسڪلنده“ هو ۽ هندو
راجائن جي دور ۾ ستن وڏن قلعن مان هڪ هو. اُچ
۾ اڳ ست وڏا ڳوٺ هوندا هئا، جن کي گڏي اُچ
سڏبو هو. پر هاڻي انهن مان ٽي وڃي رهيا آهن.
هڪ اُچ مخدوم جهانيان، جنهن ۾ حضرت جلال سرخ
بخاري ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت جا مقبرا آهن.
ٻيو اُچ مغليه جنهن ۾ مغلن جو اولاد رهي ٿو.
هن شهر ۾ پڻ وڏا جيد عالم ۽ وقت جا مدرس ۽
ڪامل انسان ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. جهانيان
بزرگ مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، قاضي
ابوالخير، قاضي عبدالرحمٰن، شيخ شجاع بخاري،
ميان سڄڻ صديقي، شيخ جمال ڪوري، شيخ محمد بن
بايزيد، بزرگ ۽ شاعر محمد علي بن شيخ
عبدالواسع مشهور آهن. اُچ به ملتان وانگر
سهرورديہ سلسلي جو وڏو مرڪز هو. (سير العارفين
ج2 ص46 ۽ تاريخ فرشتہ ج2 ص413، مخدوم جهانيان
کي چار پٽ هئا: سيد شمس، سيد ماه، سيد صدر
الدين ۽ سيد ناصر الدين، جن جون مزارون سکر ۽
بکر ۾ آهن. (تمدن سنڌ، مولائي شيدائي، ص265)
|