علامه محمد ٺٽوي:
علامه محمد بن ملا يوسف ٺٽوي، جهانگير جي اوائلي
حڪومت ۾ نور جهان بيگم جي درٻار ۾ پهتو ۽ نور جهان
جو ڀاءُ نواب اعتماد الدولہ آصف جاهه(2)
سندس شاگرد هو. شيخ فريد بکري لکي ٿو ته:
”علامه محمد ٺٽوي سڀني علمن ۾ ڪامل ماهر هو. هو
علم جفر ۽ تڪشير ۽ اعداد ۾ وڏي پهچ وارو هو. ست
سال مصطفيٰ علاميءَ برهانپوري سان علمي بحث مباحثو
هلندو رهيو ۽ چيائين ته: هو سمورن علمن ۾ هن وقت
جو سردار آهي ۽ هندستان ۾ هن جو ڪوبه مٽ نه آهي.
مگر علم فقهه بر زبان ياد نه آهيس، ان ۾ ڪتابن جي
ڏسڻ جي ضرورت پويس ٿي.“(1)
نواب آصف خان جي مهرباني ۽ وسيلي سان ٺٽي جو قاضي،
مير عدل، مفتي ۽ محتسب هو. افسوس جو ايڏي وڏي عالم
کي نورجهان ۽ مهابت خان واري جهڳڙي ۾، مهابت خان
قتل ڪرائي ڇڏيو. سندس شهيد ٿيڻ کان پوءِ وصيت موجب
سندس لاش ٺٽي ۾ پهچايو ويو.
مخدوم عماد الدين، علميت جي ڪمال ۽ زماني ۾ مشهور
معروف متبحر عالم بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مدرسي ۾
ڏينهن رات ديني علوم و فنون جو چرچو رهندو هو. پاڻ
سڄو ڏينهن درس تدريس ۾ مشغول رهندو هو، طالبن جي
گهڻائي ڪري هوشيار ۽ وڏن شاگردن کي ننڍن شاگردن کي
پڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چوندو هو. مير عدلي جي عهدي
تي سرفراز رهيو. ٻه پٽ محمد يوسف ۽ ابوالفضل
ڇڏيائين.
مولانا دائود مفتي وڏي ۾ وڏو عالم هو. سندس فرزند
ابوالقاسم علم جو طالب ۽ مدرسي جو مالڪ پيدا ٿيو.
ڪيترن طالب علمن کي فيض رسايائين. عالمگير بادشاهه
کيس پنهنجي پاران شرعي وڪيل ۽ مفتي مقرر ڪيو. سندس
وفات جو سن 1113هه آهي.
مخدوم علي محمد قاري صاحب فضيلت ۽ قراءَت جي علم ۾
وڏو ماهر هو. مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو
۽ اُتي قرآن شريف جي قراءَت جي تعليم ڏيڻ شروع
ڪيائين. پويان ٻه پٽ عبدالحي ۽ عبدالرئوف ڇڏيائين.
ٺٽي
۾ قاضي محمود جي درسگاهه:
علامه قاضي محمود ٺٽوي عباسي خليفن مان هو ۽ ميرزا
عيسيٰ ۽ مرزا محمد باقي سندس معاصر هئا. پنهنجي
علمي ڄاڻ ۽ ديني خدمت ڪري هر هنڌ مشهور هو. سندس
هڪ درسگاهه مان ڪيترائي شاگرد ۽ طالب ديني علم
پرائي ويا. زندگيءَ جي آخري وقت تائين درس و تدريس
جو ڪم ڪندو رهيو. ”تذڪره اولياءَ“ سندس شاهڪار آهي
۽ ٻين ڪيترن درسي ڪتابن تي حاشيا لکيائين. ان کان
سواءِ قاضي وجيهه الدين ”يگانه“، قاضي عتيق الله ۽
قاضي شيخ محمد ارغونن ۽ ترخانن جي صاحبيءَ ۾ وڏا
مدرس، اهل علم ۽ اهل قلم ٿي گذريا آهن.
سيوهڻ
قاضي شرف الدين جي درسگاهه
مخدوم محمد جي اولاد مان قاضي شرف الدين، مخدوم
بلال کان علم حديث تحصيل ڪيو هو. مرزا شاهه حسن هن
کي سيوهڻ مٿان قاضي مقرر ڪيو. انهيءَ عهدي کان
سواءِ هن سيوهڻ ۾ پنهنجي قائم ڪيل درسگاهه ۾ قرآن
شريف، حديث ۽ فقهه جي تعليم ڏني، جنهن مان سندس
ڪيترن طالبن فيض پرايو. وٽس پري پري جا شاگرد علم
جي تحصيل لاءِ ايندا هئا. شريعت جي پيچيده مسئلن
جو حل جلدي ڪري ويندو هو. انهيءَ ڪري ديني ڄاڻ ۽
اسلامي علوم جي هاڪ ڪري گهڻو مشهور رهيو.
قاضي جلال الدين بکر جو برک عالم واپاري هو. آگري
پهچڻ کان پوءِ سندس علميت جي ڪمال ۽ حق پرستي جو
چرچو درٻار اڪبري تائين پهتو. آگھري جي قاضي يعقوب
جي معزولي کان پوءِ اتي جو قاضي ۽ مدرس مقرر ٿيو.
سندس مدرسي ۾ سوين شاگرد هڪ ئي وقت علم پرائيندا
هئا. آگري کان پوءِ دکن ويو. اتان حج جي ارادي سان
حجاز پهتو اتي وفات ڪيائين.
سيد
ابراهيم بکري تصوف جي تلاش ۾ سنڌ ڇڏي شيخ جلال متو
برهانپوريءَ جي خدمت ۾ رهي دين ۽ تصوف جو علم حاصل
ڪيو. پنهنجي استاد مرشد ڪامل جي صحبت ۽ مهرباني
ڪري هميشه وٽس رهي پيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس
جاءِ نشين ٿيو. سيد ابراهيم بکري سنڌي وٽان
ڪيترائي مريد ۽ شاگرد فيض هدايت حاصل ڪري ويا.
برهانپور ۽ خانديش جا حاڪم ۽ امير، سيد صاحب جا
ڏاڍا معتقد ۽ نيازمند هئا. سندس وفات 998هه ۾ ٿي.(1)
ٻٻرلوءِ جي عظيم درسگاهه:
جوهر آفتاب جي ”تاريخ الواقعات“ ۾ ٻٻرلوءِ کي
”بيهرالو“ لکي ٿو. ارغونن جي دور ۾ ٻٻرلوءِ، سنڌ
جو هڪ قديم علمي مرڪز هو. مرزا عيسيٰ ترخان جو
بيان آهي ته ارغونن جي ڪاهه ۾ فقط ڪاهان (ڳاهو) ۽
باغبان مان هڪ رات اندر مرزا شاهه بيگ کي هڪ هزار
اُٺ هرلن تان هٿ لڳا، جي باغن کي پاڻي پهچائي رهيا
هئا. 1541ع ۾ معزول شهنشاهه همايون سنڌو نديءَ جي
اُڀرندي ڪپ تي روهڙي جي ڀر واري ڳوٺ ٻٻرلوءِ جي
”چار باغ“ کي پسند ڪري، اتي ٻن لکن فوجن سان
ڇانوڻي هڻي ويٺو. باغ، کجي ۽ انبن جي وڻن جو هو،(2)
جنهن جي وسعت ارڙهن هزار وڻ هئي.
ڏهين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ ٻٻرلوءِ ۾ هڪ وڏي
درسگاهه هئي. هي مدرسو مرزائي درسگاهه ڪري سڏبو
هو. مدرسي جي عمارت وڏي شاندار هئي.
همايون بادشاهه جڏهن جلاوطن ٿي سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن
ٻٻرلوءِ ۾ اچي انهيءَ مدرسي جي عمارت ۾ قيام ڪيو
هئائين. همايون 28 رمضان 947هه جمعي جي ڏينهن جي
نماز مدرسي جي ڀرسان مسجد ۾ ادا ڪئي هئي. هن مدرسي
کي بکر جي حاڪم سلطان محمد سن966هه ۾ برباد ڪري
ڇڏيو.(1)
تاريخ الواقعات ۾ جوهر آفتاب جي سن998هه ۾ لکي ٿو
ته ٻٻرلوءِ سنڌ جي بهترين نزهتگاهه ۽ تمدني مرڪز
هو. هتي عاليشان مدرسو ۽ ڪتب خانو هو. مرزا يادگار
ناصر ڪتب خانو ڏسي مدرسي ۾ رهڻ لڳو.(2)
قاضي ابو سعيد جي درسگاهه:
قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري پنهنجي دور جو
وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سيوهڻ ۾ سندس مدرسو هو،
جنهن ۾ پاڻ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو. سنڌ جي ڪيترن
نامور عالمن سندس درس مان فيض پرايو هو.(3)
هن سن958هه ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.
مير
عبدالله جي درسگاهه:
مير
عبدالله سلطان، سيوهڻ جي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان
ٿي گذريو آهي. سندس تخلص ”خان عريضي“ هو. بکر جي
مشهور مدبر عالم سيد ابوالمڪارم جو پٽ هو. سيوهڻ ۾
سندس مدرسو هو، جنهن ۾ اسلامي علمن جو درس ڏيندو
هو.(4)
هي قاضي ابو سعيد جو معاصر هو. هن ڏهين صدي هجريءَ
جي وچ ڌاري وفات ڪئي.
بکر
جي عظيم درسگاهه:
شيخ
شمس الدين، امام عبدالله حنفي ۽ قاضي ابو حنيفه
بکر جا مشهور عالم ٿي گذريا آهن. سندن علميت ۽
بزرگي ڪري بکر علم ادب جو مرڪز هو. مشهور سياح ابن
بطوطه پڻ ساڻن ملاقات ڪئي هئي. بکر ۾ سندن مدرسو
هو، جنهن ۾ پاڻ شاگردن کي ديني علومن جو درس ڏيندا
هئا.(1)
مولانا ضياءَ الدين جي درسگاهه:
مولا ضياءَ الدين، مخدوم صدر الدين راهوٺي شرعي
علمن جو جامع هو. وڏو عالم، فقيهه ۽ ماهر استاد ٿي
گذريو. اوائل ۾ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو، پر آخري
ايامن ۾ گوشه نشين ٿي عبادت الاهي ۾ عمر پوري
ڪيائين. سن968هه ڌاري وفات ڪيائين.(2)
سيد
ابوالغيث بکري وڏي رتبي جو بزرگ عالم ٿي گذريو
آهي. بکر ۾ قائم ڪيل مدرسن ۾ اسلام جي تبليغ سان
گڏ ديني علوم به پڙهائيندو رهيو. امير تيمور
گورگاني جي پوٽي مرزا پير محمد کيس علمي ڄاڻ ۽
لياقت جي ڪري الور جو پرڳڻو جاگير طور عطا ڪيو.
مخدوم عبدالباقي جي روهڙي ۾ درسگاهه:
مخدوم عبدالباقي سکر جي ميرڪي سيدن جو مورث اعليٰ
پنهنجي والد ميرڪ بايزيد، مرزا شاهه بيگ ارغون سان
گڏ قنڌار مان سنڌ ۾ آيو. کيس پوراني ڪري سڏيندا
هئا. هن 952هه ۾ استنبول کان وارڪ مبارڪ روهڙيءَ ۾
آندو هو. حيدر شاهه حقاني ۽ مخدوم عبدالملڪ سندس
معاصر هئا، جن به وار مبارڪ جي زيارت ڪئي هئي. بکر
۽ سکر مٿان شيخ الاسلام ٿي رهيو. هي هڪ جيد عالم،
فاضل ۽ سنت جماعت جو بزرگ هو. سيد ميرڪ بايزيد جي
اولاد دارالخلافہ ٺٽي تائين علم، تحقيق ۽ درس
تدريس ۾ ناموري حاصل ڪئي. روهڙيءَ ۾ هن بزرگ جو
مدرسو هو. جنهن ۾ قرآن پاڪ جي تفسير جو درس طالبن
کي ڏيندو هو. مير عبدالباقي جو مقبرو سيد محمد مڪي
جي تربت لڳ آهي. سندس وفات 1019هه ۾ ٿي.(1)
ريل
جي درسگاهه:
مولانا عالم بکري، ظاهري ۽ باطني علمن وارو بزرگ
هو. سندس فرزند درويش يحيٰ ريل پرڳڻي ۾ وڃي رهيو.
سندس مدرسو ان زماني ۾ گهڻو مشهور هو. وقت جي
ڪيترن عالمن وٽس علمي فراغت حاصل ڪئي. سندس سن
وفات معلوم نه ٿي سگهيو آهي. تاهم ايترو چئي سگهجي
ٿو ته هن ڏهين صدي هجري جي آخر ڌاري وفات ڪئي.
سيوهڻ ۾ مخدوم شرف الدين جي درسگاهه:
شيخ
مخدوم شرف الدين، مخدوم محمود جي اولاد مان هو ۽
مخدوم بلال کان علم حديث ۾ تحصيل ڪئي هئائين. مرزا
شاهه حسن ارغون کيس سيوهڻ جو قاضي مقرر ڪيو هو.
سيوهڻ ۾ قضا جي عهدي سان گڏ درس تدريس جو ڪم به
ڪندو هو.(2)
شاهي استاد ملا اسحاق بکري:
ملا
اسحاق بکري پهريائين سلطان محمود جي امرائن ۾ داخل
ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ قابليت ڪري مرزا
غازي جو معلم (شاهي استاد) مقرر ٿيو.
شاهه حسين جي درسگاهه:
شاهه حسين، تڪدري امرائن مان هو، ۽ شاهه حسن ارغون
پاران عملدار هو. جدت طبع، ذهن، علمي ڄاڻ ۽ اخلاق
۾ بي نظير هو. تاريخ ۾ محقق هو. درس تدريس سان گڏ
تصنيف ۽ تاليف جو ڪم پڻ ڪندو هو. ”تاريخ روضة
السلاطين“ سندس مشهور تصنيفن مان آهي.
شاه
قطب الدين جي درسگاهه:
شاهه قطب الدين بن محمد شاهه طيب، خراسان جو بزرگ
هو. شيبانين جي ڪاهه ڪري خراسان ڇڏي، بکر ۾ اچي
رهيو، جتي هر جمعي تي مخلوق خدا کي وعظ ڪندو هو.
وقت جو برک عالم هو. وعظ واري مسجد ۾ قرآن شريف،
حديث ۽ فقهه جي سکيا ڏيندو هو. سندس شاگردن جو
دائرو وسيع هو. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ بکر جو
شيخ الاسلام مقرر ٿيو. سن967هه ڌاري وفات ڪيائين.
مير
ابوالمڪارم بن مير غياث الدين پهريائين مرزا شاهه
حسن بيگ جو نديم هو. پوءِ سلطان محمود پاران شاهه
اسماعيل صفوي جي درٻاري ۾ سفير ٿيو. وڏو عالم،
فاضل ۽ بليغ شاعر هو سندس تخلص ”شهود“ هو. مثنوي
پرڪار (سليمان ۽ بلقيس) سندس علمي شاهڪار آهي.
بکر
۾ شاهه جهانگير جي درسگاهه:
شاهه جهانگير هاشمي، شاهه طيب جي اولاد مان هو.
بکر جو برک عالم فاضل ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
بکر ۾ ڪيتري عرصي تائين درس تدريس جي شغل کي جاري
رکيائين. ان کان سواءِ هن ”تحفة الاحرار“ جي جواب
۾ ”مظهر الاثار“ تصنيف ڪيو. سن981هه ۾ حج ڏانهن
ويندي ڪيچ مڪران وٽ دشمنن جي هٿان حملي ۾ شهيد ٿي
ويو.
سکر
۾ شاهه خير الدين جي خانقاهه ۽ درسگاهه:
بکر
۽ سکر جو برک عالم شاهه خير الدين بن سيد احمد
بغدادي سن911هه ۾ بغداد ۾ ڄائو هو. سندس نسب پنجن
واسطن سان سيد عبدالقادر جيلاني سان ملي ٿو. اوائل
عمر ۾ بغداد کان مڪي آيو ۽ برابر چوڏهن ورهيه
حرمين ۾ رهي علم پڙهندو رهيو. علم کان فراغت حاصل
ڪرڻ کان پوءِ سير و سياحت جي ارادي سان سنڌ ڏانهن
نڪري آيو ۽ اچي مخدوم نوح رح جي صحبت ۾ رهيو، جتان
گهڻو ئي فيض پرايائين. پوءِ سکر ۾ هڪ ٽڪري تي
عبادت الاهيءَ ۾ مشغول رهيو، جتي ڪيترن شاگردن ۽
مريدن کي دين اسلام جي تعليم ڏيندو رهيو. مير محمد
معصوم جو پوٽو مير زڪريا پڻ سندس معتقد ۽ مريد
طالب هو. ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ ۽ پير روضي ڌڻي سيد
محمد راشد جي ملفوظات ۾ سندس ڪجهه مناقب مذڪور
آهي.
شاه
خير الدين پوين ڏينهن ۾ ٽڪريءَ تان لهي اچي پراڻي
سکر ۾ انهيءَ هنڌ رهيو هو، جتي سندس مقبرو آهي.
اتر ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جن هنن شاهه
صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا. سکر ۾ سڌو ۽ فقير
جمال الدين سندس خدمت ڪندا هئا ۽ کانئس فيض حاصل
ڪيائون. هن 27 رمضان المبارڪ سن1027هه ۾ وفات ڪئي.(1)
مولانا مصلح الدين جو مدرسو:
مولانا مصلح الدين لاري ٺٽوي، باسعادت عربي ۽
فارسي علمن جو وڏو ماهر هو. سندس مدرسي ۾ ٺٽي جا
عالم ۽ فاضل ڏکيون ۽ وڏيون عربي فارسي شرحون
پڙهندا ۽ سکندا هئا. عربي علم جي فيض لاءِ سندس
درسگاهه جو دروازو چارئي پهر عام ۽ خاص لاءِ کليل
هوندو هو. سندس مڪتب ۾ مرزا شاهه حسين ارغون
پڙهيو، انهيءَ ڪري وقت جي حاڪمن وٽ سندس ڏاڍي عزت
هوندي هئي. ايتري قدر جو شرعي قانون جا ڏکيا مسئلا
کانئس پڇيا ويندا هئا. پاڻ علم جي هوڏ ۽ ڪوڏ ۾ وقت
جي نزاڪت کان پنهنجو مٽ پاڻ هئو. تعليم سان گڏ
تصنيف ۽ تاليف جو شغل جاري رکيائين. شرح شمائل
نبوي جا حاشيه، تفسير بيضاوي ۽ شرح فارسي، منطق ۽
ٻيا ڪيترا رسالا سندس علميت جي ساک ڀرين ٿا. هن
978هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي.(1)
سنڌ
جي درسگاهن ۾ نه رڳو علوم جي تعليم ڏني ويندي هئي،
پر خوش نويسي ۽ خطاطي به سيکاري ويندي هئي. ڇوته
ان دور ۾ ڇاپخانا نه هئا. علمي ڪتابن جي نقل لاءِ
ڪاتبن جي به ضرورت هوندي هئي. ان ڪري ڪن خوشنويسن
جو مختصر احوال هت ڏجي ٿو:
حافظ رشيد خوشنويس: ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي
ڏينهن م خوشنويسيءَ جي مهارت جو علمبردار هو ۽
مشهور ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو.
سيد
حسن خوشنويس: ترخاني دور ۾ خوش نويسيءَ جي فن ۾
ماهر هو. سندس پٽ سيد محمد طاهر پڻ مشهور ستن قلمن
جو جامع ۽ عوام ۾ مشهور ٿي گذريو. پيءُ ۽ پٽ
خوشنويسيءَ جي فن ۾ ”هفت علم“ جي لقب سان مشهور ٿي
گذريا آهن.
مخدوم الياس خوشنويس: مخدوم يوسف جو فرزند نستعلق
۽ نسخ جي خط ۾ وقت جو مشهور استاد هو. سيد علي
جهڙا رشيد شاگرد وٽانئس بهرو پرائي فن جي ڪمايت کي
پهتا.
سيد
رحمت الله: سيد ابوالقاسم بيگلار جو فرزند خط
نستعليق ۾ پنهنجي وقت اندر مشهور معروف ٿي گذريو.
سيد
علي: هڪ ناليرو استاد، ڪامل مهارت جو مالڪ ۽ خوش
نويسي جي فن ۾ جامع هو. سندس اڪثر شاگرد ڪمال کي
رسيا آهن. سيد مهدي مرحوم جيڪو سندس فوت ٿيڻ کان
پوءِ آيو، سو به پنهنجي استاد وانگر خوشنويسيءَ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو.
ميان شيخ محمد: سيد علي جي ممتاز شاگردن مان هڪ
هو. ستن ئي قلمن ۾ مشهور معروف هو. سندس پٽن مان
شيخ ابوالفضل خوشنويسي ۾ مشهور ٿي گذريو.
شيخ
محمد پناهه: پڻ خوشنويسي جي ڪمالات جو جامع ۽ اڪثر
خوشنويسن تي فوقيت رکندڙ هو.
ملا
عبدالرشيد: اصل لاهري بندر جو رهاڪو هو، پنهنجي
وقت اندر فقهه، خطاطي ۽ شاعري ۾ ناليرو هو. مرزا
غازي بيگ سندس صحبت ۽ شعر پسند ڪري، پنهنجي درٻار
۾ رکيو ۽ هن سندس درٻار ۾ خطاطي توڙي شاعري جا خوب
جوهر ڏيکاريا. انهيءَ ڪري کيس ”خاني“ جي خطاب سان
سرفراز ڪيو.
محمد مقيم: ترخان دور ۾ خوش نويسي ۽ سخن جي ميدان
۾ مهارت جو جهنڊو بلند رکيو آيو ۽ مرزا جاني بيگ
سان گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو. مومل ۽
مينڌري جي عشق جو قصو ”ترنم عشق“ جي نالي سان لکي
بادشاهه کي پيش ڪيائين، جنهن ڪري کيس انعامن
اڪرامن سان نوازيو ويو.
ملا
محمد صوفي: مرزا غازي ”وقاري“ جي وقت جو عالم ۽
عربي خوش نويسي جي فن ۾ ماهر هو. گهڻو ڪري مشاعرن
۾ بهرو وٺندو هو. مرزا غازي جو وڏي ۾ وڏو عزت وارو
نديم هو.
مير
طاهر محمد نسياني: بن سيد حسين قنڌاري شاعر، مورخ
۽ خوشنويس هو. سن1030هه/1621ع ۾ ”تاريخ طاهري“ ٺٽي
۾ تصنيف ڪيائين. منجهس مرزا غازي بيگ جي زماني
تائين بيان ڏنل آهي. هن عمر ۾ مارئي جي قصي کي
فارسي ۾ منظوم ڪيو، جنهن تي ”ناز و نياز“ نالو
رکيائين. سيد جمال بن مير جلال الدين حسيني ”ترخان
نامه“ تصنيف ڪيو، جنهن جو سال تصنيف 55-1654ع آهي.
مورخ ”تاريخ السند والهند“ ۽ ”تاريخ طاهري“ تان
روشني ورتي آهي.
شجاع ٺٽوي: شجاع ٺٽوي جو اصل وطن شيراز هو. خط نسخ
۽ ثلث ۾ کيس ڪمال حاصل هو. سن999هه ۾ ٺٽي ۾
عبدالرحيم خان خانان جي حاضري ۾ پيش ٿيو. خان
خانان احمد آباد ۾ وڏو ڪتبخانو (دارالحڪمت) کوليو
هو، جنهن جي انتظام لاءِ اهل فن مقرر ٿيل هئا.
مثلاً: ملا محمد امين جدول ساز، ملا عبدالرحيم
عنبرين قلم، ملا مومن محمد، محمد حسين ڪامي، غني
همداني وغيره. شجاع ٺٽوي ترقي ڪري ڪتبخاني مٿان
اعليٰ عملدار مقرر ٿيو.
سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي به علمي
ادارا هئا، تن جي نصاب ۾ قراءَت، تفسير، حديث ۽
فقهه شامل هئا. ازانسواءِ ٻاهرين اسلامي دنيا سان
تعلقات استوار ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪتاب خراسان ۽ عجم ۾
لکچي چڪا هئا، تن کان سنڌي عالمن کي واقفيت هئي.
وقت
جي تبديلي سان گڏ مدرسن جي نصاب خواهه تدريسي نظام
۾ ڦيرو ايندو ويو. تهذيب اخلاق جو سبق پڻ شاگردن
جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ٻاهرين عالمن جي اچڻ ڪري
ٻين علمن، جهڙوڪ اقليدس، منطق ۽ خوشنويسي جو رواج
پيو، مير عبدالباقي تصوف جو ڄاڻو هو ۽ ساڳئي وقت
علم فصوص جو به ماهر هو. ميرڪ عبدالرحمٰن علم
هيئت حڪمت جو استاد هو.(1)
مخدوم فضل الله علمي زيور سان سينگاريل هو. سندس
مدرسي ۾ علم دينيات جو درس جاري هو.
هن
دور ۾ سنڌ جي ماڻهن علم القرآن، تفسير، حديث،
فقهه، منطق، خطاطي، رياضي، هيئت ۽ اقليدس جهڙن
مروج علمن کان ڪافي واقفيت حاصل ڪرڻ سان گڏ چڱي
دسترس پڻ حاصل ڪئي ۽ سندن ثقافتي تعلقات ٻاهرين
اسلامي دنيا سان سٺا هئا.
نصرپور
نصرپور جو شهر سمن جي اوائلي دور ۾ آباد ٿيو. سمن
جي عروج واري وقت ۾ دهلي جو بادشاهه سلطان محمد
تغلق سندس هڪ باغي سردار جي پويان گجرات مان ڪاهي
سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي جي آسپاس 752هه ۾ گذاري ويو. سندس
وفات کان پوءِ فيروز شاهه تخت تي ويٺو، جيڪو پهرين
صفر 752هه تي ٺٽي مان منزل کڻي دهلي پهتو. انهيءَ
سفر دوران ”ساڱري جي ڍنڍ“ تي منزل انداز ٿيو.
خوشگوار ۽ سرسبز علائقو ڏسي انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري
تي امير نصر جي مدد سان هڪ قلعو ٺهرايائين ۽ کيس
هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين.(1)
انهيءَ امير نصر تان شهر تي ”نصرپور“ نالو پيو.
اُتي اڃان تائين هڪ ڦٽل مسجد موجود آهي، جيڪا ”نصر
واري مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي. نصرپور وٽان
وهندڙ درياءَ جو نالو ”ساڱرو“ هو.
ڄام
سڪندر جي ڏينهن ۾ نصرپور جي حيثيت هڪ ”قصبه“ جي
هئي ۽ ڄام سڪندر خود نصرپور آيو.(2)
سمن جي خاتمي بعد جڏهن شاهه بيگ ارغون سن928هه ۾
وفات ڪئي، ته سندس پٽ مرزا شاهه حسن نصرپور ۾ ئي
گاديءَ تي ويٺو. سن942هه ۾ مرزا شاهه حسن نصرپور
مان ئي پوري فوجي تيار ڪري همايون بادشاهه جي مدد
لاءِ گجرات طرف روانو ٿيو. ان بعد پڻ بکر ۽ ٺٽي جي
وچ ۾ نصرپور جي وڏي فوجي اهميت هئي، انهيءَ ڪري
جڏهن بکر جي حاڪم سلطان محمود خان، مرزا محمد باقي
خلاف چڙهائي ڪئي ته سڌو اچي ”نصرپور جي قلعي“ کي
گهيرو ڪيائين. مرزا عيسيٰ کان پوءِ سندس پٽن مرزا
محمد باقي ۽ مرزا جان بابا جو گاديءَ تان تڪرار
ٿيو ۽ نصرپور جو علائقو مرزا جان بابا جي تصرف هيٺ
رهيو.
ڏهين صدي هجري جي آخر ۾ مرزا جاني بيگ ترخان جي
عهد ۾ شاهه قاسم خان بيگلار عرف ”خان زمان“ نصرپور
جو گورنر رهيو. 1001هه ۾ اڪبر بادشاهه طرفان
عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ سان نصرپور
واري قلعي تي وڙهيو ۽ نصرپور اڪبر بادشاهه جي هٿ
هيٺ آئي.
1079هه ۾ درياءَ جو پائڻ شهر جي تباهي جو مکيه سبب
بنيو ۽ درياءَ شاهه پنهنجو رخ نصرپور وٽان 1172هه
۾ ڦيرايو. شاه محمود جي درگاهه جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو
لڳل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها شيخ
عبدالرحيم 1095هه ۾ ٺهرائي. کنهباٽين جي پاڙي ۾
ميان موسيٰ جي مسجد آهي، جنهن جو بنياد 1166هه ۾
رکيو ويو. شاهه واهه جي الهندي طرف ”مائي خيري
واري مسجد“ سڏجي ٿي. ٽالپرن جي دور جي ”ڀاڻن واري
مسجد“ آهي.
مولانا مخدوم قاضي محمد اڪرم نصرپوري يارهين صدي
هجريءَ جو وڏو متشرح عالم، عابد ۽ بزرگ شخص هو.
سندس تحريرون ڪن ڪتابن ۾ نقل ٿيل ملن ٿيون. قاضي
محمد اڪرم جي تصنيفن مان ”صحيح بخاري جي شرح“ جو
قلمي نسخو ولهيٽ جي مدرسي ۾ هو، جنهن کي اڏوهي
کائي ڇڏيو. ان جو ٻيو ڪوبه نسخو نظر نٿو اچي. باقي
مخدوم محمد عثمان مٽيارين واري انهيءَ شرح تان
تلخيص ڪري مشڪواة شريف جي مٿان حاشيه چاڙهيا آهن.
اها تلخيص متن سميت وڏن ٻن جلدن ۾ لکيل آهي، جن
مان هڪ جلد سنڌ يونيورسٽيءَ جي مکيه لئبريريءَ ۾،
۽ ٻيو جلد مولانا محمد معروف صاحب مٽيارين واري وٽ
موجود آهي. قاضي صاحب جو ٻيو ڪتاب ”امڪان النظر“
آهي، جيڪو اصول حديث ۾ آهي ۽ حافظ ابن حجر عسقلاني
جي مشهور ڪتاب ”شرح نخبہ“ جي شرح آهي.
قاضي محمد اڪرم کان اڳ ملا علي قاري به ساڳئي ڪتاب
جي شرح لکي آهي، جا گهڻو اڳ ترڪيءَ ۾ شايع ٿي هئي.
پر قاضي محمد اڪرم جي شرح ان کان وڌيڪ محققانه
مفصل آهي ۽ گهڻين جاين تي ملا علي قاري جي شرح کي
رد ڏنل آهن. هن ڪتاب جا دنيا ۾ ٽي قلمي نسخا مشهور
آهن: هڪ جامع الازهر ۾، ٻيو پير جهنڊو لائبريري ۾،
۽ ٽيون مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن وٽ موجود
آهي. پير جهنڊي وارن جو نسخو مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي مطالعي هيٺ رهيو آهي ۽ هڪ جاءِ تي مخدوم
صاحب جو حاشيه سندس هٿ اکر لکيل موجود آهي. مولانا
قاسمي صاحب جن وارو قلمي نسخو 1118هه جو لکيل آهي
۽ ان جو ڪاتب مدينه منوره جو آهي. مدينه مان حاجي
فقيرالله علوي شۡارپوري انهيءَ ڪتاب کي خريد ڪيو
هو. ڪتاب جي منڍ ۾ حاجي صاحب جو اهڙو نوٽ سندس مهر
سان موجود آهي۽ هاڻي اهو ڪتاب مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب جي زير نگراني ڇپجي رهيو آهي. ٽيون
ڪتاب ”الحق المبين“ جو ذڪر علامه محمد اڪرم پنهنجي
ڪتاب ”امڪان النظر“ ۾ ڪيو آهي. اهو رسالو اسان کي
هن وقت سنڌ جي ڪنهن به ڪتبخاني ۾ نظر نه آيو آهي.
شاهه محمود معروف، سيد عبدالقادر جيلاني جو پوٽو
هو. سندس مزار درياءَ جي پرينءَ ڀر هئي، پر درياءَ
جي پائڻ ڪري سندس نعش (خاڪ) اتان ڪڍي اورين ڀر کڻي
آيا، جتي هينئر سندس درگاهه آهي. هن درگاهه جا
متولي رضوي سادات آهن. مير علي شير قانع ٺٽوي جي
ڏينهن ۾ مير محمد زمان رضوي درگاهه جو متولي ۽
گادي نشين هو. محمود شاهه جون ڪرامتون قديم الايام
کان عيان آهن. شيخ مير محمد، شيخ صالح، شيخ
الهڏنو، شيخ ابو طالب، شيخ سائين ڏنو ۽ شيخ طيب هن
درگاهه جا طالب ۽ مجاور هئا.
مولانا محمد عابد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”طوالع
الانوار“ ۾ پاڻ کي نصرپوري ڪري ڄاڻايو آهي. مولانا
محمد عابد قاضين جي خاندان مان هو.(1)
انهيءَ خاندان مان هڪ ٻيو وڏو عالم قاضي روح الله
هو، جيڪو ساڳئي وقت هڪ درويش پڻ هو. مولوي محمد
عالم (عالمياڻين جو ڏاڏو) هڪ برک عالم هو. هن
گهراڻي مان مولانا عبدالحق عالماڻي مشهور هو، جنهن
کي دهلي ۾ پڻ گهرايو ويو هو.
ترخانن جي دور ۾ شاهه قاسم خان عرف ”خان زمان“
(بينگلارنامي جو هيرو) ۽ ان بعد سندس پٽ ابوالقاسم
سلطان، نصرپور جا گورنر ۽ وڏا علم دوست ٿي گذريا
آهن. خاص طرح ابوالقاسم سلطان خود علم، شاعر ۽
شاعرن جو وڏو قدردان هو. ادراڪي بيگلاري ان وقت جو
ناليرو فارسي شاعر هو، جنهن شاهه قاسم خان جي
يادگار ۾ تاريخي ڪتاب ”بيگلارنامو“ لکيو ۽
ابوالقاسم سلطان لاءِ فارسيءَ ۾ ”چنيسر نامو“ لکي
ڏانهس منسوب ڪيائين.
قاضي مسعود جي درسگاهه:
قاضي مسعود قريشي عثماني، ظاهري توڙي باطني علم جو
صاحب ۽ پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ولي ٿي
گذريو آهي. نصرپور ۾ سندس قائم ڪيل مدرسي مان
ڪيترائي طالب ۽ مريف فيض پرائي نڪتا. سندس پٽ حافظ
حبيب الله ۽ پوٽو ميان عزت الله به علم ۽ ڪمال جا
صاحب ٿي گذريا آهن.
قاضي مخدوم عبدالرحمٰن، هڪ وڏو عالم ۽ فاضل هو.
شاهجهان جي ڏينهن کان وٺي عالمگير جي بادشاهي جي
سموري عرصي تائين حرمين شريفين جي نذرن جو متولي
هو. وقت جي حاڪم کان سندس خدمت جي شرط تي عمدي
جاگير مليل هيس.
مخدوم ميتيدني جو مدرسو:
مخدوم ميان ميتيدني ٻارهين صدي هجري ۾ وڏو ڪامل ۽
فقهه جي فن جو جامع، تيز ۽ متبحر عالم ٿي گذريو
آهي. فقهه جي علم ۾ گهڻن عالمن کان وڌيڪ ماهر
هوندو هو. ڪيترائي ڏکيا شرعي مسئلا بنا ڪنهن هٻڪ ۽
رنڊڪ جي حل ڪري ڇڏيندو هو. سندس مدرسي مان
ڪيترائي علم جا شائق پروانا پڙهي نڪتا. علمي
لياقتن سان گڏ سڀني ڪماليتن ۾ خلق الله ۾ مشهور
سالڪ ٿي گذريو آهي.
درٻيلو
درٻيلو، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوابشاهه ۾ واقع آهي.
درٻيلو انهيءَ ڪري ٿو سڏجي جو شهر جي ڀرسان
ڪيترائي ٻيلا آهن، جن مان ڀئونر، ڪمال ديرو ۽
مَڃَٺ مشهور آهن. درٻيلي کي ”ڊڀرو“ به سڏيو ويندو
آهي.
درٻيلو، ٺٽي، بکر، سيوستان ۽ سنڌ جي ٻين شهرن
وانگر علمي ۽ ادبي مرڪز هو. درٻيلي جي عالمن جو
ڌاڪو نه فقط سنڌ تائين محدود هو، پر انهن کان
گجرات ۽ دکن جا ماڻهو پڻ واقف هئا. اتي جا ماڻهو
ڏورانهين پنڌ تان ڪهي درٻيلي جي درسگاهن مان علمي
فيض پرائي ويا.
قاضي عثمان جي درسگاهه:
مخدوم قاضي شيخ عثمان درٻيلي جي هڪ متبرڪ هستي
ديني توڙي دنيوي علمن کان واقف هو. ماڻهن جي ظاهري
توڙي باطني رهبري ڪندو هو. پنهنجي وقت جو جيد
عالم، متقي، بزرگ ۽ مجدد ٿي گذريو. سندس وڏا عرب
جي قريشي قبيلي مان هئا. مخدوم صاحب علم تفسير،
فقهه ۽ حديثن جو صاحب هو. سندس مسجد جي ڀرسان حجري
۾ ديني مدرسو هو. پاڻ ان ۾ درس تدريس جو ڪم ڪندو
هو. سندس مدرسي ۾ هر وقت فاضلن ۽ طالبن جي وڏي
جماعت رهندي هئي. مخدوم صاحب 1002هه ۾ وفات ڪئي،
سندس مزار درٻيلي ۾ آهي.(1)
شيخ
متقي جو مدرسو:
شيخ
عبدالله متقي بن مولانا سعد درٻيلوي وڏو جيد عالم
هو. علم تفسير ۽ علم حديث ۾ يگانه عصر هو. سندس
علميت جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌڻ آيو.(1)
شيخ صاحب سنڌ جي علمي کاڻ جو چمڪندڙ هيرو هو. کيس
پنهنجو مدرسو هو، جنهن ۾ بعض اوقات مباحثا ۽
مناظرا به ٿيندا هئا. هن ارغونن جي هٿان سنڌ فتح
ڪرڻ سبب سن947هه/1541ع ۾ گجرات ڏانهن هجرت ڪئي.
اوائل ۾ احمد آباد ۾ درس جاري ڪري چڱو نالو ڪڍيو.
سندس علمي درس مان شيخ بهاول دهلوي محدث، حديث جي
فن ۾ تحصيل ڪئي. گجرات واري زماني ۾ قاضي عبدالله
جي صحبت ۾ به رهيو. بعد ۾ قاضي قاضن سان مديني
منوره ۾ ملاقات ڪئي هئائين ۽ وفات به اتي ئي
ڪيائين.
قاضي ابراهيم درٻيلوي هڪ وڏو عالم، پرهيزگار، سلوڪ
۽ رضا جي رستي جو سالڪ ٿي گذريو آهي. هن درٻيلوي ۾
مخدومن جي قائم ڪيل درسگاهن ۽ مدرسن ۾ ديني تعليم
زور شور سان ڏني، جتان ڪيترائي سندس طالب تعليم جو
فيض پرائي ويا. ازانسواءِ سندس سپوت پٽ قاضي
عبدالله به وٽس تعليم حاصل ڪئي هئي.
قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم به علم جي ڪري هنڌين
ماڳين مشهور هو. پنهنجي والد قاضي ابراهيم ۽ مخدوم
عبدالعزيز ابهري جو شاگرد هو.(2)
شاهه بيگ ارغون جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد باغبان ۽ روات
۾ وڃي رهيو. 934هه ۾ وڏي گجرات هليو ويو، جتي به
درس تدريس جو شغل جاري رکيائين. آخري عمر ۾ مڪي
شريف ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.(3)
سندس شاگردن مان شيخ صالح، شيخ رحمت الله ۽ شيخ
حميد مشهور عالم ٿي گذريا آهن.
شيخ
رحمت الله بن قاضي عبدالله درٻيلوي کي پنهنجي پيءُ
وانگر ساڳيو درسگاهه هوندو هو، جتي ڪئين دين جا
پروانا ۽ متوالا، قرآن، حديث، فقهه ۽ تفسير جي
حصول لاءِ ايندا هئا. هو پنهنجي دور جو وڏو جيد
عالم هو. ”مناسڪ الحج“ تي سندس ٽي رسالا يادگار
آهن، جي اڻ لڀ ڪتابن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. مديني پاڪ
۾ قاضي قاضن ساڻس صحبت ڪئي هئي. ”المنسڪ المتوسط“
نالي سندس عربي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن جي شرح ملا
علي قاري لکي آهي.(1)
12 محرم 993هه ۾ مڪي پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي
دفنايل آهي.
شيخ
حميد، شيخ رحمت الله جو ڀاءُ ۽ قاضي عبدالله جو پٽ
هو. ديني علوم پنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ کان پرايائين.
فن حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس جو مالڪ هو. درٻيلي ۾
سندس ديني مدرسو هو، پر پوءِ اهو ڇڏي گجرات هليو
ويو ۽ اتي به مدرسو قائم ڪيائين. خان اعظم ڪوڪه
سان گڏجي مڪي شريف ويو اتي علم حديث جو درس جاري
رکيائين. ”خلاصة الاثر في اعيان القرن الحادي عشر“
۾ به سندس ذڪر آيل آهي، کيس عربي شاعري تي به عبور
حاصل هو. سن1009هه ۾ نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات
ڪيائين. کيس ڀاءُ جي ڀرسان دفنايو ويو.(2)
مير
علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي تصنيف مقالات الشعراءَ ۾
درٻيلي جي ڪيترن ئي مشهور اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر
ڪيو آهي، جن مان محمد فاروق ”آرزو“، فقير محمد
”سائل“، محمد عاقل ”نادان“ ۽ ”سالار“ قابل ذڪر
آهن.
مرزا ابوالحسن آصف جاه چوٿون، وفات 17 شعبان
1051هه، شجره لاءِ ڏسو مظهر شاه جهاني.
ذخيره الخوانين جلد ٻيو ص286، وڌيڪ ڏسو ذخيره
الخوانين، جلد پهريون ص236، مقالات الشعراءَ ص
ص834- 835 ۽ تحفة الڪرام ص ص212 ۽ 391.
الوحيد، سنڌ آزاد نمبر ڪراچي، 1936ع ص9
برهانپور ڪي سندهي اولياءَ، ص ص39- 49
سيد محمد ضامن ڪنتوري، عبرت ڪده سنڌ، حيدرآباد
دکن، مطبع شمسي، 1903ع ص ص35-36
ماخوذ از هفته وار آزاد ڪراچي، 20 اپريل 1953ع
مولانا عبدالخالق جيلاني، جيڪو ملا مرزا جاني
۽ مير فتح الله شيرازي آزاد الدولہ جو قريبي
عزيز هو، تنهن علم هيئت ۾ ميرڪ عبدالرحمٰن وٽ
عبور حاصل ڪيو هو. ميرڪ عبدالرحمٰن عيدالفطر
جي ڏينهن شهادت جو پيالو پيتو هو.
روزنامه مهراڻ، 22 نومبر 1959ع (سالگره نمبر)
”سنڌ جو مشهور جهونو شهر نصرپور.“
تاريخ معصومي، ص240، تحفة الڪرام ج3 ص247 ۽
ذخيره الخوانين ج اول ص208
قريشي حامد علي خانائي، سماهي مهراڻ، جلد
چوٿون، 1970ع، ص132.
ڪتاب النور السافر في اخبار القرن العاشر،
ص357
مرزا قليچ بيگ، تاريخ قديم سنڌ، ص447، تاريخ
معصومي، ص ص202- 204 ۽ اخبار الاخيار، ص280
النور السافر في اخبار القرن العاشر، ص440،
تحفة الڪرام، ج3، صفحو 360 ۽ شيخ محمد اڪرم،
رود ڪوثر ص ص306-307
النور السافر في اخبار القرن العاشر، ص
ص440-441
|