خاص نقطو هيءُ آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان سواءِ ٻيا نه ڪي ماهر
جتن کي بلوچ نسل مان تسليم ٿا ڪن، ڪي دوست شاهه
لطيف جي ڪلام مان مثال ڏئي اها دعويٰ ڪندا آهن، ته
لطيف پڻ جتن کي بلوچ ٿو قبول ڪري پر هيٺ سر سسئي
آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر
حسينيءَ مان ڪي بيت چونڊي مثال طور پيش ڪجن ٿا،
جن ۾ شاهه لطيف پنهوءَ ۽ سندس ڀائرن لاءِ’ٻانهي
ٻاروچن جي‘ ’بلوچاڻي باهه‘ ’ٻاروچاڻي ٻاجهه‘
’ٻاروچو‘ ’ٻاروچاڻا ٻار‘ ۽ اهڙا ٻيا ڪئين لفظ ۽
فقرا ڪم آندا آهن. اهي دوست، اهي لفظ دليل طور پيش
ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته شاهه لطيف
پنهوءَ ۽ سندس ڀائرن کي هڪ طرف”جت“ ٿو سڏي ته ٻئي
طرف”ٻروچ“، يعني انهن جي راءِ موجب اهو ثابت ٿو
ٿئي ته شاهه لطيف جتن کي، بلوچ ٿو سڏي. پر هيٺ
لطيف جي ڪلام مان اهڙن مثالن ۽ بيتن ڏيڻ کان اڳ هي
سوال به پيدا ٿئي ٿو ته شاهه لطيف پنهوءَ کي
”ٻاروچو“ آري، ڄام،پنهو ڄام، آري ڄام، ڄامن سندو
ڄام، جهڙا لقب ۽ خطاب پڻ ڏئي ٿو. سنڌ جي
ائنٿراپالاجيءَ جا ڄاڻو اهو قبول ڪندا ته ڪنهن به
بلوچ يا بلوچ قبيلي/قبيلن جي سردار کي ”ڄام“ لقب
يا خطاب سان مخاطب ڪو نه ٿيو آهي، ڄام ۽ ڄاموٽ
خطاب يا لقب فقط سماٽ قوم جي سردار لاءِ ڪتب آڻبو
آهي. لس ٻيلي جي حاڪم کي ”ڄام“ سڏيندا آهن. هو نه
فقط لسٻيلي رياست جو حاڪم هو، پر سماٽن جو سردار
پڻ هو. اهڙِءَ طرح ڄام به سمن ۽ سماٽن جي سردار
”ڄام“ سڏيندا آهن. لطيف پنهوءَ ۽ سندس ڀائرن لاءِ
ڪيچي لفظ به ڪم آندو آهي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته
پنهو توڙي بلوچستان جا جت قبيلا بلوچ قوم مان نه
آهن. پر بلوچستان جا رهاڪو هجڻ جي ڪري هو بلوچ
سڏبا آهن.
شاهه صاحب، پنهوءَ يا سندس ڀائرن کي بلوچ يا ٻروچ ان ڪري سڏيو
آهي جو بلوچستان جي رهاڪوءَ کي مجموعي طور بلوچ يا
ٻروچ سڏيو ويندو آهي، پوءِ چاهي اهو بلوچستان جي
مسلم باغ جو رهاڪو هجي يا دالبندين جو رهاڪو.
اهڙيءَ طرح بلوچستان جي ڊيرا بگٽيءَ جي رهاڪن کي
بگٽي به سڏيو ويندو آهي، پوءِ اهو ماڻهو چاهي هندو
هجي يا مسلمان، اهڙي طرح کيتراني، لاسي، جد گالي،
مڪراني، خطيوار نالا آهن، ان لحاظ سان لطيف جتن کي
بلوچ ان ڪري سڏيو آهي جو اهي بلوچستان جا رهاڪو
آهن.
هاڻي هيٺ اهي بيت مثال طور ڏجن ٿا، جن ۾ شاهه لطيف بلوچ، ٻروچ،
ٻاروچو، آريچو، ڪيچي، اوٺي ۽ ڄام وغيره لفظ ڪم
آندا آهن.
(الف) ٻاروچو ۽ ٻروچ لفظ وارا بيت؛
ڄٽ وڇايو ڄاڻ، ٻروچن سين
(1)
ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏم گس
(2)
پڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باهه
(1)
وڃي ڪيچ پُنياس، ٻاروچاڻي ٻاجهه سين (2)
سڀ ۾ پنهو پاڻ، ٻيو ناهه ٻروچ ري (3)
لڪو ڪين لطيف چي، ٻاروچو ٻي پار
تو جو ٻول ٻروچ، ويهي ڪِئو وَڻڪار ۾ (4)
هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪنين ڪُنرَ پائيان
ٻانهي ٻاروچن جي، سڱ نه ساهيندياس (5)
سڀ ۾ پنهو پاڻ ڪِينہَ ٻنو ٻروچ ري (6)
باروچاڻا، ٻار، توڙان ترس نه سکيا
ٻاروچاڻو ٻار، سڀوئي سُواءِ سين
باروچن ٻاجهه، گهڻي، آن ٿي ڇلان ڇپرين،
منهنجو ڪم واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
متان چوءِ بلوچ تي ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو
(ب) جت، آري، آريچا، اوٺي ۽ ڄام لفظ وارا بيت:
سسئيءَ ڪين سمجهيو اوري آريءَ ساڻ
(1)
جتن سان ذرو، نيهه نبيرڻ نه ٿئي
ڪڍيم ڪاڇوٽي، وِڌَم جوڳ جتن لَ ءِ
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يارَ ڪارڻ جَتَ جي (2)
رتيءَ جي رهاڻ، جِي اڙايَم جَتَ سين (3)
آري اگهاڙن کي، پنهو ڄام پراهي(4)
ڏکا ڏنگر ڄام، مَ ڪر معذورن تي (5)
ويٺو ڏي ڏکين کي، پنهو ڄام پوچارا (6)
سو بارج هوت، و لِهِيِ مون معذور سين (7)
ويو جاڳائي جت، ويري ڪِہ والات جو
سندو سورن خط، ڏٺم هوت هٿن سين (8)
ڏ هلا مون کي ڏيهه ٿئا، پيم ڄام ڄيون (9)
پنهون ڄام، پَرٽ سين، ويهي سو و وراهيو
نه سمي، نه سومري، نه آئون جَت، اوٺي (10)
اکيون آريءَ ڄام جون، نڌي سين آهن
(1)
اکيون آريءَ ڄام جون آهن انڌي ساڻ
رلي ڇُلي ڇپرين ڄام وڃايم ڄاڻ (2)
آڻي ٻڌا اوٺين، موتي کي مين (3)
ارڏا آريءَ ڃام ري، گذدر گذريام (4)
جيڏيون جا جڙ لائي، جيءُ، جتن سين (5)
عشق آريءَ ڃام جو، نباهي نيين
جتا شال جيوِ ! جيو ! ٿا جاڙون ڪَرهو
جتن جا جيلا، ٿي ساٿ پڇا ئي سسئي
ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان، تن ڄامن لاءِ ڄمار
ايس آريءَ ڄام جا، تڙ توڏا تيلا
الله آريچن کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳ
لڏيندي لباس، جتن جيڏوئي ڪئو
اچي آريءَ ڄام جو، وَڻ وَڻ منجهان واسن
جتن ڪر جتن جو، آيا ڪي اينداءِ
جاڳائي جتن، گورا گس هلائيا
ڪيچان آيو قافلو، ڄامَن سندو ڄام
عشق آريءَ ڄام جي، ڪَيس نماڻي نيهه
جتن جي ضرور، مادر ماري آهيان
آهي آريءَ ڄام جي، هِت هُت حوالِي
اسين پاڻ پَرٽَ، پورهيت پنهوءَ ڄام جا
اُتي آريءَ ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ
جتا شال جيو اَن جو ڪنين مدو مَ سڻان
-----------------------------------------------
شاهه جي رسالي مان مٿي ڏنل مصرعن مان ثابت ٿو ٿئي ته: شاهه صاحب
جتي، ٻروچ، ٻاروچ، ٻاروچو، ۽ ٻاروچاڻا ٻار لفظ ۽
فقرا ڪم آندا آهن، اتي آري، آريچن، اوٺي، جت، پنهو
ڄام، ڄام، آري ڄام، هوت ۽ ڄامن سندو ڄام جهڙا خطاب
۽ لقبن وارا لفظ پڻ ڪم آندا آهن، جيڪي سماٽ قبيلن
يا غير بلوچ قبيلن لاءِ ڪم آندا ويندا آهن.
مٽيارين ۾ رهندڙ سنڌ جي سڀني سيدن جي سردار کي
”ڄاموٽ“ سڏيندا آهن. اهو لفظ يا لقب خاص طور انهن
سيدن لاءِ ڪم آندو ويو آهي، پر ڪنهن بلوچ يا بلوچ
سردارن لاءِ ”ڄام“ يا ”ڄاموٽ“ لفظ يا لقب ڪم نه
آندو ويندو آهي.
ٻيو توجهه طلب نقطو هي به آهي ته لطيف هڪ پاسي پنهو ۽ سندس
ڀائرن کي ”بلوچ“ ۽ ”ٻاروچا“ ٿو سڏي ته ٻئي پاسي
آريجا، برفت، ۽ بروهي به ٿو ڪوٺي، مثال طور شاهه
صاحب جو هي بيت ملاحظه فرمايو؛
جبل جيڏوئي، آڏو آريچن کي،
وَٺي وَرُ واٽ وئا، بُرفَت، بروهي،
(1)رُڃن
۾ روئي، پسان شال پنهوءِ کي
سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻن ۽ ”نسل جي علم“ جي ماهرن کي معلوم آهي ته
آريچا، برفت ۽ بروهي بلوچ نسل مان نه آهن، ثابت
ٿيو ته شاهه صاحب جتن کي به بلوچ ان ڪري سڏيو آهي
جو اهي، بلوچستان جا رهاڪو آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي راءِ مان به اهو کي ظاهر ٿئي ٿو.
هن ساري بحث مان هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جت، ڪنهن
بلوچ نسل مان نه آهن، پر بلوچستان جي رهاڪو هجڻ جي
ڪري، بلوچستان جي جتن کي به بلوچ سڏيو ويو آهي.
هن ڏس ۾ مشهور ايٿنالاجسٽ، محترم بيليو(Bellew)
جتن کي بلوچ نٿو ڪوٺي، پر هن جي خيال موجب جَت،
سنڌو ماٿر جي هيٺين خطي جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽ جت
ڪٿان به ٻاهران ڪو نه آيا، بلڪه هتان ئي ٻين پاسن
طرف پکڙيا. بيليو پنهنجي مشهور ڪتاب
The Races Of Afghanistan
۾ لکي ٿو ؛
”جَت“ ڪٺي ۽ سٿيا، اصل سنڌو ماٿر جا رهاڪو آهن، جيڪي هندو ڪش
جبلن ڏانهن لڏي ويا هئا. يورپي ماهرن جي خيال موجب
جَت
(Gaetes)
۽ ڪٺي
(Catti)
هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. جتن کي هاڻ
هت (افغانستان ۾) ”گوجر“ سڏيندا آهن“
(1)
محترم بيليو اڳتي لکي ٿو:
”جت“ ڪٺي ۽ سٿيا، افغانستان ۾ پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري
لڏي آيا، پر هت ( افغانستان ۾) هاڻ جتن جي نالي
سان ڪو به قبيلو نه ٿو رهي؛ اهي هاڻ ”گوجر“ سڏبا
آهن(2)
امپيرئل گزيٽيئر آف انڊيا ۾ محترم هنٽر لکي ٿو:
”افغانستان“ ۾ رهندڙ جت، بلاشڪ جتن جي قبيلن سان واسطو رکن ٿا ۽
انهن منجهان آهن. جَت جيڪي هاڻ لاهور کان وٺي
ڪراچيءَ تائين آباد آهن، ۽ جن جو بڻ بنياد پڻ
پنهنجا پار پتا وساري چڪو آهي، انهن جو تعداد وڏي
آباديءَ تي مشتمل آهي،(1)“
مٿي محترم بيليو جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ”جت قبيلا“ اصل
۾ سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي جا ( يعني لاڙ ۽ ڪڇ
جا) رهاڪو آهن، جيڪي هتان ٻين طرفن لڏي ويا. بيليو
هن ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
” سنڌو ماٿر جي هيٺين خطن مان ڌڪجڻ کان پوءِ، جتن پنجاب جو رخ
ڪيو ۽ اُتي هاري بڻجي سهارو ورتائون ۽ ’جاٽ‘ سڏجڻ
لڳا
(2)
محترم بيليو اهو به ڄاڻائي ٿو ته سوات جي وادي ۽ افغانستان ۾
رهندڙ” گوجر،“ اصل ۾ جت آهن، هن سلسلي ۾ هڪ ڌار
مقالي (گوجر ۽ گوجري ٻولي) ۾ هن موضوع تي تفصيل
سان بحث ڪيو ويو آهي. هن ڏس ۾ بيليو فرمائي ٿو؛
”گوجر“، اصل ۾ جَت آهن، جيڪي سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي مان لڏي
اتر ۽ اوڀر ۽ اُتر- اولهه طرف وڌيا“
(1).
بيليو اڃا به اڳتي لکي ٿو؛
” پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جتن ۽ ڪَٺين، مقامي رهاڪن گنڌارين
کي ، اولهه طرف، هيلمَند
(Helmond)
جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. هن دعويٰ جي تصديق
هن حقيقت مان به ملي ٿي ته جتن جي باقيات هن وقت
به هنن علائقن ۾ پشاور جي واديءَ ۾ پکڙيل نظر
ايندي، پر هاڻ هو پاڻ کي جت نه پر ’گوجر‘ سڏيندا
آهن. هنن جي ڪرت ۽ ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽ کيتي
ٻاڙي ڪرڻ آهي.“(2)
جتن جي پهچ ۽ پکڙجڻ جي باري ۾ محترم ڪالڪا رنجن لکي ٿو؛
” هاڻ سنڌو- ماٿر کان اڳتي بلوچستان، پشاور جي وادي ۽ ويندي
سليمان جبلن جي قطار تائين، جتن جي پکڙيل آبادي
نظر ايندي آهي“. (3)
اٽڪ ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر جو مصنف، پنجاب جي اٽڪ ضلعي ۾ جتن جي
آباديءَ جي باري ۾ راءِ ڏيندي لکي ٿو ته؛
” اها خبر نٿي پوي ته جت، هٿ ڪٿان آيا ۽ ڪڏهن آيا؟ ممڪن آهي ته
اهي اوڀر کان آيا هجن؛ جيتوڻيڪ هو (جت) هتي جا
اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو
ته عام راجپوتن ۽ جتن جي وچ ۾ ظاهري ڏيک ويک، شڪل
۽ صورت ۽ قد ڪاٺ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. هتي جا جت
آبادگار
(Cultivators)
۽ هاري آهن“(1).
(4) وي – اي –سمٿ
( V. A . Smith)
جو حوالو ڏيندي، ڪالڪا لکي ٿو؛
”جڏهن بيشمار، بالا، انڊو، سٿين، گجر ۽ هُن قبيلا ڇهين صديءَ ۾
ڀارت لڏي آيا، تڏهن انهن مان جيڪي شان مانَ سان
رهڻ لڳا تن کي راجپوت سڏيو ويو ۽ اهي قبيلا، جن
زراعت جو پيشو اختيار ڪيو، تن کي جَت سڏيائون“.(2)
ٻئي هنڌ سمٿ لکي ٿو ته جت، گجرن کان ٿورو پوءِ، پر ساڳئي وقت ۾
برصغير ۾ لڏي آيا هئا. هُو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا
هئا ۽ اثر رکندا ويا، نيٺ پر مار راجپوتن، دهليءَ
تي سندن قبضي کي ختم ڪيو ۽ کين مالوا طرف ڌڪي ڪڍيو
۽ راٺوڙ، بيڪانير تي قابض ٿيا، ڀاٽين جيسلمير تي
قبضو ڪيو ۽ جتن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائون.“(3)
محترم ايٽڪن جتن جي اصل نسل جي باري ۾ لکي ٿو:
”جت سنڌي قبيلو آهي، پر سٿين قوم جي باقيات آهن، جيڪي آڳاٽي
زماني ۾ هن طرف لڏي آيا. هنن جو رڪارڊ ڪڇي ٻوليءَ
جي ’نوڌا‘
( Nudha) ۾ موجود آهي، جتان اهي قبيلا ڏکڻ سنڌ ڏانهن لڏي ويا، جتي هنن
جي اڪثر آبادي آهي. مشهور، سياح ابن حوقل ڏهين صدي
عيسويءَ ۾ هنن کي هن علائقي ۾ ڏٺو ، هي اٺن جا وڳ
ڌاريندا هئا ۽ اٺن جي ڪري هي علائقو مشهورهو. اڄ
ڏينهن تائين هي قبيلا ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪيو اچن“(1).
جتن جي باري ۾ جرمن ماهرن ۽ محقق، هر هڪ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال
(Dr: Sigrid Westphal)
۽
سندس ودوان يبگم ڊاڪٽر هائينس ويسٽ فال
(Dr: Heniz Westphal)
جي راءِ پڻ وڏي اهميت واري آهي، هنن ٻنهي ماهرن،
جتن جي اصل نسل ۽ حسب نسب توڙي لڏ پلاڻ جي باري ۾
وڏي جاکوڙ ڪري تحقيقي رپورٽ لکي: هنن هن سلسلي ۾
جرمنيءَ کان جتن جا ابتا پيرا کنيا ۽ مصر، اردن،
عراق، ايران، افغانستان، بلوچستان، صوبه سرحد،
لسٻيلي، پنجاب، ڪوهستان، اتر سنڌ، لاڙ، ڪڇ ۽
راجسٿان ۾ جتن جي لڏ پلاڻ وارا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا،
انهن جا پار پتا پڇيا. هو لکن ٿا:
”بحث طلب نقطو هي آهي ته برصغير پاڪ – هنڌ جي اُتر- اولهه واري
علائقي ۾ جيڪي خانه بدوش مال چاريندڙ قومون آباد
آهن، اهي آرين جي نسل مان آهن؟ ڇا ڪاڻ ته ماهر ان
ڳالهه تي يقين ڪن ٿا ته پنجاب ۾ رهندڙ راجپوتن سان
هنن جي گهري مشابهت محسوس ٿئي ٿي“(1).
هو اڳتي لکن ٿا:
” جت قوم قديم سنڌ ۾، اسلام جي ظهور کان اڳ، لاڙ واري حصي، ڪڇ ۽
راجسٿان ۾ آباد هئي. هن قوم جا مختلف قبيلا ۽
پاڙا، اسلام جي سنڌ ۾ آمد کان اڳ، سنڌ مان لڏي
بلوچستان، لس ٻيلي رياست، قلات رياست، ايران،
عراق، اردن، عربستان ۽ اڃا به اڳتي وڌي وڃي آباد
ٿيا(2).
محترم ڪالڪا جي راءِ ۾ يڪسانيت ڪانهي، هو پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي
آخري صفحن ۾ لکي ٿو؛
”جتن جي پنهنجي طرفان لکيل ڪا به تاريخ ڪانهي. سندن سياسي تاريخ
به دهليءَ جي سياسي تاريخ سان گڏ منجهائي وئي
آهي، در اصل جتن جي تاريخ کي نئين سر صاف ۽ واضح
طور لکڻ جي گهڻي ضرورت آهي.(3).“
ڪالڪا جي خيال موجب:
” جت ۽ راجپوت ساڳئي نسل سان واسطو رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جسماني
بناوت، ٻولي، اخلاق، اٿڻ ويهڻ جي آدابن ۽ اصولن ،
طبعي رجحان ۽ جذبن، سوچ ۽ راڄوڻي سمجهه توڙي سماجي
نگاهه کان اڄ جا جت، هندن جي ٻين ٽن ذاتين جي ڀيٽ
۾ قديم آرين جا نمانده ۽ وارث لڳن ٿا.(1).“
ڪالڪا ٻئي هنڌ لکي ٿو:
” جت قبيلا، الڊو – سٿين نسل سان واسطو رکن ٿا، ڀارت جي يورپي
مؤرخن ۽ ’انساني نسل جي علم‘
( ethnology)
جي ماهرن هي انومان ڪڍيو ته محنتي، جفاڪش ۽ جنگجو
قببيلا جهڙوڪ: راجپوت ۽ جت، ڀارت ۾ يقيناً
اتر-اولهه وارن علائقن کان آيا آهن، جيڪي ويدڪ
آرين جي ڪمزور ۽ ٿڪل قبيلن تي حاوي پئجي ويا ۽
انهن کي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف ڀڃائي ڪڍيائون، ڇاڪاڻ ته
تاريخ جي مطالعي مان اهو ئي معلوم ٿو ٿئي ته سڪندر
اعظم جي زماني کان وٺي احمد شاه درانيءَ جي حملي
تائين، ٻاهرين حمله آورن، هميشه مقامي باشندن ۽
حڪمرانن تي پنهنجو تسلط ڄمايو ۽ پنهنجي حڪومت قائم
ڪئي. تاريخ مان اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته وچ مشرق
جيڪو پارٿين جو مشهور ٺڪاڻو رهيو آهي، اتان
ڪيترائي حمله آور جهڙوڪ؛ سٿيا، ڪُشان ۽ هُن برصغير
تي 100 ق- م کان 600ع تائين حملا ڪندا رهيا ۽ فتح
حاصل ڪيائون ۽ آخر ڪار هتي جا ٿي ويهي رهيا ۽ هتي
جي سماج جو حصو بڻجي ويا.(1)
هن ڏس ۾ ڊاڪۡٽر زيگ ويسٽ فال ۽ هائينز ويسٽ فال لکن ٿا؛
” هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته وڪرماجيت کي ساڪ (سٿين) حمله
آورن سان 57 ق- م ۾ مقابلو ڪرڻو پيو هو ۽ اها به
حقيقت آهي ته برصغير پاڪ – هنڌ جي سڀني- اتر-
اولهه وارن حصن ۾ انهن (ساڪن/سٿين) جو سڪو ڄميل
هو؛ ليڪن ساڪ/ سٿين انهن خانه بدوشن ٽولن جو
مجموعي نالو هو، جن ڪجهه صديون اڳ برصغير کي
پنهنجن حملن جو نشانو بڻايو هو.
بهرحال هي سمجهڻ (فرض ڪرڻ) زياده مناسب ٿيندو ته انهن
(ساڪن/سٿين)، اٺن ۽ مينهن پاليندڙ جت قبيلن سان
پاڻ کي ضم ڪرڻ آسان سمجهيو ڇو ته هنن جي پنهنجي
روز مره واري زندگي، جتن جي زندگيءَ وانگر خانه
بدوش هوندي هئي. اهو به انديشو آهي ته جت قوم اڳ ۾
آيل ساڪن/ سٿين جي باقيات مان هجن، جيڪي حملي کان
پوءِ هت رهجي ويا هجن ۽ هتي ئي آباد ٿي ويا
هجن.(2)“
ڪالڪا لکي ٿو ته :
” سر جيمس ڪئميل
( James Camphell) جتن کي ٻاهران آيل ٿو سڏي، جيڪي برصغير پاڪ –هند ۾ 150 ق- م
کان 100 ق- م تائين حمله آورن سان گڏ آيا(1)“.
ڪالڪا، ايليئٽ جي حوالي سان لکي ٿو:
” اسان وٽ ڪو به مستند تاريخي احوال ڪونهي ته جت، اتر- اولهه
واري علائقي طرف ڪيئن لڏي ويا ۽ برصغير جي سرحدن
کان ٻئي طرف اڳتي ڪيئن ويا، جڏهن ته برصغير جي
تاريخ جي اوائلي ۽ ابتدائي زماني ۾ انهن کي منصوره
کان ڪرمان تائين ۽ ان کانسواءِ ايران جي سرحدي
علائقن ۾ عرب سياحن، جاگرافيدانن ۽ مؤرخن، کيتي
ٻاڙي ۽ مال پالڻ وارن ڌنڌن ۾ مشغول ڏٺو(2).“
ڪالڪا، هڪ ٻي راءِ جو حوالو ڏيندو لکي ٿو ته:
” هڪ راءِ هيءَ به آهي ته جت اصل ۾ هند- آريائي لوڪ آهن، جيڪي
اوڀر وارن علائقن کان لڏي آيا ۽ نه ڪه انڊو-سٿين،
جيڪي آمو دريا
( Oxus river)
کان آيا هئا. بلاشڪ جتن جا ڪي قبيلا ۽ پاڙا،
برصغير مان، ڀاتين سان گڏ، اتر طرف لڏي ويا ۽ ڪن
صدين جي گذرڻ کانپوءِ، ايران جي سرحدي علائقن کان
سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري طرف واپس لڏي آيا، يعني هو
(جت) در اصل برصغير جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽ کين
(جتن) کي لغوي لحاظ کان ساڳين آوازن جي بنياد تي
جيتي
(Gaets)،
يُتي
(Yuti)
ييٿا
(Yetha)
يا انڊو –سٿيا سڏڻ صحيح نه آهي.(1)“
ساڳي راءِ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ سندس فاضل بيگم جي آهي، جنهن
مان معلوم ٿو ٿئي ته جت قبيلا، بلوچستان کان سنڌ ۾
لڏي ڪو نه آيا هئا، پر ان جي برعڪس هي قبيلا، سنڌ
مان بلوچستان، پنجاب، ايران ۽ عراق طرف لڏي ويا
هئا. هنن ٻنهي جرمن ماهرن جي راءِ موجب؛
” عراق ڏانهن لڏي ويل جَت، اڃا تائين عراق جي ڏاکڻين حصي ۾ آباد
آهن ۽ پنهنجي مختلف رهڻي ڪهڻيءِ جي ڪري، عراق جي
ٻين قومن کان مختلف آهن ۽ عراقي هنن کي ’مدان‘
سڏيندا آهن.(2)“
ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال وارا اڳتي لکن ٿا:
” عراق جا مَدانَ (جت) سَرَن ۽ ڊَڀن وارين ڊٻن تي، ڪکن مان ٺهيل
وانڍن ۽ ويڙهن ۾ رهندا آهن. هو ڊڀن ۽ سَرن جهڙن
گاهن ۾ ڪانن مان تڏا، تونريون ۽ ٻيون شيون ٺاهي
وڪڻندا آهن، هنن جو مکيه ڌنڌو مينهون پالڻ آهي.
پاڻيءَ جي گهٽجي وڃڻ ۽ سڪي وڃڻ سبب، هي ماڻهو
پنهنجا ڌڻ ڪاهي، گاهه ۽ پاڻي جي سانگي گهمندا
وتندا آهن. هو مينهن جي کير ۽ مکڻ تي گذر ڪندا
آهن. مکڻ ڀروارن شهرن ۾ وڪڻندا آهن. ’عرب‘ ۽
’مدان‘، هڪ ٻئي مان شاديون ڪو نه ڪن، بلڪ سڀ عرب
قبيلا مدانن کي پاڻ کان گهٽ درجي وارا سمجهندا
آهن.
(1)“
بلوچستان ۾ لڏي ويل جتن کي، سندس زبان جي ڪري، جد گال ( جد يعني
جت + گال يعني ٻولي) سڏيو ويو.(2)
زيگ ويسٽ فال جي راءِ موجب:
” جد گال“ راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني 492ع کان، 642ع ۾
سنڌ مان لڏي، بلوچستان جي ڪڇي ۽ لس ٻيلي وارن
علائقن ۾ پکڙجي ويا ۽ اتي ئي ويهي رهيا. هت هن قوم
(جد گال) جا گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پاڙا رهن ٿا.(3)“
سنڌ جو مشهور مورخ، جناب مولائي شيدائي لکي ٿو:
” راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ ديوائج ( ديوراج) جي حڪومت واري
زماني ۾ جد گال سنڌ جي فوج ۾ هوندا هئا. پنجين صدي
عيسوي ڌاري (سفيد هُن
( White Hunms)
بلوچستان ۾ آيا، انهيءَ زماني ۾ جت قبيلا پڻ گهڻي
تعداد ۾ بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا ۽ عربن جي ڪاهن
وقت يعني ستين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ ميد ۽ جت
قومون گهڻي تعداد ۾ آباد هيون. ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي
ڪناري تي آباد هئا ۽ جت ( جد گال) ڪڇي، لس ٻيلي ۽
مڪان ۾ آباد هوندا هئا(1)
جناب مير احمد يار جي راءِ موجب جدگال ، بلوچستان واري علائقي
۾، بلوچ قبيلن کان اڳ آباد ٿيا هئا، هو لکي ٿو؛
”اها مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو
نه آهن، پر مڪران ۽ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن چوٿين
صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو. بلوچ قبيلن جي اچڻ
کان اڳ هن علائقي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي،
راجپوت ۽ جد گال گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا“(2)
بلوچستان ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته:
” جنهن زماني ۾ ابن حوقل مڪران پهتو هو تنهن زماني ۾ يعني ڏهين
صدي عيسوي ۾، مڪران تي جد گالن جو قبضو هو، جيڪي
قديم زماني کان هٿ رهندا هئا ۽ ان زماني ۾ ڪومان
کان هيٺ سارو ملڪ، سنڌ جي سرحد ۾ داخل هو ۽ اتي جا
راهو سنڌي سڏبا هئا ۽ لشڪر ۾ به سنڌي جوانن جو
اڪثريت هوندي هئي، انهن مان ڪي اڃا تائين
بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان واري ايراضيءَ ۾ رهن ٿا ۽
پاڻ کي جد گال سڏائين ٿا، انهن جي ٻولين ۾ سنڌي
آهي جنهن کي هو جد گالي سڏيندا آهن“(1).
ڪالڪا، ايليئٽ جي حوالي سان لکي ٿو:
”مجعمل التاريخ ۾ هڪ دلچسپ وارتا بيان ڪيل آهي. ان ۾ ڄاڻايل آهي
ته سنڌ جي جتن ۽ ميدن گڏجي ’راجا ڌريوڌن‘ جي درٻار
۾ پنهنجا نمائنده موڪليا ۽ عرض ڪيائون ته راجا
’ڌريوڌن‘ انهن ( جتن ۽ ميدن) جي مٿان ڪنهن کي حاڪم
مقرر ڪري، ’جت‘ ۽ ’ميد‘ سنڌو ندي جي ’بهار‘ ڇاڙ وٽ
رهندا هئا ’ميدن‘ جي جتن تي چڙهت هئي، ’ميدن‘،
’جتن‘ تي ڏاڍا ظلم ڪيا جنهن ڪري ’جتن‘ جا ڪافي
قبيلا سنڌ مان لڏي، پنجاب ۾ ’پنج ند‘ جي ٻيءَ ڀر
وڃي ويٺا پر ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙين جي وسيلي، ’ميدن‘ تي
حملو ڪندا هئا، جن وٽ رڍن جا وڏا ڌڻ هوندا هئا،
’جتن‘ جي انهن لڳاتار حملن، ’ميدن‘ کي ڪمزور بڻائي
ڇڏيو، ’جتن‘ جي حملن جي ڪري بيشمار ميد مارجي ويا
۽ آخرڪار ’جتن‘ ’ميدن‘ جي ملڪ ۾ ڦرلٽ مچائي، ۽
’ميدن‘ کي مطيع بڻائي ڇڏيو.
راجا ڌريوڌن، سندس ڀيڻ داسل، (دشال) ديويءَ کي جيڪا ’مهاراجا
جئد رٿ‘
(Jayadratha)
جي راڻي هئي، جتن ۽ ’ميدن‘ جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو،
اُن زماني ۾ جتن ۽ ’ميدن‘ واري ملڪ ۾ ڪو به برهمڻ
ڪو نه رهندو هو، اُن ڪري ’راڻي داسل‘ پنهنجي ڀاءُ،
’راجا ڌريوڌن‘ کي خط لکيو ۽ گذارش ڪيائين ته
راجا سندس مدد ڪري ۽ برهمڻن جا ڪجهه گهر سندس راڄ
۾ لڏائي موڪلي، ’راجا ڌريوڌن‘ سڄي ملڪ مان ٽيهه
هزار برهمڻ، ’راڻي داسل‘ جي راڄ ڏانهن موڪليا“
(1).
ڪالڪا اڳتي لکي ٿو ته:
”جت قبيلا جنگجو ۽ ويڙهاڪ هوندا هئا، ان ڪري ايراني ۽ موريا
شهنشاهتن ۾ فوج ۾ به ڀرتي ٿيل هوندا هئا، پر سنڌ ۾
برهمڻ جي دور حڪومت ۾ انهن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو
پيو. سنڌ ۾ چچ برهمڻ جي حڪومت واري زماني ۾ هنن تي
ڏاڍا ظلم ڪيا ويا. هو حاڪمن مان غلام بڻجي ويا، ۽
کين (جن کي) نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽
انهن کي جاهل، ڄٽ ۽ بيوقوف سڏيو ويندو هو. ان ڪري
هنن سنڌوءَ جي ٻين ندين جي ڪنارن تي پنهنجا اجها
اڏيا. هنن سان مليڇن وارو برتاءَ ڪيو ويندو هو.
شايد اهو ئي سبب آهي، (ڪالڪا لکي ٿو ته ) جو، يئان
چئانگ،
(Yuan Chawang)
جيڪو ستين صدي عيسويءَ ۾ هت آيو هو، تنهن لکيو آهي
ته سنڌ ۾ شودار حاڪم هو. ۽ يارهين صدي ۾
البيرونيءَ جتن کي نيچ ۽ نفرت واري درجي تي ڏٺو.
اهو ئي سبب آهي جو جتن، سنڌ ۾ رڻ پٽ وڃي وسايا ۽
پنهنجا اجها انهن ماڳن تي اڏيا ۽ اهو ئي خطو سندن
نون گهرن يا ٺاڻن ٺڪاڻن طور مشهور ٿيو.
(1)“
سنڌ جو برهمڻ حاڪم چچ، جتن جو وڏو دشمن هو. جتن ۽ لوهاڻن جو مان
گهٽايائين ۽ ڪيترن ئي جتن کي غلام بڻائي، پنهنجن
اميرن جي درن تي ٻانهن طور مقرر ڪيائين. ڪيترن ئي
جت خاندانن ۽ قبيلن جي سردارن کي گرفتار ڪيو ويو
هو. انهن کي برهمڻ آباد واري قلعي ۾ قيد رکيائين؛
آخر ڪار هيٺين شرطن تي انهن کي آزاد ڪرڻ قبول
ڪيائين(2):
هو پاڻ سان ڪو به هٿيار ۽ تلوار وغيره ڪونه کڻندا ۽ نه وري پاڻ
وٽ ڪو هٿيار رکندا.
هو (جت) ڪڏهن به مخمل يا ريشم جو ڪو ڀڙڪيدار لباس ڪو نه پائيندا
۽ نه وري شالون ڍڪيندا.
هوُ (جت) پنهنجن گهوڙڻ تي ڪنهن به قسم جا سنج ڪو نه رکندا ۽
انهن (گهوڙن) جي اگهاڙين پٺين تي چڙهندا.
هو پنهنجا مٿا ۽ پير هميشه اگهاڙا رکندا.
هو جڏهن به پنهنجن گهرن کان ڪٿي ٻاهر ويندا ته پاڻ سان ڪتا کڻي
ويندا ته جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگهي.
هنن کي جڏهن به ڪو جاسوس يا سونهون مقرر ڪبو، تڏهن هو پنهنجا
فرائض وفاداريءَ سان بجا آڻيندا.
چچ جي مرڻ کان پوءِ، ڏاهر جي ڏينهن ۾ به جتن سان ساڳيو رويو
اختيار ڪيو ويو. هنن لاءِ هيٺيان حڪم صادر ٿيا
(1):
هو ريشمي يا ڀڀڪيدار رنگدار لباس ڪو نه پائيندا.
هو ڪاري رنگ جي ڪپڙي جي گوڏ ٻڌندا.
پنهنجي ساڄي ڪلهي تي ڪپڙي جو ٽڪر رکي هلندا.
اهڙن ظالمانه حڪمن ۽ برتاء جي ڪري جت سردار ۽ قبيلا اندر ئي
اندر سندن ( برهمڻ حاڪمن جي) خلاف هوندا هئا ۽
انهن جي مخالفت ڪندا رهندا هئا. هو رستن ۽ شاهراهن
تي ڦريون ڪندا هئا ۽ ڌاڙا هڻندا هئا
(2).
بلوچستان جي ڪيڪانان خطي تي جتن جي حڪومت هوندي
هئي، جن کي پوءِ عرب جنرل عمران بن موسيٰ، معتصم
با الله جي خلافت واري زماني (881ع – 833ع) ۾ شڪست
ڏني.
مٿي بيان ڪيل شرطن جي ڪري، جتن جي حالت ۽ روزانه زندگي، ذلت
واري گذرندي هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن محمد بن
قاسم، ڏاهر تي حملو ڪيو تڏهن الهندي سرحد وارن
جتن، محمد بن قاسم جي گهڻي مدد ڪئي ۽ ڏاهر جي خلاف
سندس ساٿ ڏنو، البته اوڀر واري سرحد لڳ ويٺل جتن،
محمد بن قاسم جي مخالفت ڪئي، ڇو ته اوڀر طرف هندو
راجائن جو اثر هو، جن ڏاهر جي مدد ڪئي(1)
بهرحال هن مقالي ۾ جتن جو سنڌ کان، بلوچستان يا پنجاب طرف لڏي
وڃڻ، بلوچستان ۾ لس ٻيلي، مڪران ۽ جد گال خطي کان
اڳتي سرحد پار ڪري، ايران ۽ دشت ۾ ڪرمان تائين
پهچڻ ۽ پکڙجڻ کان پوءِ، اڳتي عراق ۽ اردن طرف وڃڻ
۽ اهڙي طرف بلوچستان کان افغانستان ڏانهن لڏڻ ۽
اتان باجؤڙ واري علائقي ۾ پهچي، پوءِ دير –
ڪوهستان، سوات، ڪوهستان، پشمال جي وادي، اشو جي
وادي، اتڙ وٽ جي وادي، گبرال جي وادي ۽ ڪالام جي
واديءَ کان ڪاغان تائين وڃڻ واري احوال جو هن
مقالي سان واسطو ڪونهي. البته اهو بيان ڪرڻ ضروري
آهي ته سوات واري ڪوهستان يا افغانستان وارن خطن ۾
هنن کي جت نه پر ’گوجر‘ سڏيو ويندو آهي، جيئن اڳ ۾
چيو ويو آهي. هن ساري بيان مان ظاهر ڪرڻو هو ته جت
قبيلا اصل سنڌو- ساٿر جي لاڙ ۽ ڪڇ وارن علائقن جا
رهاڪو هئا ۽ هتان ئي اهي قبيلا لڏي ٻين طرفن ويا.
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، پروفيسر زيگ ويسٽ فال ۽ ڊاڪٽر هائينس
ويسٽ فال، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ماستر محمد
سومار شيخ ۽ ٻين ماهرن، جتن جي ٻولي يعني جتڪي،
جتن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي، لباس، کاڌي خوراڪ
، ثقافت، لوڪ ادب، معياري ادب، لطيف فنن ۽ هنرن ۾
سندن حصي ۽ ڪردار تي تمام گهڻي ۽ مفصل روشني وڌي
آهي.
Bellew H .W Op, Cit, P. 65
(2) Ibid
Imperial Gazetteer Of the Province Of sindh,
Karachi, Reprint, Indus Printers 1986, p.
174
Sigrid westphal, Dr & Heinz Westphal Dr,
jats of Pakistan, Berlin, Duncker and
Humbort, 1964,p. 97.
Kalika- Ranjan, Op,Cit, 174
kalika- Ranjan, Op, Cit, p, 174
Ibid
(3) Sigrid
Westphal, 2, p. 104
|