سنهي سئي سبيو
زيب نظاماڻي
لاڙ، ڌرتي جي گولي تي سدا سهڻي سون ساريکي سنڌ جو هڪ اهڙو طبعي
ڀاڱو آهي، جنهن جي مٽي سخت ۽ ڪلراٺي آهي، جتي
سمنڊ جو ڪنارو به، ته سنڌو درياهه جي پڇاڙ به آهي.
طبيعات جي ڄاڻن جوچوڻ آهي ته هر خطي ۾ طبعي اثر ان
خطي جي رهواسين جي طبيعت، مزاج، رهڻي ڪهڻي، طور
طريقت، علم ۽ هنر وغيره تي تمام گهڻو پوي ٿو. پر
الاءِ ڪيئن؟ جڏهن به لاڙ جي ڪلراٺي مٽيءَ جي
رهواسين کي پسندي آهيان ته سندم سوچ جي ڇولي اڀ
چڙهي چوندي آهي ته ٻاڙي ۽ کاري تي پلجندڙ هنن
ماڻهن جا من ايڏا مٺا، جهڙا ڪر ڄارين کارين جا پڪل
پيرون! سونهن ۾ اهڙا جهڙا چانڊوڪي ۾ ڪينجهر مٿان
جرڪندڙ ڪنول! مزاج ۾ منجهن بسنت رُت جهڙا هڳاءَ!
ٻولي اهڙي مڌر ۽ مٺڙي جو اها وريو وريو پئي ٻڌجي،
گيت ايڏا رسيلا جو هوائون به هڳاءُ ورنيون ٿيو
پون.بلاشڪ تڏهن ته لاکيڻي لطيف به پنهنجي بيتن ۾
لاڙي لهجو اپنايو آهي. لاڙ جنهن ۾ روپ جي راڻي
روپا جو محل هجي، جتي دودي جهڙا جوڌا جنميا هجن،
ان لاڙ جو اتهاس اڳي کان اڳرو آهي، اهائي لاڙ آهي
جنهن ڪيئي دفعا ڀوڳنائن جو گونگو بحر جهاڳيو آهي.
خلجي ڪتن ۽ مدد خان پٺاڻ جي اوپرن گهوڙن ان کي
لتاڙيو، چيڀاٽيو ۽ چچريو آهي ۽ ڌرتي کي ٽنگ پروڻ
ڪيو آهي. ها سمونڊ به صدين کان پنهنجي پيٽ ۾ ڀريل
کاراڻ ان جي سيني تي هاريندو رهيو آهي، پر لاکيڻن
لاڙين جي اڳيان اهي سڀ ايذاءُ ۽ اهنج ڪجهه به نه
آهن. هنن هر دور ۾ نئين اتساهه سان جيون جي جوت
جلائي رکي آهي. هونئن به لاڙ سنڌ جي سڀيتا جو مرڪز
رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اها هنر ۽ فن ۾ سدائين
سرس رهي آهي. لاڙي جوڌن سان گڏ لاڙي نارين به
پنهنجو پاڻ هر ميدان تي موکيو، ملهايو ۽ مچايو آهي.
لاڙي ناري جيڪي ميدان ملهايا آهن، انهن مان هتي آئون سندس هنر
واري ميدان جو ذڪر ڪنديس، هنرن ۾ به ٻه هنر، گج ۽
ڇڄ منهنجي هن مختصر ليک جو موضوع آهي.
1
–گج:
گج هڪ مشهور ۽ مقبول اوڍاڻي ۽ سنڌي سڀيتا جو هڪ انوکو انگ آهي،
اهو ڪيئن ٿو جڙي، ڪٿي ٿو ٺهي ان بابت ٿوري ڄاڻ ڏجي
ٿي.
ماڳ:
سنڌ جي پڇاڙ کان ٿورو، اورانهون ٻيلي جي وٽ سان ڳوٺ حاجي
ابراهيم پنهور ۾ وڃڻ ٿيم. سنڌو ڪناري پيرين پيادي
وڃي ڀاڻ ڀيڙي ٿيم، هيءَ هڪ اهڙي وسين آهي جتي جڏهن
سنڌو ڀرجي اٿلي ته واهه واهه نه ته پاڻي به
ماڻهوءَ لاءِ ڄڻ ولائتي وکر. هتي جون ناريون
ويچاريون پاڻي آڻڻ لاءِ اسر ڏيو اٿن ۽ ٻيلهڙا
ٽيلهڙا کنيو ڪونهين ڏور ڪونجن جيان قطارون ڪريو
سنڌو لتاڙيو وڃن، ڍورن، ڍنڍن يا کوهن تان پاڻي
ڀرين ۽ اتان اچن ته گهر ٻار جي به ڪن ته ڍور ڍڳن ۽
مال وٿاڻ کي به منهن ڏين، جنڊ به جوٽين ته ان به
ڇڙين، جيڪي وقت بچين سو ڏين ٽوپي ۽ سيبي کي!
سيبي ۽ ٽوپي جو سندن جنسار ئي نرالو آهي، اصل ڏسي پيو من ٺري،
عقل دنگ رهجيو وڃي! انهن سنڌياڻين جي سبيل گجن ۽
ڀرتيل ڪپڙن کي ڏسڻ سان ائين ڀانسندو ته ساري سنسار
جي سونهن ٽونئر ٽونئر بڻجي سنڌ ۾ ٽانڪجي وئي آهي.
گج، گهوڙا ٻاڙي، سجاول، ٺٽو، ماتلي، بدين، ملهڻ، فتح باغ، ڪڙيو
گهنور، جاتي، جنگ شاهي، جهمپير يا ائين چئجي ته
لاڙ جي ننڍي توڙي وڏي ڀاڻ ۽ ڀيڻي ۾ ڀينرون جوڙين.
گج جا قسم:
لاڙي ناريون جيڪي گج ڀرين، تن جا مکيه قسم هي آهن:
ڪچي ڀرت وارو گج، 2- پڪي ڀرت وارو گج، -3 مُڪي وارو گج ۽، 4-
ٻانڌڻي وارو گج، گج پڪي يا ڪچي ٽانڪي وارو يا
ٽونئرن ۽ ٽِڪن وارو هجي، انهن سڀني جي ڀرڻ جا
مرحلا گهڻو ڪري ساڳيا ٿين.
گج ڀرڻ جا مرحلا:
تڻي: سڀ کان پهرين سگهڙيون گج لاءِ ڪپڙي جي چونڊ ڪن، جنهن
کي”تڻي“ چَوَن. تڻي مان مراد گج جي مٿئين حصي، اڌ
ٻانهن ۽ اڌ چولي منجهان آهي. تڻي جو ڪپڙو گهڻو ڪري
سوٽي ٿئي ۽ ان جو رنگ لاک رتو يا بلڪل ڳاڙهو هوندو
آهي.
استر:
تڻي هيٺان سوٽي پاپلين يا بافتي جو ٿلهو ڪپڙو ڏين ته جيئن ڀرت
ڀراءُ ڪري بيهي.
ليڪ:
ڪي گج ليڪيل ته ڪي بنا ليڪ ٺهن. ليڪيل گجن کي ڏسي ڀاسندو ته ڪر
لڳندو ته جن اهي گج ڀريا آهن، سي سگهڙيون
جاميٽريءَ جون تمام ماهر هجن! اهڙا ته سهڻا اڌ
گول، چوڪنڊا، ٽڪنڊا، گول ۽ مستطيل نظر ايندا، جو
اچرج مان ڏندين آڱريون اچي وينديون. ليڪ جا به
ڪيئي نمونا ٿين ۽ هر هڪ گل جو الڳ نانءُ به ٿئي،
انهن جاميٽريڪل نمونن ۾ پڻ ڪيئي نمونا ٿين.
منڊ يا منڊڻا:
سگهڙين جي هنري ٻوليءَ ۾ منڊ يا منڊڻا مان مراد آهي آئوٽ لائن
يا سٽاءُ جي. ليڪيل ليڪن مٿي ڪاري سُٽ يا ڪاري ڪچي
پَٽَ سان منڊ ڪن. ڪچي، پڪي، مڪي يا ٻانڌڻي وارو
گج هجي، پر منڊ سڀني ۾ هڪ ئي رنگ يعني ڪاري رنگ
سان ٿئي، رڳو فرق اچي ٽانڪن ۾ ،ڪچي واري گج ۾
ٽانڪو رسي يا ڏانڊيءَ جهڙو ٿئي ته پڪي ۾ وري اَنڪ
سان ڀرجي، پر ڪي گج وري بلوچي ٽانڪن، جنهن کي
منڌپئڙوَ ٽانڪو چَون، انهن سان ٽانڪجن.
ذات ڦل:
هن مرحلي ۾ رنگ ڀرجي ٿو. رنگن جو سٽاءُ ائين جيئن وٺل ڪڪرن مٿان
اڀريل انڊلٺ! رنگن ۾ ڳاڙهو، پيلو، نيرو، واڱڻائي،
(جنهن کي ماوو) ۽ ناسي، (جنهن کي رتو چَون) شامل
آهن. اڇو رنگ ته چوڌاري ڦرندو رهندو. ذات ڦل ۾ ڇير
۽ ڪوڻي جي گلن جي ٻاهران گول يا ڪنڊياري تاري جهڙو
دائرو به ٿئي.
سٽڻ:
سَٽڻ مان مراد آهي، ٽڪ ڪچي ڪرڻ، ٽڪ گج ۾ ائين آهي جيئن آڪاش تي
اوندهه ۾ تارا. هن مرحلي ۾ سوٽي يا ڪشميري جو ڌاڳو
استعمال ٿئي ٿو.
ڪڙ:
سٽيل يا ٽڪ ڪچي ڪيل مرحلي کي پڪو ڪرڻ کي”ڪَڙ“ چئبو آهي. ڪَڙ
لاءِ مختلف رنگن جو سٽاءُ ٿئي. رنگ، ذات جي
مناسبت سان استعمال ٿين.
ٽوٻ:
ٽٰڪ ڀرجڻ کانپوءِ ٽڪن جو چوڦير وري ننڍڙا رنگا رنگي گل پون، جن
کي ٽوٻ گل چون. ٽُوٻ ڀرجڻ کان پوءِ ائين لڳندو
آهي. ڄڻ گج جي مٿان ڪي رنگا رنگي پوپٽ اچي ويٺا
آهن، مڪي واري گج ۾ وري موتين جي ٽوٻ مڙهين.
ٽونئر ۽ ٽڪڙا:
هاڻ ته گج جي سونهن ويتر وڌندي جڏهن ڳاڙهن، نيرن، پيلن، ماووين
رنگن ۽ پٽ جا ٺهيل ٽونئر ٽانڪبا، ٽونئرن مٿي وري
ڪاري پٽ جو گول ٽڪڙو ٺاهي، انهن تي ستار ۽ موتي
مڙهبا ۽ موتي سان گڏ وري ڪچ ڪوڏين، لالن، پاولين
يا چئوانين جو جنسار ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
موهنڊ:
موهنڊ لاڙي ٻولي ۾ انهن پٽين کي چون، جيڪي تڻي وٽان گج کي وڏو
ڪن. اهي رنگا رنگي ريشمي ڪپڙي جون ٿين.
سيلاچ:
موهنڊ يا پٽيل جي ڪنارن کان ڳانا مڙهين جنهن کي سيلاچ چون ۽
انهن جي مٿان موتي ۽ ستارا به ٽانڪين. سيلاچ ڪاري
سُٽ سان به ڀرين ته ڪڏهن ڪاري پَٽ سان به ڀرين.
ڪشا:
ڪنجري واري گج کي پٺيءَ وٽان ڪپڙو ڪين ٿئي، انهيءَ ڪري پٺيءَ
وٽان ڪشا يا ڪهيون وجهن، جيڪي ڪپڙي مان ٺاهين،
انهن کي ڦندڻ ۽ سيلاچ به مڙهين.
گج جو ملهه:
گج جن مرحلن مان گذري ٿو، اهي ڪيڏا نه محنت طلب آهن! ان جو
اندازو مرحلن کي پڙهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. هاڻي ان
جو ملهه ڪيترو هئڻ گهرجي؟
حقيقيت ۾ اها چيز املهه آهي، پر ان جو ملهه ٻڌڻ سان نه صرف حيرت
ٿيندي پر افسوس به. اهڙا اُچا گج ۽ ملهه صرف ٽيهن
رپين کان وڌ ۾ وڌ ٻه ٽي سئو! جڏهن ته اهي ساڳيا گج
واپارين جي هٿ چڙهن ته اهي سون کان هزارين رپين
تائين وڪڻن پر پورهيت نارين کي ڪڄاڙو ٿو ملي!!
بقول لطيف سائين:
پاشاهي له پاڙيان سرتيون سئي ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي ڪين ڍڪائين پاڻ!
ٻيهر ڄاپي،ڄاڻ ابر جي اوصاف سين
ريتن ۽ رسمن ۾ گج جي اهميت:
ٻانڌڻي وارو گج:
ٻانڌڻي وارو گج اُهي پائين جن جي ڪا باس باسيل هجي، اولاد نه
ٿئي يا پُٽ لاءِ ڪٿان وني نه ملي يا سڪي پني پُٽ
ڄمي،سندس وهانءُ لاءِ جوڙايل گج ٻانڌڻي جي ڪپڙي جو
ٿئي. لاڙي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي اميد ڏسڻ لاءِ رات
ڏينهن هڪ ڪري سرتين سان سلجهي گج ٺاهيندي آهي، اهو
گج خاص ڪري مڪي وارو ٿئي جيڪو روپئي ۽ سونهري ذري
سان مڙهيو ويندو آهي، هن گج ۾ ٽڪن جو به جنسار
هوندو آهي ته ٽونئر ٽڪڙن جو به ٽڪساٽ.
لاڏل جو وهانءُ جا ڏينهن مهينا اڳ ٻڌيا ته گج ٺاهڻ لاءِ گج
”سوڻ“ ٿئي. گهوٽيتيون گڏجي سڏجي ٽانڪو ٽانڪو هڻندي
سوڻ ۾ حصو وٺن. ٿالهي ۽ گهڙي جي ردم تي لاڏا به
چون ته ٽانڪا به ٽانڪين. اهو جنسار ڀريو گج ڪنجري
وارو گج ڪوٺجي، جيڪو موٺڙي جي ست رنگي شلوار ۽
رنگرتي ٻانڌڻي سان ونيءَ کي وهانءُ ويل اوڍائين.
چل مل جرڪندڙ گج جي جنسار جي جوت ئي نرالي آهي، پر
سون ٻاري جي نارين جو جوڙيل ڇڄ به لاڙ جو هڪ مثالي
هنر آهي.
2- ڇڄ:
سٻاجهڙن سانگين ۽ مالوند ماروئڙن جي ڪکائن گهرن ۾ جتي اکري مهري
هجي. جنڊ ۽ جنڊي جوٽجي اتي ڇڄ جو ڇپڪو نه هجي ته
اتي جيون جو ردم اڻپورو ڀاسبو. انُ ڳاهجي دنگ ٿئي
۽ وائر جي ويلا اچي ته زالين مڙسين وچ کري ۾ ڇڄ ۾
ان وجهي واءُ سامهون جهلي هيٺ ڪيرائي ان کي اجرو
ڪن. اکري يا ننگهه ۾ ان ڇڙي يا جنڊي ۾ ڏري اهو ڇڄ
۾ وجهي تارين. ان تار جي ردم تي ننڍيون وڏيون ويهي
ڳر لاهيو ڳيچ ڳائين، جنهن کي اپڙڻ چون. جنهن گهر ۾
ڇڄ نه هجي ته ان گهر جي گهرڌياڻي کي سگهڙ ڪو نه
ڪوٺجي!
ڇڄ اڄڪلهه وڏن ماڻهن جي گهرن جي ڊرائينگ رومز ۾ شوپيس طور نظر
ايندا آهن، پر اهي مسڪينن جي لَتِل گهرن جي ڀتين
تي ڪلين ۾ يا گهرا اڱڻ تي کتل مني مٿان ٽنگيل
هوندا آهن.
ڇڄ ڪيئن ٿو جڙي...
گهڻو ڪري ٽي چار سگهڙيون رلجي ويهي ڇڄ جوڙين پر ڇڄ به ڪو سولو
ڪين جڙي. ڪيترن ئي مرحلن مان نبرجي پوءِ وڃبو ڇڄ
جڙيو راس ٿئي. ڇڄ گهڻو ڪري کوکر، شڪاري،گرگلا،
ميربحر ۽ جت ٺاهين پر ڪي ٻيون به ذاتيون ان هنر ۾
ڀڙ آهن.
سنڌي سگهڙ نارين مان لاڙي ناري جت سنهي سئي سان نازڪ ۽ نفيس ڀرت
ڀري ٿي. اُت ڪانين کي ڇلي ڇانڀي ڳر لاهي ڇڄ به
جوڙي.
وکر جر ورڇ:
سڀ کان پهرين وکر جي ورڇ ٿئي. وکر جي سَر جون ڪانيون، ڄارين جون
ڇوڪڻيون، چمڙي جون تندون ۽ رنگن روپن لاءِ ڳاڙهو
سائو رنگ ۽ ٽونئر ٽانڪڻ لاءِ ريشم جا ڏورا شامل
آهن.
ڇل:
سَر جون ڪاٺيون ڇِلي ڇانڀي هڪ ساريکيون ڪن. پوءِ ڇوڪڙين کي
ناسي رنگ ۾ پسائي رکن جيئن موڙڻ مهل ۽ ڇوڪڙيون ڇڄي
نه پون.
پٽ لائڻ:
هن مرحلي ۾ ڇليل ڪانين کي پکيڙي هڪ ساريکو ڪري ۽ ڪانين کي پاڻ ۾
ملائڻ لاءِ پٿر تي پٿرائين جنهن کي پٽ لائڻ ڪري
ڪوٺين.
مڙهڻ:
هن مرحلي ۾ ڪانين کي ڪٽي ڇوڪڙين سان ملائي سيبا ڏين. سيبا سوئي
سان اچن جنهن کي سبڻ، ڳنڍڻ يا مڙهڻ چون.
ڇڄ ٻانهيون:
هاڻي سگهڙيون ڇڄ ٻانهيون تيار ڪنديون جيڪي وري ڇڄ جي تاسري تري
سان ملايون وينديون آهن. ڇڄ ٻانهن ۾ پڻ ڪانيون،
ڇوڪڙيون ۽ چمڙي جون تندون سيبي لاءِ ڪم اچن.
گل چٽڻ يا رنڱڻ:
ڪاني ۾ ڪپهه يا ڪپڙو ٻڌي پسيل رنگ سان ٻوڙي ڇڄ تي چٽ چٽين ۽
پوءِ سڪائڻ لاءِ رکن.
تونئر ٽانڪڻ:
وهانءُ جي رسم لاءِ جوڙيل ڇڄ تي ٽونئر، ٽڪون، پشم، چمڙي جي تندن
سان ٽانڪين.
ڀير؛
ڇڄ جي قسمن کي ڀير چون گهاگڙو(وڏو) ڪونڊو(اونهون) سڌو، تاسرو ۽
ٻاراڻو ڇڄ جا ڀير آهن.
رسم ۽ رواج ۾ اهميت:
ڇڄ ساٺن سوڻن جي ويل ڪم اچي. گل چُٽن، تر مئڻ يا مٺ کولائڻ
لاءِ آندل کارڪن ۽ ڪاج جو ٻيو وکر، پتاشا، نباتون،
لونگ ۽ ڦوٽا وغيره به ڇڄ ۾ کڻي ريت ڪن ان کانسواءِ
ٻڪي جي رسم ۾ پڻ ڇڄ اڳڀرو ئي نظر ايندو.
سي جيءَ جيارا ماڻهو هئا
عبدالله ملاح
” ويا پريت ڏئي هو پاڻيارا،
اچ ڪينجهر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان وڃ ڪيا،
جي تنهنجي اُڃ اجهائي ويا.“
سنڌ جي سدا ملوڪ پٽ لاڙ جي جيڪا زرخيز روحن جهڙي زرخير مٽي آهي،
ان پاڻ مان ڇا ڇا نه تخليق ڪيو آهي؟ هن مٽي، هن
پٽ، هن آسمان هيٺ، ڪڏهن به هن ديس جي ماڻهن کي
تاريخ جي سفر ۾ تنها نه ڇڏيو آهي،
جڏهن به زماني ڪنهن نه هٽندڙ جبل جهڙي ماڻهوءَ جي تمنا ڪئي آهي
ته لاڙ زماني جي ان تمنا جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي
ڪُک مان اهي ماڻهو ڄڻي نپائي جوان ڪيا آهن جن
ماڻهن لاءِ قومون صدين تائين سڪنديون آهن. جن
ماڻهن کي ڏسڻ، پسڻ جي حسرت ۾ ويچارا نسل ڌرتين جا
ڌيون پٽ آسن جا ڏيئا ٻاري ذلتن جا رڻ جهاڳيندا آهن
۽ رڻ جهاڳي اڌوريون آسون دلين ۾ کڻي، اڻپورا اکين
جا خواب کڻي مري ويندآ آهن، پيارن جيءَ جيارن،
ڀرجهلن ماڻهن کانسواءِ ڌرتيون سڃيون آهن، قومون
بکيون ۽ اڃيون آهن. جن قومن کي پنهنجي قومي جواڻي
۾ شاهه لطيف ۽ فاضل نه مليا، انهن ويچارين قومن ڄڻ
قومي حياتي ۽ جواڻي ماڻي ئي ڪانه.
تاريخ ڏاهن ۽ بهادر فردن کان سواءِ جڏي ۽ انڌي آهي. ڏاها ۽
بهادر فرد تاريخ جا پير ۽ تاريخ جو نور هوندا آهن.
شاهه عنايت پنهنجي زماني جي گهرج جي تخليق هو. هو
پيدا نه ٿئي ها ته تاريخ، جي ڳانڍاپي جون ڪڙيون
ڪڙين سان ملائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. شهيد
فاضل راهو، 1933ع ۾ تاريخ جي هڪ وڏي گهرج کانپوءِ
راهوڪيءَ جي هڪ گهر ۾ ڄمي وڏو ٿي مارو ٿڃ ۽ سنڌ نه
ملهائي ها ته هن پٽ جا ماڻهو ويهن صديءَ جو سڄو سج
رڃ ۾ اڃ مرن ها. وفا ۽ قومي عشق جي ويران پٽن تي
اهڙا دلبر ماڻهو نينهن ۽ نڀاءُ جو مينهن ٿي وسندا
آهن.
شهيد فاضل راهو، چاچي احمد خان راهو جي گهر ۾ عام رواجي ٻارن
جيان ڄائو، عام رواجي ٻارن جيان مال چاري چار درجا
پڙهي رڳو عيدن تي نوان ڪپڙا وجهي سمجهه ڀريو ٿيو.
هن وٽ ڪا به گهڻي ملڪيت ڪا نه هئي ۽ نه هو ڪنهن
قبيلي جو سردار هو. ۽ نه ڪنهن درگاهه جو جاءِ نشين
هو ۽ نه وري سندس خانداني سلسلو ڪنهن پيران پير
دستگير يا بادشاهه نوابن سان مليو ٿي. هن عام
رواجي ٻهراڙيءَ جي اٿڻ ويهڻ واري خاندان ۾ پيدا ٿي
جيڪا تاريخ ۽ زماني جي جيءَ ۾ جاءِ والاري اها هر
ڪنهن جي بخت ۽ نصيب جي ڳالهه ڪانهي. سندس تاريخ ۾
۽ موجوده زماني جي ماڻهن وٽ جيڪو مان مرتبو آهي
اهو ٻن فردن طرفان عطا ٿيل مان نه آهي پر اها مڃتا
سندس عملي وکن جو ڪايا پلٽ تاريخي ڪرشمو آهي.
تاريخ جي ڪنهن لمحي ۾ دودو ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، وڏي ڳالهه
جبلن، آسمانن، کان به وڏي ڳالهه آهي. ته اها هي
آهي ته ماڻهو پنهنجي حياتي جي سمورن پَلن ۾ دودو
هجي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جا اکين وارا ماڻهو ان سچ
جا شاهد آهن ته شهيد فاضل سمورو تاريخ جو سڀ کان
وڏو سچ سنگينن جي پاڇن ۾ ڳالهايو ۽ جيڪي به وکون
کنيون اهي پنهنجي روح ۽ پنهنجي وجود تي هر مصيبت
وسائي کنيو هوپنهنجي حياتيءَ جا سمورا پل دودو هو،
هيمون هو، هوشوهو، دريا خان هو. هن پنهنجي حياتيءَ
۾ اهڙو ڪو هڪڙو به لمحو نه گذاريو جو اڄ تاريخ جو
بي ريا جج اڱر کڻي چئي هي پل فاضل تنهنجو اجايو
هو.
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها، جن ساه ڏئي
ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دکائي ويا.
ڪالهه رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻ ڪري، هو ڪيڏا مچ مچائي ويا.
هُن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي ٽٽل دلين کي ائين ٽوپا ڏنا جو
پاڻ ميرن ۽ جاگيردارن جي خدائي ۾ ماڻهن جو دل
گهريو محبوب ٿي پيو. 1958ع ۾ بي ڊي جي اليڪشن ۾
بيٺو ته ميرن جي نظاماڻي اميدوار کي وڏي شڪست
ڏنائين. اليڪشن ۾ چونڊجڻ کانپوءِ انتهائي مختصر ۽
ٿوري سياسي سگهه جي باوجود هن علائقي جي هارين
ڪاڻ جاگيردارن سان عقابن جيان اٽڪي پيو. 1946ع ۾
پاڻ يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين چونڊيو ويو،
سڄي سنڌ جيان لاڙ پٽ ۾ به ويچارا هاري ۽ سندن ٻچا
جاگيردارن جي درن تي زرعي غلامن جيان ٿي پليا.
ڳالهه ڳالهه تان جاگيردار ته پري ٿيو پر ڪمدار به
کين ڪتن سان گڏ کارائيندا هئا. ان ذلت خلاف شهيد
فاضل جيڪا ويڙهه ڪئي اهڙي ويڙهه شاهه عنايت ۽ حيدر
بخش جتوئي کانسواءِ سنڌ پٽ ۾ ٻيو ڪو به سياسي
اڳواڻ هزارين خواهشن جي باوجود به نه ڪري سگهيو
آهي.
لاڙ ۾ جت ۽ ڪولهي زمينن جا مالڪ آهن، اها فاضل جي جنگ جي وڏي
ثابتي آهي. هو پورهيتن جو ليڊر به هو پر ان کان
به وڌيڪ هارين جو ذلتن، بيوسين ۽ ڏکن جو وڏو وڪيل
هو، حيدرآباد جي ڪورٽن ۾ سندس بغل ۾ سدائين ماڻهن
جون درخواستون هونديون هيون. ڪيڏي مهل هن آفيس ۾
ڪيڏي مهل هُن آفيس ۾، ڪافي ماڻهو کيس ناميارو وڪيل
سمجهندا هئا. نامياري دانشور ۽ ڪالم نويس سائين
علي احمد بروهي سندس شهادت کانپوءِ پنهنجي مضمون
”گل ڇنو گرنار جو“ ۾ کيس وڪيل ڪري لکيو. 17 جنوري
1987ع تي بي بي سي سندس شهادت جي جيڪا خبر نشر ڪئي
ان ۾ کيس وڪيل ڄاڻايو ويو. اڳتي هلي جڏهن آغا رفيق
”سوال“ ڊرامو لکيو ته ان ۾ به کيس وڪيل ڪري
ڏيکاريو ويو. سچ به ته هو سنڌ جي صدين جي صدائن ۽
سورن جو بي ڊپو بهادر وڪيل هو. هو ويو هليو ته
ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻهن جي ذلتن، ڏکن، مسئلن ۽
بيوسين جا ڪيس تاريخ جي عدالت ۾ خاموش آهن؛انهن
ڪيسن جي ڪو به سماعت ٻڌڻ وارو ڪونهي. ڪو به جرح
ڪرڻ وارو ڪونهي چپ چپات لڳي پئي آهي. 4 مارچ 1967
۾ ايوب شاهي جي زماني ۾ ڪمشنر مسرور جي حڪم تحت
ڄامشوري جي پل وٽ سنڌ جي شاگردن کي نڌڻڪو ڪري ماري
ڪٽي، گرفتار ڪيو ويو ته فاضل ان ڪيس کي کنيو.
حيدرآباد شهر ۾ ايوب خلاف مظاهرو ڪرايو ۽ رات پيٽ
۾ سمورن شاگردن جون ضمانتون ڪرائڻ جي سلسلي ۾
وڪيلن جي ٺهيل پينل سان ڀرپور تعاون ڪيو. 1969ع ۾
لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ هلائي ۽ يحيٰ خان کي
مجبور ڪيو ته هو لسٽون سنڌي ۾ ڇپائي. نومبر 1969ع
۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ جي باوجود تحريڪ
هلندي رهي پاڻ ان تحريڪ جو ڪنوينر هو. 1970ع ۾
ڪوٽڙي بئراج جي زمينن کي ڌارين ماڻهن ۾ ورهائڻ جو
اعلان ڪيو ويو ته فاضل صاحب ان نيلام عام خلاف
ڀرپور تحريڪ جو مارچ 1970ع ۾ آغاز ڪيو، هن نيلام
عام بند ڪريو، تحريڪ جو پاڻ ڪنوينر هو.
غلام قادر پليجو، اختر بلوچ، مسعود نوراني، غلام حسين سومرو،
لالا قادر، اعجاز قريشي، جمن بهراڻي، نواب يوسف
ٽالپر، حسن علي نظاماڻي، محمد قاسم ميمڻ ۽ محمد
بخش لنڊ ميمبر هئا. تحريڪ چوٽان چوٽ اڀري رستا،
شهر، ڳوٺ، چونڪ، احتجاج ٿي ويا. فاضل صاحب ۽ سندس
ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ هلندي رهي تان جو
آخر سرڪار گوڏا کوڙيا ۽ نيلام بند ٿيو ۽ زمينون
زمين جي ڌڻين کي مليون.
مارچ 1970ع ۾ ڀرڳڙي هائوس ۾ عوامي تحريڪ وجود ۾ آئي. شهيد فاضل
کي مرڪزي صدر ۽ رسول بخش پليجي کي مرڪزي جنرل
سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. مئي 1970ع ۾ ظلم بند ڪريو
تحريڪ منظم ڪئي وئي، جنهن 23 مئي 1970ع ۾ سڄي سنڌ
۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو، جيڪو
حيرت ناڪ حد تائين ڪامياب ويو، هن ڪاميٽيءَ جا
اختر بلوچ، دستگير ڀٽي، مائي ملڪان، شير خان لنڊ،
غلام نبي پليجو، مدد علي سنڌي، عبدالحئي پليجو،
محمود ڏاهري ميمبرهئا. فاضل صاحب ڪنوينر هو ۽
دستگير ڀٽي سيڪريٽري. 1974ع ۾ فاضل صاحب گولاڙچي
تعلقو ۽ بدين ضلعو بنايو تحريڪ هلائي، ان تحريڪ
دوران پاڻ ڪراچيءَ وفد ٺاهي ٻه ڏينهن رهيو. غلام
مصطفيٰ جتوئي، مير هزار خان بجاراڻي، سان ملاقات
ڪئي. اهڙي ريت گولاڙچي کي تعلقو ۽ بدين کي ضلعو
بنايو ويو، 30 اپريل 1970ع تي پاڻ جيل ۾ هو سرڪار
معيار، الفتح ۽ مساوات تي بندش وڌي، ان بندش خلاف
جيل ۾ ويهي پاڻ صحافين سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ
رٿابندي ڪئي. محمد صديق راهو کي جيل تي گهرايائين
۽ تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محمد
صديق واپس ڳوٺ آيو ۽ پارٽي ڪارڪنن کي وٺي ريگل چوڪ
ڪراچي پهتو ۽ تحريڪ هلائڻ جو باقاعدي اعلان ڪيو.
ان تحريڪ دوران محمد صديق راهو کي گرفتار ڪري مٿس
ڪافي تشدد ڪيو ويو، ڪيترا ڏينهن سندس ليڙون ليڙون
رت هاڻي قميص ٿاڻي ۾ ٽنگي پئي هوندي هئي. جيئن
گرفتاريون ڏيندڙن تي ڊپ سوار هجي. بهرحال تحريڪ
ڪاميابيءَ تائين جاري رهي.
1983ع ۾ هلندڙ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ فاضل ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو،
ان بابت ڇا لکجي پاڻ هن تحريڪ جو روح هو، دماغ هو،
ڌڙ هو، هن تحريڪ ۾ سڄي سنڌ جي ماڻهن وڏيون چوٽون
کاڌيون. سال سال جيلن ۾ رهيا. پنهنجي زندگي جيڪا
ماڻهونءَ جي پنهنجي ڏاڍي پياري ملڪيت آهي اها به
نڇاور ڪري ڇڏي. جنون ۽ نفرت جي انتها ۽ عروج جو
زمانو 1983ع جي تحريڪ هئي، شهيد فاضل ان تحريڪ کي
جيئن منظم ڪيو، جيئن هلايو سچ ته ائين ٻين جي وس
جي ڳالهه نه هئي فاضل راهو جي شاندار عملي وکن هن
تحريڪ ۾ ساهه وڌو هو. عوام، تاريخ ۽ زماني جي جيڪا
تمنا هئي، ان تمنا کي وڏي مڙسيءَ سان پاڻ پورو
ڪيائين. پنهنجون نياڻيون، پنهنجون ڀينرون ۽ لڄون
هن قومي جنگ ۾ هُن ميدان تي آنديون، سنڌ ۽ سنڌي
عوام سان نينهن نڀائڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به
انداز ٿي نٿو سگهي. ان تحريڪ دوران کيس گرفتار ڪيو
ويو پٺيان سندس ننڍڙو پٽ سچل گذاري ويو، سچل
کانپوءِ محمد صديق راهو جيڪو سندس ساڄي ٻانهن هو ۽
اڃا هو خبر نه آهي ڇا ڇا ٿيڻو هو، شادي کي هڪ سال
به مس گذريو هو جو پاڻ جيئن گرفتاريون ڏيندڙ ڀينرن
کي ڪراچي ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس
ڊاٽسن کي ٽرڪ ڌڪ هنيو ۽ پاڻ راجپوتانه اسپتال ۾
وفات ڪري ويو.
اهي ٻه موت فاضل کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي نه سگهيا. هو بهادر
هو، جبل هو، اهڙا ڌڪ کلي ساسائڻ رڳو اهڙن ئي ماڻهن
ئي دستور هوندو آهي. پاڻ پنهنجي جوان پٽ جي ڪفن
دفن جي رسمن ۾ پوليس جي پهري ۾ آيو هو، سڀني ماڻهن
سان مليو ۽ هليوويو ڄڻ ته هن جي زندگي ۾ ڪو حادثو
آيو ئي ڪو نه هو. زماني کي بدلائڻ لاءِ اهڙن حوصلن
جي ضروت آهي.
1986ع ۾ فاضل صاحب کي هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ اعليٰ عدالتي
ٽربيونل آزاد ڪيو، جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ
بدين پهتو ته اسٽيشن گرائونڊ تي ٻه لک ماڻهن سندس
اکيون وڇائي استقبال ڪيو، انهيءَ دوران عوامي
نيشنل پارٽي ٺاهي وئي. جنهن جو کيس مرڪزي سينيئر
نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 14 آگسٽ 1986ع تي جيئن
آمريت خلاف ماڻهو رستن تي آيا ته فاضل انهن سان گڏ
هو 14- آگسٽ 86ع تي بينظير سان گڏ ڪراچيءَ ۾ نڪتل
جلوس جي قيادت ڪئي. ڪوئيٽا ۾ احتجاجي جلسن کي خطاب
ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن سج اڃا ٻن پهرن تي هو،
پکي آکيرن ۾ ويٺل هئا، ڌراڙ، هاري ٻٻرن جي ڇالوءَ
۾ سُتل هئا، ان ويل 17 جنوري 1987ع تي تاريخ جي
شهر، وقت جي حُسين کي بيگناهه شهيد ڪري سنڌ کي
ڪربلا ڪري ڇڏيو.
فاضل تو فراق ۾، دانهن ڪئي دريا،
ڌرتيءَ ڌونس مچايو، گنجي ۾ گجگاهه،
رنو وني ڪوٽ، ۽ ٻيلن ۾ هئي باهه،
اڀري نڪتي آهه، مڪلي موهن دڙي منجهان
(منشي)
موت نه کاڌي مات،
وري سج لهو لهان،
راهوڪيءَ تي رات،
(شيخ اياز)
ڪروڙين پورهيتن جي دردن جي دنيائن ۾ ور ور جهاتيون پائيندڙ
اکيون پورجي ويون! پورهيتن جا ڏک سانڍي وڏا ڪري
ڌڙڪندڙ دل بيهي رهي! سنڌ جي نصيبن تي سوچيندڙ
تاريخ ۽ زماني جي تخليقي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو!!
مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا.
جي ڪئي سج اڀاري ويا، جي ڪئي سج سمائي ويا. |