سنڌي لسانيات ۾ محمد سومار شيخ جون خدمتون
هدايت پريم
محمد سومار شيخ صاحب جن جي دلچسپي، سنڌي اب جي گهڻن ئي پهلوئن
سان هئي، سنڌي شاعري، ادب جي تاريخ، ثقافت جي
تاريخ ۽ لوڪ ادب سان گڏ لسانيات ۾ پڻ شاندار
خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائين، سندس لکيل ڪتابن جو
ڳاڻيٽو ٻن سون کان مٿي آهي، جن مان چوٿائي کن مس
ڇپيل آهي ۽ ٻيا قلمي نسخن جي صورت ۾ محفوظ آهن(1)
هونئن ته محمد سومار شيخ صاحب جي لکڻين ۾ سنڌي
ٻوليءَ تي ڪافي ڪجهه لکيل نظر اچي ٿو، پر جن ڪتابن
۾ لسانيات جي حوالي سان ڪاوشون ڪيل آهن تن مان
مکيه طور هي آهن. ڪڇين جا قول، آريائي زبانون،
سنڌي ٻولي 5 هزار ورهيه اڳ، سنڌي ۽ براڪوت، سنڌي
اور پراڪرت(اردو) سنڌي ۽ سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ آوازن
جا تبادلا.
”ڪڇين جا قول“ ڪتاب ۾ محمد سومار ”ڪڇ جي ٻوليءَ جي سري هيٺ، ڪڇ
۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي کوجنائي مضمون لکيو
آهي، ڪڇي يقيني طور تي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
Dialect
محاورو آهي، اهڙو اظهار محمد سومار به ڪري ٿو.
ڪڇي ٻولي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ننڍڙو دفعو آهي ۽ اهڙو
درجو رکي ٿي، جهڙو سنڌ ۾ ٿري، لاڙي، اترادي وغيره
لهجا رکن ٿا.(3)
ڪڇي محاوري جون سنڌي ٻوليءَ جي معياري محاوري سان ڀيٽ ڪندي
ترتيبوار نحوي بناتون، تلفظ ۽ اکرن جي مٽا سٽا جا
مثال سلسليوار ڏنا اٿائين، جيڪو سندس محنت جو
بيمثال ثبوت آهي. اکرن جي مٽا سٽا ۾ ”س“ ۽ ”هه“
جي مٽا سٽا تاريخي اعتبار کان ڄاڻائي اٿس، جنهن
جا ٺهڪندڙ مثال پيش ڪيا اٿس. معياري سنڌي ۽ ڪڇي جي
مٽا سٽا وينجن توڙي سُرن جي تفصيل سان ڏني وئي
آهي، جنهن جو داد ڏيڻ گهرجي.
جهڙي طرح محمد سومار شيخ صاحب کي ادب ۽ ثقافت سان لنو لڳل هئي،
تهڙي طرح لسانيات سان به سندس پيچ پئجي ويو، هيءُ
موضوع عام طور تي هڪ خشڪ موضوع سمجهيو ويندو آهي.
پر هن موضوع کي پنهنجو حسن به آهي ته رنگينيون به
آهن، بشرطيڪ ڪجهه بنيادي اصولن ۽ قاعدن قانونن جي
مناسب ڄاڻ هجي. جيڪا شيخ صاحب وٽ موجود هئي. هن
موضوع جي باري ۾ شيخ صاحب پاڻ لکيو آهي:
لسانيات به هڪ عجيب گورک ڌنڌو آهي،جنهن کي ان جي چس آئي سو ڄڻڪ
هميشه انهيءَ جو ٿيو. موضوع سخت خشڪ آهي پر
منهنجي خيال ۽ تحقيق موجب منجهنس جيڪي چاشنيون آهن
۽ قومن جي چرپر آهي، سان ڏسيو هڪ لاثاني ناول کان
به وڌيڪ سليس ۽ سهڻو موضوع ٿيو پوي ۽ ڏکيائي ته
ذري جي به نظر نه ٿي اچي، الٽو شوق ۽ ذوق رات
ڏينهن انهيءَ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪتابن پٺيان
ڪتاب ٿو کڻائي ۽ هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه پيدا ٿي
ٿئي جو ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿيو ٿو پوي. مون رڳو”س“
۽ ”هه“ جي تبادلي کي ڏسڻ شروع ڪيو ته ان مان ايترا
ته موضوع ڦٽي نڪتا جو عمر ساري رڳو انهن تي پيو
پڙهان ۽ لکان ته به ٿورو آهي. انهيءَ ڏس موجب مون
سنڌي سنسڪرت جهڙي ڏکئي موضوع کي هٿ ۾ کنيو آهي. وس
وڏا ڪيا اٿم پر ڪٿي ٿيڙ کائي ويو هوندس ته شڪ نه
آهي.(3)
ٿيڙ ته شيخ صاحب ڪونه کاڌا آهن پر افسوس هي آهي ته شيخ صاحب
پنهنجا زرين خيالات ۽ نظريات صرف ٽن اصولن تي
مرڪوز ڪيا آهن، تن مان به هڪ غير لسانياتي آهي،
حالانڪه لسانيات جي ڪن تمام اهم ڪتابن جا حوالا
ڏنا اٿائين. جن کي پڙهڻ بعد سندس لسانيات جي ڏس ۾
معلومات وسيع ٿي چڪي هئي، ”ڪڇين جا قول“ ڪتاب ۾
لساني جاگرافي جي اصولن تحت تجزيو ڪيل آهي پر اصل
۾ لسانيات جي موضوع تي شيخ صاحب جا اهم ڪتاب ”سنڌي
۽ سنسڪرت“، ”سنڌي ۽ پراڪرت“، ” سنڌي ٻولي 5 هزار
ورهيه اڳ“ ۽ سنڌيءَ ۾ آوازن جا تبادلا“ آهي. سندس
نظريا ٽن اصولن تحت قائم ڪيل آهن:
هڪ قوم- هڪ ٻولي
آوازي تبادله
مختلف رسم الخطن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ.
ٻولين جي قديم توڙي جديد تاريخ جاچڻ پرکڻ نج
لسانياتي ڪم آهي، جنهن ۾ ثابتيون ۽ شاهديون به
لسانياتي ڏيڻ گهرجن. اهڙو رايو اڄڪلهه مڃيل آهي.
جديد تحقيقات مطابق هاڻ هڪ قوم- هڪ ٻوليءَ جو
نظريو رد ٿي چڪو آهي. اڄ به ڪيتريون ئي قومون هڪ
ٻولي ڳالهائين ٿيون ۽ هڪ قوم ڪيتريون ئي ٻوليون
استعمال ڪري ٿي، اهڙا مثال ملن ٿا. قومن (Races)
جو مطالعو به جديد طور تي ٿي رهيو آهي. قومن جي
قدامت کي ٻولين جي قدامت سمجهڻ به درست تصور ڪونه
ٿو ڪيو وڃي. تاريخي لسانيات جا اصول لسانياتي
شاهدين جي تقاضا ڪن ٿا ۽ غير لساني شاهدين کي
ڀروسي جوڳو تصور نه ٿو ڪيو وڃي.(4)
”آوازن جا تبادلا“ شيخ صاحب جو محبوب مشغلو معلوم ٿئي
ٿو.“سنڌيءَ ۾ آوازن جا تبادلا“ ڪتاب ۾ بيحد دلچسپ
آوازي تبادلا ڏنا اٿس. ٻوليءَ ۾ آوازن جي بدل سدل
لاءِ وڏا ٽي سبب ڄاڻايا اٿس، سي هي آهن:
پراڻي رسم الخط.
غلط اچارڻ.
ڌار ڌار لهجا/محاورا. (5)
ٻوليءَ ۾ آوازن جي تبديل ٿيڻ جا ڪيترائي ٻيا به
مکيه ڪارڻ آهن. جهڙوڪ: مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ
قومن جو پاڻ ۾ ميلاپ ۽ سماجي دٻاون جا اثرات وغيره
به آهن. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ثابت ڪرڻ ۽ شيخ
محمد سومار مذڪوره آوازي تبادلن کي پڻ بنياد بڻايو
آهي.
”سنڌي ۽ سنسڪرت“ ڪتاب ۾ شيخ صاحب الف بي وار صوتياتي ڦيرگهير تي
وضاحت سان نظر وڌي آهي ۽ سندس چواڻي سنڌيپ جي قديم
رخ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ قديم سنڌي خط کي
پڙهڻ جي وڏي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ اڪثر ڪري
ديوناگري، گجراتي، هٽي، خوجڪي، کروشني، برهمي ۽
رومن اکرن جي لکت واري صورت جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي ۽
انهن مان نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن، ”ک“ اکر جو ذڪر
ڪندي نامور ماهرين لسانيات گِرم ۽ ورنر جي قانون
–اصل ٻوليءَ جو ”ک“ ٻين ٻولين ۾ ”ڪ“ ٿيو، موجب
سنڌيءَ ۾ ”ک“ آواز اڳ ئي موجود آهي، جيڪو سنسڪرت ۾
به ڦري ”ڪ“ ٿي چڪو آهي، ان جا ڪيترائي مثال ڏنا
اٿائين. (6) اهڙي طرح سنڌي ٻولي سنسڪرت کان وڌيڪ
قديم ٻولي ثابت ڪئي اٿائين.
”سنڌي ۽ پراڪرت“ ڪتاب شيخ صاحب جي جاکوڙ جو هڪ بيحد اهم دستاويز
آهي، هن ڪتاب جو بنياد هيٺين ٽن اصولن تي رکيل
آهي:
دنيا جي قديم بستي –سنڌ.
سنڌ جون قديم قومون.
قديم سنڌي رسم الخط.
شيخ صاحب موجب تحقيقاتي ۽ تاريخي نڪته نظر سان هيءَ حقيقت واضح
آهي ته سنسڪرت کان سنڌي گهڻو قديم هئي ۽ سنسڪرت تي
صوتياتي اثر اٽڪل روءِ 75 سيڪڙو سنڌيءَ جو ڇانيل
هو.(7)
پراڪرت جي لاءِ شيخ محمد سومار پنهنجو هڪ منفرد نظريو رکي ٿو،
سندس خيال موجب:
سنڌي زبان لاءِ ٻه انقلاب وڏا آيا، هڪ آرين کان اڳ وارين ايندڙ
قومن وارو انقلاب ۽ ٻيو آرين جي اچڻ وارو انقلاب،
انهن ٻنهي انقلابن مان ۽ ٻولين جي ميل ميلاپ مان
هڪ نئين مبهم ٻوليءَ جنم ورتو، جنهن جا آثار آرين
کان اڳ به موجود هئا ۽ آرين جي اچڻ وقت اُهي آثار
گهرا ٿيا ۽ انهيءَ ڪري هڪ نئين ٻولي پيدا ٿي، جنهن
کي پراڪرت ٿو چئجي.(8)
دراصل”پراڪرت“ لفظ جي معنيٰ آهي، غير مصنوعي يا فطري زبان.
جنهن جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت جي معنيٰ آهي. صاف ڪيل يا
پاڪيزه ٻولي. قديم ڀارتي ناٽڪن ۾ بادشاهه، وزير ۽
امير سنسڪرت مڪالما ڳالهائيندا ڏيکاريا ويا آهن.
ڪلاسيڪي سنسڪرت، ويدن جي زماني واري ويدڪ سنسڪرت
مان ترقي ڪري برهمڻن ۽ پنڊتن جي علمي ڪوششن سان
پاڪ پوتر ۽ مذهبي ٻولي بڻي.
هند آريائي ٻولين جي تاريخ جي مطالعي مان هيءَ ڳالهه صاف ظاهر
ٿئي ٿي ته اشوڪ اعظم جا اڪر ڪرايل ڪتبا (250 ق-م)
۽ پاتنجلي جون تحريرون (150 ق-م) ظاهر ڪن ٿيون ته
ٽين صدي قبل مسيح تائين هڪ آريائي زبان اتر
هندستان ۾ رائج هئي. (9)
سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ قدامت جي باري ۾ شيخ محمد سومار هڪ اهم
نظريو قائم ڪيو آهي، جيڪو ڌيان جوڳو آهي، شيخ صاحب
جي چوڻ مطابق:”موهن جي دڙي“ جي تهذيب ۽ تمدن
کانپوءِ آريا آيا ۽ اهي قديم قومن سان ملي، انهن
جي تهذيب، مذهب ۽ ٻوليءَ تي سنڌيپ جو تمام وڏو اثر
پيو. انهن جي مقدس زبان” ديوباني“ به سنڌي لفظن جي
اجمتاع جي سامهون سينو ساهي نه سگهي ۽ پنهنجو وجود
وڃائي ويٺي. (10)
ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ صفحي نمبر 121 تي لکيو اٿس ته آرين کي بيشڪ
پنهنجي زبان هئي ۽ هو پاڻ سان پنهنجي زبان کڻي آيا
هئا، مگر پنجاهه سالن کانپوءِ انهيءَ تي ايترو اثر
رهيو، اهو اثر سنڌي ٻوليءَ جو هو، جو هوءَ اصل
واري ٻولي ذري گهٽ سمجهه کان مٿي ٿي وئي. خود اها
آرين جي قديم زبان اڃا پڙهجي نه سگهي آهي. هاڻي جي
ئي ڳالهه ڪهڙي، خود انهيءَ ويدن واري وقت ۾ به
آرين جي قديم زبان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان صاف انڪار
ڪيو.(11)
شيخ صا حب جي خيال ۾ آريا اول اول سنڌ ۾ اچي رهيا ۽ آرين جي
ٻوليءَ کي بگاڙيو ۽ وڌايو سنڌي ٻوليءَ ئي هو. جنهن
جي هنگامي ۾ اچي آرين جي ٻولي ختم ٿي وئي، مگر
سنجوڳ مان جيڪا وچان ٻولي پيدا ٿي، جهڙوڪ پراڪرت ۽
پوءِ ان مان پيدا ٿيل ٻيون ٻوليون، انهن تي سڌيءَ
طرح نه، مگر اڻ سڌيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي
اثر بذريعي سسنڪرت حائل آهي. سنسڪرت ۽ ان کان
متاثر ٿيندڙ ٻولين تي سنڌي جو اهو رنگ پراڻي وقت
کان چڙهيل آهي ۽ سنسڪرت جو جنهن به ٻوليءَ تي اثر
هوندو، انهيءَ تي سنڌيءَ جو اثر ازخود شامل ٿيو
وڃي ٿو، ڇو ته سنسڪرت جو بنيادي ڍانچو سنڌ ۾ ئي
سنڌي ٻوليءَ جي سنجوڳ مان ٺهيو هو.(12)
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت معلوم ڪرڻ لاءِ ٺوس دستاويزي ثبوت يعني
لکيتن جي غير موجودگيءَ ۾ بيحد پيچيده ۽ ڏکيو عمل
آهي. سنڌي ٻولي ٻه هزار ورهيه يا ٽي هزار ورهيه اڳ
ڪهڙي روپ ۾ هئي،سندس صوتياتي، غوياتي ڍانچو ڪيئن
هو، ڪو به احوال معلوم نه آهي. 5 هزار ورهيه پراڻن
سنڌو سڀيتا جي کنڊرن مان مليل مهرون پڙهڻ جون ڪجهه
ڪوششون ضرور ٿيون آهن، پر ان ٻوليءَ کي صوتي قدرن
۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، ان جي رڳو معنوي پهلوئن
تي روشني وڌي وئي آهي. اها سنڌ جي آڳاٽي ٻولي ته
ضرور هئي. پر ان جو موجوده سنڌي ٻوليءَ سان رشتو
قائم ڪرڻ ناممڪن ته نه پر دشوار ضرور آهي. آوازي
تبادلا ۽ قديم رسم الخط جي ڀيٽ ڪرڻ ناڪافي ثبوت
فراهم ڪن ٿا. تاريخي لسانيات جي ڪجهه اهم اصولن
جهڙوڪ صوتي، صوتياتي، غوياتي، معنوياتي ۽ سماجياتي
پهلوئن جو تاريخي اعتبار کان مطالعو ڪرڻ ۽ ٻين
انهن سمورين ٻولين جا اثرات جانچڻ، جيڪي تاريخي
دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان واسطي ۾ رهيون، ان سموري
ڪم بعد ئي سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي قدامت واري هام هڻي
سگهبي.
شيخ محمد سومار جون سنڌي لسانيات ۾ ڪيل خدمتون بيحد اهم آهن ۽
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رهنديون. خاص
ڪري ”سنڌ ۽ پراڪرت“ ۽ ”سنڌي ۽ سنسڪرت“ ڪتاب ۾ ڏنل
وڏا تفصيل (Exhaustive Data)
جيڪي سنڌي، سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جو هڪ ڀنڊار
آهي، آئينده تحقيق لاءِ هڪ مفيد بنياد فراهم ڪري
ٿو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپائڻ جي تمام گهڻي
ضرورت آهي، بلڪه سندس نظرين کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪري شايع ڪرڻ گهرجي.
حوالا
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- سنڌي ادب جي تاريخ 1983ع ص 300.
محمد سومار شيخ -ڪڇين جا قول1977-ص 49.
محمد سومار شيخ - سنڌي ۽ سنسڪرت(اڻ ڇپيل) ص 7 ۽ .8
بائنن، ٿيوڊورا - هسٽاريڪل لنگئسٽڪس-ص 74- 262.
محمد سومار شيخ - سنڌيءَ ۾ آوازن جا تبادلا ص .7
محمد سومار شيخ - سنڌي ۽ سنسڪرت (اڻ ڇپايل) ص 178.
محمد سومار شيخ- پراڪرت (اڻ ڇپيل) ص 6.
محمد سومار شيخ- سنڌي ۽ پراڪرت (اڻ ڇپايل) ص 18.
ڊاڪٽر مهر عبدالحق- ملتاني زبان اور اس ڪا اردو سي
تعلق، ص 28.
محمد سومار شيخ- سنڌي ۽ پراڪرت ص113.
محمد سومار شيخ- سنڌي ۽ پراڪرت ص121.
محمد سومار شيخ-سنڌي ۽ پراڪرت-ص 123.
لاڙي محاوري جو لساني جائزو
ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي
ٻولي حقيقت ۾ هڪ بي انت سمنڊ جي مثل آهي، جيڪو هر وقت ڇوليون
هڻندو نظراچي ٿو. ان ڇولين سبب هو پنهنجن ڪنارن جي
ڪيترن ئي شين کي پنهنجي زوردار ۽ لڳاتار جهٽڪن
سان ڳاري ڳوري ڪنارن وٽ مختلف رنگ اختيار ڪري ٿو.
سندس تيز طوفاني ڇوليون ڪٿي ڪٿي پنهنجن (ڪنارن)
کان نڪري وڏي ايراضيءَ کي پنهنجي اثر ۾ آڻي انهن
کي پنهنجي حدن ۾ شامل ڪري ٿيون ڇڏين.
مختلف ٻوليون پنهنجن سرحدن تي ملن ٿيون جتي هڪ ٻئي تي ان ميلاپ
سبب اثرانداز ٿين ٿيون ۽ ميٺ محبت سبب زنده ٻولي
پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ۽ زوربار سان ٻي ٻوليءَ جي
سرحد توڙي ان جي اندرين ايراضين تي پنهنجو اثر
وڌائي ان تي پنهنجو رنگ چاڙهي ٿي. ان کان علاوه
پنهنجي ڀر واري ٻوليءَ کي ريجهائي پرچائي هميشه
لاءِ پنهنجو ڪري ٿي ڇڏي، اهڙيءَ طرح ٻنهي ٻولين جي
حدن اندر ٻنهي ٻولين جا محاورا وجود ۾ اچن ٿا.
سنڌي ٻولي به اهڙين ئي خوبين جي مالڪ آهي، جنهن جي اثر رسوخ ۽
ميل ميلاپ سبب هي ٻولي مختلف علائقن ۾ مختلف
محاورن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا نه صرف سنڌ اندر
بلڪه سنڌ جي سياسي حدن کان ٻاهر پنجاب، بلوچستان،
ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جي علائقن ۾ به ڳالهائي
وڃي ٿي ۽ معياري، اترادي، ماڇڪي، جغدالي، فراڪي،
کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، لاڙي، ڪڇي ۽
ٿري نالن سان مشتعمل آهي.
(1)
جنهن سبب هي ٻولي نه صرف هڪ اهميت واري ٻولي جي
حيثيت رکي ٿي، بلڪه هميشه ترقي ڪندي اڳتي به وڌندي
رهي ٿي.
موضوع جي لحاظ کان هت اسين لاڙي محاوري تي ڪجهه لساني بحث
ڪنداسين، ڇو ته لاڙي محاورو سنڌ جي اهم ۽ وڏي
محاوري جي حيثيت رکي ٿو. هي محاورو سنڌ جي ضلعي
ٺٽي ۽ ضلعي بدين جي علائقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن
تي ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ٻولين جو اثر آهي. ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جن لکيو آهي ته
”هي محاورو سنڌي زبان جي وڏن محاورن مان هڪ آهي ۽
لازمي طور ڪي اثر هن پاڙيسري محاورن جا قبول ڪيا
هوندا، ڇو ته سندس سرحدون اتر کان معياري سان
اولهه کان ڪوهستاني محاورن سان ۽ اوڀر کان ٿري
محاوري واري علائقن سان ملن ٿيون، بدين تعلقي ۽ ڪڇ
رياست جي وچ تي ڪڇ جو رڻ آهي. ملڪ جي ورهاڱي کان
اڳ ڪڇ جي گادي ڀڄ ڏي وهٽن ذريعي اچ وڃ عام جام
ٿيندي هئي. کانٽي ۽ مزدوري لاءِ ڪڇي بدين تعلقي
۾ ايندا هئا، ڪي مستقل طور رهي پيا ۽ مائٽيون به
ڪيائون، بدين ۾ ڪنڀارن، منڌرن ۽ مينگهواڙن جي
ٻوليءَ تي ڪڇي جو اثر خاص طور گهڻو آهي“.(2)
گريئرسين جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته داردي قومن
جو اثر لاڙ تائين ڦهليل هو ۽ لاڙي محاوري ۾ اڄ به
داردي ٻولين جا اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا.
(3)هن محاوري تي اهو نالو سندس پنهنجي علائقائي نالي جي نسبت سان
ٿيو آهي. لاڙ لهجي جو صوتياتي نظام سنڌي جي عام
صوتياتي نظام جهڙو آهي. هن ۾ ٻچپوان، ڏندوان،
مهاروان، مورڌلي سخت تارون ۽ نرم تارون وارا آواز
آهن، اهي آواز ڌوڪڻا، چوسڻا، گسڻا، گهڻا(نڪوان)
ڦرڪڻا، گول روان ۽ نيم سر قسمن ۽ گروهن ۾ ورهائي
سگهجن ٿا.
(1)
لاڙي لهجي ۾ واپاري ناتن ڪري ملائي ملباري ۽ تيلگو
لفظ به گڏجي ويا آهن
(2)
هن محاوري ۾ پورچوگيزي لفظ ڪجهه انداز ۾ شامل ٿي
ويا آهن.(3)
محاورن جو مطالعو به لسانيت جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهن لاٰءِ
صوتيات جي علم جي ڄاڻ نهايت ضروري آهي.
(4)هاڻ جڏهن اسين لاڙي محاوري جي صوتيات جي روشنيءَ ۾ جائزو
وٺنداسين ته ان ۾ اسان کي معياري محاوري کان ڪافي
فرق محسوس ٿئي ٿو ڇو ته پڙهيل طبقي کي ڇڏي ڳوٺاڻي
ٻولي ڳالهائيندڙن جي ٻوليءَ مان اسان کي ڪافي فرق
محسوس ٿئي ٿو. پڙهيل طبقو پنهنجي زبان کي معياري
ٻوليءَ طور ڳالهائيندو آهي، جڏهن ته اڻ پڙهيل ۽
ڳوٺاڻا پنهنجي ماحول واري ٻولي ڳالهائڻ تي مجبور
هوندا آهن، ان ڪري عام طور اڻ پڙهيل طبقي ۾ ف=ڦ،
ز=ج،
ذ=د،
گهه=گ،ڀ=ب،ت=
ش،س=
هه،ء=۽
ي=ج اچارن ۾ بدلجن ٿا، مثلاً لاڙي محاوري ۾ ”يتيم“ کي چون ”جتيم“ ۽ ڀاءُ کي
چون ”باءُ“ انهن لفظن ۾ ”ج“ جو اچار ”ي“ ۽ ”ڀاءُ“
جو اچار ڦري ”باءُ“(1)
۾ بدلجي استعمال ٿئي ٿو، اهڙي طرح ڪيترن ئي لفظن
مان ”هه“ جو اچار حذف ٿي وڃي ٿو. مثلاً ” جهڙو“،
”تهڙو“، ”ڪهڙو“، ”اهڙو“، ۽ ”اُهڙو“ جا لفظ ڳوٺن ۾
هه جو اُچار وڃائي ”جيڙو“، ”تيڙو“، ”ڪيڙو“، ”ابڙو“
۽ ”اوڙو“ طور استعمال ٿين ٿا. يعني انهن لفظن ۾
”هه“ جي اچار بدران ”ي“ جو اُچار استعمال ٿئي ٿو.
جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ”هه“ سان گڏ ”ي“ جو اچار به
شامل ڪري انهن کي ”جيهڙو“، ”تيهڙو،”ڪيهڙو“،
”ايهڙو“ ۽ ”اوهڙو“ استعمال ڪجي ٿو. لفظ ”اُهڙو“ ۾
جيئن ته ”اُ“ جو اچار ڪجهه مٿانهون آهي، ان ڪري
اتي”ي“ بدران ”و“ جو اچار استعمال ڪجي ٿو.
سنڌي اچارن جي نظام(صوتيات) مطابق ڪن اچارن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ
هلندي آهي ۽ اڄ تائين اها رائج آهي. ان جو مثال
”ء“ ۽ ”ي“ جي مٽ سٽ آهي،(2)
ان لحاظ کان جڏهن اسان لاڙي لهجي جو وڌيڪ گهرائي
سان جائزو وٺنداسين ته ڪجهه ٻيا اهڙا لفظ به ملن
ٿا، جيڪي ڪجهه فرق سان استعمال ڪجن ٿا. مثلاً: لفظ
”جڳايو“ ۽ ”چڙهائيو“ طور استعمال ڪري ”ء“ حرف جو
اضافو ڪن ٿا. پر ڪٿي ڪٿي ”اِهو“ ۽ ”اُهو“ لفظن ۾
”ي“ ۽ ”و“ اچارن جو اضافو ڪري”هه“ بدران ”ء“ جي
مٽا سٽا ڪجي ٿي مثلاً: ”اهو“ کي ”ايئو“ ۽ ”اُهو“
کي ”اوئو“ ڪري استعمال ڪجي ٿو. ”اهو“ ۾ جيئن ته
”اِ“ جو هيٺيون اچار شامل آهي، ان ڪري ان ۾ ”ي“ جو
اضافو ڪجي ٿو. جڏهن ته”اُهو“ ۾ ” اُ “ جو مٿيون
اچار شامل آهي ان ڪري ان ۾ ”و“ جو شامل ڪيو وڃي
ٿو.
لاڙي محاوري جو حرف جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺبو ته ان لحاظ کان به
لفظن ۽ جملن ۾ ڪجهه فرق محسوس ٿئي ٿو، جيڪو معياري
۽ لاڙي محاوري ۾ موجود آهي، صرفي لحاظ کان لفظن جي
تقسيم ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي اچڻ سان انهن ۾ جيڪا تغير
يا تبديلي اچي ٿي يا ان ۾ اضافي سان جيڪا نئين
صورت پيدا ٿئي ٿي انهيءَ تي بحث يا ذڪر ڪرڻ کي
“صرف“ چيو وڃي ٿو(1)
ڀيرو مل آڏواڻيءَ به لفظن جي قسمن ۽ انهن جي صورت
۾ ٿيندڙ تبديلين کي صرفي تبديلي ٻڌايو آهي(2)
لاڙ جي ڳوٺن ۾هيٺين معياري لفظن کي فرق سان
استعمال ڪجي ٿو:
معياري محاورو: منهنجو تنهنجو ڪنهنجو
لاڙي محاورو: مُونجوتُنجو يا توجو.
(3)
ڪينجو.
مٿين لفظن ۾ ”منهنجو“ ۾ ”ن“ ۽ ”هه“ بدران ”و“ جو اچار لفظ
”تنهنجو“ ۾ ”ن“ ۽ ”هه“ جو حذف ٿيڻ ۽ لفظ ”ڪنهنجو“
۾ ”ن“ ۽ ”هه“ بدران ”ي“ جو اچار شآمل ڪجي ٿو.
لاڙي محاوري ۾ جڏهن حرف جر لفظن جو جائزو وٺون ٿا ته انهن ۾ به
ڪجهه فرق محسوس ٿئي ٿو. مثلاً. ”ڪٿان“، ”جٿان“ ۽
”هتان“ جا لفظ هن محاوري ۾ ”ڪيٿان“ ، ”جيٿان“(1)
۽ ”هيتان“ ڪري استعمال ڪجن ٿا، جن ۾ حرف” ي“ جي
اچار جو اضافو ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ”اُهين“ ۽
”اُهي“ جا لفظ ڪٿي ڪٿي ”هين“ ۽ ”هي“ يا ” ئي“ طور
ڪم آڻجن ٿا. مثلاً: هيٺ ان قسم جا جملا پيش ڪجن
ٿا.
ڪٿان وٺي آيو آهين؟معياري
ڪيٿان وٺي آئيو آهين؟لاڙي
هن جو نالو ڇا آهي؟معياري
هن جو نالو ڇا ئي؟لاڙي
هن جو نالو ڇا هي؟ لاڙي
معياري محاوري جا لفظ ”ڪيڏانهن“، ”جيڏانهن“، ”تيڏانهن“،
”هيڏانهن“، ”هوڏانهن“ ۽ ” ايڏانهن“ به لاڙي ۾ ڪجهه
فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. انهن لفظن مان ”ن“ ۽ ”هه“
حذف ٿي وڃن ٿا ۽ اهي” ڪيڏان“، ”جيڏان“، ”تيڏان“،
”هيڏان“، هوڏان“ ۽ ”ايڏان“ طور ڪم آڻجن ٿا. جيڪڏهن
انهن لفظن جي اسان اترادي، جغدالي ۽ فراڪي محاورن
سان ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي اڃا وڌيڪ فرق محسوس
ٿيندو، مثلاً:
معياريلاڙياترادي جغداليفراڪي
ڪيڏانهنڪيڏانڪاڏيڪيڏيڪيڏي
جيڏانهنجيڏانجاڏيجيڏيجيڏي
تيڏانهنتيڏانتاڏيتيڏي تيڏي
هيڏانهنهيڏانهيڏيهيڏيهيڏي
هوڏانهنهوڏانهوڏيهوڏيهوڏي
ايڏانهنايڏانايڏيايڏيايڏي
مٿين لفظن کي ڀيٽ ڪندي اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته لاڙي محاورو
معياري محاوري کي ٻين محاورن کان وڌيڪ ويجهو آهي،
بلڪه انهن کان وڌيڪ معياري آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۾ لفظن کي گهٽائي وڌائي يا اڳتي
پوئتي ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙن محاورن ۾
اترادي، ماڇڪي، جغدالي، فراڪي ۽ کيترائي محاورا به
شامل آهن. پر لاڙي لهجي ۾ اهڙيون خوبيون موجود
آهن. مثلاً ”ڊڄڻ“ کي چون ”جڊڻ“
(1)
هن لفظ ۾ ”ڊ“ جو لفظ اڳيان ڦري وچ تي استعمال ڪيو
ويو آهي، جڏهن ته”ڄ“ جو حرف بدلجي ”ج“ طور
استعمال ٿيو آهي.
اهڙيءَ طرح جڏهن اسان ڪجهه لفظن کي غور سان جاچينداسون ته انهن
۾ اسان کي لاڙي محاوري ۾ جغدالي ۽ فراڪي محاوري
جهڙيون تبديليون به نظر اچن ٿيون. بلوچستان جي سبي
خطي ۾ ”جڏهن“، ”ڪڏهن“ ۽ ”تڏهن“ کي هيٺين طرح
استعمال ڪيو وڃي ٿو:
معيارياتراديماڇڪيجغداليفراڪي
جڏهن جڏهينجڏيِنجڏيِنجڏيِ
(1)
لاڙي محاوري ۾ ”جڏهن“ کي ”جڏيِن“، ”ڪڏهن“ کي ”ڪڏيِن“ ۽ ”تڏهن“
کي ”تڏين“ ڪري استعمال ڪجي ٿو، يعني انهن لفظن جي
”هه“جو اچار ”ي“ جي اُچار ۾ بدلجي وڃي ٿو۽ انهن جي
وسرگائي صورت بدلجي اوسرگ ٿي وڃي ٿي.
هاڻ جڏهن اسان لاڙي محاوري جو نحو جي روشنيءَ ۾ جائزو ٿا وٺون
ته ان ۾ ڪجهه فرق محسوس ٿئي ٿو ڇو ته آس پاس جي
ٻولين جي اثرن سبب جيڪو اثر پوي ٿو،ان جي ڪري لفظن
جي جوڙجڪ ۾ فرق پئجي وڃي ٿو. اسان جي ٻوليءَ ۾
نهه، لهه، مهه، ڙهه، ڻهه ۽ ڏهه، ڇهه اهڙا مرڪب حرف
آهن، جن کي عام طور ته مرڪب چيو وڃي ٿو، پر حقيقت
۾ اهي منفرد حرفن جي حيثيت رکن ٿا، ڇو ته لکڻ وقت
ته انهن جي ظاهري صورت ٻن جدا جدا حرفن جهڙي آهي،
پر ڳالهائڻ وقت اهي منفرد طور استعمال ٿين ٿا.(1)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، محترم علي نواز حاجن خان جتوئي ۽ مرحوم
محمد سومار شيخ جن اڪثر پنهنجن تصنيفن ۾ انهن جي
منفرد هجڻ جي وضاحت ڪندا رهيا آهن.
مٿين حرفن سان اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ استعمال ٿين ٿا.
مثلا، ”لهه“ مان ”ڳالهه“ يا ”ٿالهي“، ”لهه“ مان”
ڪانهي“ يا ”ٻانهو“ ، ”مهه“ مان ”سامهون“، ”ڙهه“
مان ”چاڙهي“، ”ڻهه“ مان ”ماڻهو“ ۽ ”ڏهه“ مان
”جڏهين“ وغيره،انهن لفظن جو اسان جڏهن لاڙي سان گڏ
مختلف محاورن جو جائزو ٿا وٺون ته اسان کي انهن جي
مرڪب بدران منفرد صورت نظر اچي ٿي ۽ نه صرف منفرد
بلڪ وسرڳ کان اوسرڳ به ٿيل استعمال ٿين ٿا. هيٺ
مثال ڏجن ٿا:
معياري جڏهن چاڙهي ٻانهو ماڻهو ڳالهه سامهون
اترادي جڏهين چاڙهي ٻانهو ماڻهو ڳالهه سامهون
ماڇڪي جڏيِن چاڙي ٻانو ماڻون ڳالهه سامون
جغدالي جڏيِن چاڙي ٻانو ماڻون ڳال سامون
فراڪي جڏي چاڙي ٻانو ماڻون ڳال سامون
کيتراڻي جڏِ چاڙ ٻانو ماڻون ڳال
سامون
ڪوهستاني جڏِهين چاڙي ٻانو ماڻون
ڳال سامون
لاسي جَر چاڙي ٻانو ماڻون
ڳال سامون
جدگالي جَر
چاڙي
ٻانو من ماڻون ڳال سامهون
لاڙي جَڏين چاڙي ٻانهو ماڻهو، ماڙهو، ڳال
سامهون
ڪڇي جڏِئيِن چاڙي ٻانو ماڻون
ڳال
سامون
ٿري
جڏئين چاڙي ٻانو ماڻون ڳال
سامون(2)
لاڙي محاوري ۾ ڪي خوبيون اهڙيون به آهن جن موجب معياري لفظن مان
”هه“ جو اچار حذف ڪريو ڇڏين. هونئن ته ٻين ڪيترن
ئي محاورن ۾ به ”هه“ جو اچار حذف ڪيو وڃي ٿو، پر
لاڙي محاوري ۾ ”هه“ سان گڏ انهن ڀر وارن حرفن کي
به حذف ڪيو وڃي ٿو. جيڪي ”هه“ جي اڳيان يا پويان
هجن، مثلاً:
معياري لاڙي حذف معياري لاڙيحذف
توهينتوينهه پهتوپوتو هه
آهيانآيانهه آهيآئيهه
يارهن يارهه-نٻارهن ٻارهه-ن
تيرهن تيرَهه-نچوڏهنچوڏَهه-ي
اوهانآنو-هه-ن آهياوءِ(1)هه-
ي
اهڙي طرح هن محاوري ۾ ڪي اهڙا لفظ به آهن جن مان ”هه“ حذف ڪري
”ي“ يا ”و“ جو اضافو ڪيو وڃي ٿو يا”هه“ بدران ”ءِ“
استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثلاً:
معياري(1)لاڙيحذفاضافو
اوهينآئينو-يءِ
اوهانآنو-ههآ
آهيآُوءُهه-يو- ءَ
جهڙوجيڙوههي
تهڙوتيڙو(2)ههي
ڪهڙوڪيڙوههي
پهتوپوتوههو
منهنجو موجون-هه-ن و
تنهنجو توجو(1)
ن-هه-ن و
هيٺ ڪجهه اهڙن لفظن جي لڙهي پيش ڪجي ٿي جن ۾ معياري کان ڪجهه
فرق محسوس ڪري ٿو سگهي.
معياريلاڙي معياري لاڙي
پنهنجوپانجوجنهنجين
ڪنهنڪينتنهنتين
ڇاڪجاڪربوڪرو
ڇڏيوڇڏوڏياريمڏياريهم
کانڪنانسڀنيسبهين
اچي وئي اوئيڄڻ ته ڄڻ
ڏينهن ڏينئنپويپوئي
ڏٺائينسڏيننسچونچوئن
اتان اوتاناتانايتان
پهتوپوئتوڀڃوڀنڃو
همتهميتخوشيکشي
ٻڌڻٻنڌڻپنساري پڻساري
ماڻهوماڙهودانهندانئن
هن محاوري ۾ ڪي اهڙا لفظ به آهن جيڪي معياري کان بلڪل مختلف
آهن، بلڪه ان قسم جا لفظ سنڌي ٻولي جي ٻين محاورن
۾ به استعمال ڪو نه ٿا ڪيا وڃن، ڊاڪٽر غلام علي
الانا جن ڪجهه اهڙا مثال پيش ڪيا آهن، مثلاً:
لفظمعنيٰلفظمعنيٰ
اجهي دل ۾ اچڻ آرا تکو وهڪرو ارٿسمجهاڻي
اڪارڻهڪلڻ آکرڻ قبول ڪرڻ آڙيڪوڪنڊو
آٺو صاف نه ٿيل آٺا ڳ آڳٽ ڀَٽون وڇون
جاڙهميشهآلو لسي آئي ٻڪري
مڇڻمتانپيال اوڀر ساتانو آتر(1)
لاڙي محاوري ۾ ڪي ننڍا محاورا به موجود آهن، جن ۾ ڪينجهر جو
محاورو، جاتي جو محاورو ۽ ماڃر محاورو شامل آهن.
ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي جي مصداق انهن محاورن ۾ به
فرق موجود آهي. مثلاً ڪينجهر ۾ ”خبر“ کي” کبر“ خير
کي ” کير“، ”ڪينجهر کي چون ”ڪينجر“،”ڪونهي“ کي
”ڪوني“،”سگهان“ کي ”سگان“.”لاهي“ کي
چون”لائي“.”آهي“ کي چون ”آئي“
(2)اهڙيءَ
” طرح جاتي واري محاوري ۾ به فرق آهي. مثلاً
هو”ماڻهو“ کي چون”ماڙو“،” ڳالهه“ کي چون ڳال“،
”يتيم“ کي چون”جتيم“،”آهي“ کي چون”اوءِ”،”آهين“ کي
چون”آئين“،”هنن کي چون”هنين“، ”نهاري“ کي
چون”نياري“،”پنهنجا“ کي چون”پانجا“ ۽”ڪنهن“ کي
چون”ڪين“
(3)
الانا غلام علي ڊاڪٽر، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو، 1977ع، ص 162
بروهي داد محمد خادم” سبي خطري ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني
جائزو“ پي ايڇ ڊي ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
سال 1990ع، ص 318
|