”هن قرآن پاڪ ( جي سمورن ورقن ۽ جزن) جو خدمت ڪندڙ، رب جي
معافيءَ جو اميدوار، بندن ۾ گهٽ حيثيت وارو،
فقير ابوبڪر پٽ محمد اسماعيل سومرو، رهندڙ شهر محمد طور.“
قرآن پاڪ تي ڪاتب جو نالو ۽ ڪو به سن لکيل نه آهي، هن مضبوط ۽
پڪ واري شاهدي ملڻ کانپوءِ هن شهر جي نالي جون
ٻيون سڀ پڙهڻيون رد سمجهي، هن کي ”محمد طور“ سڏڻ
گهرجي، جنهن کي مقامي ماڻهو محمد جي نالي جو ”د“
حذف ڪري محم (د) طور سڏيندا هئا. اسان جي عالمن
جو”طور“ کي ط يا ت سان لکڻ وارو اختلاف به هن
شاهديءَ کان پوءِ ختم سمجهڻ گهرجي.
سومرن جي هن شهر محمد طور جو آباد ٿيڻ به مختلف مٿي ذڪر ڪيل،
حوالن جي آڌار تي سومري حاڪم محمد طور( 639هه –
654هه/ 1241ع- 1256ع) جي نالي سان ۽ سندس دور
حڪومت ۾ سمجهڻ ۾ اچي ٿو. جنهن پنهنجي حڪومت جي
شروع وارن سالن ۾ هن شهر جو بنياد وڌويا ڪنهن
پراڻي آباديءَ کي پنهنجي نالي پٺيان نئون نالو ڏئي
آباد ڪيو. هن لاٰءِ واضح طور تڏهن ئي ڪجهه چئي
سگهبو، جڏهن هنن قديم آثارن جي باقاعدي کوٽائي ٿئي
۽ اهڙيون شاهديون ملن ته هي شهر سومري حاڪم محمد
طور کان اڳ به آباد هو، ان تحقيق ٿيڻ تائين مليل
حوالن ۽ شآهدين موجب هن شهر کي محمد طور جو آباد
ڪيل ئي سمجهڻ گهرجي، جنهن جي سنه بابت تاريخدانن ۾
ڪو گهڻو اختلاف نه آهي.
محمد طور شهر جي تباهي ۽ ڦٽي وڃڻ بابت مليل حوالن جي آڌار تي
غور ڪرڻ سان ان جا ٻه اهم سبب سامهون اچن ٿا.
پهريون سبب هندستان جي خلجي سلطان علاؤالدين محمد شاهه جي لشڪر
جو حملو چيو وڃي ٿو، هن دور بابت تاريخ جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان علاؤالدين محمد شاهه
خلجي( 695هه- 1295ع- 1315ع) پنهنجي چاچي جلال
الدين فيروز شآهه کي ماري، هندستان جي حڪومت هٿ
ڪئي ۽ وڏا انعام اڪرام ڏئي حڪومت جي اهم ڪارندن کي
پنهنجي ساٿ تي راضي ڪيائين.
هن کان اڳ سن 693 هه/ 1292ع ۾ سلطان جلال الدين پنهنجي پٽ
ارڪلي خان کي ملتان ۽ اچ ڏئي باقي رهيل سنڌ جي
حڪومت نصرت خان جي حوالي ڪئي هئي.
سلطان علاو الدين حڪومت هٿ ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ سن 696هه/ 1296ع
۾ ملتان ۽ سنڌ جي مسئلي کي اهم سمجهي پنهنجي ڀاءُ
الغ خان کي چاليهه هزار سوارن سان مقرر ڪري تمام
جلد روانو ڪيو، هن ملتان پهچي گهيرو ڪيو، ماڻهو ٽن
مهينن کانپوءِ تنگ ٿي قلعي مان ٻاهر نڪري آيا.
ارڪلي خان ملتان جي بزرگ شيخ رڪن الدين کي وچ ۾
آڻي امان ورتي ۽ ۽ ملتان مان نڪري ويو.
مٿين حوالي ۾ علاوالدين جي لشڪر جي ملتان کان اڳتي وڌڻ ۽ سنڌ ۾
داخل ٿيڻ جي ڪابه شاهدي نه ٿي ملي. ٻئي حوالي ۾
ٻڌايو ويو آهي ته ”سلطان علاو الدين نصرت خان کي
ڏهه هزار سوار ساڻ ڏئي ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽
ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪري، حڪم ڪيو ته هو ملتان ۽ سنڌ
جون سموريون سرحدون لتاڙي ۽ جتي به ڪو فسادي ۽
سرڪش موجود هجي ته انهيءَ جون پاڙون پٽي، هر طرح
جي دلجاءِ ڪري ۽ سنڌ جي قلعن ۽ شهرن تي معتبر
ماڻهو مقرر ڪري، پاڻ ملتان ۾ رهي“
مٿين ٻن حوالن کانسواءِ سنڌ تي هن دور ۾ ڪنهن فوج جي ڪاهه جي ڪا
به خبر ڪا نه ٿي پوي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته
سلطان علاوالدين پنهنجي سر سنڌ تي لشڪر وٺي ڪاهي
ڪو نه آيو هو، پر هن سنڌ تي مقرر ڪيل حاڪم کي امن
امان جي صورتحال سڌارڻ ۽ اندروني فسادن کي ختم
ڪرڻ لاءِ نصرت خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڏهه هزار سوار
ڏئي سنڌ جون سرحدون لتاڙڻ لاءِ موڪليو هو. تاريخ
جي مطالعي مان سنڌ جي مقامي حاڪمن جي نصرت خان سان
جنگ جي ڪا به خبر نه ٿي پوي، جڏهن ته سنڌ ۾ لوڪ
ادب جي روايتن ۾ دودي چنيسر جو قصو چنيسر جي دانهن
تي خلجي لشڪر جي حملي سومرن جي لشڪر جي مقابلي ۽
دودي جي شهادت جو ذڪر موجود آهي.
ممڪن آهي ته دودي ۽ چينسر واري اڻبڻت ان ساڳي دور ۾ ئي ٿي هجي ۽
چينسر، نصرت خان کي دانهن ڏئي سومرن جي تخت گاهه
محمد طور ڏانهن وٺي آيو هجي ۽ هن عظيم شهر جي
بربادي جو سبب سومرن جي لشڪر ۽ نصرت جي لشڪر ۾
دوبدو مقابلو هجي. هي واقعو 696هه/ 1296ع جو
سمجهڻ ۾ اچي ٿو.
محمد طور شهر جي تباهي جو ٻيو سبب درياهه جي رخ مٽائڻ ۽ هن
علائقي ۾ وهندڙ شاخن جو سڪي وڃڻ ٻڌايو وڃي ٿو. هن
بابت ملندڙ حوالن جي مطالعي مان هيءَ معلومات ملي
ٿي. سنڌ جي سرزمين جي سرسبزي ۽ خوشحالي قديم زماني
کان وٺي سنڌو درياهه جي وهڪرن تي ٻڌل آهي. جنهن جي
وهڪري جي رخ مٽجڻ سان سنڌ جا ڪيترا حصا آباد ۽ غير
آباد ٿيندا رهيا آهن. سومرن جي دور ۾ اڀرندي طرف
هاڪڙو( اڀرندو نارو) هڪ ڦاٽ جي صورت ۾ وهندڙ هو،
پر درياهه جو مکيه وهڪرو الهندي طرف پراڻ واري
ڍوري مان هو، جنهن جون شاخون ونگي وٽ هاڪڙي ڍوري
سان اچي ملنديون هيون ۽ پراڻ ۽ هاڪڙي جو گڏيل پاڻي
محمد طور کان اڳتي اڃا به هيٺ وڃي رڻ واري
ايراضيءَ کي آباد ڪندو هو، جيڪا سنڌ جي زرخيز
ايراضي هئي. سومرن جي حڪومت جي اوائلي ۽ وچئين دور
۾ انهن ايراضين جي زراعت ۽ زرخيزي ئي سومرن جي دور
جي آبادي ۽ آمدني جومکيه ذريعو هئي. لاڙ ۾ ساريون،
مڇي، بهه ۽ لوڙهه پڻ وڏي مقدار ۾ ٿيندا هئا. ماڻهن
وٽ چوپايو مال جام هوندو هو، جنهن ڪري کير، گيهه،
مکڻ جي ڪا به ڪمي ڪا نه هئي.
سومرن جي آخري دور ۾ جڏهن اروڙ وٽان هاڪڙي ناري جو منهن ريٽجي
ويو ۽ پراڻ واري وهڪري بدران درياهه جو مکيه وهڪرو
ڦري حيدرآباد ۽ ٺٽي وارين ايراضين مان وهڻ لڳو،
جتي سمن جون زمينداريون هيون. هن تبديلي ڪري سومرن
واريون ايراضيون ۽ سندن شهر ڦٽڻ لڳا ۽ ماڻهو اهي
علائقا ڇڏي ٺٽي ۽ ساڪري طرف اچي آباد ٿيا. وهڪري
ڦرڻ سبب گونگڙو گهڻو سڪي ويو،جنهن ڪري هن جي ڪپ تي
سومرن جو آباد شهر محمد طور ڦٽي ويو. سنڌوءَ جي
وهڪري جي اها تبديلي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد
طور شهر جي برباديءَ جو اصل سبب نصرت خان جي لشڪر
جو حملو آهي. جنهن جي ڪري هيءُ شهر تباهه ٿي ويو.
جنهن کان پوءِ ستت ئي درياهه جو رخ مٽجي ويو ۽
گونگڙي جي سڪي وڃڻ کانپوءِ رهيل آبادي به محمد طور
کي ڇڏي وڃي ٺٽي، ساموئي ۽ ساڪري جي علائقن ۾ آباد
ٿي. اهڙي طرح ستين هجري/ تيرنهن صديءَ عيسوي جي
اخر ۾ سومرن جي حڪومت جو هيءَ آخري تخت گاهه محمد
طور هميشه لاءِ ويران ٿي ويو.
هن شهر بابت سمورن تاريخي مسئلن تي غور ڪرڻ بعد، هن جي نالي”
محمد طور“ جي لغوي معنيٰ ڏسڻ به ضروري آهي. جيئن
”محمد“ اسان جي نبي آخري الزمان حضرت محمد صلي
الله عليه وسلم جن جو نالو مبارڪ آهي. جيڪو
مسلمانن ۾ عام طرح سان رکيو وڃي ٿو. سومري حاڪم جو
نالو به ”محمد“ هو، جنهن کي عام طرح تاريخدانن
”محمد طور“ لکيو آهي ۽ سندس نالي سان شهر جو نالو
به ”محمد“ طور ثابت ٿيو آهي.
مختلف عربي ۽ فارسي لغات کي ڏسڻ سان اسان کي هن قسم جا ٻه لفظ
”طُور“ ۽ ”طَور“ نظر اچن ٿا. ”“طُور“ جي مهنيٰ
جبل، جا گهر جي سامهون پيل زمين يا اڱڻ جي نظر اچي
ٿي، جڏهن ته ٻئي لفظ ”طَور“ جي معنيٰ حال، هيئت،
اندازو، مختلف حالتون، ٻن شين جي وچ ۾ فاصلو، ڪنهن
شئي جو ڇيهه، گول دائري جهڙو، رياست ۽ حدون پڻ ڏني
وئي آهي.
معنيٰ ڏسڻ سان هي ڳالهه ذهن ۾ اڀري ٿي ته جيڪر ”محمد طور“ پڙهجي
ته ان مان محمد جي مشابهت جبل سان ڪري سگهجي ٿي.
جيئن عام طرح چئبو آهي ته فلاڻو ماڻهو شينهن آهي
يا فلاڻو جبل آهي ۽ پوءِ ساڳي نسبت يا لقب سان شهر
تي به ساڳيو نالو پئجي ويو.
پر جيڪر ان کي ”محمد طَور“ پڙهجي ته ان جي معنيٰ محمد جي
رياست، محمد جون حدون يا محمد جي ملڪ جو ڇيهه
معلوم ٿئي ٿي. جيڪر هن معنيَ ۽ لفظ کي صحيح سمجهجي
ته پوءِ حاڪم جو نالو ”محمد“ ۽ شهر جو نالو ”محمد
طُور“ پڙهيو ويندو. جڏهن ته تاريخدانن ۽ مقامي
ماڻهن ۾ هيءُ نالو ”طَور“ نه پر ”طُور“ جي نالي
سان مشهور آهي.
نتيجا
هن مضمون ۾ مٿي ذڪر ڪيل مواد، تاريخي حوالا ۽ انهن تي غور ويچار
مان اسان کي سومرن جي آخري تخت گاهه محمد طور بابت
هيٺ ذڪر ڪيل نتيجا ملن ٿا.
* شاهڪپور ڳوٺ جي ڀر ۾ موجود قديم آثار سومرن جي آڳاٽي گاديءَ
واري شهر ”محمد طور“ جا آهن.
* سومرن جي هن شهر جو صحيح نالو ”محمد طور“ آهي. ثبوتن جي آڌار
تي ٻيا سمورا نالا رد سمجهڻ گهرجن.
* ”محمد طور“ شهر سنڌ جي سومري حاڪم محمد طور جيڪو سن 639 هه
کان 645 هه/ 1241ع کان 1256ع تائين حاڪم هو،
پنهنجي حڪومت جي اوائلي سالن ۾، پنهنجي نالي سان
گونگڙي جي ڪپ تي ٻڌرايو هو.
* محمد طور شهر جي تباهي ۽ ڦٽڻ جو اصل سبب سلطان علاؤالدين محمد
شاهه خلجي( 695هه – 715هه / 1295ع – 1315ع) جي
لشڪر جو نصرت خان جي اڳواڻيءَ ۾ سن 692هه /1296ع)
جو حملو آهي. جلد ئي درياهه جي رخ مٽڻ سبب هن شهر
جي ڀرسان وهندڙ گونگڙي شاخ جو پاڻي پڻ سڪي ويو.
* محمد طور، سومرا حڪومت جو آخري تخت گاهه، ستين صدي جي شروعات
39- 640 هه/ 41- 1242) ۾ آباد ٿي، پنجاهه – سٺ سال
پنهنجو اوج ماڻي، ستين صدي هجري جي آخر سن 696هه/
1296ع ۾ تباهه ٿي ڦٽي ويو.
* محمد طور شهر جي ڦٽڻ کانپوءِ ساڪري پرڳڻي ۾ محمد طور ثاني
آباد ٿيو. جنهن کي پوءِ رسول آباد سڏيو ويو. جنهن
جي بجاءِ پوءِ کرڙيءَ جو ڳوٺ آباد ٿيو.
مددي وسيلا
قرآن شريف (قلمي – خط نسخ ۾ لکيل)
اصل فقير ابوبڪر پٽ محمد اسماعيل وٽ شهر محمد طور ۾ موجود هو.
هاڻي عبدالله ورياهه وٽ ٽنڊي آدم ۾ موجود آهي، سن،
ستين صدي هجري/ تيرهين صدي عيسوي.
سيد طاهر محمد نسياني، مترجم: نياز همايوني
تاريخ طاهري، ٺٽي شهر جي تاريخ،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1988ع.
مير علي شير قانع ٺٽوي، مترجم: مخدوم امير احمد تحفة الڪرام،
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1989ع.
مير معصوم بکري، مترجم امير احمد، تاريخ معصومي، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد 1959ع.
خواجا غلام علي الانا
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1977ع.
اداراڪي بيگلاري، مترجم: خان بهادر محمد صديق ميمڻ، بيگلار
نامو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو 1973ع.
عبدالغني عبدالله
تاريخ سنڌ(ڀاڱو ٽيون) سومرا ۽ سمان
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1974ع.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سومرن جو دؤر
سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.1980ع
رحيم داد خان مولائي شيدائي
جنت السنڌ
سنڌي ادبي بورڊ،حيدرآباد.1958ع
مرزا قليچ بيگ
قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو
حيدرآباد 1921ع.(ٻيهر ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ)
پروفيسر محبوب علي چنا
مڪلي ٽڪريءَ جو سير
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1987ع.
لسان المعرب ابن منظورالافريقي
دار صادر، بيروت
حسن عميد، فرهنگ عميد
موسہ انتشارات امير الڪبير تهران – 2536.
M.H Panhwar, Chronological Dictionary of Sind
Institute of Sindhology, University of Sindh,
Jamshoro.- 1983
Henry Cousens, The Antiquities of Sindh, Oxfor
University Press, Karachi 1975.
M. Ishtiaq khan, Archaeology of Sindh,
Department Of Arcaheology and Musums,
Karachi.-1975
F. A Khan, Archaeology, No.2. Department Of
Archoeology & Museums, Karachi, 1956.
J. Abbott, Sindh. Al- Biruni, Lahore, 1978.
Eliot & Dawson, The History Of India Vol. 1,
Islamic Book Service, Lahore, 1976.
M.R Haig, Indus Delta Country,
Indus Publications, Karachi, 1872.
F. Steingass, A Comprehensiae Persian- English
Dictionary, Sung-e- Meel Publications, Lahore.
1977.
|