بدين ضلعي جون ٻه مشهور قومون
(جَتَ ۽ ملاح)
ڊاڪٽر سرفراز احمد، ڀٽي
بدين کي ضلعي جو شرف ته سن 1975ع ۾ حاصل ٿيو آهي، مگرهن خطي جي
تاريخ ايتري قديم آهي،جيتري سنڌ جي تاريخ. هن ضلعي
جي قديم تاريخ هڪ ته هتان جي دڙن ۾ دفن ٿيل آهي،
ٻي پٿرن تي اڪريل آهي ۽ ٽين راوين جي سينن ۾
سانڍيل آهي، مگر افسوس جو هتان جي ڪنهن به قديم
دڙي جي کوٽائي نه ٿي آهي ۽ نه وري پٿرن تي اڪريل
ڪتبن وغيره جي تحقيقات ڪئي وئي آهي، دڙن مان ملندڙ
قديم ترين آثارن، مثلاً.
B.O
324 يعنيٰ سڪندر مقدوني جي وقت جا، يا موريه
گهراڻي جي بادشاهه چندر گپت ۽ انهيءَ کانپوءِ
برهمڻ دؤر جا آثار موجود آهن، پر انهن ڏانهن اڄ
تائين ڪو توجهه نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري راوين
کان ملندڙ روايتن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنوويو آهي. اڄ
دڙا زمين دوز ٿيندا پيا وڃن، پٿر ڀرندا پيا وڃن ۽
پوڙها ويچارا موڪلائيندا پيا وڃن، اڄ به دڙن تي
نوادارت ڦاٽل ورقن جيان ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ ڪجهه
قومون ۽ قبيلا جيڪي هن خطي جي قديم تاريخ تهذيب ۽
تمدن جا مالڪ آهن، سي افسوس جو پنهنجي درخشان
ماضيءَ کان بي خبر آهن.
آڳاٽي دور جون ڪجهه سنڌي قومون، جن جو يونان، ايران ۽ عرب ملڪن
۾ وڏو ڏهڪاءُ هو ۽ جن جو عرب مؤرخن، جاگرافي نويسن
۽ سياحن وڏي شد و مد سان ذڪر ڪيو آهي، تن مان ٻه
قومون منهنجي اڄ جي مقالي جو موضوع آهن” جَتَ ۽
ملاح“ جيڪي اڄ به هتان جي ساحلي علائقن ۾ آباد
آهن.
جت، جنهن کي عربي زبان ۾” زُط“ چيو ويو آهي، لسان العرب ۾ لکيو
ويو آهي ته” جت هڪ ڪاري رنگ جي خالص سنڌي قوم آهي،
جيڪا قديم زماني کان عرب ۾ وڏي تعداد ۾ آباد هئي.
ڪن مورخن بلوچستان جي باشندن کي به ”جَتَ“ لکيو
آهي.
”الَزطُ جِيل اَسوَد منِ السندِ...... مَثل الَزنُجُ و الَزنجي
الرَومَ و المَروُمِي“(1)
علامه محمد طاهر لکي ٿو ته:
”وَ هَم جنِس منِ الاسَوَدِ مِن(السنود) و (النهود)“
(2)
يعني هي ڪاري رنگ جا سنڌي ۽ هندي جنس جا آهن.
تقويم البلدان ۾ بلوچن کي ”جَتَ“ لکيو ويو آهي، مثلا
”واما البلوص المذڪورون فَيَقال لهُم فِي زِ مِائَناالجَت“
انهن بلوچن کي اسان جي زماني ۾ ”جَتَ“ سڏيو ويندو هو. سندن
آبادي متعلق قديم جاگرافي نويس ابن خردازيه لکي
ٿوته:
”مڪران ۽ منصوره (سنڌ) جي ڪيترن ئي سئو ميلن تائين جتن جو
علائقو آهي. هن جي چوڻ مطابق فهرج (ايران) کان سنڌ
جي طرف اچڻ واري شاهراه جا هيءُ محافظ آهن، انهيءَ
جي تفصيل ابن خردازيه هن طرف بيان ڪئي آهي.
”منِ اَول مَکراَنِ اِليٰ الَمنصورَةِ ثَلث مَائةِ وَ ثمَانيِته وَ
خَمسُونَ فَرَسَخا وَ الَطريق فِي بِلادِ الزُط
وهَمُ حُفاظُ الطَريقِ“.(1)
يعني مڪران جي ابتدائي سري کان وٺي منصوره تائين 357 فرسخن جو
فاصلو آهي ۽ سڄو رستو جتن جي آبادي مان لنگهي ٿو.
هي ماڻهو انهيءَ رستي جا محافظ آهن“. اصطخريءَ سنڌ
(منصوره) کان ملتان تائين سڄي وچين علائقي کي جتن
جو علائقو ڄاڻايو آهي ۽ اتي جي سندن بستين ۽ ڳوٺن
وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.
(2)
سنڌ جي هيءَ قديم ۽ بهادر قوم عرب ۾ مختلف طريقن سان پهتي هئي.
ڪجهه بصره کان عمان ۽ بحرين تائين ساحلي علائقن تي
آباد ٿي رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ وغيره پاليندا هئا.
انهن مان اڪثريت انهن جي هئي، جيڪي شاهانِ ايران
جي فوج ۾ سپاهه بڻجي ايران ۽ عرب ۾ رهندا هئا.
سندن مرڪز ابله يعني بصره ۽ ڏکڻ يمن هو. ٻئي طرف
ايران ۾ تمام قديم زماني کان يعني هخامنثي دور ۽
ساساني دور حڪومت ۾ سندن وڏيون وڏيون بستيون ۽ با
رونق شهر آباد هئا. ابن خردازبه لکي ٿوته ” اهواز
کان فارس ( شيراز) ويندڙ شاهراه تي تقريبا 60 ميل
جي فاصلي تي جتن جو هڪ خوبصورت شهر ” سوق“ نالي
آباد هو، جنهن کي جتن جي نالي تي زُطيه يا زُطُ،
سڏيو ويندو هو.“
(1)
ابن خردازيه وڌيڪ لکي ٿو ته ” اهواز کان ازم تائين 6 فرسخ جو
سفر آهي ۽ ازم کان عبدين 5 فرسخ جي فاصلي تي آهي
۽ هرمز تائين 6 فرسخ آهن، پوء اتان زُط شهر 6 فرسخ
جي پنڌ تي آهي”
(2)
انهي شهر کان سواءِ خوزستان (ايران) جي علائقي ۾ به جتن جو هڪ
سهڻو ۽ وڏو شهر آباد هو ۽ اهو شهر ٻن علائقن ۾
ورهايل هو، جنهن کي ٻن جدا نالن سان سڏيو ويندو
هو، هڪ کي حومته الزُط يعني جتن جو علائقو ۽ ٻئي
خطي کي خابران چوندا هئا. اهي ٻئي علائقا ڪافي
وسيع ۽ عريض هئا ۽ ٻئي ندين جي خوبصورت ڪنارن تي
آباد هئا. اسطخري اقليم خوزستان جي وڏن شهرن جو
تذڪرو ڪندي لکي ٿو ته ” وحومته الزط و الخا برون
وهما واحد و الزط و الخابران هُما کورتان عامر تان
عليٰ نهرين جاربين.“
(3)
حومته الزط ۽ خابران ٻئي هڪ ئي علائقي جا نالا آهن، زط ۽
خابران ٻئي ٻن وهندڙ نهرن جي ڪناري تي آباد هئا.
ابن خلڪان لکي ٿو ته ” ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا جت ڪابل ۾ به آباد
هئا، انهن مان ئي امام اعظم، ابو حنيفه نعمان بن
ثابت زوطي بن ماه رخ پيدا ٿيو. ماهه يعني امام
حضرت ابو حنيفه رحه جو ڏاڏو، شاهه ايران جو نائب
هو، (ٿي سگهي ٿو ته ايران ۾ رهندڙ جت پنهنجي ذهني
قابليت ڪري. انهيءَ منزل تي پهتا هجن). نائب هجڻ
جي ڪري ڪن روايتن ۾ زوطي بن ماه جي بجاءِ نعمان بن
مرزيان آيو آهي.
(1)
سنڌي جتن جي زبان ۽ زندگيءَ جا اثرات عربي زندگيءَ تي به
پيا،جنهن جا ثبوت واضح نظر اچن ٿا، سندن خاص خاص
شيون ۽ عادتون، جيڪي عربن ۾ رائج ۽ مشهور ٿي ويون
هيون، انهن مان هڪ هئي مٿي ڪوڙائڻ جو رواج وغيره.
” وفِي الاخبار مَحلق راسہ زطيه، قيِل هُوَ مِثل الصَليب کانہ فِعل الزُط“
(2)
ڪن خبرن ۾ آيل آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سنڌ جي
جتن جي طريقي تي سر مبارڪ ڪوڙايو هو.
مجمع البحار جي مٿئين حوالي مان واضح ٿو ٿئي ته آيا پاڻ ڪريم جن
اهڙيءَ طرح مٿو مبارڪ ڪوڙايو هو يا ڪنهن اصحابي
سڳوري جو واقعو آهي، پر ظاهري لفظن مان اندازو ٿئي
ٿو ته خود رسول مقبول ضلعي الله عليه وسلم جن جو
واقعو آهي، انهي کانسواءِ جتن جي نسبت سان هڪ ڪپڙي
جو قسم عرب ۾ مشهور هو.
” الزُط جَيل اسود مِن السَند، الِيهُم تَنسب الشُبات الزُطيه“
”يعني جت سنڌ جا ڪاري رنگ جا ماڻهو آهن، انهن
ڏانهن ثياب زطيه“ منسوب آهي. انهيءَ عبارت مان
معلوم ٿئي ٿو ته ”ثياب زطيه“ هڪ ڪپڙي جو قسم هو،
جيڪو سنڌي جت تيار ڪري عرب جي بازارن ۾ فروخت ڪندا
هئا يا اها سندن ذاتي پوشاڪ هئي، جنهن جي ڪري هنن
ايڏي شهرت حاصل ڪري ورتي هئي.
سنڌي جتن جي ذريعي ڪجهه هندي راڳ ۽ سُر به قديم زماني کان عرب ۾
مشهور هئا، راڳ جا هيٺيان سُر عربن ۾ جتن جي وسيلي
پهتا. جاحظ بغدادي ” ڪتاب الحيوان“ ۾ هڪ شاعر جي
رجز نقل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن مڇر جي آواز کي جتن جي
نغمي سان تشبيهه ڏني آهي. ان رجز جو هڪ مصرعو هن
ريت ڏنل آهي: ” اِذ تُغنين غِناع الزُط“ يعني مڇر
جتن جي راڳ وانگر ڳائي رهيا هئا.
مٿئين تصريحات مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عرب ۾ جتن جون عادتون
۽ اطوار به مشهور هئا ۽ اها به خبر پوي ٿي ته عرب
۾ سنڌي جت پنهنجي مادري، قومي ۽ ملڪي تشخص ۽
خصوصيات قائم رکڻ ۾ آزاد هئا. مٿن عربي زندگي
ايتري مسلط نه ٿي هئي، جو هو پنهنجي زندگي بلڪل
وساري ڇڏين، پر ان جي برڪس هنن عربي زندگيءَ کي
پنهنجي عادتن ۾ اطوارن کان متاثر ڪيو.
اهڙي طرح جڏهن سنه 10 هجري ۾ بحرين مان بني حارث بن کعب جي
مسلمانن جو وفد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ سڳورن انهن کي ڏسي فرمايو
ته ” مَن هوءَ لاءِ القَومِ، الذي کانهم رِجال
الهند
(1)“.
II
اها هڪ تاريخي حقييت آهي ته هٿان جي جتن ۽ ملاحن فتح سنڌ کان
پوءِ به محمد بن قاسم جو ساٿ نه ڏنو ۽ مقابلو ڪيو،
جنهن جي نتيجي ۾ محمد بن قاسم هنن کي سخت سزائون
ڏنيون ۽ حجاج بن يوسف جي حڪم تي سرڪش جتن ۽ ملاحن
کي محمد بن قاسم ٻارن ٻچن سميت ڪڪر جي سنگلاخ ۽
پٿريلي علائقن ۾ ڦٽو ڪيو، مگر هنن اتي به آڻ نه
مڃي ۽ سخت دشوارين ۽ سختين جي باوجود هڪ چڱي خاصي
قوت يا طاقت حاصل ڪري ورتي ۽ خود عراق ۾ حجاج جي
ظلم کان تنگ اچي ڪيترا غلام ۽ بنو باهله جا موالي
۽ محمد بن سليمان بن علي جا نائنگي ماڻهو به ڀڄي
اچي هنن سان مليا. پوءِ سڀئي گڏجي اموي حڪومت جي
مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ حڪومت
۾ بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪا زني ڪرڻ لڳا.
پهريائين به جت عربن جي ٻيڙن کي ڦريندا هئا، پر
جيئن جيئن سندن جماعت وڌندي وئي،تيئن تيئن هنن جي
جرئت ۾ اضافو ٿيندو ويو، ايستائين جو مامون جي
زماني ۾ هنن بصره جو سڄو هيٺيون علائقو پنهنجي
قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ جيڪو به جهاز بصري کان نڪرندو
هو ته ان کي ڦريو ويندو هو، تنهن ڪري بغداد ۽ مصر
جي وچ ۾ نقل و حمل جو سلسلو بند ٿي ويو، جيڪو عمل
ڪافي عرصي تائين جاري رهيو، خليفي معتصم جي ڏينهن
۾ عجيف بن عنبسه، جتن کي شڪست ڏني ۽ ڪيترن کي
گرفتار ڪري بغداد وٺي ويو، جتان ڪجهه کي خانقين ۾
آباد ڪيو ۽ زياده تعداد کي عين زريه ۽ ٻين سرحدي
علائقن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
مسعودي پنهنجي ڪتاب ”التنبيه و الاشراف“ ۾ لکي ٿو ته: ” معتصم
جي زماني ۾ هندستان جا گهڻا جهاز گرفتار ڪيا ويا
هئا، انهن ۾ هڪ وڏي جماعت هئي، جا ساحلِ فارس،
عمان ۽ بصري جي درمياني علائقي ۾ ڦرلٽ ۽ قتل ۽
خونريزي ڪندي رهندي هئي ۽ ٻيو هندستان ۾ قحط ۽
گراني ڪري هيءُ ماڻهو وڏي تعداد ۾ نقل مڪاني ڪري
اچي ڪرمان، فارس ۽ اهواز جي علائقن ۾ آباد ٿيا هئا
۽ انهن کي هتي وڏو غلبو حاصل ٿي ويو هو. معتصم
انهن کي اتان ڪڍي خانقين، جلولاءِ ۽ شام جي هڪ شهر
عين زريه ۾ آباد ڪيو، تنهن کانپوءِ ملڪ شام ۾
مينهن پالڻ جو رواج پيو. تنهن کان اڳ اهل شام ڪڏهن
مينهن ڏٺي ئي ڪا نه هئي.
ميد يا ملاحَ
.
ميد لفظ متعلق محققن جو خيال آهي ته هي خالص عربي زبان جو لفظ
آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ” حرڪت ڪرڻ، سمنڊ جي
بدبودار هوا ۽ ويرن يا ڇولين جي اثر کان مٿو ڦرڻ ۽
قي يا الٽي ڪرڻ ۽ موائد يا ماوَر جي معنيٰ آهي”
دوا يا سخت مصيبت ۽ مشڪلات. سيد لفظ جي حقيقت کان
آگاهه ٿيڻ لاءِ لسان العرب جي تفصيل جو جائزو
ضروري آهي.
فراءِ چوي ٿو ته مون عربن کي ائين چوندي ٻڌو، ته سيد اهي ماڻهو
آهن، جن کي سمنڊ ۾ چڪر، غشي ۽ قي اچڻ لڳي يعني اهو
هڪ سامونڊي بيماري جو نالو آهي. انهيءَ کي استلاحن
سامونڊي بلا يا مصيبت به چيو ويندو آهي، ته پوءِ
سنڌ جي هيءَ ساحلي علائقن ۾ آباد قوم عرب جهازرانن
لاءِ هڪ وڏي بلا يا مصيبت هئي، هر ايندڙ جهاز کي
ڦريندا هئا، عربن انهيءَ ڪري هن قوم کي ميد نالو
ڏنو. تنهن کانپوءِ سيد لفظ جو مطلب ئي بحري ڊاڪو
ٿي ويو.
ميد قوم، سنڌ ۽ گجرات جي ساحلي علائقن تي آباد هئي، سندن مذهب
ٻڌ هو. ابن خردازبه،سنڌ کان هندستان جي ساحلي رستي
جو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”مهراڻ (درياهي سنڌ
کانپوءِ) جي پهرين منزل کان پوءِ سرڪش ڊاڪن جو
سلسلوشروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي منزل تائين پوري علائقي کي
سندن نالي تي سيدن جو علائقو چيو ويندو آهي“.
انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي هيءَ
قوم تجارتي جهازن لاءِ ڪيڏو نه وڏو خطرو بڻيل هئي،
تنهن ڪري عربن هنن کي هڪ وڏي مصيبت قرارڏيندي هڪ
بيمار جو نالو سيد ڏنو.
دراصل هيءُ بحر جا بادشاه هئا، جنهن ڪري هنن تي ڪنهن به بحري
حڪومت جو حڪم ڪو نه هلي سگهندو هو. ايراني کين
اميرالبحر به سڏيندا هئا، هنن جو ٻيو نالو آهي
ملاح، جيڪو پڻ عربي لفظ آهي، هن لفظ جي وضاحت سيد
سليمان ندوي هن طرح ڪئي آهي:
” عربن ۾ جهاز راني لاءِ سڀ کان عام لفظ ”ملاحة“ آهي،جيئن ته
سمنڊ جو پاڻي کارو ۽ نمڪين ٿيندو آهي ۽ عربي ۾
کاري ۽ نمڪين کي ” ملح“ چيو ويندو آهي، تنهن ڪري
سمنڊ جي پاڻيءَ مان لوڻ يا نمڪ ٺاهڻ کي اولاً ملاح
چيو ويو،پوءِ سمنڊ ۾ وڃڻ واري کي ملاح چوڻ لڳا ۽
انهي سان ”فعالة“ جي وزن تي ”ملاحة“ يعني جهاز
راني جي پيشي يا ڌنڌي کي چوڻ لڳا، ٻيو لفظ انهي
لاءِ سفالته آهي جيڪو ظاهر آهي سفينة مان ٺهيل
آهي. تنهن ڪري جهاز راني کي ملاح ۽ سفان چوندا آهن
۽ بحار جو لفظ به استعمال ٿيندو آهي جيڪو بحر مان
ٺهيو آهي.
خليج فارس جي سنڌي ۽ عرب جهاز رانن مان ڪن کي لفظ” فاخوذة“ جي
نالي سان سڏيندا هئا. ان لفظ جو جمع نواخذة ٺاهيو
ويو آهي. ماهرين لسانيات جي چوڻ مطابق هي لفظ هندي
فارسي جي ترڪيب تي ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي اردو
دانن” ناخدا“ لکيو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ان لفظ کي”
ناکئا“ چيو ويندو آهي، مثلاً شاهه سائين جي بيتن ۾
ناکئا لفظ استعمال ٿيو آهي:
”ايهين ڪج پاتڻي، جنهن پر پرينءَ مران،
ڪارون تي ڪريان،تو دَر اُڀي ناڪئا!“
سري راڳ ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته؛
”بَندِر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سُمهو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو سُورُ سهي، ننڊ به نه ڪجي ناکئا“.
مختصرن سنڌ جا هيءَ کاري کيڙائون دنيا جي وڏن ۽ عميق بحرن يا
سمنڊن کي زير ڪري چڪا هئا، اهڙي طرح جڏهن بحرروم
۾پهتا ته عربن بحر روم ۾ جهاز هلائيندڙ لاءِ
”نوتي“ جو لفظ استعمال ڪيو،انهي ذات واري قوم اڄ
به سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ موجود آهي، لفظ نوتي،
جاهليت جي دور جي شعرن ۾ به مليو آهي، (اعشي) ۽
صحابه الڪرام جي نالي ۾ به مليو آهي،.
اهل لغت نوتي لفظ جي معنيٰ هي ٻڌائن ٿا؛
”والنوتي الملاح الذي يدبرالسلفينته“
(1)
يعني نوتي،ملاح جيڪو جهاز جو سڄو انتظام ڪندو آهي.
نوتي لفظ کي عربي وزن ۾ ڪري ”نوات“ جي صورت ۾ به استعمال ڪيو
ويو آهي، مثلا هڪ آيت جي تفسير ۾ حضرت ابن عباس
رضي الله تعاليٰ عنه کان مروي آهي ته
” انهم کانو انوانين اي ملاحين“ اهي ماڻهو نوات يعني ملاح هئا،
ماهرين لسانيات مطابق اهو لفظ عربي زبان ۾ قديم
زماني کان موجود ته هو مگر خالص عربي نه آهي.
جوهريءَ، صحاح ۾ هن لفظ جي تشريح ڪئي آهي ته ” هي اهل شام جو
محاورو آهي.
”وهو من کلام اهل الشام“.
(1)
انهيءَ تشريح مان معلوم ٿئي ٿو ته رومي رستي کان
”نوتي“ لفظ شام مان ٿيندو عرب ۾ آيو آهي، اهو لفظ
اصل ۾ رومن ملاحن لاءِ استعمال ڪيو هو، جيڪو
لاطيني لفظ
Nautais
آهي، جنهن مان فرينچ لفظ
Nautique
۽ انگريزي لفظ
Navy،
نيويگيشن
Navigation،
نيول
Naval ۽ نائيڪل
Nautical
وغيره لفظ ٺهيا آهن.
هند جي لاڙ واري حصي ۾ ساحل سمنڊ جي قريب هيءَ قوم نوت يا نوتي،
قديم ايامن کان آباد هئي، جن جا ٻيڙا يا جهاز بحر
روم تائين ويندا هئا، سيد سليمان ندوي هن کي عرب
ڄاڻايو آهي، هيءُ لکي ٿو ته ”ڏکڻ هندستان ۾ هڪ
عربي النسل قوم ”نائت يا نوائت“ آباد آهي، خيال
ٿوٿئي ته هو انهن ئي نواتين يعني عرب جهاز رانن جي
اولاد آهن، جيڪي بعد ۾ هندستان جي ساحلن تي آباد
ٿي ويا“.(2)
اهو فقط سيد سليمان ندوي صاحب جن جو خيال آهي، کين يقين ڪو نه
هو،دراصل هي خالص سنڌي قوم آهي ۽ سنڌ جي ملاحن جو
هڪ پاڙو يا نک آهي ۽ سنڌ جا ملاح سڪندراعظم جي
ڏينهن يعني سن 324 ق-م ۾ به هت آباد هئا ۽ سندن
مقابلا سڪندر سان ٿيا هئا.(3)
ملاح جي لاءِ هڪ ٻيو لفظ عربي ۾ ”داريءُ“ اچي ٿو، هي لفظ به
قديم آهي، حضرت علي عليه السلام جي شعر ۾ پڻ آيو
آهي.
(4)
داري لفظ جي معنيٰ آهي، اهو ملاح جيڪو جهاز جي بادباني جو
انتظام ڪندو هجي.
(1)ملاح
جي لاءِ ٻيو لفظ آهي،”صاريءُ“ اهو لفظ زماني
جاهليت جي دور جي شاعر اعشي ميمون جي قصيده ۾ ملي
ٿو(2)
اهي سڀ ملاحن جون نکون يا پاڙا آهن، جيڪي اڄ به سنڌ ۾ موجود
آهن.
لسان العرب، ج -7، ص – 308.
مجمع بحارالعلوم ج -2، ص -62 .
ابن خردازيه، المالڪ و المالڪ ص -56
اصطخري السالڪ المالڪ ص 25 (روبلدالن هوال مفورته واراض الزط وما والاما
اليٰ الملتان).
ان خزداريه ”من الاهواز اليٰ ازم سئته فراسخ و من ها عبدين خس فراسخ، شم
اليٰ ارم هرمز ستته فراسخ ثما اليٰ الزط ستته
فراسخ“ ص- 44
(1)
عرب و هند عهد رسالت ۾، ص 76
(2) المالڪ اولمالڪ 62
لسان العرب في ڪلام ابن عباس رضي الله تعاليٰ عنهه، 163
|