بياد آري مصيبت سابقاني
وصيت شاهه و پذرفت و بکو چيد
بدهلي آمد آن سلطان جاني
شدند آنجا ز ساداتش مريدان
فيوضي يافتدار شهنشاهي
ورانجا شدروان سوي خراسان
بعقبش فوج فوج سالکاني
و زانجا وهگرا گر ديد و آمد
بملک خود بغرو اصلاحي
هلال آساچوطي کرده منزل
بگشته بدر بس روشن رواني
با رشاد خلايق بسکه بکشاد
خوارق عاداتش اندر جهاني
بسوي حضرت او ميد و يد ند
طلبگاران حق از هر مکاني
ز مُلايان حسد سر زد چو دهد ند
نبزدش اڙ دهام از مرد ماني
بحرش نسبتي داد نس از بغض
چو هريکي از رسل را کافراني
(بحا)کم سنده عباسي نمودند
ز سطوت خسروانه او بياني
بشور آمد ولي ازدست جودش
نلگشته منصوم اين قسم شاني
نوشتند از هجوم خلق بسيار
سوي فرخ سير شه جاهلاني
پراشفت از مکاتيب حسودان
بينديشيد نادان سنت جاني
فرستاده مدد عباسيان را
که تا ريزند خون جان جهاني
چوشد افواج اعداد مستعد جنگ
بمشتاقان بگفت آند دل ستاني
که اي ياران همه تادست بسته
بيا باشيه در صف امتحاني
که اين خود ناز محبوب حقيقي است
نوازش عين بهر عاشقاني
فقيران دست بسته در صف جنگ
بقتل قوم از خود رستگاني
باندک مد اين خرقه ببر کرد
قبائي خاص قرب جا وداني
هزاران در عدد بودند ليکن
فکنده سر بپائي قاتلاني
چو نوبت شاه والا جاءِ آمد
بپازده شخص باقي ماند(گاني)
بمسلخ عشق از زانو در آمد
نشسته راجي آن مزد گاني
رسيده قاتلي بيرحم چون شمر
بغرقش زد دوسه زخم گراني
نگشته کار گر آن هرسه زخمش
بران پير طريقت راز داني
بگفتندش تواين تيغم بدست ار
که دست مردِ تست اداني
پس افتادند ساجد بيخوانه
سرپا محو نور بي نشاني
هري کو گوهر تاج قدم بود
جدا کرد آن سرسنگين دلاني
و از امر شهادت شيخ پر دخت
کمر بسته بقتل ديگراني
پس از نزع رو اهنا ذڪر ذاتي
شده پيدا از پير5 و پيراني
سر هرو سوار نيزه کرد ند
شده اسريٰ بهبده، را بياني
به تهته چون رسيد ان سر مبارک
شنيده خلق زد نطق عيالي
بعقب سو مبارک ميرو يد ند
ز معتقدان گروه جا نقشاني
همي رفتند راهي تا رسيدند
بدهلي پيش شام مفسعاني
چون آن مغرور مال و جاهه ديده
سر سرور شده بس شادماني
دو کس بر خاسته از مجلس او
که بودند از گروه طالباني
دو سيد صاحب وجد و محبت
زد ندش تيغ هاي جانستاني
شد آن سعدين را يا حق قراني
چو اختر دهلي آمد رهيو طي
سر سرور رسانيندند در سنده
بصد عزو کرامت دوستاني
چودر ميران پور آمد راس اشرف
نبو شُد ماتم اندر خادماني
سر پيوست با جسما مطهر
درون روضئه رشک جناني
چو دل سال شهادت جست جان گفت
شهيد حق همو مرشد زماني
سنه 1130 هه
سر مبارڪ جون ڪرامتون:
شاهه عنايت کي شهيد ڪري جڏهن سندن سر مبارڪ ٺٽي کڻي آيا تڏهن
اتي سر مبارڪ جو گشت ڪرايائون، ٺٽي جو هڪ فقير،
جيڪو سدائين ماٺ ۾ رهندو هو. تنهن سر مبارڪ ڏسي
چيو ته؛
پير پريان جي پڙ ۾، ڪنهن چئي ته پاءِ
هڪدم سر مبارڪ جواب ڏنو ته:
عمر يست که قصئه منصور ڪن هن شد
جهوڪ واري جنگ کان اڳ مخدوم معين کين چورائي موڪليو هو ته :
جگر شير نه داري، سفر عشق مکن
سر مبارڪ کي گهٽين ۾ گشت ڪرائيندا جڏهن مخدوم ٺاري (معين) جي
گهر وٽان آيا ته اتفاق سان هو پنهنجي گهر جي در تي
بيٺو هو. ان وقت سر مبارڪ هيٺيون شعر چيو (1)
جيڪو ڄڻ مخدوم ٺاري کي جواب هو ۽ پنهنجي مرشد
عبدالملڪ جي فرمان جي تڪميل هو؛
سر در قدم يا فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد،
شاهه شهيد جو اولاد:
کين ٽي فرزند هئا، جن جا نالا اڳ ۾ اچي چڪا آهن ۽ وڏي فرزند
شاهه خليل الله جو ڪي قدر احوال ڏٺو ويو آهي. هتي
سندن بي اولاد جو مختصر احوال ڏنو وڃي ٿو؛ شاهه
عزت الله
(1)
شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت
ميران پور ۾ موجود نه هو. شاهه شهيد جي شهادت کان
پوءِ پڙهو گهمرايو ويو هو ته ؛ جتي به ڪو صوفي ڏسو
ته ان کن قتل ڪري سر کڻي اچو ۽ انعام حاصل ڪريو.
هن سلسلي ۾ مير علي شير قائع لکي آهي ته ؛ ان
کانپوءِ ( شهادت کانپوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمرائي
ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو ( يا الله) جو نعرو نه
هڻي، جيڪو حڪم عدولي ڪندو، تنهن کي ترار جي ڌار تي
رکيو ويندو.
(2)
اهي ڳالهيون ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. جڏهن اجمير واري خليفي
خواجه عبدالله عرف حاميد کي ان سانحي جي خبر پئي
ته ڏاڍو ڏک ٿيس، دهلي جو هاڪم سندس معنق هو، هن ان
وٽ وڃي پنهنجي مرشد جي لاءِ سفارش ڪئي، بادشاهه کي
قائل ڪري صوفين جي سر وڍڻ وارو حڪم منسوخ ڪرايئين
۽ سنڌ اچي شاهه عزت الله کي گاديءَ تي وهاريائين،
شاهه عزت الله سنه 1182ع ۾ وصال ڪيو.
شاهه سلام الله:
شاهه شهيد جو ٽيون فرزند هو، سندن ولادت سنه 1130هه ۾ يعني شاهه
عنايت جي شهادت واري سال ٿي، ان وقت سندن عمر
مهينو سوا هئي، انيس المساڪين ۾ آيل آهي ته ”
جڏهن صوفي صاحب جي شهادت جو وقت ويجهو آيو ته
تڏهن پاڻ اندر صوبلي ۾ ويا ته ان وقت شاهه سلام
الله پينگهي ۾ ستل هو، سندن ڀرسان بيهي پنهنجو تاج
مبارڪ لاهي سندن سيراندي رکيائون ۽ پنهنجي گودڙي
پڻ سندن پاسي ۾ رکيائون.
شاهه سلام الله جڏهن پندرهن سورهن ورهين جا ٿيا ته ٺٽي وڃي شاهه
عبداللطيف ٺٽوي سان مليا، جنهن کين الله واري واٽ
ڏسي، پوءِ اتان موٽي ميرنا پور آيا، جتان بنان
ڪنهن کان موڪلائڻ جي سير سفر تي نڪتا، ڪجهه
فقير به سندن پويان هلندا رهيا، تان جو رياست
خيرپور ۾ ڏير آوريءَ واري ڀٽ تي اچي ويهي رهيا،
اها ڀٽ روهڙيءَ کان اٽڪل هڪ سئو ڪلو ميٽر اوڀر طرف
ناري جي ويجهو آهي، 12 ورهيه اتي رهي رياضتون
ڪيائون، پوءِ هاڻوڪي تجل شريف واري هنڌ آيا.
جڏهن سندن وصال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجن مريدن کي چيائون
ته ” اسان کي هتي دفن ڪجو“ اسان جا عزيز ااسن جا
لاش ميرانپور کڻائي ويندا پر اسان جو روح هتي
هوندو، يعني گڏ ميرانپور ۾ سڏ تجل ۾، سندن وصال
1183هه ۾ ٿيو، مريدن وصيت موجن کين اتي دفن ڪيو،
پر ٿوري عرصي کانپوءِ سندين عزيز لاش ڪڍي ميران
پور کڻي ويا، مير سهراب خان ٽالپر والي خيپور سندن
وهڻ واري هنڌ ( ٿلهي) جي مٿان قبول ٺهرايو، ان
ٿلهي تي صوفي صاحب جا ويس ۽ حال ڌاڳا رکيل هئا، هر
سال تجل ۾ 25 کان 27 ذوالحج تئاين ميلو لڳندو آهي،
جتي هزارين عقيدت مند اچي حاضر ٿيندا آهن.
سندن وصال کان پوءِ سندن نياڻو محمد زاهد گاديءَ تي ويٺو، مير
علي شير قائع لکيو آهي ته ” هيءُ انهي گهراڻي جو
روشن ڏيئو آهي
(1)
محمد زاهد وڏي ڪمال جو صاحب هو، کيس ٽي فرزند هئا،
ميان ابراهيم شاهه، شاهه فضل الله قلندر ۽ نور
الله شاهه، سندن وصال 1216ع ۾ ٿيو، کانئن پوءِ
ميان ابراهيم شاهه مسند نشين ٿيو. 13 ورهيه گاديءَ
تي رهي 1229 هه ۾ وصال ڪري ويا.
هن خاندان ۾ شاهه فضل الله قلندر جيڪو شاهه عزت الله جو نياڻو ۽
محمد زاهد جو وچون فرزند هو، سو پنهنجي وقت جو وڏو
ولي الله هو، 18 ورهين جي ڄمار ۾ نو مهينا پراڻي
ميرانپور ۾ وڃي رياضتون ڪيائون، اتان وري ٽنڊي
غلام علي ويجهو شاهه ديوا جي مقام جوڳ پچايائون،
بعد ۾ چاليهه ڏينهن دلوريءَ ۾ ويٺا اتان وري ڪبير
سال جي کوهه تي مراقبي ۾ ويهي رهيا، ڪيترائي سندن
مريد ٿيا، جن ۾ مسلمان، مينگهواڙ، راجپوت شامل
هئا، سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن؛ فقير
محمد صديق اهر وارو، قاضي عبدالله، پريو سومرو،
موٽيو حجام، يوسف شاهه، ڀوڄو مينگهواڙ، ڀائي خان،
عالم خان، نظاماڻي ڪرم علي جلالاڻي، دلو فقير
لاشاري گند واهه وارو، عطر فقير لاشاري گندا واهه
وارو ۽ نورنگ فقير جلالاڻي، سندن وصال 27 جمادي
الثاني سنه 1238هه ۾ ٿيو، سندن وصال جي قطع تاريخ
فقير قادر بخش بيدل هن ريت چئي آهي؛
تاريخ ويال سرتاج صوفيان آگاهه
حضرت مولانا شاهه فضل الله قلندر قدس سره
چو حضرت شاهه فضل الله صوفيڍ
قلندر وقت سلطان معانيڍ
زهي مشهد تجليات بيچون
زهي مظهر فيوضات عياني
زهي ساقي که در ميخانه عشقش
هزاران مست از جام نهاني
نگا ش مهتدي را موصل ذات
ز فيضش منتهي در کامراني
مکمل و مرشد و سرتاج خاصان
برون زد خيمه زين معما فاني
مسار السطنت هاهوت جانش
نشسته بر سرير جاودالي
بجستم سال معراجش دلم گفت
موّحد عين منصور ناني
سنه 1243 هه
سندن خليفا:
حضرت شاهه شهيد جا 40 خليفا هئا، جن مان 14 گهڻو مشهور آهن،
سڀني ۾ وڏو مير جان الله شاهه رضوي هو، هتي انهن
مان ۽ خليفن جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
مير جان محمد شاهه: وڏو عابد زاهد هو. بهترين خطاط هو، قرآن
مجيد لکي ان جي اجوري مان گذر سفر ڪندو هو، سندن
هزارين مريد هئا، جن مان ميان باقر علي شاهه بڪار
وارو ۽ شاهه عبدالنبي گندا واهه وارو غلام رسول
پٺاڻ ۽ شاهه عبدالوهاب شاهه گهڻو مشهور آهن: فارسي
زبان جو بلند پايه شاعر هو، سندن ديوان، ديوان
مير، ۽ سندن پوٽي جان الله شاهه عاشق جو ديوان
عاش، سندن پوين وٽ محفوظ آهن، ديوان مير تي محمد
اسحاق ابڙي صاحب فارسي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي.
شاهه صاحب کي ٽي فرزند هئا؛ الهرکيو شاهه، مير قلندر علي شاهه ۽
مير منور علي شاهه، فقيري واري امانت مير قلندلر
علي شاهه کي ملي، شاهه صاحب 1176هه ۾ هيءُ مٽيءَ
جو ملڪ ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، فقير قادر
بخش بيدل سندن وفات جي قطع تاريخ هو ريت چئي آهي:
تاريخ وصال صاحبان کريمان مير جان الله قدس سره
سيد سادات سلوڪ و صاف
خاروق ءَ ادات عقول وهنا
گل ز گلستاني نبي و ولي
غوث شبستان شر کربلا
جان محمد رضوي بهکري
غوغث زمان زبده آل عبا
قادري و صوفي ز ديوان او
صاحب ارشاد کئير العطا
نصد هر بيت ز ديوان او
منزل سالک ره دين و هدا
خطئه نسانوت از و بهره ور
محفل ملکوت از و پر ضيا
جوش بجروت ز اجلا اوست
يافته لاهوست ز دانس بقا
جرعه فيضش به تحيير فزود
ياده کش ساغر با هوت را
گشت چو پيراست در ملک ذات
سسند هاهوت از ان بادشا
جان طلب از سال عروجش نمود
مرشد وقت و قطب آمد ندا،
1167 هه
2- شاهه عبداللطيف ٺٽوي:
هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، شاهه اسماعيل صوفي ۽
علامه محمد معين ٺٽوي جو گهرو دوست هو، موسيقي جو
ماهر هو، فارسي زبان جو سٺو شاعر هو،” مشهوري کان
ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو“
(1)
شاهه سلام الله ٿر ڌڻي کي هن فقير فيض پهچايو
هو.(2)
3-عبدالڪريم ٺٽوي:
هن خليفي شهه شهيد جو روضو مبارڪ جوڙايو، روضي جو ڪم گهڻو ڪري
رات جو هلندو هو، اهل بيت پڻ عقيدت مان چولي جون
تغاريون ڍوئيندا هئا، اهي سيد
ٺٽي ۾ صوفي سيد سڏبا آهن .(3)
4- محمد اسحاق:
هيءُ فقير نصرپور جو ويٺل هو، روحل فقير ڪنڊريءَ وار سندن اولاد
مان آهي.(4)
5- محمد صدي ڀيڏن وارو:
هيءُ ذات جو لاکو هو ۽ هالا تعلقي جو ويٺل هو، ميڙي جي شروعات
هن خليفي جي رٿ سان ٿي، پوءِ هر سال ميلو لڳندو
رهيو، جيڪو اڃا تائين لڳندو اچي.
6- خواجه عبدالله عرف حاميد:
هيءُ اجمير وارن بزرگن مان هو، هن خليفي دهلي جي حڪمران کان
پروانو وٺي صوفين جي مارڻ ۽ ( يا الله) چوڻ واريون
پابنديون ۽ قهري قانون منسوخ ڪرايا، سنڌ اچي شاهه
عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو.
(1)
7- سليمان هندي:
هيءُ خليفو پنج سئو هندي فقيرن سان حضرت صوفي صاحب سان گڏ هند
کان سنڌ آيو هو ۽ سليمان هدي سڏبو هو، وڏو بهادر
انسان هو، رياضتون ڪري وڏي مقام تي پهتو، 1130 هه
۾ پنهنجي مرشد سان گڏ شهيد ٿيو.
8- اڊن اوراهه وارو:
هيءُ ذات جوڳ سمون هو، وڏيون رياضتون ڪيائين، اڪثر ٻڪريءَ جي
تازي کل وٺي بدن تي پائي ڇڏيندو هو، اٺ ڏينهن اها
کل چڙهي پئي هوندي هيس.
9- شاهه اسماعيل ٺٽوي:
سندن اصل نالو اسد الله هو، حضرت صاحب جو پيارو خليفو هو، صوفي
صاحب کي پنهنجي ڀيڻ جو سنگ ڏنو هئائين، مقلات
الشعراءَ ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس احوال آيل آهي،
مولانا وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته ؛
شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ڪرامتن ۾ وڏي
ڪرامات جو مالڪ هو. شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ
واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هوس.
(1)
انيس المساڪين(قلمي) قاضي غلام مهدي ص 35
مٿين شعر جو ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم هن
ريت منظور ترجمو ڪيو آهي
سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هيءُ فرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو،
تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون، مولانا وفائي،ص 82 سنڌي ادبي بورڊ سن 1986
(2) انيس المساڪين قاضي غلام مهدي(قلفي) ص 65
انيس المساڪين قاضي غلام مهدي (قلمي) ص 68
|