سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

باب؛ --

صفحو ؛ 13

 

صوفي شاهه عنايت شهيد

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

ٻارهين صدي هجري وارو عرصو سنڌ لاءِ سورن ۽ مصيبتن وارو دور هو. مغلن جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي. ٺٽي ۾ مغلن جا گورنر جلدي تبديل ٿيندا  ٿي رهيا، ان دور ۾ سنڌ  واسين ۾ هڪ ٻئي لاءِ بغض ، ڪينو، ساڙوڌي ويو هو. مغلن جي گورنرن جا ظلم، زميندارن جون زيادتيون. ۽ ڏُڪار اهي سڀ مصيبتون اچي سنڌ تي ڪڙڪيون هيون. علامه دائود پوٽي مرحوم ڪهڙو  نه صحيح لکيو آهي ته: ” ان وقت ٺٽي جو ناظم لطف علي خان معزول ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي نواب اعظم خان دهليءَ پاران مقرر ٿيو هو، سندس اٽڪل چئن سالن جو عرصو اهلِ سنڌ لاءِ نحوست جو زمانو هو هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو ته ان وقت ۾ حق  شناس حضرت شاهه عنايت الله جي شهادت جو واقعو پيش آيو“.(1)

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاهه شهيد جي سوانح ۽ سندن ڪارنامن بابت سڀ کان گهڻو ۽ معياري ڪم سيد حسام الدين راشدي مرحوم ڪيو. ”شاهه  هنايت شهيد جي سوانح جا ماخذّ“ ۽ ”سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ. “ سندن اهي ٻئي مقالا هن سلسلي م وڏي اهميت رکن ٿا. ان کان علاوه  ٻه ٽي ڪتاب ۽ چند مقالا لکيا ويا آهن، پر اڃا گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سندن خليفن ۽  طريقن جي سلسلي بابت وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.

ننڍپڻ ۽ جواني:

شاهه شهيد جي ولادت ۽ ننڍپڻ بابت تذڪره نگارن تفصيل سان ڪونه لکيو آهي. اها شڪايت علامه دائود پوٽي پڻ پنهنجي مقالي ۾ ڪئي آهي. بهرحال شاهه  شهيد جي ولادت 1165هه ۾ ٿي. ٽي ڀائر هئا، جن مان شاهه عنايت وچون هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم فضل الله کان حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ حق جي تلاش ۾ سير سفر تي نڪتا. ميان محمد امين نقشبندي، شاهه حمزو ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. سير سفر ڪندي  ملتان  آيا ۽ سال کن شيخ شمس الدين ملتاني جي خدمت ۾ رهيا. ان کانپوءِ ٻيا گهڻائي شهر گهمندي آخر حيدرآباد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جيلاني جا مريد ٿيا. اتي مرشد جي ارشاد موجب بانس جي ٻيلن ۾ خوب رياضتون ڪيائون. مرشد مٿن گهڻو مهربان ٿيو ۽ مٿن ايتري ته فيض جي پالوٽ ڪيائون جو ڪمال جي درجي کي رسيا.

نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد کان وطن ورڻ جي اجازت گهريائون. شاهه صاحب کين اجازت ڏني ۽ سندن آڏو ٽي سوکڙيو رکيائون ته هنن مان ڪا به هڪ کڻو. اهي هيون ترار، تسبيح ۽ ڪونرو، پاڻ ترار کنيائون. تنهن تي سندن مرشد فرمايو ته ”ان جو اجورو وڏو آهي“. شاهه عنايت جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سر حاضر آهي“ پوءِ کين هدايت ڪيائون ته ”ماٺ ۽ صبر ڪري سر ڏجو“ مرشد کان موڪلائي وطن موٽي آيا. واٽ تي گهڻائي سندن مريد ٿيا. انهن مان پنج سئو مريد ساڻن گڏ آيا، جيڪي وري واپس هندستان نه ويا.(1)

شاديون:

شاهه شهيد چار شاديون ڪيون هيون. پهرين پنهنجي چاچي مخدوم محمد عمر جي نياڻيءَ سان، جنهن مان کين اولاد ڪو نه ٿيو. ٻي ڪڇ جي راجا جي خاندان مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزدند ڄائو، جنهن جو نالو شاهه خليل الله هو(2). جيڪو شاهه عنايت جي شهادت وقت پنهنجي ناناڻن ۾ هو. جتان پوءِ ايران ويو. ٽين شادي ٺٽي جي مخدوم اسماعيل(3) جي ڀيڻ سان ڪيائون، ان مان کين ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. چوٿين شادي ٺڪرن سوڍن جي گهراڻي مان ڪيائون، جنهن مان کين ٻه فرزند ٿيا. پير عزت الله شاهه ۽ پير سلام الله شاهه. والد (1) جي شهادت وقت پير عزت الله شاهه موجود نه هو ۽ پير سلام الله شاهه مهيني سوا جو معصوم ٻار هو. سندن ولادت شهادت واري سال ٿي هئي.

طريقت جو سلسلو:

مير علي شير قانع ”طومار سلاسل“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ شاهه شهيد جو جيڪو طريقت وارو سلسلو ڏيکاريو آهي، تن ٻنهي ۾ فرق آهي، پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته” مٿين سلسلي ۽ ان کان اول واري سلسلي ۾ فرق آهي، جيڪو غور ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي، ڪڏهن وقت مليو ته انهيءَ سلسلي ۾ آئون پنهنجي تحقيق پيش ڪندس“.(1)

خوش قسمتي سان کين” گلدسته صلحاٰءِ سورت“ جو نسخو ملي ويو. ان جو ذڪر ڪندي لکيو اٿن ته ”هن وقت تائين اسان کي فقط اهو معلوم هو ته  شاهه شهيد شاهه عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني تعليم حاصل ڪري ان جو خليفو ٿيو، ليڪن شاهه عبدالملڪ کان اڳتي جي سلسلي ۾ اختلاف هو. خوش قسمتيءَ سان مذڪوره تذڪري ۽ انهيءَ طلائي  سلسلي جون سڀئي ڪڙيون شاهه فاضل سورتيءَ جي ضمن ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن، جي هن ريت آهن:

شاهه فاضل خليفو هو، شاهه پير محمد اورنگ آباديءَ جو، اهو شهبازملڪرت شاهه عنايت شهيد جو، اهو شاهه عبدالملڪ جو، اهو شيخ شاهيءَ جو، اهو شاهه بهاوالدين جو، اهو مخدوم ابو الفتح جو، اهو مخدوم ابراهيم جو، اهو شمس الدين جو، اهو بهاؤالدين دولت آباديءَ جو، اهو ابوالعباس احمد جواهو مير حسن جو، اهو سيد موسيٰ قادريءَ جو، اهو سيد علي جو، اهو سيد محمد بغداديءَ جو، اهو سيد حسن بغداديءَ جو، اهو سيد محمد بغداديءَ جو، اهو ابو صالح نصر فخرالدين جو، اهو سيد عبدالرزاق جو، اهو حضرت غو الاعظم سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جو(1)

 فقير قادر بخش بيدل (وفات 1289 هه) به ڪرسي ناما لکيا آهن. انهن ۾ هن شاهه شهيد جي طريقت جو جيڪو سلسلو بيان ڪيو آهي، سو گهڻي ڀاڱي ”صلحاءِ سورت“ واري سلسلي سان ملي ٿو. سواءِ هڪ ٻن نالن جي باقي سڀ ڪڙيون ملن ٿيون. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فقير قادر بخش بيدل پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن شاهه شهيد جي طريقت وارو سلسلو قلمبند ڪيو. هن هيٺ ٻئي ڪُرسي ناما وڃن ٿا ته جيئن پڙهندرن کي بيدل سائين جي شاهه شهيد سان محبت ۽ تاريخي ڄاڻ جو اندازو ٿي سگهي.

يا رب بحرمت شه کونين مصطفيَ،

يا رب بحرمتِ شهِ مردان مرتضيٰ،

يا رب شه حرمت شهداءِ ڪربلا،

يا رب بحقِ زين عبا صاحبِ علا،

يا حرمت محمد باقر امام دين،

يا حق جعفر و شه کاظم علي رضا،

يا حق شيخ کرخي معروف پاک دل،

يا حق شيخ سري سقطي شه هدا،

قيا حرمت جنيد که بغداد جاي اوست،

يا حق شيخ شبلي بوبکر مقتدا،

يا حق شيخ عبدالواحد شه يمن،

کو چون سهيل تانته برچرخ کبريا،

يا حق رهبر دين عبدالله اکملي،

کش بود تکيه گاهه بطرطوس منجلا،

يا حق علي محمد يوسف که قريشي است،

يا حق ابي سعيد که پير است رهنما،

يا حرمت علو مرتب جناب غوث

يا حق قطب عبدالرزاق مهندا،

يا حق شاهه سيد ابي نصر محي الدين

يا حرمت محمد سيد بصد غنا

يا حرمت آنکه سيد موسيٰ است نام او

يا حرمت امير حسن شاهه مجتبيٰ

يا حق سيد احمد جلي و شافعي

يا حق بهاؤ الدين شهِ ارض و سما

يا حق شيخ شاهي ملتان مسکنش

با حق عبدالملک اعظم اوليا

يا حق عنايت الله صوفي شهيد حق

يا حق شاهه جان محمد شهِ اصفيا

يا حق شيخ پاڪ غلام رسول نام

يا حرمت غلام محمد شهِ صفا

يا حق شاهه عبدالوهاب قادري

ما راز جملهه جلو تگو شان شان نمان

طريق ثاني

احمد علي و حسن و شهِ زين عابدين

با قر و امام جعفر و کاظم و علي رضا

معروف کرخ وسري سقطي و جنيد شيخ

بوبکر شبلي و عبدالواحد شهِ صفا

عبدالله و محمد يوسف و ابو سعيد

غوثِ کريم و عبدالرزاق مهتدا

بونصر وهم محمد موسيٰ وشه حسن

احمد بهاؤ الدين شه ارض و سما

زان بعد شيخ شاهي عبدالملک بود

زان پس عنايت الله هادي سوي خدا

جان محمد ست و غلام رسول پس

مقتولِ حق غلام محمد بصر علا

زان بعد کره عبدالوهاب قادري

ارشاد طالبان بسوي مقصد بقا

با حرمتِ وحيد شهيدِ فرنگِ عشق

و حضرتِ عنايت الله سلطان اصفيا

يا حق فضل شيخ ابرهيم با کمال

کو خورد باده وجد زميخانه صفا

يا حرمِت آن شه که سلام الله دوست

ياحق عزت الله هادي و مهندا

يا حرمت محمد زاهد کمالِ فيض

يا حق رتبئه شه فضل الله پيشوا

يا حرمت محمد صديق و اصلي

يا حق يا يزيد ه گل باغ، کبريا

ابن بنده که طالبِ ذوق وصال تست

از جمله سالکان رم عشق خود نما.(1)

انسان دوستي ۽ قرباني:

شاهه عنايت جڏهن دکن مان موٽيو ته هن الله جي عبادت سان گڏو گڏ خلق جي خدمت کي پنهنجو شيوو بڻايو. پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏنائون. پير حسام الدين شاهه راشدي لکيو آهي ته ”سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري ناري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا،“ آمدني ۽ پيداواري تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هر ڪو هڪ جيترو ان ورهائي کڻندو هو.“ (2)

سندن فقيري انسان دوستي ۽ هن نئين زرعي نظام سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي اچي گڏيل ملڪيت ۾ شريڪ ٿيا. تَر جي پيرن جا ڪيترائي مريد پنهجن مرشدن کي ڇڏي،  اچي شاهه عنايت جا مرد ٿيا، تنهن ڪري پيرن، مرشدن زميندر، جاگيردارن ۽ مذهبي اڳواڻن سندن خلاف سازش سٽي. نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ لڳي.

ان وقت سندن 24 هزار جان نثار مريد هئا. پنهنجن مريدن جو جوش ڏسي کين چيائون ته، ” بابا محبوب حقيقي ناز ڪيو آهي، ”اسان نياز ڪنداسون.“ تڏهن خليفن عرض ڪيو ته قبلا ! اسان کي به اجازت ڏيو ته شهيد ٿيون.“ تنهن تي مير جان الله شاهه کي حڪم ڪيائون ته توهان روهڙي وڃـو. خواجه عبيدالله کي اجمير واپس وڃڻ جو ارشاد ٿيو. شاهه عبداللطيف ٺٽوي کي ٺٽي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ محمد اسماعيل کي پڻ ٺٽي وڃڻ جو امر ٿيو. ڪن ٻين کي پڻ اجازت ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي شهر هليا وڃن. باقي 24 هزار مريدن ۾ سليمان هندي پڻ شامل هو، جيڪو هندوستان کان ساڻن گڏ آيو هو. انهن فقيرن ما ٻه هزار چار سئو تاج (1) پهريل هئا.

جهوڪ واري جنگ ۾ اهي سڀ  فقير شهيد ٿيا، جن کي ستن کوهن ۾ دفنايو ويو. انهن کوهن کي ” گج شهيدان“ سڏيو ويندو آهي.

جهوڪ واري جنگ جو احوال پير حسام الدين شاهه راشدي مير علي شير قانع جي ڪتابن جي حوالي سان تفصيل سان لکيو آهي. هتي اسان فقير قادر بخش بيدل ( وفات 1289هه) جو هڪ قصيدو ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ جهوڪ واري جنگ جو درد ناڪ داستان ڏنل آهي. ان داستان کان اڳ ۾ بيدل جو هڪ تاريخي قطعو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ هن سانحي کي ٽين قيامت سڏيو ويو آهي؛ قطعو ملاحظه فرمايو:

تاريخيائي

عشق چندين حمله بر عشاق بي سرپا نومود

پر رخ صاحبد لان صدوره در محنت کشود

اصفيا و اتقيا را آتش اندر جان فروخت

انبيا و اوليا را دست برد خود نمود

ليک بعد از رحلت ختم الرسل احمد سه يار

سطوت ان سلطان اعظم هوش عالم را ربود

اولين کبري قيامت قتل اولادِ رسول صه

سنه 41 هه

درسن شصت ويکم مثلش نيامد در وجود

دومين وسطي قيامت واقع بس هولناک

سنه 309 هه

سربديدن صوفي بيخود کمانش را فزود

سيو مين صغريٰ قيامت در هزارو سي صد

سنه 1135 هه

سربريدن صوفي بيخود کمائش را فزود

ياد باهر درُد نوشي جام دردِ سيعاشقي

قسمِت بيدل تجرع فيض زان پيمانه بود

هيٺين قصيدي ۾ شاهه شهيد جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪرڻ کان پوءِ سندن سير سفر جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. عقيدتمندن جو ميڙو ڏسي مُلن جو حسد ڪرڻ ۽ سندن ولايت جو واسُ پري پري  تائين پکڙجي وڃڻ، تنهن ڪري بي شمار عقيدتمندن جو وٽن حاضر ٿيڻ انهن سڀني ڳالهين سبب دشمنن سندن خلاف سازش سٽي، فرخ سير کي ڀڙڪايو. شاهه شهيد پنهنجن خليفن کي فرمايو ته،” هيءُ محبوب حقيقي جو ناز آهي.“ فرخ سير کي فسادين جو بادشاهه ۽ قاتل کي شمر سڏيو اٿس. جڏهن شاهه کي شهيد ڪري سندن سر مبارڪ نيزي تي سوار ڪيو ويو ته بيدل ان کي ” اسريٰ يعبدِه“ آيت سان تعبير ڪيو آهي، ڄڻ عاشق محبت جو معراج کي رسيو.

قصيده تاريخ شهادت صاحبان کريمان شهيدان حضرت ميران پور بمع  بعضي احوال آن جناب قدس الله روح

شهنشاهي قدم عرش آستاني

هُماري عشق قدسي آشياني

ز قيد جسم جسماني مقدس

مسجسم نور در عالم عياني

وجود لا تعين بي تنزل

شهود ذات بحث و کاشاني

باسم الله مصافي شد عنايت

بر اي اسم بي جسمي چو جاني

ظهور آورد و چون در خطه کون

شده جوبائي راهه لامکاني

چوموسيٰ بحر خضر وقت خودبست

کمر صدق ارادت برمسياني

سفر کرد و بملتا ماند يک سال

بهر مجذوب شيخ مستعاني

بارشادش بملک دهکن آمد

ببير هان پور وسيده جا نقشاني

بشه عبدالملک گشته ملاقي

سراغي يافت زان سرنياني

يه تشريف ولايت گشته ممتاز

مَرخص شد بر شُدت طالباني

بوقت وخصتش شمشير داده

بفر مود اينک وقت امتحاني

بدين شمشير خواهي رتبه ء يافت

که رشک آرند باتو عارفاني

بلطف و رحمت شاهه شهيدان

شوي در زمره اش از خاصگاني

ولي باد که وقت آزمايش

نباشي از کرامت حرف خواني

نسازي يک سرموئي تصوف


(1)  مضمون ۽ مقالا، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص 257 ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي حيدرآباد، ڀٽ شاهه سال 1979ع

(1)  انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340هه/ 1932 ع

(2) شاهه خليل الهه جو ذڪر فقط ”انيس المساڪين“ ۾ موجود آهي،  باقي ٻئي ڪنهن هنڌ تذڪره نگار سندن ذڪر  ڪو نه ڪيو آهي، انيس المساڪين ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهه خليل الهه هميشه لاءِ ايران رهيو، اتي سندس ڪيترائي مريد هئا، نادر شاهه ۽ احمد شاهه دراني سندن عقيدتمند هئا

(3) مير فاتح سندن متعلق لکيو اهي،  فضيلت جي شهرت اوري پري اٿيس ۽ مثنوي ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهي، پنهنجي مرشد ( شاهه عنايت رح) جي ارشاد تي سندس انتقال بعد دهلي نيو ويو، غلام محمد وٽان رهيل امانت هٿ ڪري موٽي آيو، هن وقت سندس جهڙو صفوي ٺٽي ويو ڪو نه آهي، بحواله” ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون“ سيد حسام الدين شاهه راشدي ص 334

(1)  ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون، سيد حسام الدين راشدي، ص 337

(1)  ايضاً ص 347

(1)  بياض فقير محمد حسن بيڪس، مملوڪه سيد  عبدالحسين شاهه موسوي

(2) طريق ثاني ۾ شاهه شهيد جي طريقت جي سلسلي بيان ڪرڻ کان پوءِ شاهه شهيد جي اولاد جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

(1)  جيڪي فقير الله واري واٽ ۾ انتها ٿي پهچندا آهن تن کي تاج پهرايو ويندو هو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org