سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

 

صفحو ؛ 6

ماڃر محاوري جو جائزو وٺبو ته ان ۾ به فرق محسوس ٿئي ٿو. هن محاوري ۾ ”خاموش“ کي چون“،”کاموش“،”اجهو“ کي چون ”اجو“،”ٿا“ کي چون”تا“. (4) اها لساني ڦير گهير ڌار ڌار اصطلاحن،پهاڪن،چوڻين ۽ ڳالهائڻ جي جهيلار مان معلوم ڪري ٿي سگهجي. جيڪا اڪثر ڪري ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿي.

اهڙي طرح لاڙ علائقي جي جتن ۽ منڌرن جي محاورن ۾ به فرق آهي، جيڪو هت طوالت کان بچڻ خاطر ڪو نه ٿو ڏئي سگهجي.

هاڻ جڏهن اسين لاڙ جي شاعريءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ به ساڳيو لاڙي محاورو استعمال ٿيل آهي، ڇو ته هر هڪ شاعر پنهنجي علائقي جي نمائندگي ڪري ٿو. هو نه صرف ان علائقي جي ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور هوندو، بلڪه شاعريءَ جو فڪر ۽ فهم به پنهنجي ماحول مطابق استعمال ڪري ٿو. هيٺ اسين لاڙ جي معروف ۽ مقبول شاعر مولوي احمد ملاح مرحوم جي شاعريءَ جو مختصر لساني جائزو وٺنداسين. جنهن ۾ سندس”ديوان احمد“ ۽ ڪجهه مداحون ۽ مناجاتون به شامل آهن.

مولوي عبدالله جوڻيجو، جن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي صلاح مشوري ۽ هدايتن تي مولوي احمد ملاح جي غزلن جو ديوان سنه 1974ع ۾ بدين کان شايع ڪرايو (1)، جيڪو سنڌي ادب ۾ هڪ سونهري باب جي حيثيت رکي ٿو.

مولوي صاحب هڪ ڪامل فن شاعر جي حيثيت سان سنڌ جي هڪ عظيم شاعر جو درجو ماڻي چڪو آهي.سندس شعر الهامي شعر جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو سندس ئي علائقائي ٻولي لاڙي محاوري ۾ چيل آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته سندس شاعري ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا تمام گهڻا لفظ موجود آهن(2).

سندس شاعريءَ ۾ ٿري، ڪڇي،ڪوهستاني،لاسي، فراڪي ۽ اترادي محاورن جون خوبيون به ملن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ کان علاوه هن اردو،سرائڪي، فارسي ۽ عربي زبان به گهڻي انداز ۾ استعمال ڪئي آهي، نه صرف اهو بلڪه سندس شاعريءَ ۾ بروهي ۽ بلوچي زبان جا لفظ به ملن ٿا، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو فارسي، عربي، اردو، سرائڪي، بروهي ۽ بلوچي زبانون به چڱي طرح ڄاڻندو هو.

سندس شاعريءَ ۾ سادگي، رواني، اثر انگيزي، احساسات جي ادائيگي، خيالن جي پاڪيزگي، لفظن جي موزونيت ۽ زور بياني جهجهي انداز ۾ موجود آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري پوري سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪي آهي.

معياري سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ به آهن جن سان ڪجهه ٻيون پڇاڙيون ملائي وڌيڪ مفهوم حاصل ڪيو وڃي ٿو، ڊاڪٽر غلام علي الانا جن ”ونت“ پڃاڙي سان ڀاڳ + ونت – ڀاڳونت ۽ ڪلا + ونت – ڪلاونت (1) جا لفظ مثال طور پيش ڪيا آهن، پر اهي پڇاڙيون مختلف محاورن ۾ مختلف نموني بدلجي استعمال ٿين ٿيون يعني اهي پڇاڙيون ڪٿي”ونت“ بدران ”وند“ ته ڪٿي”مند“ طور استعمال ٿين ٿيون.مثلا؛ ڀاڳ + وند - ڀاڳوند  يا درد + مند – درد مند وغيره، مولوي احمد ملاح جن لاڙي محاوري جي لحاظ کان ان پڇاڙيءَ کي ”وند “ طور استعمال ڪيو آهي. مثلاً:

(1)

”درد وندن“ جون دليون، دم دم نه دلبر يار وَڍ،

حرف هيڻي تي رکي، هي! مَ وجهه هروار وڍ.

(ديوان احمد ص 126)

(2)

”هدايت وندن“کي هدايت وڻي،

مڱو موڙهلن لاءِ مونجهارو لذيذ.

(ديوان احمد ص 129)

بلوچستان جي سبي خطي جي سنڌي ٻوليءَ جي فراڪي محاوري ۾ اسم حاليه لفظن مان اڪثر ڪري حرف”د“ جو اچار حذف ڪيو وڃي ٿو. مثلا؛ هو ”ماريندو“ يا ”پڙهائيندو“ کي چون” مارينو“يا ”پڙهائينو“ (1) اهڙيءَ طرح مولوي احمد ملاح مرحوم ” ماريندم“”ٿيندم“،”ٻاريندم“، وٺيندم“، ۽ ”سڏيندم“، لفظن کي فراڪي محاوري جهڙي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن.

منتون ميڙيون ملڻ لئي ملڪ سڀ ملهه ۾ ته مِل!

مغز ”مارينم“ڪيترو، مهندان به مغرور نظر.

(ديوان احمد ص 137)

(2)

سسي ۾ ساهه جان آهيم، ته سانبيئڙا سنڀاريندس،

اجل جي ات” ٿينم“ ارواح ته به اوڏانهن اڏاريندس.

(ديوان احمد ص 150)

(3)

عمر اسين پنهنجي ڏيهه ۾، هلون سج، چنڊ جي ساهي تي،

ڏيو ڏاتار جو سنهن! ڪو نه اڳ ”ٻارينم“ نه ٻاريندس.

(ديوان احمد ص (151)

(4)

گل ڪم  وٽ اي ڪمان، منهن وٽ، قمر ڪومائجي،

تير جيئن تارا” وڍينم“، تر ”سڏينم“ ترس ترس.

(ديوان احمد ص (152)

سنڌي ٻوليءَ  جي ڪيترن ئي محاورن ۾ لفظن پٺيان ”آن“ پڇاڙي ملائي استعمال ڪئي وڃي ٿي، اترادي، فراڪي، جغدائي ۽ ماڇڪي انهن محاورن ۾ شامل آهن. جن ۾ ”آن“ بدران”آئون“ پڇاڙيون ملائجن ٿيون پر مولوي احمد ملاح  مرحوم لاڙي محاوري ۾ به ان قسم جا صيفا استعمال ڪيا آهن. مثلاً هن ”قرب کان“ يا ”قربان“ بدران ”قربتون“ ”کان“ بدران” کئون“  ”الستئان“ بدران ”الستئون“ طور استعمال ڪيا آهن. بيت آهن:

(1)

مون کي مجاز ماريو، ٻارڻ ٻيهار ٻاريو،

”قربئون“ قريب ڪاريو، گهمرو مٿي غريبن،

(ديوان احمد ص 219)

(2)

کڻي خام ”کئون“، اکيون پاس آڀ؟

بيٺو ڀانءِ چنڊ، زلف لالن جي لڳ

(ديوان احمد ص 181)

(3)

”الستئون“ ڏانهن تو، ڏهه ڏهه دفعا ڏي دل ڇڪيون،

ڏک پرايم منهن ڏسي، ڏوهه ڏيهه کي ڏيندس ڪين ڪين.

(ديوان احمد ص 238)

اهڙي طرح ڪجهه محاورن ۾ حرف”ي“ جو اضافو ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. فراڪي، جغدائي، ماڇڪي انهن محاورن ۾ شامل آهن. جن ۾ اڪثر ”ي“ حرف جو اضافو ڪيو وڃي ٿو. پر مولوي احمد ملاح طرفان ان قسم جي اضافي کانپوءِ معلوم ٿو ٿئي ته لاڙي محاوري جهڙي معياري محاوري ۾ به”ي“ حرف جو اضافو موجود آهي. مثلاً:

(1)

نهاريان نور ”نيشاني“ پرين لاهن پريشاني،

پسان شال پاڪ پيشاني، لهن لاچار جون لوهون.

(2)

”ايرادي، اوچتي آڻي،  وڌيس قيد ڪنهن قسمت ۾،

اکين ۾ آب آڻيو، انگ پئي پرڏيهه ۾ پاريان.

(ديوان احمد ص 215)

مٿين ٻنهي بندن ۾ ”نيشاني“ ۽ ”ايرادي“ جا لفظ حرف ”ي“ جي اضافي سان استعمال ڪيا ويا آهن. منهنجي خيال ۾ ”نيشآني“ لفظ کي ”پريشاني“ ۽ ”پيشاني“ قافين سان هڪجڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ”ي“ جو  اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته”ايرادي“ لفظ ۾ ”ي“ جو اچار سندس محاوري جي لحاظ کان شامل ٿيل آهي.

مولوي احمد ملاح پنهنجي ٻولي ۾ لفظ” ناهي“ کي مختلف نمونن سان استعمال ڪيو آهي، هن ڪٿي” ناهه“ ڪٿي ”ناهي“ ته ڪٿي”ناهين“ طور استعمال ڪيو آهين ڀائنجي ٿو ته هن بحر ۽ وزن کي پورو ڪرڻ جي خيال  سان ائين ڪيو هجي. حالانڪه عام طور لاڙي محاوري ۾ منهنجي خيال ۾ هڪڙي لفظ کي ان طرح ٽن قسمن ۾ استعمال ڪو نه ٿو ڪيو وڃي، بيت هي آهن.

(1)

خير ”ناهه“  کاڌس ڪنهين سخت سپ،

ڪه ورتو قلب زلف ڪاري جو ڪپ.

(ديوان احمد ص 408)

(2)

”ناهي“ دعويٰ دم هڻڻ جي، دوستي دلدار جي،

سر تي شمشيرون شهادت، چڪنديون چوڌار اڄ،

(ديوان احمد ص 89)

(3)

”آهي اي انصاف تنهنجو، گهائجين هٿ کان حبيب،

باب ”ناهين“ برهه جي جو، تي ڀڄي بيزار اڄ.

(ديوان احمد ص 89)

مٿئين ٽن بندن مان پهرين بند جي پهرين سٽ ۾  ملاح جن لفظ ”ڪنهن“ بدران ”ڪنهين“ استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ حرف ”ي“ جواضافو ٿيل آهي. انهيءَ طرح سان سنڌي ٻوليءَ جي فراڪي، جغدالي ۽ ماڇڪي محاورن ۾ به ”ي“ جو اضافو ڪري استعمال ڪيا وڃن ٿا. مثلا، انهن محاورن ۾ لفظ”جنهن“ کي ”جنهين“ يا ”جين“ لفظ ”تنهن“ کي ”تنهين، يا ”تين“ نموني استعمال ڪجي ٿو. مولوي ملاح جن به ”ڪنهين“ کان علاوه ”جنهن“ لفظ ۾ به ”ي“ جو اضافو ڪري ”جنهين“ طور استعمال ڪيو آهي.مثلاً:

جنهن کان اڳي نه جڳ ۾ نالو نشان شوريٰ،

(1) اي حق هدايتون ٿيا حاصل ”جنهين“ حضورا.

انهيءَ ساڳي بند ۾ هن پهرين مصرع ۾ ”جنهن“ کي معياري نموني سان پڻ استعمال ڪيو آهي.

ملاح جن پنهنجن ڪجهه بندن ۾ لفظ” مون ڏانهن“ کي اترادي، ماڇڪي ۽ جغدالي محاوري جي لفظن وانگر ”مان ڏي“ استعمال ڪيو آهي، جيئن ته لاڙي محاورو سنڌي ٻوليءَ جي ٻين سڀني محاورن کان وڌيڪ آهي. ان جي باوجود ان ۾ اترادي ۽ جغدالي محاوري جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو اتر سنڌ جي محاوري کان به چڱي طرح واقف هو. بيت هي آهي:

(1)

ماتَيَسَر منهه جي، پڻ مڙ کلي معنيٰ اٿم،

جي ڪرين  محبوب ”مان ڏي“ منهن منور ڪي قدر.

(ديوان احمد ص 135)

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ملاح جي ٻوليءَ ۾ ڪوهستاني ۽ لاسي محاورن جون خوبيون به موجود آهن، تنهن موجب سندس شاعري ۾ لفظ ”ڪوهه“ به ملي ٿو، جيڪو اڪثر ڪري ڪوهستاني  ۽ لاسي محاورن ۾ ”ڇا“ بدران استعمال ڪيو وڃي ٿو.

بيت ملاحظه فرمايو.

(1)

”ڪوهه“  ڄاڻان خود ڪهڻ لئي، يا ڪچهري لئي قريب،

تو ورائي طاق تاڙيا، منجهه ٻري ٻاهر نه ٻاڦ.

( ديوان احمد ص 82)

(2)

صبح چڙهي سج مٿي، سر تي سهان سنهڻن سٺيون،

روز راهون”ڪوهه“ روڪين، رول رُل رُل آسپاس.

(ديوان احمد ص  147)

سندس ٻوليءَ ۾ اردو ۽ سرائيڪي زبان جو اثر به موجود آهي. مثلاً: هن هڪ لفظ ”چوان“ کي اردو ۽ سرائيڪي جي ٻن حصن کي ملائي ”ڪهان“ جوڙي استعمال ڪيو آهي. يعنيٰ اردو جو ”ڪهه“ ۽ سرائيڪي جي ”آکان“ جو ”آن“ حصو ملائي ”ڪهان“ لفظ جوڙيو  آهي، ان کان علاوه ”“ڏسڻ“ بدران ”ديکين“ جو لفظ استعمال ڪيو اٿن. بيت هي آهن.

صبح سانجهي سبق مون، سبحان ربي العظيم،

ڇا” ڪهان“ تنهنجون ڪروڙين قدرتون قائم قديم،(1)

ائين”ڪهان“ ٿو ڪين، تان پڻ ڪات منهنجي ڪنڌ مٿان،

بلڪه آهيان خون ۾ خوش، کوڙ خنجر ڪي قدر.

(ديوان احمد 136)

مٿئين بندن ۾” سبحان ربي العظيم“ ۽ ”قائم قديم“ جا ٻٽا لفظ عربي زبان جا آهن، جيڪي هن پنهنجي صرف مقصد ۽ مفهوم کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا آهن، بلڪه انهن لفظن کان قافيو ۽ رديف ملائڻ جو مقصد به حاصل ڪيو آهي.

بلوچستان جي ڪچي علائقي جي ٻن عظيم سنڌي شاعرن سيد رکيل شاهه ۽ سيد چيزل شاهه جن پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڏينهن رات“ جي مفهوم کي ”رات ڏينهان“ ۽ ”راتيان  ڏينهان“ طو استعمال ڪري داد حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته مولوي احمد ملاح به ”رات ڏينهان“ طور استعمال ڪيو آهي. سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه جو والد پڻ هو ۽ جهوڪ شريف جي شاهه عنايت جو مريد هو. ٻنهي پيءُ پٽن جي ڪلامن جا مجموعا شايع ٿيل آهن، تن مان سندن شاعري جو هڪ هڪ بند مثال طور پيش ڪجي ٿو.

(سر مانجهه)

”رات ڏينهان“ تان يڪي، تن منجهه تانگهه لڳيم،

ڦٽيل ڦوڙائي ماريس، سر پيرن تان سسي،

رت روئن سي” رکيل“ دور ڪيائون دل جو،

(1) انهي ته اڏي تي عاشق، ڪيئي ته وَيَڙا ڪسي.

سيد رکيل شاهه

(سر بلاولي)

”راتيان ڏينهان“ طلب تمامي، اهي حرص ڪيا حيران،

دنيا دنيا ڪندا وتن، کنيون ويندا ارمان،

(2)پير مِغان دي دستئون پيتم، ”چيزل“ ڀر ڪو جام

سيد چيزل شاهه

 

(1)

”رات ڏينهان“ رت ڦڙا، رويو نهاريان رَند رَند،

جي هنيان ۾ هند ڪيو، تن لئي ڳوليان هند و هند.

(2)

”ڏينهن راتيون“ ڏوهه ۾، ڄاڻي وڃائي مون ڄمار،

(1) تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيهه جو ڏاتار.

(مولوي احمد ملاح ديوان ملاح ص 111)

مولوي احمد ملاح جي مٿين بيتن ۾ ”رات ڏينهان“ ۽ ”ڏينهن راتيون“ ٻيئي طريقا استعمال ڪيل آهن. هڪڙو معياري آهي ۽ ٻيو طريقو مختلف محاورن جي استعمال مان اختيار ڪيو ويو آهي. ”ڏينهان راتيان“ جا لفظ سرائڪي ٻوليءَ ۾ به استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته احمد  ملاح جي ٻوليءَ تي سرائڪي زبان جو ڪافي اثر موجود آهي، جيئن سيد رکيل شاهه ۽ سندس فرزند سيد چيزل شاهه جي شآعريءَ تي آهي.

بلوچستان جي لس ٻيلي جي سنڌي زبان کي لاسي چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي زبان جي هڪ محاوري جي حيثيت رکي ٿو. لاسي محاوري ۾ عام طور”ت“ جو حرف حذف ڪري ”دوست محمد“ کي ”دوس محمد“ چوندا آهن، سندن شاعريءَ ۾ به اهڙا لفظ ملن ٿا. مثلاً:

”دوس“ اچي، ”دوس“ محمد چوءِ، هوت ميٽيو سڀ هور،

 (1)گهڙي چَڪَوي چنڊ چڪور، تهڙي پيتم پرت پريم جي.  

”دوست“ کي “دوس“ ۾ استعمال ڪرڻ جو لجهو لاسي کان علاوه جدگالي، ڪوهستاني، اترادي، جغدالي، فراڪي ۽ کيتراڻي محاورن ۾ به موجود آهي. مولوي احمد ملاح به اهو طريقو استعمال ڪندي ”دوست“ کي ”دوس“ چيو آهي. مثال هيٺ ڏجي ٿو:

نه ڏي دل ديس مان،  ڪنهن دوست  ڏي ”دوس“،

نه ان ري منجهه ارم، آرام ايندوس.

(ديوان احمد، ص 155)

مولوي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جا لفظ به استعمال ڪيا آهن، جن مان “مزگان“ کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ ڪري ڪم آندو آهي، بيت هي آهي.

پڙ اندر آيا پرين، پيڪان پنبڻين جي سميت،

منهن ڏيئي”مزگان“  کي، ماري سڃان ميدان ڪيون.

(ديوان احمد، ص 235)

مولوي صاحب جي شاعريءَ کي غور سان پڙهبو ته ان ۾ اسان کي بروهي، بلوچي زبان جا لفظ به استعمال ٿيل ملن ٿا. هن ”ڊَوَل“ ۽ ”گهٽ“ جا ٻه لفظ بروهي ۽ بلوچي زبان جا استعمال ڪيا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس ٻنهي ٻولين جي ڄاڻ هئي. مٿين لفظ ”ڊَوَل“ جي معنيٰ آهي ”طرح“ يا ”نمونو“ جڏهن ته ”گهٽ“جي معنيٰ آهي ”سوگهو“ يا ”ڦاٿل“. انهن لفظن کي مولوي صاحب ڏاڍي سهڻي پيرايي ۾ استعمال ڪري مثال قائم ڪيو آهي.  هي بيت آهن:

(1)

ڪئين ٽليا ٿي ڍول منهنجا، ڊيل واري ”ڊول“ سان،

راءُ، راڻي جي روش، رفتار جي ڏي ڪا خبر.

(ديوان احمد، ص 134)

جڳت سارو نه جاني مٽ، وٽس هر ڪو حسن ۾ ”گهٽ“

سجايا تنهن سڄڻ سج، چنڊ،ستارا، آءٌ ته ڏيکاريانءِ.

(ديوان احمد، ص 277)

اهي ٻئي لفظ جيئن ته بروهي ۽ بلوچي زبان جا آهن، پر ساڳي ئي معنيٰ ۾ لاسي، جدگالي، ڪوهستاني، اترادي، جغدالي، فراڪي ۽ کيتراڻي محاورن ۾ به استعمال ٿين ٿا ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا انهن کي پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ سمجهي آسانيءَ سان استعمال ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ملاح جن به انهن کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري پاڻ کي گهڻيون ٻوليون ڄاڻيندڙ شاعر ثابت ڪيو آهي.

 

 

خواجا محمد زمان جي زندگيءَ جو هڪ فطري پهلو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

لاڙ پنهنجي ادبي، ثقافتي ۽ تمدني ورثي جي ڪري تاريخ ۾ هڪ نمايان ۽ منفرد حيثيت وارو علائقو رهيو آهي، موجوده بدين ضلعي جي اهميت پڻ ان علائقي ۾ شامل هجڻ ڪري آهي. هن علائقي جي تاريخي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو آڻڻ ۾ اتان جي تاريخي ماڳن مڪانن سماواتي، ڪولڇو، ونگو، جياٺ، ولاسو، ولهار، مانڌر، جاتي ۽ ٻين علائقن جو عمل دخل رهيو آهي. انهن تي اهي نالا گهڻو ڪري اتي رهندڙ قومن جي نسبت سان پيا آهن. سائين محمد سومار لکي ٿو ته سماواتي- سمن سان، ڪونڇو – ڪونڇي ملاحن سان، چاچڪان – وانگي قوم سان، (چاچڪان سرڪار چاچڪن قوم جي پرڳڻي کي سڏيو ويندو هو)  تحفة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته ونگو چاچڪن جي سرڪار کان مٿي هڪ جهونو ڳوٺ ۽ جدا سرزمين آهي.(1) جياڻ جو علائقو جوڻيجن سان وابسته آهي، جڏهن ته ولاسو، ولاسين ملاحن سان، ولهار، لغارين سان، مانڌر – منڌرن سان ۽ جتن سان جاتي جو علائقو منسوب آهي(2)

ضلعي بدين جي سرزمين پنهنجي سيني ۾ اهڙا ته گوهر ناياب لڪايو پئي اچي جن جي ادبي، علمي ۽ سماجي ڪارنامن، سنڌ جي سرزمين تي رهندڙ ماڻهن جي تاريخ کي وڌيڪ خوبصورت ، امن پسند ۽ بهادر قوم جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ اهڙن ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. سومرن جي ڏينهن ۾ ”مرکاڻ شيخن“ پنهنجا گيت ڳايا، عبداللطيف ”ڪيسر“ جهڙو يگانو شاعر، سانوڻ فقير خاصخيلي( 70-1975) نڙ بيت جو بادشاهه شاعر(3) مولوي احمد ملاح(وفات 1969ع) (4) ۽ خواجه محمد زمان کي هن سٿ جي سرواڻن مان  ليکي سگهجي ٿو.

جيئن ته هن مضمون ۾ آئون هتان جي هڪ اهڙي هستي جي فڪري پهلوءَ کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جيڪا هستي لطيف سائين جي همعصر ۽ لاڙ جي قدآور شخصيت آهي، جنهن کي دنيا وارا خواجا محمد زمان لنواريءَ واري جي نالي سان سڃاڻن ٿا.

خواجه صاحب حاجي عبداللطيف نقشبندي جي گهر رمضان شريف 1125 هه(1713ع) ۾ لنواري شريف ۾ ڄائو، پنهنجي والد وٽان قرآن حڪيم جي تعليم ورتائين ۽ باقي تعليم جو سلسلو ٺٽي جي مخدوم محمد صادق وٽ پورو ڪيائين. خواجه صاحب ظاهري توڙي باطني تعليم ۾ بلند درجي تي فائز نظر اچي ٿو، ان وقت جي وڏي بزرگ هستين ميان ابو القاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي خاص مريدن مان هو(5)

لنواري جي لال جي پوري زندگي الاهي عبادت ۽ حقوق العباد جي واٽ تي هلندي گذري. ڀٽائي سائين جيتوڻيڪ عمر ۾ وڏو هو، پر سندس علمي، ادبي ۽ روحاني منزل جي ڪري ساڻس ملڻ لاءِ ڀٽ کان ڪهي لنواري شريف ويو هو. ڀٽائي جا لاڙ تان هميشه ڀيرا رهندا هئا، پر پڇاڙي عمر ۾ به پنڌ ڪيائين. پهريون ڀيرو خواجه محمد زمان سان خاص ملاقات لاءِ لنواري لنگهي ويو ۽ ٻئي دفعي ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ وڃڻ وقت به اهو رستو اختيار ڪيوهئائين، پر واٽ تان ئي واپس وريو هو. سائين محمد سومار لکي ٿو ته لطيف کي آخري عمر ۾ اهو خيال ٿيو ته خواجه صاحب سان ملاقات ڪجي ۽ ڪجهه روحاني نڪتا هڪ ٻئي تائين پهچائين(6) ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ دستخط پارسي نسخي”مرغوب احباب“ جي حوالي سان اهڙي ملاقات جي تصديق ڪئي آهي.(7) انهيءَ ملاقات جو تفصيل مولانا عبدالرحيم گرهوڙي جي تاليف ڪيل ڪتاب ”ابيات سنڌي“ ۾ ڏنل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ڪيو ۽ انهيءَ سلسلي جو ٻيو ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تاليف ڪيل ”لنواري جا لال“ آهي.

انهن ڪتابن ۽ ٻين گهڻن مقالن ۽ مضمونن ۾، ملاقات کي صرف روحاني ملاقات جو درجو ڏنو ويو آهي، هن مقالي ۾ آئون انهيءَ ملاقات جي فڪري پهلو کي نئين انداز ۾ ڏٺو آهي، جنهن جي ضرورت گهڻو اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي محسوس ڪندي لکيو ته ”فڪر جي گهرائي ۽ متالت جي ڪري، خواجه صاحب جو  ڪلام ايترو ته ڳوڙهو آهي، جو ان کي شرح کانسواءِ  سمجهڻ البته مشڪل آهي.“ (8)

دراصل اهي صوفي درويش دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ جا قائل ڪو نه هئا. سماجي اڻ برابري، ناانصافي ۽ ٻين اهڙن انيڪ مسئلن تي ويچار ڪرڻ ۽ انهن جو حل ڳولهڻ سندن جوابداري ۾ شامل هو.

انهيءَ ملاقات جي ضرورت ڪهڙي سبب ڪري پيدا ٿي، ان تي سوچڻ لاءِ اسان کي ان دور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مسئلن کي سامهون رکڻو پوندو لطيف ۽ خواجه صاحب جي شاعري جو رُخ انهن ماڻهن ڏانهن هو جيڪي ڳوٺن ۾ رهندڙ ۽ سماجي اڻ برابري جو شڪار هئا،  سندن شاعري جو مقصد اسلامي تعليم جو پاڪ پيغام پهچائڻ ۽ روحاني توڙي صوفيانه تبليغ هو.

سنڌ ۾ تنهن وقت پيري مريدي جو رواج زور تي هو، پير ئي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندڙ ۽ حاجت روا هوندا هئا، پير پنهنجي مريدن کي سياسي مفادن لاءِ به استعمال ڪندا هئا، اهو طريقو اسلام نظرئي جي بلڪل خلاف هو.

شاهه لطيف ۽ خواجا صاحب جي شاعري اسلام جي سچي فڪر  ۽ نظرئي ڏانهن رجوع  ڪري ٿي، لطيف سائين پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر ۽ ڏاهو هو، هن سوچيو ته ڪهڙي ريت پنهنجن ماڻهن کي سنئون گس ڏجي جيئن اهي سماجي براين کان بچي، پنهنجن معاملن کي پاڻ حل ڪرڻ جي لائق بڻجڻ.

سنڌي ماڻهن ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪردگي ۾ جزوي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ  به ڪوشش وري هئي، انهن ڪوششن ۽ سعيي کي هٿي ڏيڻ ۽ مٿين معاملن جي حل لاءِ، ان وقت جيڪا هستي لطيف کي نظر آئي،  اها هئي خواجا محمد زمان ۽ اهو ئي سبب هو جو لطيف سائين وٽس ڪهي ويو.

ٻئي شخصيتون پنهنجي ماڻهن جي اخلاقي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي ۽ روحاني گهوٽالي لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهنديون هيون ۽ جڏهن اهڙي ضرورت محسوس ڪيائون ته بنا ننڍ وڏائي واري فرق جي هڪ ٻئي سان ملاقات ڪيائون.

اها ملاقات ڪن عام رواجي انسانن جي ملاقات ڪو نه هئي، پر ٻن اهل دل عشاقن ۽ قومي شعور رکندڙ شخصن جي گڏجاڻي هئي،  جنهن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي پياري مخلوق جي اسرارن جو احوال علامتي انداز ۾ اوريو ويو هو.

چون ٿا ته لطيف سائين جڏهن خواجا صاحب جي دروازي تي پهتو تڏهن خادم کي چيائين ته اندران وڃي اجازت وٺي اچ. خواجا صاحب خادم هٿان چورائي موڪليو ته ”هڪ گهڙي انتظار ڪريو مان پاڻ اچي توهان جو در تي آڌر ڀاءُ ڪيان ٿو“ لطيف سائين کائنس پڇيو ته ”پاڻ ڪهڙي مشغولي ۾ ويٺا هئا“ خادم وراڻيو، ”پاڻ ماٺ ۾ ويٺا هئا“. شاهه سائين تنهن تي فرمايو ته ” انهيءَ مشغولي مان ڪڏهن فارغ  ٿيندا جو اسان ڏانهن توجهه ڏيندا. اسين پاڻ ٿا اندر هلي ساڻس ملون“. جڏهن پاڻ خواجا صاحب کي عالم استغراق ۾ ڏ‎‎ٺائون تڏهن هي بيت پڙهيائون.(9)

سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،

جن هيٺاهان ڪنڌ، آئون نه جيئندي ان ري.

هي بيت لطيف سائين جي اندر جو اظهار آهي. جنهن ۾ معنيٰ جا گوهر لڪل آهن. لطيف سائين انهيءَ علامتي بيت ذريعي خواجا صاحب جو ڌيان ڇڪائيندي فرمايو ته ”جنهن رستي تي انسانيت جي بقا لاءِ ڪم ڪندڙ عظيم انسان هلي رهيا آهن، سو ڪو سولو سفر نه آهي، پر ان مقصد تائين رسائي لاءِ پنهنجي وجود کي وڃائڻو آهي. دراصل  اهو فڪر ئي آهي جيڪو انساني بقا لاءِ ڪارائتا(1) گر مرتب ڪري ٿو.

جن انسانن پنهنجون زندگيون انهيءَ مقصد جي حاصلات لاءِ فڪر ڪندي گذاريون، سي وسرڻ جا نه آهن ۽ انهن کانسواءِ جيئڻ بيسود آهي، پر اهي هاڻي دنيا تياڳي هليا ويا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ اوهان ورتي آهي، اوهان ئي منهنجي رهنمائي ڪري سگهو ٿا.

واقعي اهڙن عظيم سپوتن جي صحبت زندگي جو امرت آهي. هن بيت ۾ سماجي بقا ۽ بهبودي جا سوين سوال پوشيده آهن. سندس جواب ۾ جيڪو با معنيٰ بيت خواجا صاحب چيو سو هن ريت آهي.

ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،

لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،

سامي پوءِ سلينداءِ، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي.

خواجا صاحب لطيف جي سائين جي مقصد کي پرکي ورتو. کيس اها به بخوبي ڄاڻ هئي ته لطيف سائين هڪ سماج سڌارڪ ۽ قومي درد رکندڙ انسان آهي. تنهن ڪري جواب به سندس سوال سان مطابقت رکندڙ ۽ علامتي پيرائي ۾ هو، فرمايائين:”تنهنجو وجود، تنهنجي هيءَ جسماني جدوجهد تيستائين جي بقا آهي، جيستائين تون ٻيا سڀ رشتا ناتا، ڪم ڪار حتيٰ ڪه  پنهنجو وجود به عوامي رشتي آڏو ڦٽا نه ڪيا آهن. جڏهن انهيءَ راز جي تهه کي ڄاڻي وٺندين، تڏهن عظيم ۽ ڏاها انسان توتي پيار جي اهميت جو راز ظاهر ڪندا“.

هونءَ به الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ حاڪميت کي تسليم ڪرڻ جو واحد ذريعو اهو آهي ته  دل و جان سان سماجي تقسيم، طبقاتي امتياز ۽ غير عادلانه سوچ جي مخالفت ڪجي. انهيءَ ڪري ئي صوفي فرد سان محبت کي ئي اجتماعيت جو مقصد سمجهندا آهن.

لطيف سائين کي اهو جواب ملي چڪو هو ته ان واٽ تي توکي اڃا وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻو آهي. ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ، انهن سان محبت ڪرڻي آهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. ان مقصد لاءِ ٻيون سڀ واسطيداريون ڇڏڻيون آهن.

لطيف سائين انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجن ماڻهن تي گهڻو ڪم ڪيو هو. هن پنهنجي پيغام جي گهرائي  ۽ سنگم ۾ سنڌي ماڻهن جي سڀني طبقن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،  پر ڪي مسئلا اهڙا هئا، جن جو حل اڃا  ڳولڻو هو.

جيئن ته سنڌي سماج ۾ مسلمان، هندو، پڙهيل، اڻ پڙهيل، سادا ۽ حريف سڀ شامل هئا. لطيف کي پنهنجن سان گڏ ڌارين جي شاطرانه چالن جي به پوري پروڙ هئي، هن کي اها به خبر هئي ته کانئس اڳ قوم سان خوشحاليءَ جا سبز باغ ڏيکاري لکت ۾ ڪي معاهدا ڪيا ويا آهن. دراصل اهي ئي معاهدا سندن آزادي ۽ قومي خوشحالي آڻڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻبا پئي آيا. انهن جي حاصلات به ڏکي هئي، لطيف لاءِ اهڙي صورتحال  ڏکوئيندڙ هئي. اهي اهڙا سوال هئا جن جا کيس جواب گهربل هئا. سڄي صورتحال  هيٺئينءَ ريت پيش ڪيائين:

قلم وهي ويو ڪالهه،  سرتيون ڪنهن  مهاڳ لاءِ ،

انگ اڳيئي لکيو، جتِ نه پهچي ٻانهه،

ڪنهن کي  ڏيان دانهه، ته پرين مان سين هيئن ڪيو.

جيئن ته  اهي معاهدا پنهنجن جي ئي هٿان ٿيا هئا تنهن ڪري لطيف ڪنهن تي دانهين ٿئي، ”پنهنجي هٿ جي ڦٽي، ڪير ٻڌي پٽي“ واري صورتحال هئي. ڌارين وٽان معاهدا موٽائڻ به ڏکيو ڪم هو. ڪو رستو ڪو نه هو، تنهن ڪري خواجه ڏانهن رجوع ٿيو هو.

خواجه صاحب بصيرت جو مالڪ هو، هر ڳالهه سوچي سمجهي پوءِ ڪيائين. لطيف جي ٻڌايل گنڀير صورتحال کيس منجهائي وڌو، پر ڪا راهه ۽ ڪو رستو کيس ڳولڻو ئي هو. چيائين:

ويهه وڃي تن وٽ، قلم جنين جي هٿ ۾،

ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،

پنو سو پاڙهن، جن سان پسين پرين کي.

خواجه صاحب جو مقصد لطيف کي اهڙي راهه تي  لڳائڻو هو، جتان کيس منزل سولائيءَ سان ملي سگهي، هن کيس چيو ته انهيءَ پروگرام کي پايهءِ تڪميل تي رسائڻ لاءِ تون اڪيلي سر ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. توکي جڳائي ته سڀني ڏاهن ۽ قلمڪارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، اهو پروگرام سندن آڏو رک. جڏهن اهي اعليٰ دماغ ۽ ڏاها مٿو ٽيڪي وٺندا ته پڪ سان اڳين لکت کي ميٽي، ٻيو معاهدو تيار ڪرائي ويٺا، جيڪو معاهدو تنهنجي منشا وارو هوندو جنهن سان تنهنجو قومي خوشحالي حاصل ڪرڻ وارو مقصد پورو ٿيندو.

جيئن ته خواجه صاحب هن بيت ذريعي لطيف سائين کي ٻين فهم  ۽ فڪر رکندڙ ڏانهن ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن سان گڏجي ايڪي اتحاد لاءِ سوچڻ جو ڏس ڏنو هو. واقعي ان وقت سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ۾ سوين مدرسا علم جي روشني پکيڙي رهيا هئا، ڪيترائي ڏات ڌڻي پنهنجن ماڳن ۽ مڪانن ۾ ثقافتي ۽ علمي لحاظ سان اهڙيون ته بيٺڪون قائم ڪيو ويٺا هئا جو انهن مان هر هڪ جي اوطاق اڪيڊمي جو ڪم ڏيندي هئي، انهن عالمن جا نالا ڳڻائيندي پير حسام الدين راشدي لکي ٿو: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي(متوفي 1161 هه) محمد ضياءَ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، آخوند ابوالحسن جهڙا عالم ۽ مير محسن ’متوفي 1163هه غلام علي مداح، ٻالچند، ’آزاد‘، شيوڪ رام’عطارد‘، شيخ محمد محفوظ ’سرخوش‘  غلام علي ’مومن‘ محمد بناه (رجا)، مير ابو البقا ۽ مير ابو تراب ’ڪامل‘ جهڙا شاعر ٺٽي ۾ موجود هئا،  جن مان هر هڪ پنهنجي دورجو غزالي دواني، سعدي ۽ انوري هو.(10)

خواجه صاحب لازمي طور تي اهڙن  عالمن ۽ شاعرن کي چڱي ريت سڃاڻندوهو. تڏهن ته لطيف سائين کي اهڙن ماڻهن سان ملڻ جو ڏس ڏنائين. انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق ”دارالمصنفين“ ۽ ”ندوة المصنفين“ هوندي هئي ۽  هر هڪ استاد ۽ عالم جو مدرسو ”دارالعلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة العلوم“ هو. اهي سڀ ادارا هڪ نظرئي جي بنياد تي وجود ۾ آيا هئا،  تنهن ڪري قومي،سماجي ۽ علمي بيداري لاءِ لازمي طور انهن هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هوندو ۽ اهو ئي سبب هو جو خواجه صاحب لطيف سائين کي اهڙن شخصن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي ترغيب ڏني هئي.

اهڙي سوچ ۽ شعور رکندڙ ٻيون به ڪيتريون ئي شخصيتون هيون جن سان خواجا صاحب جي صلاح کان اڳ يا پوءِ لطيف سائين مليو ۽  قوم و ملت لاءِ صلاح مشورا ڪيا. اهڙن ماڻهن جي محمد ابراهيم جويي نشاندهي ڪئي آهي: شاهه شهيد، شاهه اسماعيل صوفي، ٺٽي جو مخدوم محمد معين، سيوهڻ جو ميان دين محمد، اگهم ڪوٽ جو مخدوم ميان پير محمد، ڪوٽڙي ڪبير جو مخدوم ميان محمد، روهڙي جو ميان جان الله رضوي، گهوٽڪي جو ميان محمد موسيٰ جيلاني ۽ ٻيا عالم شاه سائين جا ساٿياري ۽ دوست هئا، جن سڀني سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ ماڻهن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ ٿي گهريو .(11)

لطيف سائين جنهن مقصد لاءِ ڀٽ تان ڪهي خواجه صاحب سان ملاقات لاءِ آيو هو  اهو  کيس حاصل ٿي چڪو هو، لطيف  سائين جو ڏانهس ڪهي وڃڻ ثابت ڪري ٿو ته هو نه صرف هڪ باشريعت ۽ طريقت وارو انسان هو پر گڏوگڏ هو پنهنجي قومي مسلڪ جي ڄاڻ رکندڙ ڏاهو به هو.

بس ثابت ٿيوته خواجه صاحب ۽ لطيف سائين پنهنجي دور جا ٻه وڏا بزرگ هئا،  هنن جي گفتگو سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر ۽ اڻ برابري خلاف هئي ۽ اها گفتگو هڪ علامتي عمل (Symbolic Activity) ذريعي  ٿي هئي.

لطيف سائين 1752ع ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ ان کان تقريباً ويهه سال پوءِ 1188هه مطابق 1774ع ۾ خواجه صاحب وفات ڪئي ۽ پنهنجي مراقبي واري هجري ۾ دفن ٿيا.(12)

حوالا

فاتح علي شير: ”تحفة الڪرام“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1957ع (سنڌي ترجمو) ص 416.

شيخ محمد سومار. ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1775ع ص 36.

بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) ”نڙ جا بيت “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1970ع. ص 3.

ملاح حاجي احمد:.”ديوان احمد“ بدين 1974ع ص 61 مضمون ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.

تحفة الڪرام: ص 415.

شيخ محمد سومار: ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“ تنظيم و فڪر سکر 1986ع. ص 125.

گربخشاڻي هوتچند مولچند (ڊاڪٽر):”مقدمه لطيفي“ ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي  1977. ص 5

جوڻيجوعبدالجبار (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ سره ڪتاب حيدرآباد 1973ع . ص 89.

دائود پوٽو عمر بن محمد (ڊاڪٽر): ”ابيات سنڌي“ سنڌي ادبي سوسائٽي 1939ع. ص ديباچو (دفعو ٻيو)

 تحفة الڪرام. ص 43.

جويو محمد ابراهيم ” شاهه سچل سامي“ سنڌي اديبن جي ڪوآپريوٽو سوسائٽي حيدرآباد 1978ع (ٻيو ڇاپو) ص 57.

الانا غلام علي (ڊاڪٽر) ”لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ“ سنڌ يونيورسٽي 1977ع. ص 354.


(4)  ايضا، ص 169

(1)  مولوي عبدالله جوڻيجو، مرتب ” ديوان احمد“ بدين سنڌ، 1974ع

(2)  جوڻيجو عبدالجبارڊاڪٽر، ديباچو ”ديوان احمد“ بدين سنڌ سن 1974 ص 8

(1)  الانا غلام علي ڊاڪٽر  ”سنڌ معلم“ س -ا-ب – حيدرآباد 1974ع ص 142

(1)  بروهي داد محمد خادم” سبي خطري ۾ سنڌي زبان جي محوارن جو لساني جائزو“ پي ايڇ ڊي ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1990ع، ص 402

(1)  بلوچ نبي بخش ”مداحون ۽ مناجاتون“ س -ا-ب حيدرآباد 1959ع ص 408

(1)  بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر” مداحون ۽ مناجاتون“ متب س-ا-ب حيدرآباد 1959ع ص 404

(1)  هرکن لعل ڪندو مل، مرتب ”بحرالعشق“ (رکيل شاهه جو رسالو) درگاهه فتح پور ڪڇي بلوچستان، 12 فيبروري 1968ع،ص 166

(2)  فتح چند ڪنيا لعل، مرتب ”بحرالعشق“ فتح ڪلاٿ هائوس جيڪب آباد، فيبروري 1987ع، ص 167

(1)  بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر ”مداحون ۽ مناجاتون“ س –ا-ب حيدرآباد 1959ع ص 399

(1)  بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر” ٻيلان جا ٻول“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ڇاپو ٻيو، 1970ع ص 415

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org