سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

باب؛ --

صفحو ؛ 8

 

لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

’ثقافت‘ هڪ وسيح ۽ گهڻن پهلوئن وارو موضوع آهي، بلڪه هيئن چئجي ته صحيح ٿيندو ته انساني جيوت خود ثقافت جي مختلف پهلوئن جي نشاندهي ڪري ٿي. هڪ طرف انسان جي هٿ جو پورهيو ۽ هنر عين ثقافت آهي، ته ٻئي طرف سندس تفريح ۽ حُسن ڪاريءَ جا نمونا ثقافت جي پروڙ ڏين ٿا. ڪنهن مخصوص خطي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، کاڌ خوراڪ، لباس، راڳ روپ، سوچ ۽ ذهنيت کي ثقافت چئجي ٿو. ائين سنڌ کي پنهنجي مخصوص ۽ منفرد ثقافت آهي.

جيئن ته ڏکڻ سنڌ/ لاڙ، اُتر ۽ باقي سنڌ کان هڪ ڏورانهون هنڌ آهي، ان ڪري بنيادي ثقافتي ڌارا کان البت لاڙ جي ثقافت ڪٿي جدا آهي، ته ڪٿي بنيادي ثقافتي ڌارا سان گڏ به آهي. اهو صحيح آهي ته لاڙ جو ثقافتي ورثو ايامن کان موجود آهي، پر ان جي سڃاڻپ ڪرائڻ وارو لاڙ جو سچو پچو خادم، هڏ ڏوکي ۽ املهه ماڻڪ منهنجو پيارو دوست محترم محمد سومار شيخ هو. هُو 1955ع کان ادب کي اُجارڻ ۽ ثقافتي سرمائي کي انروا ڪرڻ ۾ ڏينهن رات رڌل رهيو، پر خود لاڙ وارن اهو ابر جو اها ۽ کنوڻ جو چمڪاٽ بدين ضلعو ٺهڻ سان ڏٺو. خاص طور جڏهن 1976ع ۽ 1980ع ۾ ثقافتي ميلا ۽ سيمينار ٿيا. اڄ هرڪو ڄاڻي ٿو ته مرحوم محمد سومار جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ٻين ڪتابن کانسواءِ ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“، ”بدين“ ۽ ”بدين ضلعي جو مطالعو“ ۾ ڪيترو ئي لاڙ جي ادب، تاريخ، قديم آثارن، هنرن ۽ شخصيتن جو مواد گڏ ٿيل آهي. ٻيو ته خير پر هنرمندن جي مڪمل سروي ڪرڻ، انهن کي شهر ۾ گڏ ڪرڻ ۽ کين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کان وظيفا ۽ رقمون ڏيارڻ جو ڪم به مرحوم ڪيو. معمور يوسفاڻيءَ صحيح چيو آهي؛

دؤر هِن جي سونهن آه سُومار شيخ،

آهي سڀني جو پيارو يار  شيخ.

اسان کي وڏن جي ورثي ۽ ثقافتي سرمائي کي سنڀالڻو آهي، جيئن مون عرض ڪيو ته لاڙ پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي ڪري منفرد آهي ۽ هاڻي ان ورثي کي محفوظ رکڻ اسان جو اولين فرض هجڻ کپي.

سنڌ جي ”تاريخ“  ۾ لاڙ جو حصو ئي ايترو آهي، جو انهن پراڻن واقعن جي لڙي لاڙ جي حوالي سان ڏسجي، پرکجي ۽ محفوظ ڪجي ته  وڏو ڪم ٿيندو. سومرن جا آثار ۽ تخت گاهه لاڙ جو سينگار آهن. سمن ۽ انهن کان پوءِ جي حڪمرانن جي آثارن ۾ هڪ ٺٽو ئي لکن جي مٽ آ. لاڙ جو سڄو علائقو سرڪار چاچڪان تاريخ ۽ قديم آثارن جو خزانو آهي، پراڻا تخت گاه، مقبرا، مسجدون، مدرسا ۽ ڍورا اسان جي تاريخ ۽ قديم آثارن جا نشان آهن. رام ٻارهو، بدين جي ڏکڻ ۾ شاهه قادريءَ جي ويجهڙائي واري مسجد ۽ شاهه برهان وارو قبو اسان جي دور جي هنن گذريل پنجويهن سالن ۾ ڊٺا آهن. مون وٽ ۽ محمد سومار جي ذخيري ۾ انهن جا فوٽو موجود آهن.

”لاڙهڪ قديم خطو“ آهي، وڳهه ڪوٽ هجي يا روپاه، بدين هجي يا ٺٽو، سونڊا هجن يا نندي شاهه وارا ميرن جا قبا، هن سرمائي کي دستاويزن کان وٺي وڊيو فلمن تائين محفوظ ڪرڻ کپي.

”لاڙ هڪ مردم خيز خطو“ آهي. اولياءَ ۽ مشائخ کان وٺي جديد ليکڪن تائين هڪ طويل فهرست آهي. جنهن ۾ اهل دل کان وٺي اهل هنر تائين شخصيتون اچي وڃن ٿيون. اوليائن جو ته لاڙ گهوارو آهي. پر قديم شاعرن ۾ سلطان اوليا خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو هڪ اهڙو عظيم شاعر آهي، جنهن سان لاکيڻو لطيف ملڻ لاءِ آيو. خواجه صاحب جو ڪلام تصوف جي باريڪ نڪتن سان مُزين آهي.

”مولوي احمد ملاح“، سانوڻ فقير ۽ حاجي مراد چانڊيو لاڙ جي بدين ايراضيءَ جا وڏا شاعر آهن. سڄاڻ سگهڙن جو ته ڪو سنڌو سيڙهو ڪونهي. ڪهڙو لاڙ جو شاعر آهي، جنهن جي لفظ لفظ تي هنن شاعرن جي فن ۽ فڪر جو پاڇولو نه آهي. نثر نويسن ۾ محمد صديق مسافر، حڪيم نذير حسين ۽ ٻيا لاڙ جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺا آهن.

جئين سياست ۽ لاڙ جي ابن ۾ پير عالي شاهه، محمد اشرف ٿيٻو، ارباب فضلي، ڪسيرو خاصخيلي،حاجي محمد بوهڙ، مير  غلام محمد، قاضي ابراهيم ۽ ٻيا نشانبر آهن. تيئن ڪيترا نيڪ مرد، طبيب، سخي ۽ سچار لاڙ جو ثقافتي ۽ ادبي سرمايو آهن. جن جا تفصيل مرحوم محمد سومار جي ڪتابن ۾ محفوظ آهن.

لاڙ مختلف قومن ۽ ذاتين، جي به آمجگاه آهي. مختلف لباسن، ريتن،رستمن ۽ مقامي ڳالهين جي ڪري هنن ۾ هڪ رنگا رنگ ثقافت به ملندي. لاڙ جي بيل گاڏي به اُتر جي بيل گاڏيءَ کان علحدي آهي، اُتر جي گاڏي ڪڇ جي رينڪڙي وانگر ننڍي آهي. اسان جي گاڏي وڏي، ويڪري ۽ پاسن کان بئنڪن جي ڪري محفوظ آهي. ان تي پردي خاطر پوش چاڙهڻ جو رواج به اسان وٽ آهي. انهيءَ لحاظ کان هڪ شانائتي سواري به.

مرحوم محمد سومار جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ احمد ڪيرئي ٻين ليکڪن جي چند اهم مضمونن ۾ هنر مندن بابت تفصيل سان لکيو ويو آهي. هُنرَ ثقافت ۽ جيوت جو بنيادي حصو آهن.

لاڙ جا هنر مندَ، واڍا هجن يا رازا، لوهار هجن يا ڪنڀار، وينجهر هجن يا کٽي، پنهنجي فن جو داد دنيا کان حاصل ڪري چڪا آهن. ”ڇُرَ“ جو ڪم لاڙ ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. هن ڪم ۾ رومال، اجرڪون ، کنهبا، چادرون ۽ ملير وغيره خاص طور سهڻا ٺاهيا وڃن ٿا. جديد لباسن جو رواج نه رڳو اسان جي ڪم کي ڇيهو نه رسائي سگهيو، بلڪه اسان جا ڇاپا جديد ڇاپن تي اثر انداز ٿيا. اجرڪ جي مختلف  قسمن تي فرانس جي خاتون محقق ڪوُزين ڪم ڪيو آهي. ٻانڌڻي جو ڪم به بدين جو منفرد آهي.

اهڙي طرح لاڙ جو اهوڙڪو، سونارڪو ۽ چمڙي جو هنر به قابل داد آهي، جديد تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي چئلينج کي منهن ڏيئي پنهنجي انفراديت مچائي چڪو آهي. لاڙ جا وينجهر، ٺاٺارا، ڪاريا ۽ ڌاڪارا ايامن کان پنهنجي هنر کي قائم رکيو اچن.

اهو ممڪن ڪونهي ته سڀئي سڄاڻن جي هنرمنديءَ جو پورو جائزو وٺي سگهجي. ته به ايترو چئبو ته لاڙ جي مڻيا پُوچ، ڀرت، لهوار، اڳٺ، رليون. ڦڻيون ۽ اهڙو ٻيو نازڪ ڪم هڪ طرف ۽ عمارت سازيءَ جو سامان ۽ فن ٻئي طرف، هن خطي جي ثقافت توڙي سماجي ضرورت جو پورائو ڪري ٿو.

وندر جي سامان، راندين، راڳ روپ ۽ ميلن ملاکڙن جي سماجي حيثيت ۾ توڙي تفريحي طور پرک وٺجي ته معلوم ٿيندو ته لاڙ جو مان مٿانهون نظر ايندو.

لاڙ جي ”راندين“ ۾ اِٽي ڏڪر، دريون، ملهه ۽ مختلف قسمن جي بال راند نمايان آهي، شادين جي موقعي تي مختلف وندرون، ناچ، راڳ ۽ ڳيچ به اسان جا منفرد آهن، ڳيچن جي قدامت لاءِ ڪرهيي  ڀانڊاريءَ جي مريدياڻي مائي مرکان جا ڳيچ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم حصو والارين ٿا. ائين گهوڙي سواري به لاڙ ۾ هڪ اهم وندر آهي،.

”لاڙ ۾ ميلن“ جي شاهه قادري، ساجن سوائي، سمن شاهه، گل غيبي، احمد راڄو ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ميلا وندر ۽ واپار جي ڪري ماضيءَ ۾ تمام اهم رهيا آهن، نئين تهذيب ميلن جي پهرئين رنگ ۾ فرق آندو آهي، پر شاهه قادريءَ جي ميلي جا ملاکڙا لاڙ واسين کان ڪيئن وسرندا. ماضيءَ جي هر جمعي  تي ملاکڙا ۽  ملاکڙي جي ميڙهين جا واڪا منهنجن ڪنن ۾ اڄ به وڄن پيا. حاجي سومار چانڊئي جا واڪا ۽ واهه واهه ۽ حمزي جت، شڪاريءَ ۽ ٻين ملهن جي سرسي مون کان اڃان به نه وسري آهي.

ثقافتي سرمايو اڻ ميو ۽ اکٽ آهي. ان جو جائزو وٺڻ لاءِ دفتر کپن، جي غور سان ڏسنداسين ته هن وکر جو وهائيندڙ اهي دفتر هن کان اڳ لکي ڇڏي ويو آهي. منهنجو اشارو مرحوم محمد سومار شيخ ڏي آهي. مون سندس چاليهي جي موقعي تي ان ڳالهه جو بدين ۾ ٿورو ذڪر ڪيو ۽ هڪ مضمون پمفليٽ جي صورت ۾ شايع ڪيم. فيبروري 1988ع ۾ جيڪا سنڌي شعبي  سنڌ يونيورسٽي پاران بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي سين، ان ۾ هڪ مڪمل مقالو محمد سومار شيخ جي شخصيت، فن ادبي ۽ ثقافتي خدمتن تي پڙهيم ۽ ان موقعي  تي ”لاڙ رنگ“ جي نالي سان ثقافتي نمائش به لڳائي سين، جنهن ۾ نوجوان ابو بڪر شيخ  سڄو انتظام ڪيو، آئون وري به عرض ڪندس ته گهڻن جو سهڪار مرحوم شيخ صاحب حاصل ڪيو ۽ لاڙ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو. پر تحقيقي ڪم ۽ جاکوڙ سڄي سندس هئي، اهو آئون 1955ع کان ڏسندو پيو اچان. هن پنهنجي ڪتابن جي فهرست جيڪا ”قلم وهي ويو ڪانهن“ جي نالي سان 1969ع شايع ڪئي، تنهن ۾ 200 ڪتابن جو تعارف آهي. هن فهرست ۾ انهن ڪتابن جو ذڪر به آهي جيڪي هن 1952ع ۾ لکيا. فهرست موجب سندس لکيل پهريون ڪتاب، ” مذهب ڇا آهي“. 1969ع کان وٺي 1986 تائين ٻيا به هڪ سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. اڪثر پوءِ جا ڪتاب پهرين شايع ٿيا، بدين ۽ لاڙ کي متعارف ڪرائڻ وارا ڪتاب نه رڳو معلومات جو ڀنڊار آهن پر لاڙ جي هر پهلوءَ کي اجاگر ڪن ٿا. جيڪڏهن مرحوم جي لکيل ٽن سئو ڪتابن جو موضوع وار جائزو وٺجي ته اهي سنڌ توڙي لاڙ جي تاريخ، آثار قديم، ثقافت جي باري ۾، ذاتين، دڙن ڀڙن، نانگن ، بلائن، زيورن، وڻن ٽڻن، واڍن، لوهارن، ڪنڀارن ۽ ٻين هنر مندن، شاعرن، سگهڙن، سخي مردن، اوليائن ۽ ٻين  شخصيتن سميت لاڙ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي واقفيت ڏين ٿا. هن پنهنجي زندگيءَ جو مفصل احوال به ”منهنجو افسانو“ نالي ٻارنهن جلدن تي مشتمل ڪتابن ۾ لکيو آهي. 1955ع تائين لکيل هن آتم ڪهاڻيءَ جا اٽڪل 3000 صفحا آهن. هن ۾ به سندس ذات ۽ لاڙ بابت معلومات آهي، پر هڪ به جلد ڇپيل نه آهي.

اهو به غنيمت آهي جو مرحوم جا اٽڪل ننڍا وڏا پنجاهه ڪتاب شايع ٿيا آهن. جيڪڏهن سندس ڪتاب شايع ڪيا وڃن ته اهو علم ، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏو ڪم ٿيندو. مرحوم شيخ صاحب جون خدمتون لاڙ ميوزم جي سلسلي ۾ وسارڻ جوڳيون نه آهن. اسين پنهنجي ثقافتي سرمائي کي ڪيئن محفوظ رکي سگهون ٿا، ان لاءِ چند تجويزون ڏيان ٿو، ايئن سمجهو ته آئون خاص طور اَن لاءِ ئي حاضر ٿيو آهيان.

لاڙ ميوزيم کي جيترو جلد ٿي سگهي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان جو نالو” محمد سومار لاڙ ميوزيم“ رکيو وڃي.

ننڍي پئماني تي ئي هجي پر ميوزيم سان گڏ هڪ اشاعت گهر به قائم ڪيو وڃي. جيڪو ضروري انگ اکر، سالياني تحقيقي مخزن، ميوزيم ۾ گڏ ٿيل نوادرات جا تفصيل شايع ڪندو رهي، ڪتابن جي اشاعت ۾ اوليت مرحوم محمد سومار شيخ جي ڪتابن کي ڏني وڃي. ڇو جو انهن ۾ لاڙ جو گهڻو ثقافتي سرمايو موجود آهي.

ميوزيم لاءِ عملو مقرر ڪيو وڃي. ضروري فرنيچر ۽ سنڌي توڙي انگريزي ٽائپ مشينون ۽ فوٽو اسٽيٽ مشين خريد ڪئي وڃي.

قديم ڪتابن کي جيتن ۽ مٽيءَ جي ڪري تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فيوميگشن چيمبر Fumigation  chamber)) مهيا ڪيو وڃي.

زبون ۽ ڦاٽل ڪتابن کي بچائڻ لاءِ لئمينيٽنگ (laminating) مشين مهيا ڪئي وڃي.

آخر ۾ منهنجي گذارش آهي ته وس آهر موجود وسيلن مان ميوزيم کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ان جو انچارج ڪنهن ڄاڻو ۽ هڏ ڏوکي ماڻهوءَ کي بنايو وڃي ته جيئن اسان جو ثقافتي ورثو ۽ سرمايو محفوظ رهي ۽ ايندڙ نسل ان مان فائدو وٺن.

 

جت قوم، ان جي تاريخ ۽ سنڌ جي ثقافت ۾ انهن جي ڪردار جو اڀياس

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هي شعر ڪهڙو نه سهڻو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪردار، اخلاق ۽ خصوصيتن جو نقشو چٽيو آهي. هُو فرمائي  ٿو:

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هرڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس تون سهي اڻڄاڻ،

سچ  آهي ته سنڌ جو هر ماڻهو، موتيءَ جي داڻي مثل املهه آهي ۽ سنڌ اهڙن هيرن جي کاڻ آهي. سنڌ جو هر خطو هيرا جواهر پيدا ڪري ٿو. هر علائقي جي خوبي پنهنجي پنهنجي آهي، هر خطو ڌار ڌار خوبين ۽ خصوصيتن سان  مالا مال آهي، هر خطي ۾ رهندڙ ماڻهو سهڻا ۽ سلوڻا آهن، فقط ڇا آهي جو اسان سنڌ جي ڌار ڌار خطن، ماڳن ۽ مڪانن، ڌار ڌار ماڻهن، قومن ۽ قبيلن انهن جي رهڻي ڪهڻي، انهن جي گذر و معاش“ ريتن رسمن ۽ انهن جي تاريخي حال احوال جو گهرو مطالعو ئي نه ڪيو آهي.

قومن ۽  قبيلن، ماڻهن ۽ ماڳن جي مطالعي مان، منهنجي مراد، سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ انهن جي ثقافت، ٻولي، لهجن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو اڀياس آهي. ماڻهن جي اڀياس جو موضوع لساني نسلن جي علم يعني (Ethnology) سان واسطو رکي ٿو ۽ انهن جي ٻولين، لهجن، محاورن جو اڀياس، علم اللسان ( لسانيات) سان واسطو رکي ٿو. ان موضوع کي جاتيوار يا نسلوار ٻولين جو علم (Ethnolinguistics) چئبو آهي.  هر انساني تاريخ جا اهي اهم موضوع آهن.

سنڌ جي هر ڌار ڌار خطي جو ڌار ڌار تفصيلي اڀياس ضروري آهي، ان ڏس ۾ لاڙ جي سر زمين جو اڀياس ته وڌيڪ دلچسپ رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ ” لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ بدين ضلعي تي شايع ٿيل ڪتابن، سجاول، جاتي ۽ ميرپور بٺوري تي شايع ٿيل مواد، ٺٽي، ڀنڀور، ديبل، مڪلي، سونڊا ۽ ٻين خطن تي ڇپيل مضمون ۽ مقالا، مفصل مواد سان ڀريل آهن، پر ان هوندي به ذاتين، نسلن ۽ قبيلن جي تفصيلي اڀياس کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي موضوع اڃا اڇوتا پيا آهن، جن مان هر هڪ موضوع ايترو ته وسيع ۽ ايترو ته وڏو آهي جو هر موضوع تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

محترم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي ڪتاب ” سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“ جو مهاڳ لکندي، ديوان پرسو جيسارام گدواڻي لکي ٿو؛

” نون سالن کان ڪڇ جي، خاص ڪري ٻني علائقي جي انيڪ ڳوٺن جا دورا ڪيا اٿس، ڪيترن ئي سنڌي ذاتين جهڙوڪ: متوا، جت، سما، سومرا، ڀٽي، سهتا، لوڻائي وغيره جي ڳوٺن ۾ رهي، سنڌي ڪلچر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ان کان سواءِ سنڌي راجپوتن، سوڍن ۽ راٺوڙن وغيره جي ڳوٺن ۾ رهي، انهن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو اڀياس ڪيو اٿس“.

سنڌي عالمن سان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان سواءِ ڪاڪي ڀيرو مل، محترم رائچند هريجن، محترم محمد اسماعيل عرساڻي، الهه بچائي سمي، محمد صالح سمي، ماستر محمد سومار شيخ، طالب لوهار، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ”سنڌي“ ۽ موجوده زماني ۾ محترم عبدالله ورياه، ڊاڪٽر پرسي گدواڻي، بابر سومري هن سلسلي ۾ قلم کنيو آهي.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻي ڪڇ ۾ رهندڙ سنڌي قومن، نسلن ۽ ذاتين جي ٻولين ۽ ڪلچر جو ڀرپور اڀياس ڪيو آهي. هو”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي زيارت“ واري عنوان هيٺ لکي ٿو:

” هر دفعي جڏهن به ٻني ۽ ڪڇ ۾ ٻوليائي اڀياس لاءِ ويندو آهيان ته ان دوري کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر جي زيارت سمجهندو آهيان، ڇو ته ٻني علائقو، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي انيڪ پهلوئن کي ساهه سان سانڍي ويٺو آهي. ٻنيءَ جي سنڌين انيڪ ڪشٽ ۽ ڪشالا سهندي به، سنڌي ٻوليءَ کي زندهه رکيو آهي. انهن سببن جي ڪري اتان جي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ ۽ اتان جي ڪلچر جو مزو ماڻڻ، ڪنهن به درگاه تي وڃي،  اتي مندر ۾ مورتيءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪڻ کان گهٽ ڪو نه آهي. هر دفعي پنهنجي سنڌ امڙ جو نئون ۽ نرالو روپ ڏسندو آهيان ۽ ان جي ٻوليائي قسمن (Varieties) جو اڀياس ڪري، پنهنجي سنڌ امڙ جي شاهوڪاريءَ اڳيان سجدو ڪندو آهيان ۽ ان جي شاهوڪار ڪلچر اڳيان مٿو ٽيڪيندو آهيان(1).“

سنڌ کان ست سال ٻاهر رهي، پاڪستان جي ڌار ڌار خطن ڏسڻ ۽ گهمڻ جو مون کي گهڻو ئي موقعو مليو. اتي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيم، سندن ٻولين ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو وجهه مليم، انهن خطن جي تهذيب ۽ تمدن جون جهلڪيون ڏٺم. پنجابي ثقافت، پختون ثقافت، سرائيڪي ثقافت، شينڪي ثقافت، داردي ثقافت، گوجري ۽ هندڪو ثقافت، هُنزڪ ۽ بلتي ثقافت، تاجڪ،  چترالي، وخي ۽ ڪالاش ثقافت ۽ اهڙيءَ طرح ڌار ڌار ثقافتن ۽ تهذيب ۽ تمدن جي اڀياس جو موقعو مليم، مون پنهنجي اڻ ڇپيل ڪتاب،”ثقافتي ورثو“ ۾ شينن، بيشڪونن،ڊومن، دهقانن، هنزڪن، تاجڪن، گوجرن، چترالين، وخَين، ڪالاش جي ڪافرن ۽ ٻين قومن، نسلن ۽ جاتين جي گذر ۽ معاش، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، وهمن ۽ وسوسن کانسواءِ سندن ٻولين تي مفصل روشني وڌي آهي.

 سنڌي جي ثقافت، تهذيت ۽ تمدن، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ٻوليون، انهن جا لهجا، محاورا ۽ ڌار ڌار روپ، پنهنجي ليکي جيڪا خوبي رکن ٿا. انهن جي لاءِ ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ سدائين سهاڳڻ رهي آهي، سنڌ جي ڌرتي سدا سهاڳڻ رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو سهڻا آهن ۽ اهي سهڻي ثقافت جا ڌڻي آهن. سنڌ  ۾ لاڙ واري علائقي جون خوبيون، منهنجي خيال ۾، سڀني علائقن کان اور آهن. لاڙ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز آهي، لاڙ، سگهڙن، لوڪ فنڪارن، لوڪ شاعرن، هنرمندن ۽ مختلف نسلن ۽ ذاتين جو ديس آهي، هتي جي تاريخ پراڻي آهي. (1) هن خطي جو اتهاس پاچين آهي. هتي جو هر ماڳ ۽ مڪان پنهنجي سيني ۾ تاريخ جا دفتر رکي ٿو.

مون لاڙ جو تفصيلي دورو ڪيو آهي، هن خطي جي ثقافت ۽ علم ادب جي تاريخ تي P h D لاءِ ٿيسز لکي اٿم (2). مختلف ماڳ ۽ مڪان گهميا اٿم، سگهڙن ۽ سياڻن سان ڪچهريون ڪيون اٿم، ڀاڳوڀان وارا ڀڙا ۽ پڊ گهميا اٿم، مها طور  (محمد طور)، روپا ماڙي، وڳهيه ڪوٽ، سنڌڙي بندر، الله بند، علي بندر، ڪانجي ڪوٽ، هوٿي نهڙئي جو ڪوٽ، نتاجل منڌڙي ۽ راڌڻ منڌڙي جا ڪوٽ، ٻنگار جي شهر جا پڊ، باغ جي پتڻ جا آثار، ونگي پتڻ جا کنڊر ۽ هوٿل پدمڻيءَ جو تلاءُ ڏٺو اٿم، اهڙيءَ طرح ٻيا به ويران خطا ۽ ماڳ جهڙوڪ سنڊو بندر ، لنڊ ڪوٽ، جهم جو گهيڙ، ڪوٽڪي واري درياءُ، جي ڇاڙ، جوڻ، فتح باغ، پٽيهل درياءُ جا پٽ ۽ اُن جو پيٽ، وسائي جون ماڙيون، ڪيٽين جا قبا، جتن ۽ چانڊين جا ماري وارو ماڳ، مَلڪن جو مقام، سيرکاري، ڪوري کاري، حجامڙو شاخ، حيدر شاخ، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، لاڙي بندر، اورنگا بندر، جاکي بندر، ديو، راڻي جو ڪوٽ، پير پٺو ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڳ ۽ مقام گهميا اٿم. انهن ماڳن ۽ مقامن کانسواءِ لاڙ جا ڪيترائي ميلا ۽ ملاکڙا ڏٺا اٿم. انهن ۾ سانوڻ فقير جو ميلو، ساڄن سوائيءَ جو ميلو، شيخ ڀرڪئي جو ميلو، غلام شاهه جو ميلو، مغل ڀين، مهر شاهه، شاه ڪريم، شيخ ابراهيم ۽ شاهه يقيق جا ميلا گهميا اٿم. هر ميلي جو رنگ جدا جدا. مخدوم لاکي لطف الله جي ميلي تي ڏهر ۽ سماع جو رنگ، ڪرهيي ڀانڍاري، شاهه ڪريم جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ سماع جا رنگ نرالا آهن. اهڙيءَ طرح لاڙ ۾ راڄن جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪيم، ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪيون اٿم. ڪاري گونگڙي، ريڻ ، پراڻ، مهراڻي ۽ گونيءَ جا پراڻا گهيڙ ۽ پتڻ ڏٺا اٿم، قديم آثارن ۾ سڏ سڏيرڻ جو ٺل، ٻڌڪا ٽڪر، ماجيراءِ جي ماڙي ۽ ڪلان ڪوٽ جا آستان، پنهنجن پيٽن ۾ سڀيتا جا احوال سانڍين ٿا. پر لاڙ اڃا اڇوتو پيو آهي. لاڙ جي عالمن، اديبن، سگهڙن ۽ سياڻن جا احوال اڃا گڏ نه ٿيا آهن. سياڻن، سگهڙن، عالمن ۽ اڪابرن ۾ علامه علي محمد مهيري، علي ڪورائي، مريد فقير مهيري، رمضان جت، چڱو جت، اميد علي مهيري، عبدالله مسڻ، لعل بخش جت، گلو لاکو، حاجي مراد چانڊيو، حميد رند، فقير حيات جمالي، حسين فقير جت، پاپو ٺاراڻيءَ ۽ آسر خواجي کان سواءِ درگاهه شاهه عنايت صوفي شهيد سان واسطيدار صوفي فقير ۽ شاعر، درگاهه شاهه ڪريم سان واسطو رکندڙ شاعر، سگهڙ، سياڻا ۽ راڳائي فقير، اهڙي طرح ڪڙيو گهنور، ڪوٽ عالم ، کورواهه، ٻَني، سجاول، ماتلي، تلهار، بدين، ٺٽي، جاتي، چوهڙ جمالي، ٽنڊي غلام حيدر، ميرپور بٺوري ۽ ميرانپور جي شهرن ۾ واقع درگاهن آستانن سان واسطو رکندڙ عالمن فاضلن، شاعرن نثر نويسن، سگهڙن، هنر مندن، ڳائڻن وڄائڻن ۽  موسيقارن جو احوال گڏ ڪرڻ ضروري آهي. مولانا نور محمد نظاماڻي، تاج محمد افغان، خليفو محمود نظاماڻي ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس، مرحوم ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ٻين جي ڪلام ۽ پيام جو اڀياس اڃا ٿيو ئي نه آهي.

لاڙ سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سياست جو به هڪ اهم علائقو آهي، سنڌ جون بيشمار تاريخي شخصيتون هن خطي سان واسطو رکن ٿيون  جن ۾ شاهه ڪريم، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، پير عالي شاهه جيلاني، مير غلام محمد خان ٽالپور، مولانا احمد ملاح، الله بخش نظاماڻي، مير بنده علي خان ٽالپور، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو، سيد غلام حيدر شاهه بلڙائي، صاحب ڏنو شاهه بلڙائي، خير محمد چانڊيو، ملڪ فريد، نذير حسين حيدري، مولانا نورنگ زادو، عبدالرحيم شاهه سجاولي، سيد مهر علي شاهه، سيٺ محب علي خواجو، سيٺ محمد جعفر خواجو، ارباب نور محمد پليجو، سيٺ سلطان علي خواجو، فقير محمد عيسيٰ خواجو، آڇَ وارا پير، تلي  وارا پير ۽ ٻيا خاص نالي وارا ٿي گذريا آهن. مون کي هن مقالي ۾ راڌڻ منڌري، تاجن منڌري، هوٿي نهڙئي، مير باگي خان، سنڌراڻي، يا هتي جي تاريخي آثارن جهڙوڪ؛ مانڌر، مهراڻي، ونگي، ولاسي، جوڻ ۽ رڙيءَ جي باري ۾ ڪجهه به لکڻو نه آهي. مون کي ڪانجي ڪوٽ، ٽيڪراءِ جي ماڙي، ارڻيءَ جي ڪوٽ، علي بندر، سنڌڙي بندر، الله بند، ڪوري کاري، سير کاري، سنڊي بندر، ڪوٺي، سيف الملوڪ جي واءِ، مهراڻي جي مير راضي شاهه ۽ سمن سائينءَ جي باري ۾ به ڪجهه چوڻو نه آهي.

منهنجي هن مقالي جو موضوع نسلن جي علم (Ethnology) متعلق آهي، مون کي لاڙ ۾ رهندڙ قومن ۽ قبيلن جهڙوڪ، جتن، ڪيهرن، ٻارڻن، نهڙين، لومڙين، نڱامرن، رنگريزن، کٽين، مهاڻن، مناهجن، سومرن، سمن، سماٽن، سابوگرن، برفتن، جاکرن، پالارين، شورن، منڌرن، ٿهيمن، جوڻيجن، چانگن، چانڊين، مالهين ، پرهياڙن، کهڙن،  ڀانن، زئونرن، ريٻاڙين، ٽالپورن، ميمڻن، خواجن، پليجن، جوڳين، ڪولهين، ڀيلن، مينگهواڙن، ڪرمتين، ڪارين، ٻاليشاهين، ٻانڀڻن، ڪاٺ ٻانڀڻن، باگڙين، واگهڙين، مهيرين، خاناڻين، سومرن ۽ راجپوتن مان فقط هڪ قبيلي يعني ’جتن‘ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪرڻو آهي؛ ککر ۾ کڙو هڻڻو آهي ۽ هن سوال جي وضاحت لاءِ اوهان کان هي سوال جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اوهان کان هي سوال ڪرڻو آهي ته ڇا جت، بلوچ آهن؟ هن سوال پڇڻ مان منهنجي مراد، ماهرن کي جاڳائڻ آهي ۽ هن اهم موضوع تي تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ آهي ته جيئن سنڌ جا عالم مؤرخ ۽ محقق به ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ وانگر، لوڪن وٽ وڃي موجود مواد جي باري ۾ کوجنا ڪن؛ سنڌ جي سگهڙن جي سينن ۾ سٿيل سرمايو انهن کان هٿ ڪن ۽ سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، ٻوليءَ جي ڌار ڌار روپن جو اڀياس ڪن. هي سادو مواد، لوڪ ساهتيه واري حصي ۾ اچي ٿو ۽ ان جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو، ديوان ليلارام مير چنداڻي، مشهور لوڪ فنڪار ۽ ودوان پروفيسر رام پنجواڻي جو حوالو ڏيندو لکي ٿو:

” لوڪ ساهتيه جي ڦهلاءَ ۾ وڏي هٿي ڀٽن، ڪٿڪن، چارڻن ۽ ڀڳتن ڏني آهي. جڏهن اخبارون ڪو نه هيون ۽ سفر ڪرڻ جا وسيلا محدود هئا، تڏهن  اهي ڀٽ ۽ ڀڳت هوندا هئا جي ديسان ديس رٽن ڪندا وتندا هئا ۽ هتان جون خبرون کڻي هُت پهچائيندا هئا، خشڪ  نموني ۾ خبر چار نه ڏيندا هئا. پر ڪوتا ۽ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾، اهڙو ڪو سنڌي ورلي هوندو، جنهن ڳاڙهي پڳڙي ۽ اڇي جامي وارو ڀڳت نه ڏٺو هوندو. پيرن ۾ ڇير پائي جڏهن ڀڳت اچي عام خلق جي وچ ۾  بيهي سازن جي ساٿ سان ڳائيندا، نچندا ۽ ڪهاڻيون کڻندا آهن، تڏهن ٻيا کيل تماشا، ناٽڪ ۽ ناچ وسري ويندا آهن. سنڌ ۾ اها ڀڳت عام وندرن لاءِ بلڪل عمدو وسيلو هئي. هندو ۽ مسلمان هزارن جي تعداد ۾ بنا خرچ، ڀڳت ڏسڻ ۽ ڀڳتي ٻڌڻ ايندا هئا ۽ هڪ ئي وقت ناچ، راڳ ۽ ناٽڪ جو درس وٺندا هئا. اهي ڀڳت ۽ چارڻ آهن، جن اسان جي سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۽ گيتن کي جيئرو رکيو آهي“.(1)

رچنداڻي اڳتي لکي ٿو:

” هتي هند ۾ لوڪ ساهتيه ۽ لوڪ سنسرڪتيءَ کي پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ زندهه رکي ويٺا آهن. سوڍا،سما، متوا، جت ۽ ٻيون سنڌي ذاتيون جي هن وقت ڪڇ جي ٻني ايراضيءَ ۽ ڪن ٻين دور دراز ڳوٺن ۾ رهن ٿيون ، انهن جي محفل هر رات مچندي آهي ۽ ڀڳت بدران، شاهه لطيف، چڱي شاعر، سانوڻ شاعر وغيره ۽ ٻين مڪاني شاعرن جي بيتن، ڏوهيڙن، واين ۽ ڪافين سان رات رنگين ٿي ويندي آهي. وري جو ان ئي محفل ۾ سنڌي سگهڙ، ڏٺِون ۽ ڏور، هنر ۽ ڳجهارتون ڏيندا، وٺندا ۽ سليندا آهن، سنڌي ٻوليءَ جي جهونن لفظن جي پلٽ پلٽان ڪندا آهن ۽ اهي ڳالهيون نه رڳو ان محفل کي چار چنڊ لڳائينديون آهن۽ محفل ۾ شريڪ ٿيندڙن کي وندر ۽ ورونهن ڏينديون آهن، پر  ان ڳالهه جو ثبوت به ڏينديون آهن ته سنڌي لوڪ، ساهتيه ۽ سنڌي سنسرڪتي جڳان جڳ  پيئي جيئي.“ (2)

يقيناً سنڌي لوڪ ساهتيه ۽ سنڌي سنسڪرتي جڳان جڳ جيئندي رهي آهي ۽ تاقيامت جيئندي رهندي. اُن کي جيارڻ وارين مٿي ڏنل ڪيترين ئي قومن، قبيلن، نسلن ۽ ذاتين جا نالا ڳڻايا ويا آهن، پر هن مقالي ۾ فقط جتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو ذڪر به فقط تاريخي ۽ ثقافتي حد تائين آهي، سنڌ جي ثقافت ۾ جتن جو حصو، سنڌ جي ثقافت ۾ جتن جو ڪردار ۽ اهڙن ٻين موضوعن جي تفصيلي حوال لاءِ هڪ نه پر ڪئين ڪتاب لکڻا پوندا.

جت اصل ڪير آهن؟ اهي هتي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا ڪٿان ٻاهران اچي هت آباد ٿيا؟ پاڪستان ۾ عموماً ۽ سنڌ ۾ خصوصاً جتن جا ڌار ڌار ڪهڙا ڪهڙا پاڙا آهن؟ اهي ڪٿي ڪٿي آباد آهن؟ اهي ڪهڙن ڪهڙن نالن سان سڏبا آهن؟ هن ڏس ۾ ڀارت جو عالم ڪالڪا-رنجن قانون گو(Kalika – Ranjan Qanungo) ڪرنل ٽاڊ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو؛

”جت لفظ، عالمن جي ڪنن تي پهريون دفعو ’جيتي‘ (Gaete) ’بُتي‘ (Yuti)  ۽ ’ييٿا‘ (Yetha) جي ڌار ڌار نالن جي صورتن ۾ پهتو. اهي قبيلا، ”آمو دريا“ (Oxus river) واري خطي جا رهاڪو هئا، پر ٻوليءَ جي ماهرن (Philologists) پهريون دفعو هن راءِ تي اعتراض ڪيو، ڊاڪٽر ٽرومپ ۽ جان بيمس دعوا ڪئي ته جت قبيلا خالص، هند آريائي نسل سان واسطو رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جي ٻولي، جسماني بناوت ۽ ڊول، هند- آريائي نسل وارن ماڻهن جهڙو آهي ۽ انهن جي ٻولي هنديءَ جو لهجو لڳي ٿي، پر انهن ٻنهي ماهرن ان راءِ طرف ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو ته جتن جي نسل جا سٿين قوم سان به ڪي اهڃاڻ ۽ نشان پار ملن ٿا. هنن ماهرن کي ، سائنس جي انهن ترقي يافته نتيجن شايد خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو جنهن موجب هي قول قبول ڪيو ويو هو ته؛

’ڪنهن قوم جي حسب نسب لاءِ ٻولي مهيا نٿي ڪري‘

(Language is not a proof of race) (1)

ڪالڪا، رنجن اڳتي لڳي ٿو:

”ماهر شايد جتن کي هند- آريائي نسل مان هجڻ واري راءِ جي ثابت ڪرڻ ۾ صحيح هجن، پر اها راءِ تڏهن قبول ڪري سگهبي، جڏهن سنسرڪت جي پراچين ادبي مواد ۾ انهن نسلن ۽ جاتين جي باري ۾ معلومات ڏني وئي هوندي، مهاڀارت ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڌار ڌار قومن ۽ جاتين جي بيان ۾ جتن بابت ڪا به معلومات ڏنل ڪانهي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب کي ” جتن جو گهر“ مڃيو ويو آهي“.(2)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جتن کي بلوچ نسل مان هجڻ قرار ڏيندي ، جتن جي اصل نسل جي باري ۾ لکي ٿو؛

” ٻين ۽ ٽين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ساڪن (Scuthian) ڏکڻ – اوڀر ايران واري ڀاڱي يعني سيستان تي قبضو ڪيو، تڏهن جت – بلوچ قبيلن اتان مڪران، موجوده بلوچستان ۽ سنڌ طرف هجرت ڪئي. ساڪ (سٿين) سيستان فتح ڪرڻ بعد مڪران، بلوچستان ۽ سنڌ کي فتح ڪري هيٺ  ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف وڌيا، ساڪن جي انهن ڪاهن سببان هجرت ڪندڙ جت – بلوچ قبيلن، جبلن ۾ رڻ پٽن کي وسايو، بلوچن جي اها سڀ کان آڳاٽي هجرت هئي، جنهن ۾ هڪڙن قبيلن (بروهي – بلوچن) سنڌ ۽ بلوچستان جي جبلن کي وسايو ۽ اتي جي ٻولي اختيار ڪئي. ٻين قبيلن ( جت—بلوچن) وڌي اچي سنڌ ۽ سبيءَ جي بيابانن کي پنهنجو وطن بنايو ۽ ايندڙ صدين واري عرصي ۾ هو مقامي باشندن سان ملي هڪ ٿي ويا ۽ مقامي ٻوليون اختيار ڪيائون. اتر ۾ سبي، ناڙي جي ميدانن ۾، ۽ هيٺ لاڙ طرف جاتي، ڪڇ، ٻني ۽ ٻين بيابان علائقن ۾ ’سنڌي- جت- بلوچن‘  جي آبادي، انهيءَ آڳاٽي هجرت جو يادگار آهي. سندن مقامي بودباش جي لحاظ سان پوءِ هڪڙن جت قبيلن مقامي سرائڪي ٻولي اختيار ڪئي ۽ ٻين مقامي سنڌي ٻولي“.(1)

 

بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:

”سنڌ ۾ مير جت قبيلن جو اصل ماڳ سبي- ناڙي آهي، جتي شورڻ، جهل، ناڙي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ سندن گهڻي آبادي موجود آهي، ازانسواءِ سنڌ ۾ هي قبيلا خاص طرح خيرپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ آباد آهن. هنن قبيلن ۾ راوچي، مندوستاڻي، بيلساڻي، لاکاڻي، براهماڻي ڪرمتي، مُنداڻي، سنتاڻي، بياماڻي، ڪُنڊاڻي، تيجواڻي، سيتانائي، گنڊ ڪاڻي ۽ بلنداڻي شامل آهن. اهي اڪثر جتن واري آڳاٽي ٻولي ڳالهائين ٿا.

لاڙ ۽ ڪڇ جي ”راڌن جتن“ ۾ راڌا، شيهه، عامُرَ، لاکاڻي، مِٺاڻي، آرباڻي، وزيراڻي، مُنداڻي، جيئنداڻي، ربناڻي، ڀنڀواڻي، ڏاتواڻي ۽ فقيراڻي وغيره قبيلا شامل آهن. انهن جي ٻوليءَ ۾ پڻ آڳاٽي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ فقرا رائج آهن(1)


(1)  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر” سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“  گانڌي نگر، گجرات سنڌي اڪادمي، 1989، ص ا

(1)  غلام علي الانا ڊاڪٽر” لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1977ع

(2)  ايضاً.

(1)    پرسو گدواڻي ڊاڪٽر، حوالي ڏنو ويو آهي، مهاڳ

(2)  ايضاً

(1) Kalika, Ranjan Qanungo, History of the jats, Foreword by jadunath sarkar, Delhi, India, Senita Publicaion, 1989, p -5

(2) Kalika Ranjan, Op, Cit, P, 5

(1)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ٻيو ڇاپو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980، ص 35 ۽ 36

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ حوالي ڏنو ويو آهي. ص 35 ۽ 36

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org