مون هن کان اڳ جتن مان ڪن سگهڙڻ، شاعرن، عالمن، اديبن، هنرمندن
۽ فنڪارن جا ڪي نالا ڳڻايا آهن، ڊاڪٽر پرسي
گدواڻيءَ جي راءِ موجب ڪڇ ۾، شاهه لطيف جي ڪلام
جا، گهڻائي ڄاڻو. سگهڙ ۽ ماهر جت فقير ئي آهن. هو
لکي ٿو:
”هت ڪڇ ۾ ڪيترائي شاعر، سنڌيءَ جا ٿي ويا آهن جن جو شعر هت
ڪيترن ئي جتن کي اصل بر زبان ياد آهي، خاص ڪري
هڪڙو شاعر ٿي گذريو آهي سهتو، هن شاعر جون انيڪ هٿ
لکيل پوٿيون ڏٺيون اٿم. ساڳئيءَ طرح ڀٽاري ڳوٺ جي
، حاجي ولي محمد صاحب وٽ چڱي جت جو چڱو شعر ڏٺو
اٿم. جَتَ ڪچهرين ۾ اڪثر انهن جو شعر ته چوندا ئي
آهن پر ٻنيءَ جي ڳوٺن ۾ بلي شاهه جو به ڳچ شعر ياد
اٿن ۽ حمل فقير جو به چڱو ڪلام سيني ۾ سمايو پيو
اٿن. ڪچهرين جا جڏهن به دور هلن ته پوءِ اصل شعر
جي پلٽ پلٽان ٿي ويندي آهي. سسئيءَ جي شروعات ڪندا
ته پوءِ هل هلان پئي هلندي، پر جي مومل راڻي جي
شروعات ڪندا ته پوءِ مومل راڻو پيو راڄ ڪندو.
ڪچهريءَ تي مون اڪثر ڏٺو آهي ته سوڍن جي ڪچهريءَ ۾
اڪثر مومل راڻو گهڻو هلندو آهي ۽ هوڏانهن جتن کي
سسئي گهڻي پياري(1).“
جتن کي شاهه لطيف جي ڪلام جي ماهر هجڻ جي سلسلي ۾ محترم سرائي
امداد علي به گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. سرائي صاحب
لطيف جي ڪلام گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪڇ به ويو هو ۽
اتي ٻه ٽي مهينا رهي، جتن سان ڪچهريون ڪري، ڪلام
گڏ ڪري آيو، جيڪو سنڌ ۾ اچي ڇپايائين.
جتن جي رهڻي ڪهڻي، گذر ۽ معاش، لباس، کاڌي خوراڪ، لوڪ ادب ۽ لوڪ
ثقافت جي باري ۾ لکڻ سان هي مقالو هڪ ڪتاب بڻجي
ويندو جنهن لاءِ گهڻي محنت، کوجنا، ڌار ڌار ماڳن ۽
مڪانن تي وڃي مواد گڏ ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي. هت آءُ
فقط ايترو عرض ڪندس ته سنڌ جي سياسي، سماجي،
ثقافتي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ جتن جو وڏو حصو رهيو
آهي. ڪاڪ فريد جي مالڪ، ملڪ فريد خان کان وٺي،
ملڪ جهان خان، ملڪ موسيٰ خان، ملڪ مامون خان
ملڪاڻي، ملڪ محمد موسيٰ ملڪاڻي، ملڪ غلام قادر
ملڪاڻي ۽ ملڪ رسول بخش ملڪاڻي کان سواءِ جاتي،
ميرپور ساڪري، کورواهه، بجاري شريف، ڪڇ ۽ ٻين خطن
۾ ڪيترائي بزرگ ۽ نوجوان جت ٿي گذريا آهن ۽ موجود
آهن، جن جو سنڌ جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
اڳ ۾ جت قوم جي مشهور عالمن، فاضلن، سگهڙن، سياڻن، فنڪارن ۽
هنرمندن جا نالا ڏنا ويا آهن.
مردن کانسواءِ هن قوم جون زائفائون به ڀرت ڀرڻ، آٺن جي ڏاس مان
فراسيون ، خزرينون، توبرا ۽ ٻيون سامان ٺاهڻ ۾
مهارت رکن ٿيون. چڱي جت سان ’ڪونجل‘ جو نالو ڪيٽي
بندر ۽ ڪڇ طرف مشهور آهي. انهن مڙني ڳالهين جو ذڪر
هن مقالي کي طويل بنائيندو، ان ڪري هت وڌيڪ ذڪر
ڪرڻ مناسب ڪونهي.
جتن ۾ هاڻ مهيرين، خاناڻين، زئونرن ۽ ڪيترن ئي ٻين پاڙن ۽
اوڙڪن جي زندگي خانه بدوش ڪانهي، پر اهي قبيلا هاڻ
سڪونت واري زندگي اختيار ڪري چڪا آهن، هنن مان هاڻ
ڪافي نوجوان پڙهي پيا آهن ۽ ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر
۽ استاد بڻجي چڪا آهن. البت کاري واري خطي ۾ رهندڙ
جت قبيلا تڏا، تئونريون ۽ ٻيو سامان ٺاهي شهرن ۾
وڪڻن. ڪي ته سٺا ۽ ماهر ميربحر پڻ آهن ۽ ڪي مڇي
مارڻ جو ڌنڌو به ڪن.
هن قوم جي اڪثريت کي اٺُن ۽ مينهن جهڙي مال سان گڏ جهنگن، پوٺن
۽ رڻن پٽن ۽ رهڻ ڪري، شهري زندگي جي اصل ڄاڻ
ڪانهي. هو پنهنجي فن ۾ ماهر آهن، انسانن ۽ جانورن
جي بيمارين جي ديسي يا لوڪ علاج ۽ دوا درمل جي چڱي
ڄاڻ اٿن. جانورن، خاص ڪري اُٺن ۽ مينهن جي نسلن،
انهن جي بيمارين جا وڏا ڄاڻو آهن، هو نکٽن نهارڻ ۽
سيارن جي اڀياس جا به ماهر آهن. لکٽن جي اڀياس جي
مدد سان، موسم جي باري ۾ پيش گوئي ڪرڻ کان سواءِ
ماڻهن ۽ مال جا پيرا کڻڻ، چورن جي جُو جي تلاش
ڪرڻ، 30 يا 40 سال اڳ گم ٿي ويل يا چوري ٿي ويل
وهٽ جي اولاد جي کير پيئڻ سان يا ان جي اولاد کي
ڏسڻ سان سڄاڻي ويندا آهن.
جتن سنڌ جي قديم ثقافت کي به هر هنڌ زنده رکيو آهي. اوهين ڪٿي
به وڃو، لس ٻيلي وڃو، قلا ت وڃو يا مڪران جي جد
گان خطي ۾ وڃو، يا افغانستان، ايران ۽ عراق وڃو،
مصر ۾ سئيز نهر جي ڪناري تي جتن کي ڏسو، صدي گذرڻ
جي باوجود، هنن جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۾ گهڻو فرق ڪو
نه آيو آهي.
ڊاڪٽر پرسو گد واڻي لکي ٿو:
”جتن جي مهمان نوازي ۽ سڪ جو آزمودو پهريون دفعو مليم، رات
ڪچهري هلندي، ڪيترا دفعا سچ پچ ته دل ڀرجي آئي
هئم. هينئر به ائين پيو محسوس ٿئيم ته سنڌ جي
ڀونءِ تي ويٺو آهيان. سڄو ماحول سنڌي آهي. ننڍا
ننڍا جتن جا ٻارڙا جنهن سڪ ۽ صدق سان رات ڪچهريءَ
۾ ويٺا هئا، دل ۾ پڪ پئي ٿئيم ته اسين ڀلي سنڌي
وساري ڇڏيون، پر جتن جا اهي ٻارڙا سنڌڙي امڙ کي
ڪڏهن به مرڻ نه ڏيندا. اهي انگريزيءَ جي موهه ۾ ۽
سونن سڪن جي سونهن تي، مٺڙي امڙ کي نه گهوريندا،
نه فقط ايترا پر اهي ننڍڙا ٻارڙا سنڌي ڪلچر جي اهم
پهلوئن کي به ساهه سان سانڍيندا ۽ جان سان گهريندا(1).“
مون پنهنجي مقالي، گوجر ۽ گوجري ٻولي جو اڀياس ۾ جتڪي، جدگالي،
ڪوهستاني، لاسي ۽ گوجريءَ جو تقابلي مطالعو ڪيو
آهي. جتڪي هڪ پراڻي ٻولي آهي. جتڪي جي باري ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو؛
” جتن جي ٻولي ۾ ’قديم سنڌي‘ جي خاڪي جا قديم اُهڃاڻ موجود آهن
(2).“
ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
” جتن ۽ ٺڪرن ( سوڍن) جي ٻولين ۾ پنهنجي پنهنجي خاص خصوصيت آهي،
جيڪا شايد اڳئين تاريخي دور جي يادگار آهي ۽ جنهن
سان ’سنڌي ٻولي‘ جي آڳاٽي خاڪي بابت ڪي نتيجا ڪڍي
سگهجن ٿا .(1)
“
بلوچ صاحب اڳتي لڳي ٿو:
”جن ’مقامي سنڌي‘ ٻوليءَ کي پنهنجو ڪيو، تن مان هن وقت فقط مير
جت قبيلا اها ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن ۾ آڳاٽي سنڌي
ٻوليءَ جا وڌيڪ آثار موجود آهن، حالانڪ ڪڇ جا
’راڌا جت‘ قبيلا پڻ آڳاٽي ٻوليءَ جا ڪي لفظ ۽ فقرا
استعمال ڪن ٿا (2).“
ڊاڪٽر پرسو گد واڻي لکي ٿو:
” جڏهن ٻني ۾ ڪڇ جي سنڌي ڳوٺن جيون جي باري ۾ سوچجي ٿو ته لڳي
ٿو ته ڀاشا وکيان جي ويچاري کان سنڌي ٻولي جي انيڪ
پهلوئن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو(3).“
اڳتي لکي ٿو:
”جتن جي ٻوليءَ ۾ ٻيا به انيڪ لفظ شاهه صاحب جي شعر ۾ ملندا(1).“
جتن جي ٻولي جي لفظن، فقرن، اسمن، فعلن، اسمن جي صيغن، فعلن جي
گردانن، اضافي صورتن، حروف جرن، عدد شماري، فعلن
جي زمانن ۽ جملن جي سلسلي ۾ هن مقالي ۾ مثالن سان
اڀياس، مقالي کي خواهه مخواهه طويل بڻائيندو، ان
ڪري ڪفايت کان ڪم ورتو ويو آهي.
اڳ ۾ شاهه جي رسالي جي پنجن سرن، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر
ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر حسيني ۾ شاهه لطيف جتن جي
ٻوليءَ جا لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي سسئي جي واتان
چورايا اٿس، يعني ته پنهو ۽ ٻيا آري ڄام وارا مٽ
مائٽ ۽ قبيلي وارا بلوچي ٻوليءَ ۽ جتن واري ٻولي
پڻ ڪم آڻيندا هئا.
لطيف فرمائي ٿو:
هوت پنهون ٿا نِين، ٻاروچي ٻولي ڪِئو (2)
هن ڏس ۾ پرسو گدواڻي لکي ٿو؛
” اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاهه لطيف ته ڪيترائي لفظ جتن جا
ڪم آندا آهن، جيئن ’مڇڻ‘ لفظ (3).“
گدواڻي صاحب اڳتي لکي ٿو:
” ڪڇ جو دورو سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جي زيارت ثابت ٿيو. اڄ جڏهن
شاهه لطيف جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان کي ڪيترائي
لفظ ملن ٿا، جيڪي اسان جي روزانا زندگيءَ ۾ ڪتب ڪو
نه ٿا اچن، پر شاهه جي رسالي ۾ ڪيترائي لفظ اڄ به
ٻنيءَ جون ڪيتريون جاتيون روزاني زندگيءَ ۾ ڪتب
آڻين ٿيون. شاهه جي رسالي مان سوين اهڙا مثال ڏيئي
سگهجن ٿا، جيڪي اڄ به ٻنيءَ ۾ روزانيءَ زندگيءَ ۾
ڪم اچي رهيا آهن(1) “
شاهه جي رسالي ۾ سسئي وارن سرن مان ڪي اهڙا لفظ چونڊي مثال طور
ڏجن ٿا، جيڪي ڪيچ مڪران ۾ رهندڙ جت ( جد گال) اڃا
تائين استعمال ڪن ٿا؛ مثال طور؛
آڳانجهو
=
زيادهپاڻون
=
منزل
لَلُ
=
مزورائو=
واري
ڇِڻِڪَن=
هُرَن، اَٿنليها=
تڪليفون
خيزُ=
ٽپو، ڇالاِهه پارا=
انهن نشانن پارن وارا
ڏاههَ=
ٻانهي مَين سِر= اُٺن تي
جِمَ=
متانگهور= ڳول
لانچي=
لنگهيپاهين= پُٺتي
جِڪسُ=
شايدڪوُ ڪين= ڪو ڪون ڪرين
سُڄَن
=
سُجَهنپَر گهرا
=
غير کان
مَڇَڻ
=
متانهتِهم
= هتهين
جيلاه
=
ڇاڪاڻ جو ڇُل
= ڇال ڏي
ڇَلون
=
ڊوڙ، ڊڪچُئان
= چوَن
جوراڻون
=
عذابڪُهه
= ڇا؟
جا ڏِي
=
سختڪجاهه
= اوهين ڪجو
ڀاڄَ=
ڀڄايلسُٻيلي
=
سٺو همراهه
ڏوراڻا
=
ڪاوڙجياُپڙي
= کڄي
اُپ
=
پنهنجونٻَيَرَ= زال، جوءِ
ٻهَون
=
گهڻوٽوري= گهمائي
توءِ
=
تنهن ڪريٿَهَر
= اَرام
ڪيڻانِ
=
ڪَڻن، کينٿوپ
= قرار
ڇاڪَ=
طاقتولاڙون
= وڏيون ٻرانگهون
پُرڪڻا
=
لڦونريِہ=
رڙ
لُکَ=
رنَڊڪوِڪَ=
ڪُوڪ
چؤلہ- چاهه، چاهتونگي
=
ٻڌي
چونه=
چاهه
=
چاهتونگي
= ٻڌي
اُڌاڻي=
ڀڙڪيهيرَ= هينئر
سَکرَ=
مناسب
لُکَ
=
رَنڊڪوڪَ= ڪُوڪَ
سَکرَ=
مناسبچَتُر= ريبڻ، ريجائڻ
ڦَڻ
=
پيرن جا پٻداڦ
= گول مول
ڀنگ
=
رڪاوٽدوڪ
= پنجن ڇهن سالن جو اُٺ
ڏاهه
=
ڏانهنپانچار= ڦوه جوان اُٺ
ڌُڻي
=
چونڊينيش
= پورو جوان اُٺ
ٻَلرَ
=
اَبهمڪيهي
=
ڪهڙي
پڇاڙي
=
ڦٿڪيويساهي= ساهي
ان=
آءُمنها
= مون کان
جَڻي=
ڏورياَئين= اوهين
تڻي=
ڇِڪَ، سِڪَمناءَ=
من تان
مونهين
=
مون کانمَسَ
=
پيچرا جا اڃا تازو اٺ لتاڙيا
گهُمائي
=
ڀنواٽينون
=
هيٺاهين زمين
سُپُڪ=
پوري بڪلڇَمَر
=
ڪَڪَر
اِهائين- هتانپاتاڙي
=
بطال
ڳُرَهيِ=
اوريپَرَڀون
= پرديسي
اَلُوڙو=
گهيرٽچُنديس= چونديس
اوڀالا
=
ڏوراپااُپاتو= اوڦٽو
اُکتي
=
اَڪري ويئياَن
= اوهان
تَپِ
=
ته بهٽونڪار= کنگهه جو آواز
ڳائو=
خبر، ڳالههاَنء
=
اَن موجب
وائو=
ذڪر، بيانتوهان= توهان کان
تي=
تنهن ڪريچوءِ
= چَوي
ڏيٺي=
واقفيتسيڻانِ
=
هنن سان/ ساڻِن
ڪيِڻِ
=
ڪيڏانهنڪيڻانِ
=
هنن لاءِ
ڇُنڇاٽ
=
سوساٽٻيرا=
ٽڪر ٽڪر
رَتو- ڳاڙهوڏِٺان=
اوهان ڏنو
امڻ
=
امڙچيان
= اوهان چيو
توءِ
= تڏهن بههُيان=
اوهان جي هجي ها،
ڏِٺَ
=
ڏٺااوهان کي هجي ها
مَنا
=
دل تانڪَيان
= ڪريو ها
چُڪيءَ=
ٿَڪلگهَڃا=
خوشيون
ڊوهي
=
سونهه، قسمچان
= آءٌ چوان
ٻُرَ
=
ڇنڊوچُون
= هُو چَوَن
اَهجي
=
اوهان جيهَون
= هُجَن
ڳِيڙءَ
= ورتءپُون
=
پَونَ
ميزَل- منزلڪيڻ
=
ڪڏانهن
الاهَرَ
=
الله جي آڌارڪڄاڙو
= ڇا.
بهر حال جيئن جتن جي باري ۾ هي تعارفي مقالو لکيو ويو آهي،
تئين نهايت ئي مناسب ٿيندو ته لاڙ ۾ رهندڙ ٻين
قبيلن ۽ قومن توڙي نسلن جي باري ۾ به تحقيق ڪرڻ
گهرجي ته جيئن سنڌ ۾ رهندڙ سڀني قون ۽ نسلن جو
اڀياس مڪمل ٿي سگهي.
ببليو گرافي
پروسوگدواڻي، ڊاڪٽر؛ سنڌي ٻولي جي زيارت، گانڌي نگر، گجرات سنڌي
اڪادمي، 1989ع، ص ص مهاڳ -1
غلام علي الانا، ڊاڪٽر؛لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄامشورو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1977ع
ايضا، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ڇاپو ٻيو، ايضاَ، ص ص 144-
145.
غلام محمد شهواڻي؛ شاهه جو رسالو، حيدرآباد, 1951ع.
مولائي شيدائي؛ جنت السنڌ، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ
8195ع، ص 22
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو
ٻيو، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص ص 34-36
7: Balochistan District Gazetteer series, Vil:
V11, Makran, karachi, The Time Press, 1907, p p
, 41-72.
(8) Bellew, H W. The Races, of Afghanistan,
Reprintetd, Lahore, sang,-e- Meel Publications,
1979, p . 21
(9) Elliot, H., (“History of India”) , Vol:1 , p
p. 14, 449 and Vol: 11, p . 247.
(10) Hunter, W. M., Imperial Gazetter 0 if
india,
Vol:1X, Second Edition, 1881, p. 44.
(11)Kalika- Ranjan Qanungo, (“History os the
jats”) Forward by jadunath Sarkar,Delhi, India,
Sunita publications, 1989, P. 5.
(12) Mir Ahmed Yar Khan, (“Inside Balichistan”)
a biography,
karachi,
Royal Book, Company, 1977, P. 143.
(13) Mirza Kaleech Beg, (“ History of sindh”), p
p.) 124 and 137.
(14)(“Punjab Districk Gazeeter”), Vol : XX1X- A,
Attock Districk,
Lahore,
Punjab Goverment, 1907, p 92.
(15) Sigrid Westphal, Dr, and Heniz Westphal,
Dr,(Jats of Pakistan”), Berlin, Dunker and
Humbolt, 1964, p p .52.55 and 88-898, 104.
پرسو گدواڻي ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص 54.
|