محمد طور سومرن جو آخري تخت گاهه
عبدالله ورياهه
سنڌ جي سرزمين طبعي طرح سان پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. سنڌ جا
ماڻهوصدين کان انهن حقن کي، سندن طبعي ناتن سِرو،
وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ٿر ڪري سڏيندا آهن، هونئن
ته سنڌ جو هر حصو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي
ڪري تمام اهم آهي. پر سنڌ جي لاڙ واري حصي کي هر
دور ۾ خاص اهميت حاصل رهي آهي، جنهن جا ڪيترا سبب
آهن. لاڙ جي آبهوا سنڌ جي ٻين علائقن نسبت وڻندڙ ۽
ٿڌي آهي. لاڙ جي سرزمين سرسبز ۽ آباد رهي آهي.
مقامي تحريڪن ۾ حڪومتن جا مرڪز لاڙ ۾ قائم ٿيندا رهيا آهن. لاڙ
جا قديم شهر ٺري، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي، محمد طور،
ساموئي ۽ ٺٽو انهن ۾ اهم ۽ قابل ذڪر آهن. سومرن ۽
سمن جا مٿي ذڪر ڪيل مرڪز لاڙ جي اهميت کي وڌائڻ
لاءِ ڪافي مثال آهن، جيڪي عربن جي حڪومت ختم ٿيڻ
کانپوءِ مقامي سومرن ۽ سمن حاڪمن هٿان آباد ٿيا ۽
پنهنجو اوج ماڻيائون.
سنڌ جي تاريخ جي ڪيترن ٻين بابن وانگر ”سنڌ جي سومرا حاڪمن جي
دور“ بابت به ڪا مڪمل تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ نه ٿي سگهي
آهي، جنهن جا آڌار تي هن دور جي ماڻهن، حاڪمن،
شهرن، علم و ادب ۽ ٻين واقعن بابت پڪ سان ڪجهه
چئي سگهجي.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني ماڳن ۽ مڪانن جي صحيح هنڌ، انهن جي آباد ٿيڻ ۽
برباديءَ جي سن ۽ سببن تي به اڃا تائين اسان جا
بزرگ عالم ڪنهن فيصلي تي پهچي نه سگهيا آهن، پر
اڃا تائين انهن کي اهو اونو آهي ته سومرا جيڪي هن
ڌرتيءَ جا سورهيه سپوت آهن، عرب کان آيل ڪا قوم
آهي يا مقامي باشندا آهن.
سنڌ جي تاريخ جو هي دور سڀ کان وڌيڪ اونداهن پردن ۾ لڪل آهي،
جنهن تي هر عام ماڻهوءَ ۽ اسان جي عالمن کي خالص
ڌيان ڏئي تحقيق ڪري حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن.
منهنجو هي مقالو لاڙ جي هڪ مشهور ۽ قديم شهر ۽ سومرن جي حڪومت
جي آخري تخت گاهه ”محمد طور“ بابت ڪجهه نڪتن جي
تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن قديم شهر جي موجوده
هنڌ، صحيح نالي ۽ ان جي اچار، آباد ٿيڻ جي
تاريخ، ڦٽڻ جي سبب ۽ سن بابت غور ڪيو ويو آهي ۽
مختلف حوالن ۽ ڪجهه پختين شاهدين جي آڌار تي ڪي
وڌيڪ نتيجا ڪڍيا ويا آهن.
محمد طور شهر جا قديم آثار، جنهن کي عام طور مهمتور سڏيو ويندو
آهي. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ٺٽي ضلعي جي تعلقي
جاتي جي تپي شاهڪپور جي ديهه موريا ۾ موجود آهن.
ميرپور بٺوري کان اٽڪل ڏهه ميل ڏکڻ طرف شاهه ڪپور
نالي ننڍڙو ڳوٺ آهي، جنهن تي اهو نالو اٽڪل ٽي سئو
سال اڳ ڪڇ کان آيل هڪ بزرگ ”شاهه ڪپور“ جي نالي
پٺيان پيو، جيڪو هن سر زمين تي آباد ٿيو ۽ هتي ئي
دفن ٿيو، ڳوٺ جي ڀر ۾ جتي اهو بزرگ دفن ٿيل آهي،
هڪ ننڍڙو مقام پڻ آهي، جتي عام قبرن کانسواءِ ڪجهه
پٿر جون ٽڪيل، چٽن سان قبرون پڻ آهن، جيڪي مقامي
وارياسي پيلي پٿر جي بلاڪن کي هڪ ٻئي تي رکي ٺاهيل
آهن. هن قسم جون قبرون سنڌ ۾ چوکنڊي جي مقام ۾ پڻ
موجود آهي.
ڳوٺ شاهڪپور ۾ ان بزرگ شاهه ڪپور جي اولاد مان سيد رهن ٿا، جن
مان سيد در محمد شاهه مرحوم علم دوست ۽ لائق شخصيت
ٿي گذريو آهي، جنهن جي ذاتي لائبريريءَ جي سڄي لاڙ
۾ هاڪ هئي، پاڻ نانگ جي ڏنگ وگهي ڪجهه سال اڳ
هيءُ جهان ڇڏي ويو. منهنجو مان وارو بزرگ دوست
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ آئون وٽس ڪيترا دفعا
ويا هئاسون. اسان جي روبرو پاڻ وصيت ڪئي هئائون،
جنهن موجب سندن پوئينرن سيد منور علي شاهه ۽ سيد
جمال شاهه لائبريري، سنڌ يونيورسٽي جي اداري
سنڌالاجي حوالي ڪئي، جتي سندن نالي سان اڄ به
محفوظ آهي. شاهڪپور ۾ رهندڙ سمورا سيد، مخدوم سرور
نوح رحمته الله عليه جا مريد آهن.
محمد طور بابت سڀ کان پهرين حوالو مير معصوم بکريءَ تاريخ
معصومي ۾ ڏنو آهي ته، جڏهن دودي جي پٽ سنگهار وفات
ڪئي ته سندس ڪو به اولاد نه هو، ان ڪري کائنس پوءِ
سندس زال ”همون ٻائي“ وڳهه ڪوٽ ۾ تخت تي ويٺي ۽
محمد طور ۽ ٺريءَ تي پنهنجا ڀائر مقرر ڪيائين.
سومرن حاڪمن جي صحيح سن بابت عالمن ۾ اختلاف آهن، پر تنهن هوندي
به دودي جي پٽ سنگهار جي وفات سن 500 ه/ 1106ع ۾
ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته محمد طور سومري جي
حڪومت جو سنه 639هه کان 654هه/ 1241ع کان 1256ع
چيو وڃي ٿو، جنهن جي نالي سان محمد طور جو نالو
شهر آباد ٿيو هو.
هن مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا، هڪڙو اهو ته محمد طور جو شهر محمد طور
سومري حاڪم کان گهڻو اڳ پڻ موجود هو، جنهن جو ان
وقت ڪو ٻيو نالو هو ۽ پوءِ محمد طور سومري حاڪم جي
دور ۾ ان تي اهو نالو پيو، جيڪر اهو صحيح ناهي ته
پوءِ تاريخ معصومي جي بيان ۾ شڪ ڪري سگهجي ٿو،
جنهن ۾ هي حوالو ڪنهن غلط ۽ ڪمزور روايت جي آڌار
تي شامل ڪيو ويو آهي.
ان روايت تي هن ڪري به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي، جو هن ۾ هڪ ئي
وقت سومرن جي ٽن گاديءَ جي هنڌن وڳهه ڪوٽ، ٺري ۽
محمد طور جو ذڪر ڪيل آهي، اهو ممڪن نه آهي ته
سومرن جا ٽيئي تخت گاهه هڪ ئي وقت موجود هجن. ان
ڪري هن بيان کي صحيح سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
تاريخ طاهري جي مصنف سيد طاهر محمد نسياني (1030هه/ 6121ع) به
محمد طور جو ڦٽل شهر ڏٺو هو. هو لکي ٿو ته. ”سومرن
جي گادءَ وارو هنڌ محمد طور( ماهم طور) جيڪو
اڄڪلهه ويران آهي ۽ درڪ پرڳڻي ۾ ليکيو وڃي ٿو.
اهو نه رڳو مون، پر انهيءَ پاسي جي ٻين ڪيترن
ماڻهن پڻ ان شهر ويران جا آثار ڏٺا هئا ۽ سڀ ڪنهن
کي ان جي پوري ڄاڻ آهي، ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ
هتان جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري واري پرڳڻي ۾
اجها اڏي ويٺا، جيڪو سمن ڄامن جو آباد ڪيل هو. ان
ڳوٺ کي به محمد طور جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
هي شهر ۽ هتان جا ڳوٺ، جيڪي هڪ هزار ورهين کان آباد رهندا ٿي
آيا، تن جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته مشهور
درياهه هاڪڙو، جيڪو ارڙو کان اڳتي وڌي، پوکون آباد
ڪندو هو ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو پر اروڙ جي ٻنڌ ٻڌجڻ
کانپوءِ هيءُ شهر محمد طور ويران ٿي ويو.
مير علي شير قانع ٺٽوي (1181هه/1767ع) سومرن جي تخت گاهه محمد
طور بابت لکي ٿو ته: ” سلطان علاؤالدين جي لشڪر جي
حملي جي نتيجي ۾ سپڙ سومرو سردار مارجي ويو. ٻين
کي محمد طورت شهر ۾ رهڻ جي طاقت نه هئي ۽ لاچار ڪڇ
ڏانهن هليا ويا. محمد طور شهر ويران ۽ برباد ٿي
ويو هو، تنهن ڪري سمن ساموئي ۽ ٻيا نوان شهر آباد
ڪيا ۽ محمد طور شهر کي جيڪو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو،
منحوس سمجهي ڇڏي ڏنائون“.
ساڪري پرڳڻي ۾ محمد طور ثاني آباد ٿيو، جنهن کي پوءِ رسول آباد
پڻ سڏيو ويو، ان جي بجاءِ پوءِ کوڙي جي ڳوٺ وسيو
آهي.
مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته” سومرن جي ڏينهن ۾ محمد طور مکيه شهر
هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيءَ جو شهر هو، محمد طور
سومرو سنه 654 هه/ 1256ع ۾ سنڌ جي گاديءَ تي هو ۽
پنڌرنهن ورهيه راڄ ڪيائين، انهيءَ اهو شهر ٻڌو هو،
جو سندس نالي پويان سڏجڻ ۾ آيو، جيڪو درد پرڳڻي ۾
هو“
محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لوڪ ادب جي روايتن جي آڌر تي
ٻڌائي ٿو ته: ”ڀونگر کانپوءِ محمد محمد طور يا
منهن متوءَ وارو گاديءَ تي ويٺو.“
ڊاڪٽر صاحب، مرحوم محمد سومار شيخ ۽ مرحوم محمد هاشم سومري جا
گڏ ڪيل سومرن جا ڪجهه ڳيچ، ڳيا يا جڪڙيون پڻ
ڏنيون آهن، جن ۾ ڪٽنب جي ڀاتين جي محمد طور مان
نڪرڻ ۽ ڪڇ ڏانهن رواني ٿيڻ جو ذڪر هيئن ڪيل آهي:
منهن متو ران نڱيون، مرڪن سومريون،
سونهن سنڌ ڏاڏيون، سومريون،
منهن متوران نڱيون، ڏري هڏ موتين خرار،
سنڌ سومريون سونهن، سنڌ ڏاڏيون سومريون.
هي ڳيچ تمام ڊگها آهن، جن ۾ منهن متوران نڪري، ڪڇ ڏانهن وڃڻ جو
منظر بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سومرن جي هن
شهر جي نالن جون ٽي ڌار ڌار پڙهڻيون” محمد طور“،
”مُنهن مَتُور“ ۽ ”منهن مَتُو“ ڏنيون آهن.
مسٽر هينري ڪزنس، سنڌ جي قديم آثارن واري ڪتاب ۾ شاهڪپور جي ڀر
واري قديم آثارن بابت پنهنجو ۽ ٻين عالمن جو رايو
ڏنو آهي: شاهڪپور سنڌ جي قديم تختگاهه ٺٽي کان
اٽڪل ٽيهه ميل اوڀر – ڏکڻ ۾ پراڻي گونگڙي واهه جي
کاٻي ڪپ تي آهي، جنهن سان لڳ ڪنهن پراڻي شهر جا
قديم آثار آهن. جنهن کي مقامي ماڻهو ”مهمتور“ جا
آثار سڏيندا آهن ۽ انهن کي سومرن جي پراڻي گاديءَ
جي هنڌ محمد طور جي نالي سان سڃاتو ويو آهي. سومرا
حاڪمن جي غلط روش سبب ۽ شڪايت تي هندستان جي
سلطان علاؤالدين جو لشڪر حملو ڪري آيو ۽ انهن جي
هٿان سومرن جي حڪومت ۽ تختگاهه محمد طور برباد ٿي
ويا. ساڳئي وقت درياهه به محمد طور وٽان وهڪرو
مٽائي چڪو هو.
مسٽر ايف فلپس هيءَ جاءِ اٽڪل هڪ سئو سال اڳ ڳولي لڌي هئي. هن
مطابق موجوده ڳوٺ پنجاهه گهرن کان مٿي ڪونهي.
پراڻي گونگڙي جي ڪپ تي هن ڳوٺ جي ڀر ۾ پراڻي شهر”
ماهيمتور“ جا قديم آثار موجود آهن. جيڪي اٽڪل ٽن
ميلن جي ڊيگهه ۾ ڏکڻ – اوڀر طرف پکڙيل آهن. جن ۾
پڪين سرن جا ڪيترا دڙا ٿوري ٿوري فاصلي تي ڏسڻ ۾
اچن ٿا. وڏو دڙو ڳوٺ جي بلڪل ڀر ۾ آهي. جيڪو اٽڪل
ٽي سئو والن ۾ پکڙيل سٺ فوٽ کن اوچو ٿيندو، هن جي
اڃا باقاعده کوٽائي نه ٿي آهي. هيستائين ڪجهه دڙا
کوٽيا ويا آهن، پر انهن جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو
آهي. صرف هڪ چانديءَ جو سڪو لڌو. جيڪو پوءِ سنڌ جي
ڪمشنر کي موڪليو ويو هو. ان کانسواءِ مختلف قسم جي
قيمتي پٿرن جا ٽڪر ۽ وڏي تعداد ۾ ننڍڙا ٽامي جا
ڪٽيل سڪا پڻ لڌا آهن. جن جا کر پڙهي نه ٿا سگهجن.
ڪجهه پٿرن تي عربي اکرن جا نشان آهن. پر انهن جي
ڪا به معنيٰ نه ٿي سمجهه ۾ اچي.
هنن قديم آثارن بابت ميجر راورٽي، ائبٽ ۽ ايليئٽ پڻ پنهنجي راءِ
جو اظهار ڪيو اهي، پر انهيءَ ۾ ڪا به نئين ڳالهه
چوڻ جي بجاءِ مختلف حوالن کي ورجايو ويو آهي.
ڪيپٽن مئڪمرڊو مطابق” شاهڪپور ڳوٺ جي ڀر ۾ سومرا حاڪمن جي ڪوٽ ۽
رهڻ واري محل جي نشاندهي ٿيل آهي، جنهن جون سرون
تمام وڏيون 8× 20 انچ آهن، ڀرسان پٿر جون ٽُڪيل
قبرون به آهن، قيمتي پٿرن جا ٽڪر به ملن ٿا. جيڪي
باهه جي ڪري شڪل مٽائي ويا آهن. مقامي ماڻهو هن کي
”ميهمتور“ سڏيندا آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کانسواءِ پروفيسر محبوب علي چنا، عبدالغني
عبدالله، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ محمد حسين
پنهور صاحب پڻ پنهنجن ڪتابن ۾ هن قديم شهر جو ذڪر
ڪيو آهي.
پاڪستان جي آثار قديم واري کاتي جي هڪ ٽيم 1961ع کان 1964ع
تائين پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ موجود قديم آثارن
بابت معلومات گڏ ڪئي هئي. جنهن ۾ شاهڪپور بابت
ڄاڻايل آهي ته، ميرپوربٺوري کان اٽڪل 9 ميل ڏکڻ
اوڀر ۾ ڪنهن آباديءَ جا نشان دڙن جي صورت ۾ اٽڪل
ٻن ميلن جي ڊيگهه ۾ ۽ هڪ ميل ويڪر ۾ پکڙيل نظر
اچن ٿا. پڪل سرن جون ڀتيون، انهن مان ڪيترن دڙن تي
ٻيٺل نظر اچن ٿيون. جن جي آڌار تي سمورن قديم
آثارن جو نقشو تيار ڪري سگهجي ٿو. ڀتيون ٽن کان
پنجن فوٽن تائين ۽ پڪو فرش ۽ ڪٿي ڀتين تي چُن جو
ليپو پڻ نظر اچي ٿو. عمارتون ڪي ننڍيون ۽ ڪي تمام
وڏيون آهن، ننڍيون جايون ٻن يا ٽن ڪمرن جون آهن.
وڏيون جايون بلڪل تباه ٿيل آهن. زمين جي مٿاڇري تي
صرف انهن جون پيڙهيون نظر اچن ٿيون، هنن قديم
آثارن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
پهريون شاهڪپور ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ دڙو ٻه سئو فوٽ ويڪرو ۽ اٽڪل
ويهن کان پنجويهه فوٽن تائين مٿانهون آهي. پري کان
اهو دڙو پڪين سرن جي هڪ ڍڳ نظر اچي ٿو، پر ويجهي
ڏسڻ سان ساڍن ٽن کان چئن فوٽن جون ويڪريون ڀتيون
ڪنهن وڏي عمارت جي شاهدي ڏين ٿيون. هن جي اولهه ۾
ننڍا ڪمرا ٺهيل اهن، جن مان ڪجهه ڀتين تي چُن جو
پلستر پڻ نظر اچي ٿو، هتان ڪجهه ڪوئلن جا ٽڪر ته
ملن ٿا پر ڪو به ٺڪر جو ٿانو جو ٽڪر هٿ نه آيو
آهي. هتي استعمال ٿيل سرن جي ماپ ٽي باءِ تيرهن
انچ ضربيا اٺ سڃا ٽي ڀاڱي چار ۽ چوڏهن سڃا هڪ ڀاڱي
ٻه ضربيا نوَ سڃا هڪ ڀاڱي ٻه انچ اٿن.
انهن کان اٽڪل هڪ سئو وال پري، واٽر ڪورس جي ٻيءَ ڀر تي مقام ۽
چوکنڊيءَ جي نموني جون قبرون آهن، جن مان هڪ بيٺل
۽ ٻيون ڪريل آهن.
ٻئي حصي، ۾ شاهڪپور ڳوٺ کان ڏکڻ –اوڀر ۾ اٽڪل پنج سئو والن تي
پنڌرنهن کان وڌيڪ دڙا آهن ۽ انهن مان گهڻن تي پڪين
سرن ۽ پٿر جون عمارتون آهن. هنن قديم آثارن ۾ هڪ
وڏي عمارت پڻ ڏٺي وئي آهي، جنهن ۾ وارياسي پٿر جا
بلاڪ استعمال ٿيل آهن.
هن عمارت جي ماپ اتر کان ڏکڻ، هڪ سئو چاليهه فوٽ، ڏهه انچ ۽
اوڀر کان اولهه هڪ سئو ستاسي فوٽ ڇهه انچ آهي، ڀت
جي ويڪر اٽڪل سوا پنج فوٽ آهي ۽ اها زمين جي
مٿاڇري تي هڪ کان ٻه فوٽ بيٺل نظر اچي ٿي. عمارت
جي اوڀر واري ٻانهينءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي جاءِ
ڏاڪن سان موجود آهي. الهندي پاسي ڇهن ڀتين جي
قطارن جا بنياد هڪ ٻئي کان اٽڪل سوا نو فوٽن جي
فاصلي تي موجود آهن. عمارت جو اهو حصو اڳ ۾ اڏيل
هجڻ جا نشان ملن ٿا. هن عمارت جي نقشي ڏسڻ سان
ڪنهن مسجد جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا. هتان ڪو به ٺڪر جو
ٿانءُ يا ڪا ٻي شيءِ نه لڌي آهي.
هڪ ٻيو دڙو ڏکڻ طرف موجود آهي، جنهن جو پڻ پورو نقشو صاف ظاهر
آهي، هن ۾ ڪمري جي ماپ پندرنهن فوٽ ۽ چوڏهن ضربيا
اٺ انچ آهي. ٽئي حصي وارا دڙا مسجد کان ڏکڻ –
اولهه طرف ٽن سئو والن تي، اڌ گول جي شڪل ۾ موجود
آهن. هي چار سؤ فوٽن جي دائري ۾، اٽڪل پنجاهه فوٽ
ويڪرا آهن. هتان مٽيءَ جي ٿانون جا ٺڪر ڪيترن
قسمن جا گڏ ڪيا ويا آهن.
شاهڪپور جا هي قديم آثار، لاڙ وارن پراڻن نقشن ۾ ”هنگور“ جي
نالي سان لکيل آهن، هنن کي ”دودي چنيسر جي ماڙي“
پڻ سڏيو ويندو هو. هي آثار ديهه مربا، تپو
شاهڪپور، تعلقي جاتي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ موجود اهن.
شاهڪپور مان لڌل مٽيءَ جا پڪل ٿانو، مختلف قسم جي مٽيءَ جي
ٿانون جي ٽڪرن ۾ پيالا، برنيون، گلدان سادا، هلڪي
ڳاڙهي رنگ جا ۽ ڪجهه چٽيل ٿانوَ پڻ مليا آهن، چٽن
جي ٻين نمونن سان هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ اڀين ليڪن ۽
ٽٻڪن سان انهن جي مٿاڇري کي سينگاريو ويو آهي.
هتان ڪجهه ڪاشيءَ ۽ چينيءَ جا ٿانو پڻ لڌا آهن،
جيڪي ڀنڀور مان لڌل عباسي دور جي پڇاڙيءَ ۾
استعمال ٿيندڙ ٿانون جهڙا آهن. جيڪي يارهين کان
تيرهين صدي عيسوي تائين سنڌ ۾ رهندڙ عرب آبادي جا
اهڃاڻ آهن، شاهڪپور جي قديم آثارن مان ڪيترا ٽامي
جا ننڍا سڪا گڏ ڪيا ويا آهن.“ آثار قديمه کاتي جي
آفيسرن کي شاهڪپور کان 14 ميل ڏکڻ طرف نندڪوٽ ۾ هڪ
قلعي جا آثار پڻ لڌا آهن. سندن خيال ۾ هي قلعو ۽
هن جا مضبوط مورچا هيٺين سنڌ جي لاڙ واري علائقي
جي بچاءَ لاءِ ڪم ايندا هئا ۽ سنڌوءَ جي پراڻي
وهڪري جي ڪپ تي هجڻ ڪري، واپاري ٻيڙن تي پڻ نظر
رکندو هو. هي قلعو ان وقت ۾ استعمال هيٺ هو، جڏهن
شاهڪپور واري آبادي” محمد طور“ جو شهر پنهنجي اوج
تي هوندو هو.
آثار قديمه جي کاتي شاهڪپور کي سومرن جو شهر طور ٻڌايو آهي،
جيڪو آڳاٽي سنڌ جو شهر هو. هن جي تباهي چوڏهين
صدي عيسوي جي شروعات ۾ علاو الدين خلجي جي لشڪر
هٿان ٿي ۽ هي شهر بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويو.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني حوالن مان مليل معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ مان اسان
کي سمورا گهربل نتيجا ملن ٿا.
سڀئي عالم ۽ اديب، جن هن بابت ڪجهه لکيو آهي، شاهڪپور جي قديم
آثارن کي سومرن جي آخري تخت گاهه ”محمد طور“ جا
آثار مڃيو آهي ۽ هن کي ديرڪ پرڳڻي ۽ پوءِ هتي جي
آباديءَ کي سمن جي آباد ڪيل ساڪري پرڳڻي ڏانهن
لڏي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ديرڪ پرڳڻي کي بدين ۽
ميرپور بٺوري تعلقن ۽ جاتي تعلقي جي ڪجهه موجوده
علائقن تي قرار ڏنو ويو آهي، ڪن عالمن ڇاڇري
تعلقي جي ڪجهه موجوده علائقن کي پڻ ديرڪ پرڳڻي ۾
ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ساڪرو پرڳڻو تعلقي ساڪري ۽
ان جي ڪجهه ڀرپاسي وارن علائقن تي قائم هوندو
هو، جيڪو درياهه جي رخ مٽائڻ کان پوءِ آباد ٿيو.
محمد طور ڦٽڻ کان پوءِ محمد طور ثاني به هن ئي
پرڳڻي ۾ آباد ٿيو، پر سمن جي آبادي ۽ سياسي اثر
سبب پنهنجو نالو برقرار رکي نه سگهيو ۽ پوءِ هن
ڳوٺ کي رسول آباد سڏيو ويو.
سومرن جي هن تخت گاهه محمد طور بابت ڪا به پڪي پختي ثابتي اهڙي
نه ملي سگهي آهي، جنهن جي آڌار تي هن جي نالي کي
ڪا آخري شڪل ملي سگهي. ان ڪري تاريخدانن ۽ هن شهر
بابت لکندڙن هن کي مهمتور، مهامتور، منهن متور،
مُنهن تور، مهاتم متور، مهاتم پور، طور ۽ محمد
طور پئي سڏيو آهي.
مون کي هڪ مضبوط ۽ پڪ وارو ثبوت حاصل ٿيو آهي، جنهن جي آڌار تي
هي بحث ختم ڪري سگهجي ٿو.
منهنجي دوست ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جي مهربانيءَ سان مون کي هڪ
”ڪلام پاڪ“ مليو آهي، جيڪو خط نسخ جو هڪ بهترين
نمونو آهي. هي ستين صدي هجري/ تيرهين صدي عيسوي ۾
جڏهن محمود طور جو شهر پنهنجي اوج تي هو ته اتي
ڪنهن معتبر ۽ عالم شخص فقير ابوبڪر پٽ محمد
اسماعيل سومري رهندڙ شهر محمد طور وٽ موجود هو ۽
پوءِ زماني جي ڦيري ۽ محمد طور جي برباديءَ
کانپوءِ سنڌ جي مختلف جاين تان ٿيندو، ڪنهن پٺاڻ
هٿان وڃي ڪوئيٽآ پهتو، جتان ڊاڪٽر نواز علي
”شوق“ صاحب جي دلچسپي ۽ ڪوششن سان واپس پنهنجي اصل
سر زمين سنڌ پهتو ۽ هن وقت مون (عبدالله ورياهه)
وٽ موجود آهي.
ڪلام پاڪ جي پوري ٿيڻ واري صفحي جي پڇاڙي ۾ وڏن اکرن ۾ لکيل
ڪلمي طيبه جي هيٺان سنهن اکرن جي ٻن سٽن ۾ ڪاريءَ
مس سان هيءَ عبرات لکيل آهي.
”خادم اوراق هٰذا المصحف الشريف، اجزاءِ هٰذا الفرقان الطيف
الراجي عفور ربہ احقر العباد فقير ابوبڪر ابن محمد
اسماعيل سومره المتوطن بلده محمد طور.“
مٿي لکيل عربي عبارت جي معنيٰ هن ريت ٿيندي:
|