سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

باب؛ --

صفحو ؛ 3

 

مددي ڪتاب

1: Baluchistan through the Ages, Vol: I, Selection from Govt Record, Nisa Traders Quetta.

2:The Combridge History Of India, Vol:I, E, J. Rapson, 1922.

3: Chronobgical Dictionary Of Sindh, M.H. Panhwar Institute of Sindhology.

4: Encyclopedia of Brittannica, Vol: 14

5:Encyclopedia of American, Vol:II.

6: Gazetteers of the province of Sindh, E.H Aitken, Indus Publication Karachi.

7: History of the Arabs, P.k. Hitti, London, 1960.

8: History of Oceanography, Herold. Thurman, London.

9: India and the Indian Ocean, K.M.Panikkar, Mysore.

10:Imperial Gazetteer of India, Baluchistan, Sheikh Mubark Ali.

11: The Indus Delta Country, M.G.M.R. Haig.

12:The Story Of Civilization, part: I, Will Durant.

سنڌي ڪتاب

جنت السنڌ. رحيم داد خان مولائي شيدائي: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

جامع سنڌي لغات: جلد 4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

رسالو شاهه عبداللطيف رح: ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد سنڌ.

سنڌ هڪ عام جائزو: ايڇ- ٽي- لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

سنڌ ماٿر جي سڀيتا: محمد ادريس صديقي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

قديم سنڌ: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

مير محمد معصوم بکري، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ: خواجه غلام علي الانا، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي

عرب و هند ڪي تعلقات (اردو): مولانا سيد سليمان ندوي، ڪريم سنڌ پبلشرز ڪراچي.

 

 

ديبل کان راوڙتائين

معمور يوسفاڻي

ديبل کان راوڙ تائين لاڙ جي ايراضيءَ مان محمد بن قاسم جو رستو آهي، جنهن بابت اسان جي عالمن ۽ اديبن ان کي اهڙو ته منجهايو آهي، جو ٿورو پڙهيو ماڻهو اها واٽ ئي ڪو نه ٿو لڀي، جو ان تان هلي ديبل کان راوڙ تائين چچ نامي ۾ بيان ٿيل قلعا ۽ ڪوٽ ۽ گس ڏسي سگهي. ان ڪري مون لاڙ جي هن ڪانفرنس ۾ انهيءَ واٽ تان گس ۽ پنڌ چچ نامي جي روشنيءَ ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

محمد بن قاسم جي ڪاهه سنڌ اندرديبل کان ئي شروع ٿئي ٿي،جنهن بابت پڻ اسان جي عالمن جا رايا آهن، جن موجب ڪي عالم ڀنڀورکي ۽ ڪي ٻين ماڳن کي ديبل ڪوٺي منجهي پيا آهن. پر آئون انهن مونجهارن کان هٽي، سادي سودي واٽ وٺندس، جنهن بابت اسان جي مشهور بزرگ ۽ قديم دور جي شاعر شاهه حسين اپلاڻي جو هڪ دوهو شاهدي ٿو ڏي ته ديبل انهيءَ هنڌ تي ئي هو، جنهن ۾ فرمايو اٿس ته:

ديبل پاس ڌڪيلجي،آيو آب اپار،

مڪلي ماڳ مٿانهين، ٿيس ڌارو ڌار.

جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پير پٺو پهرين ديبل جو رهاڪوهو، جتي پاڻي اچڻ کانپوءِ اهو ماڳ ڇڏي، ان جي ويجهو مڪلي ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي هليو ويو،جيڪو ماڳ ديبل جي لڳ ڀڳ هو.

آثارن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل اهڙو شهر هو، جيڪو دريائي ۽ سامونڊي بندر هو. جنهن کي ڪڏهن درياءَ پئي ڌڪيو ته ڪڏهن سامونڊي زلزلن پئي تباهه ڪيو.  تاريخ ۾ لکيل آهي ته خليفي معتمد جي ڏينهن ۾ ديبل اندر زلزلو آيو، جنهن سان ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا ۽ شهر کي وڏو نقصان پهتو(1) انهيءَکانپوءِ سن 417ع کان 419ع تائين جلال الدين شاهه خوارزم ديبل ۾ ٻه سال کن رهيو، انهي عرصي ۾ هن ديبل جو بتخانو مسمار ڪري ان کي مسجد سان ملائي ڇڏيو، جيڪا مسجد پير پٺي کان ڏکڻ طرف موجود آهي، جنهن جي قريب اها ڏيوري يا مينار پڻ بيٺل آهي، جيڪو قديم دور ۾ جهازن جي سنگنل طور ڪم ايندو هو.(2)

ديبل جي مڪمل فتح کانپوءِ محمد بن قاسم کي ارمابيل جي رستي نيرون ڪوٽ وڃڻو هو، جنهن لاءِ چچ نامي ۾ اجهو هيئن لکيل آهي:

”پوءِ محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ رستي کان ڪوٽ نيرون وڃڻو هو (3).“

هتي اسان جي بزرگ عالمن کي ارمابيل ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو ۽ هو پوئتي موٽي لس ٻيلي جي اورماڙ ٻيلي تائين پهتا، جتان ئي جبل مان هنن سڌو رستو اختيار ڪيو، جيڪو سرزمين تي ته ڪونهي، پر هوا ۾ ٿي سگهي ٿو. اسان جا بزرگ عالم جيڪڏهن ٿوري محنت ڪن ها ته ديبل ۽ نيرون ڪوٽ جي وچ تي هنن کي هو ارمابيل ملي وڃي ها، جيڪو سجاول تعلقي جي اترئين پاسي ڇيڙي تي آهي. جنهن کي آرمون ٻيلو يا ”ڪوٽ آرمون“ سڏجي ٿو، جنهن کي پوءِ ڪوٽ عالمون يا عالمون ٻيلو پڻ سڏيو ويو آهي، جيڪو موجوده جاگيرافيائي موجب سجاول تعلقي جي تپي رانٽا ۾ هينئر به موجود آهي. جنهن جا کنڊر ٻڌائين ٿا ته اتي وڏو قلعو ۽ وڏو شهر آباد هو. 1856ع تائين به ان جي اها حيثيت هئي جو اهو قلعي جو هيڊڪوارٽر هو(4) هينئر اهو ديهه جي حيثيت ۾ آهي ۽ هينئر به سندس چوڌاري ننڍا وڏا چڱا خاصا ٻيلا آهن، جيڪو تيرنهن ديهن ۾ ورهايل آهي، هتي گهڻا ٻيلا انهيءَ ڪري هئا، جو هن ايراضيءَ جي اوڀر کان سانڱري جو ننڍو وهڪرو وهندو هو، جنهن کي اسان جي عالمن سانڱري مان ساڪرو نالو ڪوٺي، سڄي جاگرافيءَ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. (5) اهو سانڱرو نالو ان وقت جي وڏي وهڪري مان نڪري اولهه طرف مڙي پير پٺي تائين پهچندو هو.

ارمابيل کان پير پٺي واري ايراضي 24 ميل ڏکڻ طرف آهي ۽ ارمابيل کان حيدرآباد کي ويجهو نئين بارن واري ايراضي 47 ميل اتر طرف آهي، جتي محمد بن قاسم منزل ڪئي هئي، جنهن ماڳ کي عرب عالمن عربي صورتخطي ۾ ’بوره ره‘ لکيو آهي، جيڪو ٻولهاڙيءَ جو بگڙيل نالو آهي، ٻولهاڙي اڳ به اتي هئي، هاڻ به اتي ئي آهي، جتي محمد بن قاسم موزون هنڌ ڏسي لٿو هو ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب دعا گهري هئائين، جيڪا الله پاڪ قبول ڪري مينهن وسايو هو.(6)

اها سڀني کي خبر آهي ته نيرون ڪوٽ وارا خليفي کان امن جو پروانو وٺي آيا هئا، جنهن ڪري اهو شهر جنگ کانسواءِ ئي فتح ٿيو هو. جتان پوءِ محمد بن قاسم سيوهڻ طرف ويو هو ۽ اتي ڪافي قلعا فتح ڪري وري نيرون ڪوٽ پهتو هو، جتي کيس حجاج جو خط پهتو هو ته ٻيا پاسا ڇڏي درياهه پار ڪري راوڙ پهچي ڏاهر سان جنگ جوٽ، ان ڪري محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ کان درياءَ پار ڪرڻ کانپوءِ ڏکڻ طرف وارا قلعا فتح ڪيا،جن ۾ مکي قلعو اشهبار جو هو، جنهن کي اسان جا عالم اصل سرزمين جي بدران ٻڌڪا جي ٽڪرين جي طرف وٺي آيا، جتي نه کاهي کوٽي سگهجي ٿي نه ڪا کاهيءَ جي جاءِ ئي آهي. اصل ۾ اهو قلعو پيرو لاشاري اسٽيشن کان 3 ميل کن پري ديهه درماڻو ۽ تپي ڇانيري ۾ آهي، جنهن جي چوڌاري اڄ به کاهي جا نشان ملن ٿا. هن قلعي ۾ اسماعيلي بزرگ سيد تاج الدين عرف شاهه طويل جي درگاهه موجود آهي، جنهن جي ويجهو ويهار جو نشان پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (7) جيڪو ويهار برهمڻ آباد واري ويهار سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن قلعي واري ايراضيءَ  جو نالو اڇ سڏجڻ ۾ اچي ٿو، جنهن پويان اهو قلعو اڇ ويهار جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن کي عربن اشبهار ڪوٺيو، هيءُ قلعو ستن ڏينهن جي مقابلي بعد عربن جي قبضي ۾ آيو، جنهن کانپوءِ ماڙي وسايو ۽ ٻيا قلعا پڻ عربن جي قبضي ۾ آيا، جنهن کان انهيءَ ايراضيءَ جو قلعدار موڪو پٽ وسايو عربن جو طرفدار ٿي پيو ۽ ظاهري طرح پاڻ کي عربن جي هٿان گرفتار ڪرائي وڃي انهن سان مليو ۽ خفيه طرح انهن جي مدد ڪندو رهيو، جڏهن ته عربن جو لشڪر جهم واري ايراضيءَ ۾ هو، تڏهن اها خبر ملندي ئي راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جسنيه کي ڪنڀ جي قلعي ڏانهن موڪليو، جيڪو ڪٽڪو نديءَ جي ڪپ ڏئي ڪنڀ جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو. (8) انهيءَ وچ ۾ عربن جو لشڪر، گاهه ۽ کاڌي جي کوٽ سبب سخت پريشان ٿي پيو ۽ گهوڙن ۾ اچي بيماري پئي ۽ سوارپڻ بيمار ٿي پيا. محمد بن قاسم اها خبر حجاج ڏانهن موڪلي، جنهن کين  ٻه هزار گهوڙا ۽ ڪپهه سُرڪي ۾ ڀڄائي سڪائي فوج ڏانهن موڪليو. جنهن بعد محمد بن قاسم موڪي جي مدد سان جهم جي گهيڙ دريا پار ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو، اهو جهم جو گهيڙ تعلقي ٽنڊي الهيار جي تپي چنبڙ جي ديهه ونگي ۾ آهي، جيڪو هنڌ نيرون ڪوٽ کان 25- 30 ميل اوڀر ڏکڻ طرف آهي. جڏهن جسينه ڪنڀ جي قلعي طرف آيو، جيڪو قلعو عرب جي پٺ کان ٿي ٿيو، جنهن کان حملي  جو خطرو هو، تنهن ڪري محمد بن قاسم عطيه تغلبي کي پنج سئو لشڪر ڏئي اگهاماڻي واري ايراضيءَ تي چوڪسي رکڻ لاءِ ڪند راه واري ماڳ تي مقرر ڪيو. (9) جيڪو ماڳ تعلقي ماتلي ۾ آهي، هن وقت اهو هڪ ديهه جي حيثيت رکي ٿو ۽ چوڌاري جيڪي ٻيون ديهون اٿس سي آهن ديهه: ڪوراڙ، ديهه پڊرا مڏيالي، ديهه کاڙڪ، ديهه کاٽو ۽ ديهه ڪاماراڻي وغيره، ٻئي طرف اگهاماڻو جهم جي گهيڙ کان ست –اٺ ميل اولهه طرف آهي.

ماتلي تعلقي جي اها ايراضي ڪاري کان مشهور آهي، جنهن لاءِ چچ نامي ۾ ذڪر آهي ته ديبل جي فتح بعد جڏهن جاهين ٻڌ راوڙ ڏانهن پئي آيو، تڏهن راجا  ڏاهر کي خبر پئي تنهن پڇيو ته جاهين شڪست کانپوءِ هينئر ڪٿي پهتو آهي ته نوڪر ٻڌايو ته ”ڪاري مٽي“ وٽ پهتو آهي.(10)

جنهن ڳالهه تان راجا ڏاهر کي ڏاڍي مٺيان لڳي. اها ڪاري مٽي ماتلي تعلقي جي اوڀر طرف وارن تپن، تپي ناروڪوٽ، تپي آرائين ۽ تپي خيرو جوڻيجي ۾ آهي. جنهن ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ديهون ڪاري مٽيءَ جي نبست سان مشهور آهن، جيئن ديهه ڪاري محمد علي، ديهه  ڪاري سائينداد، ديهه ڪارياڻو وغيره، هتي چچ نامي ۾ جوءِ ٽيڪري جو ذڪر آهي، جنهن مان مراد آهي” نئين ٺري واهه“ نئين ٺري توڙي پراڻي ٺري وغيره ،ماتلي کان 13-14 ميل پري اوڀر ڏکڻ طرف آهن، جتي موڪي جو وڏو ڀاءُ راسل ظاهري طرح عرب لشڪر هٿان نئين ٺري وٽ يعني ڪنڀ جي قلعي کان 15 ميل پري گرفتار ٿيو هو.

جڏهن محمد بن قاسم موڪي جي تعاون سان ٻيڙين جو بندوبست ڪري ورتو، تڏهن ٻيڙين جي پل درياهه ۾ مٿان کان هيٺ وهڪري ڏانهن ڇڏيائون، جيڪا درياهه ۾ قابو ٿي بيٺي، ان بعد ان کي ڪلن سان ٻڌي مضبوط ڪري مٿان لشڪر ٽيايائون، اها ايراضي جتان لشڪر هُن پار ٿيو هو، اها ٽنڊي باگي ۽ ماتلي تعلقي ۾ اچي وڃي ٿي، جتي ڪرهل ڇن جا نشان اڄ پڻ موجود آهن، شاهه شريف رضوي هڪ بيت مان ڪرهل ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

ڪرهل پريان ڪوه، سانور سگهو سانڌيو.(1)

اهڙي طرح انهيءَ ايراضيءَ جي لغارين جي لڏپلاڻ ۾ پڻ ڪرهل جو ذڪر اچي ٿو، جئين هڪ دوهي ۾ آهي ته:

ڦرهي ڏاڍا  ڦير ڪيا، ڪرهل لاٿا ڪيس،

لغارين لڏا کنيا، مسڻ جهليندي مس. (12)

ڪرهل واري پٽ ۾ محمد بن قاسم جو لشڪر نارائي نالي ماڳ ۾ لٿو، جيڪو ماڳ نار ندي جي ڊيلٽا وارو هنڌ آهي، جتي نار ندي ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ڏانهن وهي ٿي، جيئن ڳاهي جي نار، ڪنڍي جي نار، آمر جي نار، سومار جي نار ۽ ڪولاچي جي نار وغيره. ان سڀني جو مرڪز ”نار جو پوٺو“ مشهور آهي،  جتي لشڪر لٿو هو، محمد بن قاسم جي مقابلي ۾ راجا ڏاهر جي فوج ”گجي جت“ وٽ ديهه بکر چانڊيو ۾ لٿي هئي، جنهن ماڳ کي عرب عالمن گجو جت بدران” قاجي جات“ لکيو آهي، ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ 6-7 ميل مفاصلو هو. پوءِ راسل جي صلاح سان عرب لشڪر نارائي مان نڪري اتر طرف ڏاڏا واري پٽ ۾ وڃي لٿو ۽ سندن مرڪز کاري کٻڙلي وارو پٽ هو، جنهن بابت ماموين فقيرن جو هڪ آڳاٽو بيت ملي ٿو ته:

جهيڙو لڳندو ڇهه پهر، کاٻڙلي کاري،

سک وسندي سنڌڙي، مرمچي ماري. (13)

ان وقت ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ هڪ وڏي ڇڇ هئي جنهن مان راسل ٻيڙين جي ذريعي عرب سپاهي ڇڇ کان پار ڪيا ۽ هر ٻيڙي ۾ 30-30 سپاهي سوار هئا،ان بعد ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جيڪا جنگ پنجن ڏينهن بعد وڏي معرڪي کي پهچي وئي، جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ سنڌ جي لشڪر هار کاڌي ان بعد عرب لشڪر راوڙ جي قلعي ڏانهن آيو.

راوڙ جو قلعو ونگي واري ايراضيءَ ۾ ونگي جي قديم کنڊرن کان اتر طرف ٻوڏاري نديءَ جي ويڙهه ۾ هو، جنهن جي اوڀر طرف هاڪڙي ۽ مهراڻ جون قديم شاخون هيون ۽ اولهه طرف ٻوڏاري ۽ پوراڻ نديون هيون، هتان کانُ(وڄوٽو)، اٽڪل 10-12  ميل اوڀر طرف آهي، جيڪو محمد بن قاسم موڪي کي جاگير طور ڏنو هو.

راوڙ جا کنڊر هن وقت به ٻن ميلن جي پکيڙ ۾ آهن، جتان منجنيقن جا گولا ۽ عرب دور جا سڪا وغيره ملن ٿا.

 

 

حوالا ۽  واڌارا

تاريخ الخلفاءَ صفحو 380، ڪلڪتو، بحواله تمدن سنڌ  مصنف مولائي شيدائي صفحو 184.

اها  مسجد اڃا سلامت آهي ۽ان جو فوٽو رسالي نئين زندگي جي فيبروري 1980ع واري پرچي ۾ صفحي 17 تي ڇپيل آهي ۽ مسجد جي ڀر ۾ بيٺل مينار يا ڏيوري جو فوٽو ماهنامي  نئين زندگي مارچ 1980ع  واري پرچي ۾ صفحي 44 تي آيل آهي.

مخدوم امير احمد، چچ نامو سنڌي صفحو 156، ڇاپو پهريون سال 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

عزيز جعفراڻي تاريخ سجاول صفحو 53، 95، 99، ڇاپو پهريون سال 1986ع محمد بن قاسم لائبريري سجاول.

مخدوم امير احمد، چچ نامو سنڌي ادبي بورڊ صفحو 162 ”حاشيه“ ڇاپو پهريون سال 1954ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

مخدوم امير احمد چچ نامو سنڌي صفحو 165، ڇاپو پهريون سال 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

انهيءَ ڏيوري يا ويهار جو فوٽو ماهنامي نئين زندگي جون 1981ع جي پرچي ۾ صفحي 40 تي آيل آهي.

مخدوم امير احمد، چچ نامو سنڌي صفحو 210، ڇاپو پهريون سال 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

مخدوم امير احمد، چچ نامو، سنڌي صفحو 223، ڇاپو پهريون، سال 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

مخدوم امير احمد، چچ نامو سنڌي صفحو 151، 152، ڇاپو پهريون، سال 1954ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه شريف جو ڪلام مين شاهه عنايت جي ڪتاب جي ڪلام ۾ صفحي 154 جي ”حاشيه“تي ڇاپو پهريون سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

راوي عبدالواحد عاصي هڪڙو، جنهن اهو بيت لغارين کان ٻڌو، جنهن کان مون قلمبند ڪيو.

ماموين فقيرن جو مشهور بيت جيڪو راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ واري ميدان ڏانهن اشارو ڪري ٿو، اهو بيت  ماموين جي ستن بيتن ۾ شامل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org