ڪچهري
ڪچهري سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن لاءِ هڪ تمام سٺي ۾ سٺي وندر
آهي. هونءَ ته ميڙا ملاکڙا، شاديءَ وهانءَ، مَنهَه
مارڪا، شڪار الڙون ۽ ٻيا به گهڻائي دل وندرائڻ جا
سب ٿي سگهن ٿا، پر جي سچ پڇو ته ڪچهريءَ سان لڳئي
ڪونه. اهڙو ته رس لڳيو وڃي جو واه واه- جي ڪچهريءَ
۾ ڪو ڪهات ڪڍڻ وارو اچي وڃي ۽ ڪچهري ڪٺ ڪري وڃي ته
راتين جو راتيون وهاميو وڃن. هل ڙي منهنجا سائين
مجال آهي جو مڙس ورچن. خاص ڪري ڪو پير مرشد يا ڪو
چڱو مڙس ڪو رسڙيو اچي ويو ته بس ڏور بيت جي ته
هونگ لڳي ويندي. پوءَ ڪچهري پئي پاسا ورائيندي
ڪڏهن ڳجهارتن ڏي ته ڪڏهن ڏورن ڏي، ڪڏهن بيتن ڏي ته
ڪڏهن ڏهس ۽ سينگارن ڏي. مطلب ته رنگ لڳو پيو
هوندو.
سنڌ جا چڱا مڙس هونهئين ڳالهن جا ڳهير، جهيڙي جا جهجهار، قول
قرار (اقرار) جا پڪا، سَو وڃن ساءَ نه وڃن. سامن
جا سچا ساهه ڇڏين سام نه ڇڏين. وري جو آهي ڪو ست
راڄيءَ جو چڱو مڙس ته پوءِ ڍاڪون ئي پڪو، جي ٻن
راڄن جو نياءُ نبيرڻو پيس ته جيسين نبيرو ٿئي
تيسين ماني مٿس. اهڙا مڙس جي ڳالهه ڪريو ڇڏين ته
لوهه تي ليڪو، بند تي پانجاري. جي راڄ جي ڪو ڪاري
ٿي وئي ته ست سيڙائي به مٿو ڏيندا ڪنڌ نه
ڪڍائيندا، جي ڍور ڍڳي جي وڙول اچي وئي، اجرڪ ڪلهي
تي لٺ هٿ ۾، بڪيون ٺوڪي لڳندا پيرين جي پٺيان، نه
ڏسندا سيءُ نه تتي نه ٿڌي، نه اونداهه نه سوجهرو،
اصلي مينهن واچ ڪيو ايندا. تيسين نه رهندا، جيسين
چوري نه هٿ ۽ ڪن. لٺ، ڪهاڙي ۽ گهوٻاٽيءَ جا اهڙا
سدا ملوڪ، جو سندن ڌڪ رسيو ته اهي پڙيون، اهي پٽ
زمين ۾ چَڪ هڻايو ڇڏين. واهر پلڻ ته ڪو کانئن سکي.
هڙين ڀاڳين جي ڀاڻن ۾ ڪچهريون به اهڙو ٿيون ڪٺ ڪن،
جو وڃي ٿيا خير.
ٻهراڙين جون اهڙيون ڪچهريون سياري جي راتين ۾ سٺيون ٿيندو آهن.
ماڻهو رات جي ماني ٽڪي کائي اچي ٿيندا آهن اوطاق
ڀيڙا. جتي بُڊ پيو بکندو. هرڪو پِڙي پڪي ڪري ڪانڀ
ڪنڍنديو ويهندو ويندو. جي ڪو مزمان آيل هوندو ته
هرڪو ڀليڪار ڏئي، چسي ڏئي. ويهي کبرون (خبرون)
پڇندو.
خوش خير عافيت: سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ خوش خير و عافيت جا جدا
جدا لفظ استعمال ۾ ايندا آهن. جي ڪو ماڻهو ڪنهن
سانگري ڇپر وڃي نڪتو، ته جنهن جي گهر ۾ ٻاهران وڃي
سڏ ڪندو اهو گهران ئي حقو، تڏو ۽ ڪڙو کڻيو
ايندو،تڏو وڇائي چسي ڏئي همراه کي ويهارينديو،
پوءِ چوندو ”ادا کش ائين چڱو ڀلو متارو“ ائين ٽي
دفعا چئي ويندو. پوءِ وري مزمان اڳيان واري سان
چوندو ”شخر (شڪر) آهي. ڌڻيءَ جون ڀلايون، مڙئي
سک.“ پوءِ هو چوندو، ”ڀلي آئين.“ پر جي ڪو عزيز يا
ويجهو دوست هوندو ته پوءِ سج لاهي ڇڏيندس. اهڙيون
ڊگهيون خوشخبرون ڪندا جو ٻيڙي تاريو ڇڏين. چوندا
ته ”ادو کش انئين، چڱو ڀلو، ميو متارو، سهتو
سمرو،نمرو، ٻار ٻچا،سنگت ساٿ“، پڇاڙيءَ ۾ چوندا ”
شال خوش هجين.“ ۽ مزمان واري واري سان چوندو ويندو
” شخر آهي، دعا ٿو ڪريان، ٻيلي غلام، الله جو
ڀلايون وغيره وغيره.“ وري ائين مزمان پڇندو ۽ هو
جواب ڏيندو. جبل ۾ ائين ”کش کش“ جون ٽي وراڻيون
ڏين. هڪ ته اچڻ سان، ٻيو حقو پاڻي پياري، ٽيون وري
ماني کارائي. پوءِ پڇاڙيءَ ۾ چوندا ته ”ڀائو
کبرون؟“ پوءِ مزمان کبرون ٻڌائيندو. جي جبل جو
هوندو ته انهيءَ کان پهرين
جتي گڏيا هوندا اتان کان ئي بيهندا. مثلاًَ: چوندو
ته ”ادو کبرون مڙئي کير جون (خير)، ٽيو ورهه
مڱيجيءَ ۾ گڏ هئاسون، ڪک ڇڏي ويو. لهي پياسين سنڌ
ڏي، پر جبل ڪونه وٺو. رهي پياسين هيل جبل وٺو ته
سنڌ کي ڇڏيوسين، هت تو يار اين جي وڙول ڏيڻ آيو
ائين. ايون چوراڻيون ائن هت سوين لڳندو بٺيءَ پار
سوڊي خان کي ڏسندو اڳٿي ڇو(ٿو) وڃان ٻيو مڙئي
کير.“ هو چوندو ” گهر جي به کير.“ ائين چئي وري
شروع ٿي ويندو خوش خير و عافيت ۾، وري مزمان جو
وارو ايندو کبرن جو، اهو چوندو ته ”ادو پنهنجون
کبرون؟“ هو چوندو ته ”ادو ڄاڻين سڃاڻين ٿو- ٽيو
ورهه مڱيجي ۾ گڏ هئاسين، اتان ڇڻندو (ٿيندو) لهي
پيس سنڌ ڏي، اَلو ڊگهين پيرين واري ڪسائيءَ وٽ ڪي
ڏوڪڙ رهيل هئا، اتان ڇڻندو ڪراچيءَ واپارين پار
ويس، اتان ڇي (ٿي) پر هت آيس ته ڇوڪر ڪڻسيو پيو هو
ائو سنهتو ڇئو (ٿيو) ته گهر ۾ چاڪائي ڪين ٿي، الله
ڀلائي ڪئي اتي ئي رهي پيس، توسين گڏيس ٻيو مڙوئي
کير“ ته مزمان چوندو ته ”هوندو به کير“.
جي لاڙيءَ ماڙهوءَ وٽ ڪو مزمان ٽلڪندي اچي سهڙيو، ته ڀليڪار
ڏيئي، چسي ڏئي اچي وهندا کبرن تي. مزمان کان پڇندا
ته ”کش ائين، چڱو ڀلو، متارو، جوڙ، کش ائين، چڱو
ڀلو، متارو جوڙ.“ مزمان وري چوندو ويندو ته ”الله
جا ٿورا شخر آهي، مڙئي کير.“ پر جي ڪو ويجهو عزيز
يا دوست هوندو ته اهي ئي ڊگهيون کبرون تاڙي بيهندا
ته ”ادا کش ائين چڱو ڀلو، ڀڙ جوڙ، گهوڙا ٻيڙا، دين
ايمان ، ڳوٺ راڄ ، سنگت ساٿ.“ هو واري واري سان
چوندو ايندو ”ٻيلي غلام، الله جون ڀلايون، دعا ٿا
ڪريون.“ وغيره وغيره پوءِ پڇندا کبرون.
پر جي ٿري ملندا ته ٿوري ۾ ئي نبيري ڇڏيندا، چوندا ”اي ڀائو کش،
چڱو ڀلو جوڙ ئي جوڙ شال کش هجين،“ اڳلو ورائيندو
”شخرانه، ڌڻيءَ جون ڀلايون، مڙئي سک“ ائين جي
ڪچهريءَ ۾ ڪي ٻاهر جا اچي نڪتا چڱي مڙس کان وٺي سڀ
ڳوٺ جا آيل ماڻهو ڀليڪار ڏئي. چسي ڏئي پنهنجين
پنهنجين جاين تي وهندا ۽ واري واري سان ائين خوش
خير و عافيت پڇندا ايندا. پوءِ چڱو مڙس ٻاهران آيل
مان ڪنهن وڏيرڙي ڏي مهاڙ ڪري چوندو ”ادا کبرون؟“
پوءِ اهو يا ڪو ٻيو انهن جو ساٿي کبرون ٻڌائيندو.
وڏي ڪچهريءَ ۾ خوش خير و عافيت، ته سڀڪو ڪندو پر
کبرون رڳو اتي جو چڱو مڙس يا ڪو ٻيو وڏو پڇندو ۽
مزمانن مان به رڳو هڪڙو کبرون ڏيندو، ٻيا سڀ ماٺ
ڪري ويهي ٻڌندا.
اتر ڏي به خوش خير و عافيت ٿوري ڪن ۽ کبرون به ٿوريون ٻڌائين.
پوءِ جي انهن مزمانن ۾ ڪو نڙ بيت وارو يا ڪو سگهڙ
يا ڪافين چوڻ وارو يا گهجارت ڀڃڻ وارو يا ڪو ڏهس
سينگار وارو هوندو ته سڄي ڪچهري جو منهن ڦري اوڏي
ٿيندو.“ بس پوءِ ته رنگ لڳيو وڃن. ڪيڏي مهل
ڳجهارتون ته ڪيڏي مهل بيت، ڪيڏي مهل ڏهس سينگار ته
ڪيڏي مهل ڪافيون بس ڌم لڳي پئي هوندي، آڌي لڙي ته
ڇا، ڏينهن اڀري ته ڇا، رس ڪير ٿو ڇڏي. الاجي وري
ڪي اهڙا سگهڙ اچن يا نه!
ڳجهارت: جي ڪچهريءَ کي خبر پئجي وئي، ته ڪو ڳجهارت جو ڀاڃون به
آهي ته پوءِ ته بس ڪو نه ڪو ڪچهريءَ جي ڪنهن نه
ڪنهن ڪنڊ مان هڪل ڪندو ته ”ڀائو اچئي ٿي سوکڙي“.
بس هن جو ائين چوڻ، ڪچهريءَ جا ڪن کڙ ٿيڻ. ڳجهارت
جو ڀاڃون چوندو ته ”ادا ڀلي اچي“ پوءِ ڳجهارت ڏيڻ
وارو ڳجهارت ڏيندو ۽ ڀڃڻ وارو ڪوشش ڪندو ته سرائتا
ڌڪ هڻي جهٽ ڪري وٺانس مثلاًَ: ڳجهارٽ ڏيڻ وارو
چوندو ته ”نالو وٺي ذاتين وئي سا ٻيڙيءَ جن تي نه
آئي.“ ڳجهارت جا پايا ڪهڙا آهن؟ مثال ۾ ڀڃڻ وارو
چوندو ته ”وئي سا وري نه آئي“ ڪٽي مارئيءَ جي ته
ڳالهه نه آهي ته ”کڄي وئي ته نه وري“. وري پايا
جاچيندو ته هڪڙو پايو ٿيندو، نالي جو ٻيو ذات جو
ٽيون ٻيڙي جي ڪنهن ازبي (عضوي) جي نالي جو. پوءِ
واري واري سان ٽنهي پاين کي وٺندو ويندو جي ڪنهن
ڳجهارت جا ٻه پايا هوندا ته چوندا ته ”ير ٻه ٺپي
ڳجهارت ڏاڍي ڏکئي ٿئي“. بس پوءِ اچي جي پوندا نالن
۾ ته چئو ته ايترا نالا آندائون ڪٿان ياد ڪيئن
ٿين! جي نالي جي پايه ۾ ڳجهارت چڙهي وئي، ته اچي
وٺندس ذات ۾، ڪانه ڇڏيندا ڪا پوئي، جي ذات به لڪ ۾
هوندي، ته وٺندا ٻيڙي جي ازبن (عضون) جا نالا تان
جو وڃي ڪٿي نه ڪٿي ڀڃندس. جي ڳجهارت جي ڪنهن پايه
کي واءَ لڳي ويو ته وئي، ائين جي نالا وٺندي وٺندي
ڳجهارت ڀڃڻ واري جافر(جعفر) جو نالو ورتو يا ذاتين
۾ چارڻ جو نالو يا ٻيڙيءَ ۾ کوهي جو نالو ورتو ته
ڳجهارت وئي، گجهارت ڏيڻ وارو هڪل ڪندو ته ”وئي
ڀائو وئي، واه واه ڪري ڇڏئيس“_ بس پوءِ ته ڪچهريءَ
۾ واه واه ٿي ويندي، پوءِ ڳجهارت ڏيڻ وارو، چوندو
ته ”ڀائو شعر ڪرينس“ بس پوءِ ڳجهارت ڏيڻ وارو،
چوندو ته هائو ادا چوي ٿي، ته نالو وٺي ذاتين وئي
سان ٻيڙيءَ جن تي نه آئي، نالو جافر ذات جا چارڻ
ٻيڙيءَ جا ته کوها، چوي ٿي ته جافر وٺي چارڻ وئي
سا وري کوهن تي نه آئي. ڪچهريءَ ۾ واه واه ٿي
ويندي ته واه استاد واه ڪهڙي نه سٺي ڳجهارت ٻڌي
اٿس شابس هجيس.“
اڃا اها ڳجهارت ڀڄندي ئي مس ته وري ڪو ٻيو ڳجهارت ڏيڻ وارو ڀڙڪو
کائيندو، ته وري ڪچهري اوڏي ڪَن ڪندي، مثال ۾ ته
ڪنهن چيو ته ” جڏهن مرون ٿي ويئي تڏهن ڪتو ڇو نه
ڇڏيئي“، همراه هڪل ڪندو ”يار ڇوڏا لاهي ڇڏيئي- ٻه
ٺپي ڏني اٿئي،“ ڳجهارت ڏيڻ وارو چوندو ”ڀائو ڀڃ
کڻي، سولي آهي، تو پاري سدا ملوڪ لاءِ ته پڌري
آهي.“ پوءِ اچي پوندو ڳجهارتون ڀڃڻ وارو جانورن ۽
ڪتن جي نالن وٺڻ ۾، مثال ۾ چوندو ته: ” ير ڇا ٿي
چئي، جڏهن مرون ٿي ويئي، مرون تي هاٿي، متان هٿان
ٿي ويئي تڏهن ٽيڳر (ٽائيگر ڪتو) ڇو نه ڇڏيئي. نٿي
چئي، ڀلا ڇا ٿي چئي مرون ٿي ويئي، مرون ته هاڻي،
شينهن، ڪيٽو، چراخ، بگهڙ ، گدڙ به نه؛ ڀلا گرگ،
ڦاڙهو، هرڻ متان ڳورپٽ، هاتار، ممولو، ڀولڙو به نه
متان لوڪڙ، آدم خور. ير ڄاٿي ته ڪتو ڇو نه ڇڏيئي-
ڪتو ته ٽيگر، موتي، هيرو ڇو نه ڇڏيئي؛ ليلان کي ٿو
چوي ”اهو موتين جو هار ڇو نه ٿي ڇڏيئي؟“ اڃا به
نه، ير ڏاڍي ڏکي ڳجهارت آهي. ڪتو ڇو نه ڇڏيئي-
متان واڳون ڪتو، واڳون به نه، متان بُلٽاڪ، بنو،
ڪيٽو، شينهون به نه؟ ائين ڳجهارت جي ٻنهي پاين تي
ويندو ڌڪ هڻندو. وري جي ڪو ٻيو ڪو ڀاڃون هوندو ته
اهو به پاسو وٺيو ايندس، پر جي ڳجهارت چڙهي وئي.“
جي ڳجهارت ڀڃڻ واري به ڏٺو، ته برابر ڳجهارت
منهنجي ڀڃڻ کان زور ٿي وئي، ته چوندو ”ادا برابر
ڳجهارت زور ٿي وئي- ڀائو شعر ڪرينس“. بس پوءِ
ڳجهارت ڏيڻ وارو ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو چوندو ته
”ادا چوي ٿي ته جڏهن مرون ٿي ويئي تڏهن ڪتو ڇونه
ڇڏيئي. مرون ته ڪڇئون ڪتو ته پلنگ. سسئيءَ کي
ساهيڙي ٿي چوي ته جڏهن پنهون ڪڇئون (ڪڇ مان) ٿي
ويئي، تڏهن پلنگ ڇو نه ڇڏيئي.“ بس پوءِ ته واه واه
ٿي ويندي، ڪو چوندو ته ” واه جي سرائتي گجهارت
هئي“، ڪو چوندو ته ير لِڪ ته ڏسو استاد ڪهڙي نه
ڪئي آهي_ واه واه – واه اُستاد واه!“ ائين ڪچهري
ويندي ڀربي زور وٺندي.
هنر: ڳجهارت کان سواءِ هنر به سنڌ جو هنر آهي. هنر ۾ اکرن جي
لِڪ ۾ اهڙو مضمون لڪل هوندو آهي، جو پروڙڻ کان
پوءِ حيرت وٺيو وڃي. هنر جي هڪ ئي بيت ۾ سگهڙ اچي
جو پوندا ته نالا ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ وري پاڻ ئي
انهن نالن کي ٿورو ڦيرائي معنيٰ ڪري ٻڌايئندا آهن.
ڪچهريءَ جي سينگار ۾ هنر ڳهه آهي جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه
ڏهس، سينگار، هنر ۽ ڏور جو رواج گهٽ ٿيندو وڃي. سچ
ته هيءُ آهي ته اهڙا سگهڙ ئي مري ويا، جيڪي اهڙيون
گهڙون ڪندا هئا. جي ڪو همراهه ڪچهريءَ ۾ هنر وارو
به هوندو ته ڳجهارتن کي ٺونٺ هڻڻ لاءِ وري هنر
شروع ٿي ويندا.
مثال ۾ جي ڪو هنر وارو هوندو ته هڪل ڪندو ته ”ڀائو هاڻي هنر
ٻڌو“ ائين چوندو ته :
رپيا آڇ م سومرا آڌي مان آئون.
پائلي ڙي عمر سومرا چوٽڪي چيائون.
ٽڪن کان ٽيڙي سي ڪيئي پئسن کان پراهون،
آڌيلا آئون، تنهن جا ڪسيرا وٺنديس ڪين ڪي؛
منهنجي دمڙي مارن سان.
جي ڪو هنر جو ڀاڃون ويٺل هوندو ته مڙئي ٻه- ٽي ڌڪ هڻي وٺندو، جي
نه ته هنر ڏيڻ وارو وري پاڻ ڪري ٻڌائيندو. چوندو:
رپيا آڇ م سومرا آڌي سان آئون.
ائين نٿي چوي، چوي ٿي ته اهي روپا سونا ٿانوَ آڇ نه سومرا، ڪيئن
ريجهان ادي سان آئون- وري چوي ٿي:
پائلي ڙي عمر سومرا چؤنڪي چيائون.
ائين نٿي چوي، پر چوي ٿي ته مون کي چون ٿا ته پاءِ والي ۽ پؤ
ٽِڪي – وري چوي ٿي:
ٽڪن کان ٽيڙي سي ڪيڻي پئسن کان پراهون.
ائين نٿي چئي، چئي ٿي ته مون کي پنهنجن ٽڪن (ٻڪرين) کان جدا ڪري
ڪيئن پسڻ کان پراهون. وري چئي ٿي ته:
آڌيلا آئون تنهنجا ڪسير وٺنديس ڪينڪي.
ائين نٿي چئي، پر چوي ٿي ته تنهنجن وڏن عهدن لاءِ آئون ڪسي راهه
وٺنديس ڪين ڪي، وري چوي ٿي ته:
منهنجي دمڙي مارن سان.
ائين نٿي چئي پر چوي ٿي ته منهنجو دم ڙي مارن سان. هتان هنر جو
شروع ٿيڻ هتان ڪچهريءَ جو واه واه ڪرڻ. هنر جا
شوقين وري هڪل ڪندا ته ”ڀائو ڪو خدا جو ڏني مان
ٻيو به ٻڌاءِ“. هنر وارو وري ٻيو ڏور شروع ڪندو
ته:
پلا پسي تنهنجا ٿيرا آڇ م مون،
ڄرڪيون پونئي سومرا نه ڏي سينگاريون،
مون بنا گندڻيون منهنجون ڪي ڪٿي ڪرڙيون،
موراکو تنهنجي ڪوٽ جو ته گلڙا مارن ڏيون،
دڙيون تنهنجون سومرا ڪن مارو پوپريون،
هاڻي گڏ ڪري سهڻيون، ڏاهي ڇڏ ڏيهه تي.
هن هنر ۾ رڳو سگهڙ مڇين جا نالا ڪم آندا آهن. مثلاًَ: پلا،
ٿيرا، ڄرڪيون، سينگاريون، گندڻيون، ڪُرڙيون،
موراکا، گلڙا، درڙيون، پوپريون، سهڻيون ۽ ڏاهيون.
جي ڪنهن هي هنر به شعر ڪري ٻڌايو ته واه واه، جي نه ته وري ڏيڻ
هنر وارو شعر ڪري ٻڌائيندو،. چوندو، چوي ٿي ته:
پلا پسي تنهنجا ٿيرا آڇ مَ مون.
ائين نٿي چوي، پر چوي ٿي ته هي آنن جا پل ۽ ناڻن جا ٿيلها عمر
مون کي نه آڇ. وري چوي ٿي ته:
ڄرڪيون پونئي سومرا نه ڏي سينگاريون.
ائين نٿي چوي پر چوي ٿي ته ڪا ڄر (باهه) لڳئي سومرا، مون کي
گاريون نه ڏي. وري چوي ٿي ته:
مون بنان گندڻيون منهنجو ڪي ڪٿي ڪرڙيون.
ائين نٿي چئي، پر چوي ٿي ته مون بنان منهنجو نڌڻڪيون ڪرڙيون
(ٻڪريون)، ڪا ڪٿي ڪا ڪٿي هوندي، وري چوندي چوي ٿي
ته:
موراکو تنهنجي ڪوٽ جو ته گلڙا مارن ڏيون
ائين نٿي چئي، پر چئي ٿي ته مري راکو تنهنجي ڪوٽ جو ته تنهنجا
گلڙا (گلن جهڙيون زالون)، اسين مارن کي ورهائي
ڏيون. وري چوي ٿي ته:
درڙيون تنهنجون سومرا ڪن مارو پوپريون.
ائين نٿي چوي پر چوي ٿي ته اهي درين مان جهاتين پائڻ واريون
مارن کي ڏيون ته ڪي پريون (جٺيون) ڪن. وري چوي ته
:
هاڻي گڏ ڪري سهڻيون، ڏاهي ڇڏ ڏيهه تي.
ائين نٿي چئي، چئي ٿي ته سڻين ٿو منهنجا مارو گڏ ڪري مون ڏانيل
(ٻڌل- ڦاٿل) کي ڇڏ ته پنهنجي ڏيهه وٺي وڃن. اهو
ٻڌڻ سان ڪچهريءَ ۾ واه واه پئجي ويندي، هر ڪو پيو
هنر جي تعريف ڪندو ته واه جو سگهڙ هنر ٻڌي ڇڏيو
آهي.
ڏور: جي ڪچهري ۾ ڪو ڏور ڏيڻ وارو ويٺل هوندو ته پوءِ بلي بلي،
کير ۾ کنڊ، ڪچهري اڃئين ٻئي رنگ ۾ اچي ويندي ڇا
مجال جو ڪو مڙس گهيراٽجي يا ارڪ ئي کوڙي وهي. ڏور
هنر وانگر ٿيندو آهي، پر سڄي لِڪ هوندي آهي. ڪو
مغز وارو ڀڃيندو، جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي، جي ڪو
ڏور ڏيڻ وارو ويٺل هوندو ته هڪل ڪندو ته ”ادا جي
ڪو ڏور جو ڀاڃون هجي ته غريباڻي سوکڙي اسين به ڏئي
ڇڏيونس.“ جي ڪچهريءَ ۾ ڪو ڏور جو ڀاڃو هوندو ته
واڪو ڪندو ته ”ڀائو ڀلي اچي، اسان جي اکين تي“ جي
نه هوندو ته چوندا ته ”ادا ڏي به تون ته نبير به
تون.“ بس پوءِ ته ڏور وارو شروع ٿي ويندو ڏور ڏيڻ
۾” مثال ۾ چوندو ته:
هڪڙو ماري ٻيو ماري ٽيون ماري ڙي ماري،
پانهه پنهنجي پريت سان پت پاري ڙي پاري،
جر منجهان جلال چئي جنهن کي بچايو باري،
وجهي ڳل ڳچيءَ ڳاري، چلي پيو چوگان ۾.
جي ڪو ڏور ڀڃڻ وارو هوندو ته ڪٿي جدا جدا ڳالهيون ڏورن ۾ يا
زباني ڪندو ويندو ۽ جنهن ڏور ڏنو هوندو سو ڪنڌ
ڌوڻيندو، ناڪار ڪندو چوندو ويندو ته ”نه، ادا نه،
اڃان بچي پيو.“ پر جي ڪي واءُ لڳي ويس ته هڪل ڪندو
ته ”ڀائو، واه واه ڪري ڇڏيئس.“ بس پوءِ وري ڪچهري
هڪ ڪني ٿي ويندي ڏور جي شعر ٻڌڻ ۾، مثال ۾ مٿئين
ڏور جو شعر هيئن ڪندو ته: حضرت اسماعيل جا ٽي ماري
هئا. هڪ سندس پيءَ حضرت ابراهيم ٻيو ڪاتي ٽيون ملڪ
الموت، پر انهن ٽنهي مارين هونديب ه هن قول تي
پورو رهي پنهنجي پت پاري. خدا جي قدرت اهڙي ٿي جو
حضرت اسماعيل جو دنبو اچي ويو ۽ حضرت اسماعيل کي
الله سائين بچائي ورتو. پوءِ انهيءَ حضرت اسماعيل
دنبي جي گوشت کي کل جي جهولي ٺاهي، ڳچيءَ ۾ وجهي
پئي ورهايو. ڏور شروع ٿيڻ سان ڪچهريءَ ۾ واه واه
ٿي ويندي. ائين ڪچهريءَ ۾ سگهڙن وٽ جيڪو هنر
هوندو. ڏهس، سينگار، دوراها وغيره سڀ کڻي اڇلندا
۽ ڪچهري هلندي رهندي. وري قسمت سان ڪو ڪهات ڪڍڻ
وارو اچي نڪتو ته ڄڻ مندئي وئي. دودي چنيسر، ڏمڻ
سوناري، ڍول مارو، بوبنا جرار جي يا ڪا ٻي ڳالهه
کڻي ويٺو ته ڇهه ست راتيون ويون. ڇو جو اهي
ڳالهيون ٿين ڳاهن سان، تن ۾ ٿئي ڊيگهه گهڻي. گهڙو،
ٿالهي، پڪواز يا يڪتارو وڄائين پوءِ ڳالهه ڪٺ ڪري.
پر جي ڪنهن بادشاه جي ڳالهه هوندي ته ڪهات وارو
پهنجي خاص انداز ۾ چوندو: ”هڪڙو هو بادشاه، بادشاه
پاڻ الله آهي، پر هي هڪڙي زمين جي ٽڪر جو بادشاه
هو“. ائين چئي، ڳالهه شروع ڪندو. پوءِ هلندي هلندي
جتي ساهي کڻندو، اتي ڳالهه ٻڌڻ وارن مان ڪو چوندو،
”ته ادا، جيءُ“ ته هو وراڻي ڏيندو ”ادا کلي کير
پيءُ“ ائين چئي هو اڳتي هلندو. ائين ڳالهه کڻڻ
واري جي اڳيان ڦوٽا، مصري ۽ چڻا رکن ته ٿڪجي نه
مڙئي وات آلو ڪندو اچي.
ائين گڏجي ڪچهري ته راتين جون راتيون هلي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن
۾ ڳالهين جي باري ۾ البت هي به وهم ويٺل آهن. ته
جيڪو اميرحمزي جي ڳالهه ٻڌندو، ان کي جي ڪن يا ڏاٺ
۾ سور هوندو ته لهي ويندو، يا جنهن ڳوٺ ۾ دودي
چنسير جي ڳالهه اول کان وٺي آخر تائين کڻبي،
انهيءَ ڳوٺ ۾ ڳالهه جي آخر ۾ باهه ضرور لڳندي. هي
چوڻي ته مشهور آهي ته جي ڏينهن جو ڳالهه کڻجي ته
ڪوري انڌا ٿي پوندا. ڀانئجي ٿو ته اهو ڪو ڊپ ڏنل
آهي ته متان ڏينهن جو ڳالهه کڻجي ته ماڻهو ڪم کان
نه سيڙجي پون. ان ڪري ڳالهه رات جو واندڪائي ۾
کڻجي.
پر جي ڪچهريءَ ۾ ڪو نڙ بيت وارو اچي نڪتو ته واه واه! نڙاين جا
نڙ تي لهرا ۽ بيتن جي هونگ لڳي پئي هوندي. هونگاري
وقت سڄي ڪچهري هونگارو ڏئي سر جهلائيندي.
سچ ته هي آهي ته ڪچهري. ڪٺ تڏهن ڪري جڏهن ڪو ڪافين چوڻ وارو
اچي. بس پوءِ يڪتاري، گهڙي، پڪواز تي ”تون هي تون،
لڳيو وڃي ۽ ڪچهري اهڙي مچيو وڃي جو اٿڻ تي ئي دل
نه ٿئي. ائين سنڌ ۾ ڪچهريون اهڙيون ٿين جو وڃي ٿيا
خير.
هن باب ۾ جي ڏهس، سينگار، دوراها، ڪهاتن، بيتن يا ڪافين جا مثال
ڏجن ته اجائي ڊيگهه ٿي پوندي، ان ڪري رڳو ڪو مثال
ڏنا ويا آهن. ٻيا مثال ڪتابن تان پڙهي سگهجن ٿا.
|