سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 6

پوءِ وري گهوٽ ڪنوار  کي وڃڻو هڻندو آهي. ان مهل زالون هي راڳ چونديون آهن:

ابا تنهنجي ڏاڏي پوٽي وني ..............
لاڏا تنهنجي هڪ سوتڙي بني ..........
لاڏا تون موڙ پکي جي ڳني ..........

ڪي زالون وري هر هر  هيئن چونديون آهن:

وني هڻي وڃڻو، وني لڳي واءُ ..........
ونو هڻي وڃڻو، وني لڳي واءُ ...........

پوءِگهوٽ ڪنوار لاءِ بسريون اينديون آهن، جي ٻئي گڏجي  کائيندا آهن. ان مهل گهڻو ڪري هي راڳ چونديون آهن:

ٿالهي ڀر ڏي بسر يان نال .........
کاوڻ والي گهوٽ ڪنوار .........
 امڙي تيڏي باغ بهار ...با با  تيڏا خوش ته نهال ....

ان مهل ڪنوار کي مٿي تي ٻُٽ  هوندي آهي. تمام سنهڙي ڪپڙي جي اَنگي ۽ هيٺ پڙو جنهن ۾ ڪچين تندن جو اڳٺ پيل هوندي آهي. ائين انهن سوڻن سان مائٽ پنهنجي  اولاد کي شرعي زنجيرن سان ٻڌيو ڇڏين. 

ورندي رات  گهڻو ڪري نيکيٽيءَ جي رات ٿيندي آهي جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي، ان رات ڪنوار جون مائٽياڻيون ڪنوار کان موڪلائڻ اينديون آهن. ان مهل نهايت سوز ۽ درد مان هيءُ راڳ  چونديون آهن:

نکڙ نکڙ ڌيءَ ٻائي .... ڇڏ اباڻو پکو .... ڇڏ اباڻو پکو ....
تو کي ماءُ ڏني موڪل .... پيءُ چوي پرتينءَ رب ....

ڪي زالون وري هي راڳ چونديون آهن:

هاڻي    واڳ   زور   آور    هٿ   ۾ ....
ڏيو مومل کي موڪل .... مومل کي موڪل ....

پوءِ گهوٽ ڪنوار کي وٺي ايندو آهي گهر. جڏهن پنهنجي گهر جي در تي ايندو آهي، تڏهن زالون گهڻو ڪري هيءُ راڳ چونديون آهن:

ابا لاهه ڪڙو هن ڪوٽ جو............
اسين مومل نيندا سين.................
مومل نيندا سين.......................

پوءِ در تي اڳيان  گهوٽ پٺيان ڪنوار بيهندي آهي. ڪنوار جي ٻٽ ۽ گهوٽ جي لونگيءَ جا پلو ٻڌل هوندا آهن. پوءِ ڪنوار کي به ٻريل بتيون هٿن ۾ ڏيندا ۽ مٿي تي ڪپڙين جو  ٻيلهڙو کير  سان ڀريل ڏيندا. پوءِ اندر آڻيندا آهن.

گهوٽ جي اچڻ تي وري لاؤن به اينديون ۽ لائن کان پوءِ وارا سڀ سوڻ وري ٿيندا آهي. پوءِ گهوٽ جي ڀيڻ لاڳ وٺي پلو ڇوڙيندي آهي. اتي جي ڪنوار ڏاڏي پوٽي هوندي آهي ته گهوٽ سندس پير ڌئاريندو آهي.

وري ٽئي ڏينهن  ڪنوار  جي هٿن  کي ڦوٽڻ واس ڏئي کير ۾ وجهندا آهن. ڏڌ کي گهمرا ڏياريندا آهن ۽ ان مئائيندا آهن. ان کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار گڏجي ڪنوار جي گهر ستاواڙي تي ويندا آهن اتي رات به رهي واپس پنهنجي گهر ايندا آهن.

اهي آهن سنڌ جي مسلمان  قومن جي شاديءَ جا سوڻ. جي ٿوري  گهٽ وڌائيءَ سلن سڀني قومن  ۾  رائج آهن. انهن سوڻن کي غور سان ڏسبو ته هو  هڪ سوڻ ۾ محبت جي هڪ زبر دست تلقين لڪل آهي.

ساهري گهر ۾ ڪنوار کي تيسين ڪنوار  سڏيندا آهن، جيسين کيس ڪو پٽ ڄمي. پٽ ڄمڻ کان پوءِ ان جي  نالي سان ان جي ماءُ ڪري سڏيندا آهن.

ڪنوار کي جڏهن پهريون پيٽ ٿيندو آهي تڏهن ساهرا سندس اڌ ڳڀي ڪندا آهن. اڌ ڳڀي پوري پنچين مهيني ٿيندي آهي  جنهن ڏينهن کان  ڪنوار جي پيٽ ٿيڻ جي  پڪ ٿي ويندي آهي ان ڏينهن کان ڪنوار سينڌ .سرمون سرخي لائن ننهن لاهڻ ۽ نوان ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏيندي آهي. تيسين جيسين پنج مهينا پورا نه ٿين. پوءِ جنهن ڏينهن اڌ ڳڀي ٿيندي ان ڏينهن ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ۾ ٿيندا آهن. ان ڏينهن ڇا ڪندا آهن جو ڏهه بسريون ۽ يارهون لولو پچائي ڍڪي ٺاهي دستر خوان سان ويڙهي آڻي رکنديون ڪنوار جي اڳيان، پوءِ حجامڻ ڪنوار جا ننهن ان دستر خوان جي مٿا لاهيندي، پوءِ ڪنوار کي وهنجاري سهنجاري ڪپڙا ڳهه پارائي ويهارينديون  ۽ زنانو ڳاڻڻ گهورون گهٻارون شروع ٿينديون. ڳائڻ کان پوءِ زال مڙس اهي بسريون کائيندا ۽ باقي بسريون ڏاڏي پوٽن ۾ ورهائي ڏينديون آهن. اهو ٿيندو آهي اڌ ڳڀيءَ جو سوڻ.

کنهبا: وري جڏهن ڪنوار ستين مهيني يا نائين مهيني جي پيٽ سان هوندي آهي تڏهن سندس پيڪا کنهبا ڪندا آهن. سو هيئن ڪندا آهن، جو ڪنوار کي هڪ وڳو ڏيندا آهن، جنهن ۾ سائي سٿڻ ڳاڙهو ڀرت سان چولو ۽ کنهبو هوندو آهي، ان سان گڏ ٻار جو سڀ سامان، رلڪا، تنجڻ، ديڙي، هنڌ، منهن رکڻي، سرميداڻي، تيل ٽوال، ڪپڙا، مطلب ته ٻاراڻو سڄو سرتن ڏيندا آهن . ۽ ڪنوار کي ڪپڙن  کان سواءِ سئانجو کٽ هنڌ ۽ ٻيو سامان به ڏيندا آهن، پوءِ ڪنوار کنهبن جي ڏينهن اهي پيڪا ڪپڙا پائيندي آهي پر چولي جي بدران گج پائيندي آهي، پوءِ اچي پيڪاڻي هنڌ کٽ تي ويهندي. پوءِ ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ڀت پوت ٿيندا آهن، پوءِ سهاڳڻيون گڏجي تيلاڙي جو سوڻ ڪنديون آهن، سو هيئن، جو ڪنهن وٽيءَ ۾ مٺو تيل وجهي رکنديون پوءِ ست سهاڳڻيون واري واري سان تيل جي آنگر ڀري ڪنوار جي دن کي لائينديون وينديون آهن، پوءِ حجامڻ موڙو ڏيندي آهي. جنهن ۾ مصري پتاشا باداميون، ڏونگهيون، کارڪون وغيره هونديون آهن. اهو موڙو ڪا سهاڳڻ وٺي ڪنوار جي سڄي پلاند ۾ ڏيندي آهي ان مهل ڪنوار جي هنج ۾ ڪو پٽ ٻار ويهارينديون آهن.

ويم: جيسين ويم ٿئي تيسين ڪنوار کي ڪوبه ڪم ڪرڻ نه ڏينديون ٻار جا هنڌ ٽپڙِ ڪجهه پيڪن کان ملندا آهن باقي ساهرا تيار ڪندا آهن. آخر اچي ويم جا ڏينهن ويجها پوندا. زال کي ٿوري سنڀار ٿي ته ڪا دائي گهرائي وٺندا. بس پوءِ ته ساهرن کي آتر ويلا لڳي ايندي. سڀئي خوشيءَ ۾ نه پيا ماپيندا آهن.ٻار ڄائو ته ان کي تيسين کير ڌارائينديون جيسين ڪو مائٽ ٻار جي سڄي ڪن ۾ آذان ۽ کٻي ۾ اقامت نه چئي. هوڏي ٻار ڄائو هوڏي رک شروع ٿي. زالون ڇا ڪنديون آهن، جو نير جا ليڪا انهيءَ جاءِ جي ڀتين تي ڪڍي ڇڏينديون آهن. اهي نير جا ليڪا ڪي ڪانءَ پير وانگر ڪڍڻ ته ڪي منڌيئڙا ڏين. ٻيو هيئن ڪنديون آهن جو گڏهه جو ليڏوڻون ۽ بصر جي ڳنڍ گڏي ٻڌي، درن جي اوڙن ۾ ٻڌي ڇڏينديون آهن. هر گهرائي چائنٺ وٽ رکنديون آهن ڇائنٺ وٽ ڊگهي کڏ کوٽي ان ۾ پاڻي وجهي ڇڏينديون آهن ته جيڪو اچي سو پاڻي ۽ هر اورانگهي پوءِ اچي. اڱڻ ۾ دونهين دکائي ڇڏينديون آهن. جا ڇٺيءَ تيائين دکندي رهندي آهي اهي سڀ سوڻ ٻار ۽ سندس ماءُکي اچڻ ته ڏينديون آهن جنهن ۾ ذرو به شڪ ايندن ته هي دشمن آهي. جي ٻار جي ڄمڻ مهل گهر ۾ ساهه وارا مڻڪا هوندا ته اهي ڌوئي انهن سان ڪجهه ٻار جي ماءُ ۽ ٻار کي پيارينديون به ۽ ڪجهه پائي سندن بت کي لائينديون آهن. جيڪو اهڙو ماڻهو اچي ويو جنهن مان کين شڪ ايندو هوندو ته يا ته ان کي ايندي ويندي مهل بجو ڏيئي ڇڏينديون، (پٺيرو هوندو ته) يا ته کيس چونديون ته ٻار ۽ ٻار جي ماءُ کي پڪ لائي ڇڏ يا ته ويندي مهل سندس پير جي مٽي کڻي وٺنديون،پوءِ ان مٽيءَ سان گڏ سڄا ڳاڙها مرچ گڏي ٻار ۽ ٻار جي ماءُ تان ست ست دفعا سبتا ۽ ست دفعا ابتا. باهه کي پٺي ڏئي ٽنگن جي وچان اها مٽي ۽ مرچ اڇلائي وجهنديون ٻرندڙ باهه ۾، اهو سوڻ ڇلي واري زال يا بيمار لاءِ هونءَ به نما شام مهل ڪنديون آهن اهي رکون گهڻو ڪري رڳو ڇٺيءَ تائين ڪنديون آهن ڪي زالون ڇٺيءَ تائين گهر مان ٽانڊو به ڪين کڻڻ ڏين.

ڇٺي: ٻار ڄمڻ کان ڇهين ڏينهن پوءِ سندس ڇٺي ڪندا آهن. ڪي عقيقو ڪن ڪي ڇٺي ۽ جهنڊ جي ڪو پهرياٺي پٽ ڄمندو آهي ته ڇٺي ڏاڍي ڌام وم سان ڪندا آهن. ڇٺيءَ تي به ڀت ٿيندو آهي جي ڌيءَ ڄمندي آهي ته گهڻو ڪري تاهري رڌين، جي پٽ ڄمندو آهي ته ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ڪن ۽ پلاءُ رڌين، ڇٺيءَ جي رات زالون ڪوٽ جو سوڻ ڪنديون آهن. سو هيئن ڪنديون آهن جو ڪا سهاڳڻ ٻار جي ماءُ جي کٽ جي چئڻ ئي پاون ۾ چار گز  اڀا ڪري ٻڌندي آهي. پوءِ ست سهاڳڻيون اوبري تي ويڙهيل ڪچي سٽ کي انهن گزن جي چوٽين تي ڦيرائينديون آهن. ائين ست تندون گزن تي ڦري اينديون آهن. پوءِ انهيءَ ڪوٽ ۾ ٻار کي ڪپڙا پارائينديون آهن چو لو گهڻو ڪري وڏي ڏاڏي جي ڪنهن پاتل ڪپڙي مان ٺهل پارائينديون آهن. ڇٺيءَ کان اڳ ٻار کي رڳو ڪپڙي ۾ ويڙهيونديون آهن ڪپڙو ڪونه پارائين. ڇٺيءَ تي بار کي، ڪنگڻ ميڊيون ويڙهه، ڪڙيون ڪپڙا پارائين ۽ نظر کان ڪي ڪارا ڌاڳا ڪاراين ۾ ٻڌن ڪي وري ڪاريون چوڙيون پاريو ڇڏين جي پٽ ٻار ڄمندو آهي ته کيس ويڙه پارائينديون آهن، جي ڌيءَ تي منڊي. پٽ جي ڇٺي ڇهين رات ڪنديون آهن، ڇڙهو ٿئي ڪم ڪار تي اٿل پٿلي ۽ ڌيءَ جي ستين رات ته ڌيءَ ست ۽ حيا واري ٿئي. جي ڪنهن کي ٻار نه بچيندو آهي ته اهي ڇٺيءَ تي بصر ورهائيندا آهن ڀت پوت ڳائڻ وڄائڻ ۽ خوشي ڪونه ڪن. يارهين ڏينهن ٻار جي ماءُ ٻارهين جو مٿي پاڻي وجهندي آهي. يعني وهنجدي سهنجندي آهي، مٿي پاڻي وجهڻ مهل ڪهر ورهائيندا آهن جي چڻن ۽ ڪڻڪ جا گڏيل ڪهر هوندا آهن. جي ڌيءَ ڄاول هوندي آهي ته ڪهر ڦڪا ورهائيندا آهن. جي پٽ ڄاول هوندي آهي ته مٺا ڪري ورهائيندا آهن. ڪي زالون پٽ ڄمڻ تي ڳڙ ورهائينديون آهن.

بس ڇٺي کان پوءِ روز صبح جو ٻار ڪِهاڙ پيو ڇو جو روز صبح جو سنڌ جون زالون ٻار کي آڍينديون مکيينديون آهن ته ٻار جا ڪچڙا هڏ ڊول وارا ٿين. پيٽ آڍينديون آهن ته پيٽ ڇلر نه ٿئيس، ٽنگون آڍينديون ته هڏ ۾ ڦير نه اچيس، منهن آڍينديون اٿس جا ساروف سٺا ٿينس. نڪ ڊگهو، وات ننڍو پيشاني موڪري  ۽ کاڏي ننڍي ٿئيس. پوءِ آڍي مکي دُڪو کارائينديون اٿس. دڪو تازو مکڻ دڪي جيترو ٿيندو آهي، ان ڪري ٻار کي کارائڻ واري مکڻ تي نالو ئي دڪو پئجي ويو آهي. پوءِ ٻار کي آڍي مکي تَنجي ڇڏينديون آهن.

تَنجڻ هڪ ڊگهو ڪپڙو ٿيندو آهي جنهن کي اتر ڏي ٻَڌڻ به چونديون آهن اهو ان لاءِ ٻڌنديون آهن ته ٻار سئين ڪنڊي ستل هجي ۽ عضوا نه ڦرنس پوءِ ٻار کي سرمون پارائي پيشانيءَ تي ڪانءَ پير ۽ مٽن تي سرمي جون تلو ڪڙيون ڪڍي ڇڏينديون اٿس ته نظر نه لڳيس. ڀرن کي تنڃ لائي ڇڏينديون آهن ته ڀل ته ڀرون گهاٽا ۽ جاڙا ٿينس. ڀرن تي سرائي سان سرمي جا ليڪا به ڪڍنديون آهن ته ڀرون ڪارا ٿينس. پوءِ ٽنگن کان چاڙهڪو ڏئي هنڌ تي سمهاري ڇڏينديون اٿس. ٻار جو مٿو ديڙيءَ تي هوندو آهي. ديري زالون مٽي جي ٺاهينديون آهن. ديڙي ايتري ٿيندي آهي جنهن ۾ ٻار جو مٿو سولائيءَ سان اچي سگهي. ڪي زالون ديڙي ۾ اُبي ڪاٺي هڻي ديڙيءَ کان منهن رکڻي جو به ڪم وٺنديون آهن ته ڪي وري منهن رکڻي جدا ڪنديون آهن. ديڙي هن ڪري رکنديون آهن ته مٿي جي ڳڪڙ ويهي، لؤڻان نه ڦرنس. منهن ويڪرو ٿئي چوٽي چنڊ وانگر کڙي بيهي. ٻار جي هنڌ جي ڀرسان رک لاءِ ضرور ڪا ڪاتي يا کليل چاقو رکيل هوندو آهي. ڪي ته منهن رکڻي ۾ بگڙ جي کل جو ٽُڪر به ٻڌيو ڇڏين ته ٻار ڊڄي ۽ ڇرڪ نه ڀري، زالون ٻار کي دئو يا تڙڪو نه ٿيڻ ڏينديون آهن، نه خيرين ساهين ڊيڄڙي جو حساب نه ٿئيس. شام جو ٻار کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ مهل منهن تي ڪارو چٽو ڪڍي ڇڏينديون آهن. ته نظر نه لڳيس. جي ٻار گهڻو روئندو آهي يا تيسو ڪندو آهي ته ٻار جا رلڪا شام جو مال جي لنگهڻ واري جاءِ تي وڇائي ڇڏينديون آهن ته ڀل ته مال لتاڙي وڃي شام جو ڦيڻون رکائينديون ۽ مال جو پڇ ٻار جي منهن تي گهمائي ڇڏينديون آهن ته کيٽو ڇڏي وڃي. يا ته رات روڻي (جهنگ روڻي) گهرائي ڌاڳي ۾ ٻڌي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏينديون آهن. ٻار جي ماءُ ٻار کي ايڪلو ستل ڪڏهن ڪانه ڇڏيندي آهي. جي لاچار ڇڏڻو هوندو اٿس ته منهن رکڻيءَ جي چوڌاري ٿڃ ڏُهي ڇڏيندي آهي.

رانئين جهانيئن: هونءَ  ته زالون وس پڄندي ٻار کي تيسين گهر کان ٻاهر نه ڪنڍيون آهن جيسين ڇنڊو ڇان نه پئي.، پر جي لاچار چاچي مامي يا ڪنهن ويجهي عزيز دعوت ڏيئي کڻي گهرايو ته هيئن ڪنديون جو ماءُ ٻار کي ويڙهي هنج ۾ کڻندي آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽي يا ست ڪَچا ڀتر کڻندي آهي. پوءِ اوڏي هلندي به ويندي ۽ چوندي به ويندي ته :

رائين جهانئين جهنگ ۾_ فلاڻو منهنجي هنج ۾.

 

ائين چئي هڪ ڀتر پنهنجي مٿي کان ورائي پٺيان اڇلي ڇڏينديون پٺيان منهن ورائي اصل ڪين ڏسنديون. جڏهن ٻار ڪنڌ جهلڻ جهڙو وهڪڙو ٿيندو آهي تڏهن زالون گهڻو ڪري ڪنهن ٻار ويل لاءِ فال به وجهنديون آهن سو هيئن هو آنڱر پنهنجي وات ۾ گهمائينديون به ۽ آواز به ڪنديو ته ٻار جو ڌيان ڇڪجي پوءِ اها آنڱر ٻار جي اکين اڳيان هيڏي هوڏي به ڪنديون وينديون ۽ چونديون به وينديون ته:

اولڙو ڀولڙو........ ڪجهه نه ڄاڻي...........
ماءُ پيءُ سڃاڻي........
آنڱر وٺي وات ۾ وجهه ته فلاڻو اچي ٿو.

ائين چئي سندس منهن اڳيان آنڱر جهلي ڇڏينديون جي ٻار آنڱر وٺي کڻي وات ۾ وڌي ته چونديون ته فلاڻو اجهو ٿو اچي- جي نه ته نه.

عقيقو: اسلامي رسمن مان وقف ماڻهو گهڻو ڪري عقيقو ڪندا آهن عقيقو ڇٺيءَ جي بدران يا جهنڊ جي بدران ڪندا آهن. جي عقيقو ڇهين ڏينهن ڪيئون ته جهنڊ به انهي ۾ اچي وئي ته ڇٺي به، جي دير سان ڪيئون ته ڇٺي اڳ ۾ ڪري ڇڏيندا آهن رڳو جهنڊ جي بدران عقيقو ڪندا آهن. عقيقو هڪ اسلامي رسم آهي جا هر مسلمان ۾ گهڻو ڪري عام آهي اها ٻار ڄمڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن ادا ڪندا آهن. هيئن ادا ڪندا آهن جو جي پٽ ڄاول هوندو آهي ته ٻڪر، جي ڌيءُ ته ٻڪري وٺي ڪهندا آهن، کل ڇڏائڻ کان پوءِ هڏ ڀڃڻ حرام سمجهبو آهي. پوءِ ان گوشت جو چوٿون حصو دائيءَ کي ڏيندا آهن ۽ باقي گوشت ورهائي ڇڏيندا آهن. اهو گوشت ٻار جا عزيز نه کائيندا آهن. پوءِ ٻار جو مٿو ڪوڙي ان تي پهروءَ جو رت لائيندا آهن، ۽ ٻار جا وار سون يا چنديءَ ۾ توري غريبن ۾ ورهائيندا آهن.

ٻار جڏهن ڪجهه وڏو اغون اغون ڪرڻ جهڙو ٿيندو آهي، تڏهن سندس دائي يا ماءُ لاڏ مان گوڏن تي ويهاري پلهاڻان يا ڪوڏاڻان ڏينديون آهن، جن جو ذڪر جدا باب ۾ آهي.

ڪڇڙ: پٽ ٻار پنجن مهينن جو ۽ ڌيءُ جڏهن ستن مهينن جي ٿيندي آهي تڏهن ڪڇڙ ڪندا آهن. ڪڇڙ تي به ڏاڏا ڳائڻ وڄائڻ ڀت پوت ٿيندا آهن، ان ڏينهن انهي ٻار کي ٻار جو ڪو وڏو، ڏاڏو، چاچو يا مامون، پهرين ڪڇ تي کڻندو آهي، ڪڇڙ ڏڻ وار ڏسي ڪنهن سڀاڳي ڏينهن تي ڪندا آهن. ٻي ڪڇڙ ٿيڻ کانپوءِ ٻار کي ڪڇ تي ڪير به کڻي سگهي ٿو. جيسين ڪڇڙ نه ٿيندي آهي تيسين ٻار کي رڳو هنج ۾ کڻندا آهن ڪڇ تي نه کڻندا آهن.

جهنڊ: ٻهراڙيءَ ۾جيڪي ماڻهو عقيقو نه ڪندا آهن، اهي وري ٻار جي جُهنڊ ڪندا آهن. اها جهنڊ يا ته ڪنهن وليءَ تي باسيندا آهن يا ته مرشد هٿ سان چڳ ڪپيندو آهي. باقي وار حجام لاهيندو آهي. جي مرشد چڳ ڪپيندو ته اهو ٻار مريد به انهي جو ئي ليکبو آهي،جڏهن ٻار ڪجهه وڏو ٿيندو آهي تڏهن جهنڊ جو ڏينهن مقرر ڪري شريڪن کي ڏاڍيون دعوتون دڙيون ڏيندا آهن. پهرين پهرين گهر ۾ ڌوم ڌام سان ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي، جڏهن زالون هڙئي اچي گڏ ٿينديون آهن تڏهن ڳائينديون وڄائينديون ٻار کي کڻي اينديون مرشد وٽ ياڪنهن وليءَ تي.جتي جهنڊ ياسيل هوندي اٿن. پوءِ اتي ديگ ڀت جي لهرائينديون يا ڪُٽي يا پتاشا يامٺائي ورهائينديون پر ورڇ جهنڊ لهڻ کانپوءِ ورهائينديون آهن. جهنڊ سوا پهر سج کان اڳ به لهرائينديون آهن پوءِ يا مرشد يا انهيءِ درگاه جو مجاور پهريون چڳ ڪپيندو. گهڻو ڪري سڄي پاسي پهرين چڳ ڪپيندا آهن باقي مٿو حجام ڪوڙيندو پوءِ ورڇ ورهائي ڳائڻ وڄائڻ ڀت پوت ڪندا آهن. فقير يا مرشد کي جيڪو جيتري پڄي سگهي اوتري موکا رکي.

جهنڊ جي ڏينهن ماءُ سائي سٿڻ. گج يا ڳاڙهو ڀرت تي چولو ۽ مٿي کهنبو ڪندي آهي. ان ڏينهن جيسين جهنڊ لهي تيسين ٻار جي ماءُ ٻار جو پيءُ ۽ حجام نيرانا هوندا آهن. جيسي حجام جهنڊ لاهي تيسين ماءُ ڪٺمال يا سٽ جو اوبرو هٿن ۾ پئي ڦيرائيندي به آهي ۽ هڪ وک اڳتي هڪ وک پوئتي پئي کڻندي به آهي تيسين جيسين پيءُ ٻار جي جهنڊ لهرائي کڻي ايندو آهي، ماءُ وٽ پوءِ ماءُ پيءُ کي 5 روپيه يا پنج آنا يا پنج پئسا ڏئي پٽ وٺندي آهي، جهنڊ لاءِ سوڻ بسريون ڪندا آهن، جي يارهن لپن يارهن ٻڪن يارهن پائن ۽ يارهن سيرن جي ڪڻڪ جي اٽي جون ڪنديون آهن جي جهنڊ کان پوءِڏاڏي پوٽن ۾ ورهائي ڇڏينديون آهن. ۽ اهي ٻار جي مٿي تان لٿل وار ڪنهن ڳاڙهي اڳڙيءَ ۾ ٻڌي ڪنهن سائي وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. جهنڊ گهڻو ڪري ايڪيهين مهيني لهرائيندا آهن جي نه هيءَ به سکا آهي جڏهن کپين تڏهن ڏين .

ڏانوڻ: ٻار جڏهن پيرين سيرين ٿيندو آهي، تڏهن سندس ڏانوڻ ڪندا آهن، سو هيئن، جو ڏانوڻن واري ڏينهن ماءُ کهنبا ڪپڙا پائيندي آهي. ان ڏينهن سڏ سلح به ڏيندا آهن ۽ ڪي ته مڱڻهارن کان دس نه وڄرائيندا آهن. پوءِ ڇا ڪندا جو يارهن بسريون پچرائي اهي ڪنهن ٿالهه ۾ وجهندا آهن جي مٿان ٻيو ٿالهه اونڌو ڪري ڏيندا. پوءِ ان اونڌي ٿالهه تي ٻار کي بيهاريندا پوءِ ٻار جو چاچو يا مامو يا ڪوبه وڏو، ٻار جي ٻنهي ٽنگن ۾ مُرن وٽ گلابي پٽ جون تندون ڏانوڻ وانگر ڏائيندو پوءِ قينچي سان اهي تندون ڪپي ٻار کي کڻي وٺي ڀڄندو آهي. مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون آهن. چوندا آهن ته ٻار جا ڏانوڻ جي مامو ڪپيندو ته ٻار هلڻ ۽ ڊوڙڻ جو تکو ٿيندو جي نه ته پيو هلندو وڇڙندو. بس پوءِ ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ٿيندا ڀت پوت ٿيندا ۽ اهي بسريون ورهائي ڏيندا آهن.

ڏندن جو سوڻ: سوڻ ته زالون هر ڪم ۾ ٺاهيو ويٺيون هونديون آهن، ٻيون ڳالهيون ته ٺهيو پر رڳو شل نه ٻار کي پهرين هيٺين ڏندن اچڻ جي بدران مٿيان اچن- زالون چونديون ته خيرين سالحين ناناڻن کي ڪو چڱو آهي ڇا؟ سوڻ ضرور ٿيندو، جي ٿورو ضد ڪبو ته ڳالهائڻ جون گهٽيون بند پهرين مٿيان ڏند اچڻ ته ناناڻن کي چڱو ناهي ان ڪري سوڻ به ڪو ناناڻن مان ڪري. گهڻو ڪري اهو سوڻ مامو ڪندو آهي. جي مامو نه هجي ته ٻار جي ماءُ جنهن کي ڀاءُ ڪري سڏيو هجي يا سندس سوٽ ماسات اهو سوڻ ڪري. اهو سوڻ هيئن ڪندا آهن جو مامو ٻار کي کڻي انهي هنڌ ايندو آهي جتي ٽن ٻُنين جا ٻنا ملندا هوندا آهن. اتي مامو هڪ ڪکن جي جهوپڙي ٺاهي، ان ۾ ٻار کي ويهاري سندس اڳيان جست جي وٽيءَ ۾ ٺهيل ڪُٽي رکندو آهي. پوءِ ڇا ڪندو جو جهوپڙيءَ کي هڪ پاسي کان باهه ڏيندو ۽ جهٽ ڏئي ٻار کڻي وٺي ڀڄندو. پاڻ ڀڄندو به ويندو ۽ چوندو به ويندو ته ” هيٺين هوندي مٿيان آيا هيٺين هوندي مٿيان آيا“- ٻار کي کڻڻ مهل اها ڪٽي ۽ وٽي انهي ڀُنگي ۾ ئي ڇڏي ايندا آهن.

زالون گهڻو ڪري ٻارن تي اولڙو يا تڙڪو ٿيڻ ڪونه ڏينديون آهن. جي کڻي ٿي به پئي بجو ڏئي ڇڏينديون آهن. جي ڪنهن ٻار کي دَست يا اُلٽيون ٿي به پيون ته چونديون ته امان صدقي سَٽ آئي اٿس يا چونديون ته دَئي جو حساب ٿيو اٿس.

جي واقعي ڪٿي ٻار ڪريو هوندو ته ان جاءِ تي پاڻي هاري ڇڏينديون جي ٻار بيمار ٿي پيو ته چونديون اِهو ڌِڪ کاڌو اٿس ٻار کي سٽ پئجي وئي آهي. کڻي ڦوڪارو ڏياريوس ته ساڳيوئي چڱو ڀلو ٿي پئي. پوءِ ڇا ڪنديون جو ڦوٽن جي ڪَڻ سنهي ڪري چپٽي ڀري ٻار جي زبان تي رکي آنڱر ٻار جي تارونءَ تي رکي آنچر جي زور تي ٿورو ٻار کي کڻي وات وات ۾ وٺي ڦوڪ ڏينديون ته ڦوٽا وڃي ڪاڪڙي کي لڳندا. ٻار اُٺ جي ليڏوڻي ۽ اسپنگر جي چپڙي چاڙهجي ڇڏينديون جي ٻار جي ڌڪ کائڻ مهل، هڪيون بيٺل هونديون ته جهَٽ ڏئي وات ۾ آنڱر وجهي تارون تي رکي ٻار کي مٿي کڻي ڪاڪڙي ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏينديون.

وڌاڻون: ٻار ڄمڻ تي ڪي ماڻهو وري هاسيڪار وڌاڻون وڄرائيندا آهن. سو هيئن جو ان ڏينهن نياڻين سياڻين کي دعوت ڏئي گهرائيندا آھن. ڏاڍا ڀت پوت ڪندا آهن، ۽ مڱڻهار سڏائي انهن کي دس وڄائڻ لاءِ چوندا آهن. گهر ۾ ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ڪندا آهن.

ڊيڄڙي جو سوڻ: جي ٻار موڇڙو هوند آهي ۽ کيس تپ تي پوندو آهي ۽ تپ ۾ ڇرڪ ڀريندو آهي يا ڊڄندو آهي يا گهڻو تپ کان اکيون ڦري وينديون اٿس ته زالون ”ائي مٺيس هو ٿي ويو اٿس.“ وس پڄندي ٻار جي اڳيان ڊيڄڙي جو نالو به ڪين وٺنديون، جي ڪنهن وٺي به وڌو ته ڪلمون ڀري ڇڏينديون.

بس پوءِ جيسين ٻار بيمار هوندو تيسين روز شام جو ڊيڄڙي جو سوڻ ضرور ڪنديون. سو هيئن جو سڪن ڪکن جي ڌائي کڻي ان کي هڪ پاسي کان باهه ڏينديون. ٻار جي سيرانديءَ ڪو ٿالهه يا پاٽ رکي اهو ٻرندڙ موئو دلي ۾وجهيون پوءِ دلو اونڌو ڪري انهي ٿالهه يا پاٽ ۾ رکنديون ۽ دلي جي مٿان ٽڦڻي ۽ چِمٽو رکي مٿان پاڻي نائينديون ته دِلو وٺي پاڻي کڻندو ۽ ڦڦ ڪندو. جيترو دلو گهڻو ڦڦڪيو چونديون ته ٻار اوترو وڌيڪ ڊنو آهي.

سکائون: ڪنهن زال جي ٻار نه بچندو آهي يا پٽ نه ٿيندو آهي يا پيٽ نه ٿيندو آهي يا ڪو ٻار يا وڏو بيمار هوندو آهي ته زالون ٻار ٿيڻ يا بچڻ جون يا چڱڀلائيءَ جون سکائون باسينديون آهن هونءَ عام ته پڙ مٺايون ڪٽيون ۽ ديڳيون باسيندا آهن. پر ڪن ڪن پِيرن تي خاص خاص شيون ڏينديون آهن. جيئن قلندر شهباز تي زالون ٻارن جا دُر باسينديون آهن. ميان جي قبي تي مڇي ماني، کِرٽئي پير تي کرٽئي واري ٻار جو بند پيل چولو ۽ ست لولا. سومري پير تي کاهي کڻندا آهن ۽ ڪاٺين جي ڀري ڏيندا آهن، ڪهاڙي پير تي پنيءَ مراد ڪاٺ جو ڪهاڙو گهڙي ڏين. ڪؤنر ئي پير تي آس پڄي ته کير جو ڪونرو ڀري ڏين. رسوتي يا ڳڙ نڪري ته شاه صدر جو ڳڙ باسين وغيره وغيره ان باسين کان سواءِ پَڙ، مٺايون،پتاشا، لڏون کارڪون، مصري، ڪُٽي وغيره ڏاڍي ڌوم ڌام سان ڏين. جي پير ويجهو هوندو آهي ته دعوتون دڙيون ڏئي زالون زنبون آڻي گڏ ڪنديون، ڏاڍا ڪپڙا گنديون پائي باسيل سکان ٿالهن ۾ وجهي، جنهن سُکان باسي هوندي يا ان جو ٻيون عزيزياڻيون ڳائينديون، وڄائينديون، نچنديون ڪڏنديون اينديون، انهي پير تي جتي سکان باسين هوندي اٿن. هونءَ ته گهڻائي ڳيچ، لاڏا چونديون آهن پر سکان جا خاص ڳيچ چونديون آهن ڪي ڳيچ هي چونديون آهن:

پير دستگير تنهنجي ٻيڙي ۾ چڙهيل آهيان...........
سائين الا لهر مَ لوڏو ڏئي............. ...... ...............
تنهنجي داونَ سان لڳل آهيان........ .....................
او الا تنهنجي گاديءَ تي گل وڇايان..... .................
ڪي زالون وري هيئن چونديون آهن:

جيڏيون مان پير تي ٿي وڃان.. .............. .............
ڀينر مان پير تي ٿي وڃان ......... .............. ...........
هڪ ته منهنجي الله پڄائي... .............. ...............
او ٻي پڄائيندم اڃان.............. .............. ...........
جيڏيون مان پير تي ٿي وڃان............. ........ ..........

پوءِ پير تي اچي پَڙ ٻڙ وجهي، مٺايون ورهائي جي ديڳ باسينهوندي اٿن تي ديڳ لاهي ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ڪري وري به ڳائينديون وڄائينديون گهر اينديون آهن.

طهر: ڪي ماڻهو ته ٻار ڄمڻ سان ناڙي موڙڻ مهل ئي طُهر ڪرائي ڇڏيندا آهن، ڪي وري ڇٺيءَ تي طهر ڪرائيندا، پر زالون انهي ماٺ ميٺ جي طهر ۾ ڏاڍيون ناراض هونديون آهن. چونديون آهن ته ”امان صدقي، ڪو اڌڙيل جو پٽ ته ڪونهي جو گنگ ٻوڙ ۾ طهرائي ڇڏجي.“

جڏهن ٻار پنجن ڇهن سالن جو ٿيندو آهي تڏهن مائٽ ٻار جي طهر جو بندوبست ڪندا آهن. پهرين پهرين طهر جو ڏينهن ٻڌندا. ڏينهن ٻڌي طور کان اڳ دهل بيهاريندا- جنهن ڏينهن دهل بيهندا ان ڏينهن زالون هڪ ٻئي تا ڏاڍا رنگ وجهنديون آهن، مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، ان ڏينهن دهلن جون بسريون ڪري راڄ ۾ ورهائيندا آهن. جنهن ڏينهن دهل بيهندا آهن انهي ئي شام جو ٻُڪي پوندي آهي. ٻڪي ساڳي شاديءَ جي ٻڪيءَ وانگر ٿيندي آهي جنهنجو ذڪر ڊاهريءَ ۾ ٿي گذريو. پوءِ روز صبح شام دهلاري دهلن جو دس وڄائيندا آهن. ۽ کين روز گهور ملندي آهي، تان جو اچي طهر جو ڏينهن ٿيندو. هوڏي طهر جا دهل بيٺا هوڏي ناناڻن ڪوٺي جي بندوبست ۾ لڳي ويندا. ڪوٺو طهر جي سامان کي چوندا آهن جنهن ۾ هنڌ،کٽ، ڪپڙن جو وڳو، ڪلهن لاءِ بوڇڻ. گوڏ لاءِ حلواڻي ريٽو، وڃڻون، ڳوٿري رومال، ٽي وهاڻان وغيره هوندا آهن ۽ وري پيءُ ماءُ موڙٽ، ٻٽ کهنبو وغيره تيار ڪرائيندا آهن. دهلن کان پوءِ زالون شادي وانگر آڌي آڌيءَ تائين دهل ڪٽينديون آهن، روز رات جو ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي. انهي وچ ۾ حجام، برادريءَ ۽ سنگت ساٿ وارن کي طهر جون سگهريون دعوتون ڏئي ڇڏيندو آهي. بس پوءِ جيئن پئي طهر جي تاريخ ويجهي ايندي تيئن ڄاڃي مانڃي ايندا ويندا اوڙي پاڙي کي به سڏ سلح اچي ويندا. پوءِ طهر کان هڪ رات اڳ گهوٽ کي رات جو زالون ميندي لائينديون آهن، پوءِ ڏاڍا ڳائڻ ٿيندا ۽ زالون سرورَ جو سڏ  ڏينديون آهن. سو هيئن جو پنج پاءُ مينديءَ جا پنجن ٿالهن ۾ ڀڄائي هڪ صندل تي رکنديون ۽ سرور جي سڏ ڏيڻ واري اُتي سرور جو سڏ ڏيندين. مينديءَ سان گڏ ڪهر به رکن. پوءِ زالن مان هڪڙي اٿي سرور جو سڏ ڏيندي. ٻيون ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي ادب سان ٿي بيهنديون. پوءِ سرور جي سڏ ڏيڻ واري چوندي:

اول نانءُ الله ڏوها نبي رسولﷺ
تي تون مئن  سوران سرور پير
سرور دي گهر وڄدي ني دهل،
لنجي دي گهر وڄدي ني دهل.
سرور دي گهر وڄدي ئي ٿالهي،
لنجي دي گهر وڄدي اي ٿالهي.

ائين مصراعن تي مصراعون چوندي ويندي ۽ ٻيون زالون به وراڻي ۾ ائين چونديون وينديون. سڀئي گڏجي تاڙي به هڻنديون وينديون. پڇاڙيءَ ۾ سڏ ڏيڻ واري ڪلمون ڀري سڏ پورو ڪندي پوءِ هلندو ڳائڻ، پوءِ زالون ويٺيون ڳائينديون جيسين وڃي ٿڪجن، ائين طهر واري رات ائين ڌمامي ۾ گذري.

طهر واري ڏينهن به وجهن جنهن جو ذڪر شاديءَ واري باب ۾ ٿيل آهي.

اها سڄي رات ڳائيندي وڄائيندي گذرندي صبح جو يعني طهر واري ڏينهن مهمانن کي نيرن کارائڻ کان پوءِ وري ڳائڻ وڄائڻ ۽ ٻنپهرن جي ماني ٿيندي جنهن کي ”جنڃ“ چون. ٻاهر ڇني ۾ به مهمانن کي ماني کارائين ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي سرندي سارو پوئو پهت ڏئي، ٽه پهريءَ جو طهر واري ٻار کي وهنجاري سهنجاري کيس نوان ڪپڙا پارائي گهر ۾ کٽ تي ويهاريندا پوءِ عزيز قريب دهلن ڌمامن سان ايندا، جيڪي اچي کيس موڙ ٻڌندا ڳانو ٻڌڻ کان پوءِ گهور ٿيندي ۽ ان کان پوءِ سرگس ٿيندي. سرگس لاءِ اڳ ۾ ئي گهوڙو سينگاريو بيٺو هوندو گهوٽ کي وٺي اچي گهوڙي تي چاڙهيندا اهو سرگس به ائين ئي ٿئي جيئن شاديءَ جي: سرگس ٿيندو آهي راڳ به ساڳيا ڳائين.

هوڏي گهوٽ وڃي سرگس تي هيڏي گهوٽ ماءُ کي پاڻيءَ جو ٿالهه ڀري پير اگهاڙا ڪرائي ان ۾ بيهارين ۽ سندس مٿي تي جَنڊ جو پُڙ رکن جنهن کي ٻه زالون پاسن کان جهلي بيهن ۽ گهوٽ ماءُ جي هٿن ۾ سُٽ ڏين جنهن کي پئي هٿن ۾ ڦيرائيندي آهي. گهوٽ ڀيڻ کي وري پير اگهاڙا ڪرائي ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهرائي مٿي تي ڪلام الله شريف رکائين تيسين جيسين طهر ٿئي. هوڏي گهوٽ سرگس تان ٿي واپس ايندو، پوءِ کيس حلواڻ جي گوڏ ٻڌائي، ٺِڪر جي پاٽ اونڌي ڪري اُن تي ويهاري پير هيٺيان رپيا رکائي سوني جهرڪي ڏيکاري ڇڏيندا. ائين طهر ٿيڻ کان پوءِ مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، عزيز قريب طهر جي گهور ڏيندا جيڪا حجام کڻي، طهر ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ ٻار کي آڻي هنڌ تي سمهاريندا پوءِ ٻار جو روز علاج ٿيندو، جيسين ڦٽ ڇٽي. انهي وچ ۾ کيس گيهه کنڊ گهڻي کارائين. حلوا، سيرا، چلا، بسريون، مطلب ته جيڪي کائي. هٿ ۾ هر وقت رک لاءِ ڪاتي ڏينس، ڦٽ ڇٽڻ کان پوءِ پاڻي وجهنس، انهيءَ ڏينهن به يا بسريون ڪن يا ديڳ لاهين، پوءِ ڪپڙا پارائي ڳانو ڇوري ڇڏيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org