سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 10

 

ساز

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، جتي هر ملڪ کي پنهنجا پنهنجا راڳ آهن، اتي هر ملڪ کي پنهنجا ساز به آهن، پر ڪن کي گهڻا. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ ملڪ به غريب ڪونهي. جتي سنڌ کي سدا ملوڪ راڳ آهن اتي وڻندڙ ساز به آهن. سنڌي راڳن جو ذڪر ٻئي باب ۾ ڪبو، هتي رڳو سنڌ جي سازن جي باري ۾ پڇا ڪجي.

چون ٿا ته سڀ کان پهرين حضرت آدم عيله السلام جي ڇهين پٺ ۾ هڪ ماڻهو يوبل (جوبل) ٿي گذريو آهي، جنهن پهريون ساز اوغون (آرگن) ٺاهيو ۽ وڄايو پوءِ حضرت دائود عليه السلام جن چنگ ايجاد ڪيو، جنهن کي پاڻ وڄائيندا به هئا ۽ زبور جون دعائون، مٺي آواز سان به پڙهندا هئا. ان کانپوءِ ساز ويا ٺهندا.

راقم الحروم هڪ ارجنيٽنا جي غارن جي تصوير ڏٺي. جنهن ۾ اڌ اگهاڙي عورت هڪ ئي وقت تي ٻه بينون (الگرزا) وڄائي رهي هئي. انهن بينن مان هڪ نر ٻي مادي هئي. ممڪن آهي ان وقت هتي جو ۽ اتي جو تمدن هڪڙو هجي. خير الگرزن تي بحث اڳتي ڪبو.، هتي صرف اهر ٻڌائڻون آهي ته ائين ساز ايجاد ٿيندا ويا. هندستان ۾ امير خسرو ستار ايجاد ڪئي ۽ پکاوجه کي وچان وڍي، ان کي طبلو بنايائين. مطلب ته ائين دنيا ۾ ساز وڌيندا رهيا.

سنڌ ۾ به نڙ، الگرزا، دنبوريون، گهاگهرو، ڏنڊو، بوڙيندا وغيره ايجاد ٿيا، جن جو  ذڪر جدا جدا ڪبو. سنڌ ۾ مشهور آهي ته دائم فقير يڪتارو ايجاد ڪيو، پر دائم فقير کان اڳ هندستان ۾ ميران ٻائي جو يڪتارو مشهور آهي. اهو يڪتارو ترقي ڪندي پنجاب جي هڪ درويش سائين مرنا تائين پهتو، جنهن انهيءَ يڪتاري ۾ سر لاءِ ٻيون به ڪي تاريون هيٺان لڳايون، ۽ ان کي وچتر وينا وانگر وڄائڻ لڳو. سائين مرنا ويهين صديءَ جو سدا ملوڪ يڪتاره نواز هو، سندس مرڻ سان سچ ته يڪتارو مري ويو. راقم الحروف سائين مرنا سان گهڻيون ڪچهريون ڪيون.

ائين لطيفي دنبورو به ستار ۽ تانپوري جي وچ جي ايجاد آهي، وري جي کڻي ڪيمري کي سنڌي ساز چئجي ته اهو به سارندي جو هڪ نمونو آهي،انڪري انهن سازن کي ڇڏي باقي سازن جو ذڪر ڪبو.

سنڌ ۾ ڪي اهڙا ساز ايجاد ته ٿيا، جيڪي اڳتي هلي نه سگهيا، ان ڪري رهجي ويا ۽ ڪي اهڙا نڪتا جو اڄ تائين هلندا اچن ٿا. هن باب ۾ انهن سڀني جو ذڪر ڪيو.

بوڙينڊو: جيتوڻيڪ بوڙينڊو ڪو اهڙو ساز نه آهي، جيڪو ڳائڻي سان سنگت ۾ وڄائي سگهجي، يا بوڙينڊي سان ڪا جدا ڌُن وڄائي سگهجي، پر ايترو ضرور چئبو نه بوڙينڊي جا سر مٺا ضرور ٿيندا آهن. ها،  ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ساز کي ترقي ڏجي، ۽ انهيءَ کي قابل بنائجي، جو ڪنهن ڳائڻي جي سنگت ڪري سگهي، ۽ انهيءَ ساز مان ڪا ڌن به ڪڍي سگهجي ٿي.

بوڙينڊو مٽيءَ جو گول کينهوڙي وانگر ٺاهيندا آهن، جنهن جو اندر پورو هوندو آهي. انهيءَ مٽيءَ جي گولي جي مٿان هڪ سوراخ ڪندا آهن، ۽ پاسي کان ٿورا ٻوانجرا ٻه يا ٽي سوراخ ٻيا به ڪڍندا اٿس، پوءِ انهيءَ کي رکندا سڪڻو. سڪڻ کان پوءِ انهيءَ کي باهه۾ پچائيندا ،بس پچڻ کان پوءِ بوڙينڊو تيار آهي. پوءِ مٿئين سوراخ تي چپ رکي، بانسليءَ وانگي وڄائيندا. بوڙينڊو سنڌ جي ڌراڙن ۾ مشهور آهي، اهي مال پهرائڻ تي، مال کي پاڻيءَ تي ورائڻ يا وٿان تي آڻڻ لاءِ به وڄائيندا آهن. مطلب ته مال جي وراڻي لاءِ گهڻو ڪم آڻين.  بوڙينڊو اسر جو ۽ شام جو وڄندي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي.

گهاگهر: چوندا آهن ته ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت“، ڪچهري ۾ جي ڪو ڪافين چوڻ وارو اچي نڪرندو هو، ته وڄت لاءِ پڪواز جي به ضرورت پوندي هئي، پر پڪواز جو هر هنڌ وري ملڻ مشڪل. پوءِ چوندا هئا ته ادا ڪو دلوئي کڻي ٺڙڪائي. بس اتان ٿي دلي جو رواج پيو. پوءِ ته اهو دلو وڄائڻ ايترو ته مشهور ٿيو، جو ڀلي کڻي ڳائڻ واري سان پڪواز جي سنگت به هجي، پر گهڙو به ضرور گڏيندا، ۽ سچ ته گهڙو يڪتاري، پڪواز ۽ ڏنڊي سان لئي به واه جي ٿو ڪري، پهرين ته معمولي ٺڪر جو دلو وڄائيندا هئا پوءِ اهو دلو ٿيو گهڙو ۽ گهڙو ٿي گهاگهر، اهو رڳو نالي جو ئي ڦير آهي،پر بناوت ۾ به ڦير قيندو ويو. پهرين ننڍو دلو هوندو هو، پوءِ خاص وڄائڻ لاءِ انهيءَ کي وڏو ڪري ٺاهيو ويو، پوءِ انهيءَ کي اڃا به وڏو ڪري ٺاهيائون. ۽ نالو رکيائونس گهاگهر. وڄائڻ وارا هڪ هٿ گهاگهر جي منهن تي رکندا آهن، ۽ ٻيو هٿ پاسي تي، پوءِ واري سر تار آهر، ٻنهي هٿن سان وڄائيندا آهن. ڪاريگر ته گهاگهر تي سڀ تار به وڄائي ويندا آهن، ۽ سهڻا ٽڪا ۽ پنجا به رکي ويندا آهن. اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪافين سان گهاگهري وڄائڻ جو عام رواج آهي.

ڏنڊو: سنڌ ۾ يڪتارو هڪ فقرائي ساز ڪري ليکيو ويندو آهي، فقير هڪ هٿ سان يڪتارو وڄائيندا آهن. ۽ ٻئي هٿ سان ڏنڊو. ڏنڊو هيئن ٺاهيندا آهن، ڇا ڪندا جو هڪ سڌي گول ڪاٺي اٽڪل ٻه فوٽ کن ڊگهي، ان جي هڪ مٿي ۾ پاسي کان ٽنگ ڪڍندا، پوءِ انهيءَ سوراخ ۾ مضبوط ڌاڳو وجهي، ان ۾ مٿان چمڙي جي گول ڪنگريدار چپڙي رکندا، ان جي مٿان پنج وڏيٽڙا گهنگهرو ٻڌندا، بس پوءِ انهي کي يڪتاري جي تار تي ڇمڪو ڏياريندا ايندا.

ڏنڊي جو موجد سائين اعظم شاهه مرحوم، سنڌ ملوڪ  ڪافين چوڻ وارو هو. راقم الحروف کيس ننڍي هوندي جهانيان جي ميلي تي ڳائيندي، ڏنڊي کي وڄائيندي ڏٺو هو. فقرائي لڏو يڪتاري سان ڏنڊو ضرور رکي،۽ سچ ته ڪافين ۾ ڏنڊو لئي به ڪري ٿو. ڪي يڪتارڙيا ڏنڊي جي بدران کڙتالون وڄائيندا آهن، پر ڏنڊي جا گهگهرو کڙتالين کان مڙئي چهرا وڄن، انهيءَ ڪري ڏنڊي وڄائڻ سان ڪافي وڌيڪ لئي ڪندي آهي.

نــــڙ : نڙ سنڌ جو خاص ساز آهي، ۽ قديم زماني کان سندس تاريخ ملي ٿي. اڳي اڳي جڏهن لاريون، موٽرون ۽ ريل گاڏيون نه هونديون هيون، تڏهن سنڌ جا ماڻهو اٺن تي سفر ڪندا هئا ۽ اهي اٺ هڪ قطار ۾ قافلو ڪري هلندا هئا. پوءِ اهي قافلا ڪيچ مڪران کان ديبل، اروڙ بلڪ ملتان تائين هلندا هئا، ڀاڙي تي اٺ ڏيڻ، لڏ پلاڻ، بار لاهڻ، سرواڻي ڪرڻ، سڄو ڪم ميرجتن جي حوالي هوندو هو. پوءِ اهي قطار جي اٺن جي گوڏين ۾ گهنگهرو ٻڌي ڇڏيندا هئا، ۽ ڳچيءَ ۾ چڙا يا گهنڊ ٻڌندا هئا، جنهن جو مطلب هي هوندو هو ته جي ڪو اٺ قطار مان ڇڄي وڃي، ته چڙي ۽ گهنگهرن جي آواز تي خبر پئجي وڃي، ۽ کيس ڳولي لهجي پر جي اٺ قطار ۾ هلن ته سندن گهنگهرو ۽ چڙا هڪ قسم جو تال ۽ موسيقي پيدا ڪندا آهن. پوءِ انهيءَ موسيقي تي سروان بيت ڏيندو ۽ باقي اٺن وارا هونگارو جهلائيندا. انهيءَ قسم جي بيتن ۽ هونگاري جو مقصد صرف هيءُ ئي هوندو هو ته اٺن وارا غافل ٿي سمهي نه رهن، ۽ وقت به سولو گذرندو وڃي. عرب ملڪ ۾ اهو رواج جدي خوانيءَ ۾ملي ٿو وري جڏهن قافلي وارا منزل ڪندا هئا، تڏهن کين چورن ڌاڙيلن کان حفاظت ۾ رهڻ لاءِ جاڳڻو پوندو هو. ان ڪري وقت گذارڻ لاءِ بيتن جي محفل ڪندا هئا،پر اتي اٺن جي چڙن ۽ ڇيرن جو آواز نه هوندو هو، انڪري نڙ ايجاد ڪيائون. رات جو منزل جي محفل ۾ نڙ ۽ نڙي وڄائيندا هئا، ۽ انهن لهرن تي بيت ڏئي وقت گذاريندا هئا. آهستي آهستي نيون سواريون وجود ۾ اينديون ويون، ۽ اٺن جي قافلن جو رواج نڪرندو ويو، پر ٻهراڙين ۾ نڙ ۽ نڙي تي بيت ڏيڻ جو رواج رهجي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي.

نڙ، ڪنگور مان ٺاهيندا آهن. سڌي سوڌي ڪنگور کي وڍي، انهيءَ تي ڏاڍا انگ اکر هڻي، ٻنڌين سان مضبوط ڪري پارا ۽ رنگ هڻي، پوءِ هيٺئين حصي ۾ چار سوراخن تي آڱريون رکي سُرَ ڪڍن، اهو ڪنگور جو نڙ ڏيڍ فوٽ سوا فوٽ مس ٿئي. انهيءَ ڪنگور جي نڙ وڄائڻ وارو هڪ ئي سنڌ ملوڪ فنڪار، شاهه محمد نابينا اهڙو ٿي گذريو آهي،جنهن ويرون واهي ڇڏيون! نڙ جي چئن سرن مان سڀ راڳ ۽ لهرا ڪڍندو هو. راقم الحروف کي ياد آهي، ته جڏهن چين جو وزيراعظم چواين لائي، حيدرآباد آيو هو، تڏهن سندس محفل ۾ شاه محمد نابينا، نڙ وڃايو هو، چو اين لائي شاه محمد جي نڙ تي ايترو ته وجد ۾ آيو جو ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر پاتائين، ۽ کيس چين اچڻ جي خاص دعوت ڏنائين، پر هن عظيم فنڪار جو حياتيءَ ساٿ نه ڏنو! شاه محمد جيتوڻيڪ اکين کان نابين هو، تنهن هوندي به وقت اهڙو صحيح ٻڌائيندو هو، جو وڃي ٿيا خير! واچ سدائين ٻڌل هوندي هئس.

بيتن جي ڪچهريءَ ۾جيڪ نڙ وڄايا ويندا آهن، اهي ڪنگور جي نڙ کان وڏا ٿيندا آهن ۽ ڪاٺيءَ جا هوندا آهن، جنسار انهن تي به ساڳيو رکندا آهن. انهن نڙن ۾ نڙائي، نڙي به وڄائيندا آهن. انهن نڙن وڄائڻ جون ٻه چالون ٿينديون آهن، هڪ چال جو تار اٺن جي قدم قدم هلڻ جهڙو ٿيندو آهي، ۽ ٻيو تار اٺڻ جو ڊوڙ جي رفتار تي. جڏهن نڙائي پهريون لهرو وڄائي ٻئي تي لهندو آهن، تڏهن بتين ڏيڻ وارو ڪن تي هٿ رکي بيت ڏيندو آهي، ۽ بيت پورو ٿيندو آهي ۽ پڇاڙيءَ واري سٽ تي هونگاري وارا هونگارو جهلائيندا آهن. اڄڪلهه نڙ جا بيت سانوڻ فقير جا مشهور آهن. نوناريءَ جا بيت به ڀلا، پر ساوڻ سان لڳي ڪونه!

الگرزا: نڙ وانگر الگرزا به سنڌ جو قديم ساز آهي، الگرزن کي پايا به چون، بينون به چون. هن کان اڳ به ذڪر ٿي چڪو آهي، ته ٻن پاين وڄائڻ جو رواج قديم زماني ۾ به هو، ارجنٽائين جي غارن ۾ به اهڙي تصوير اڪريل آهي، جنهن ۾ هڪ اڌ اگهاڙي نينگر پايا وڄائي رهي آهي.هن زماني ۾ به پنجاب ۾ نر ۽ مادي ٻه پايا وڄائيندا آهن، جن تي مرزا چوندا آهن. پايا ڀلي کڻي اڳي ٻين ملڪ ۾ به وڄندا هجن، پر سنڌي فنڪارن جيڪو هن سان کي عروج ڏنو، تنهن جو جواب ناهي. ان ڪري اڄڪلهه انهيءَ ساز کي سنڌي ساز چئي سگهجي ٿو.

پايا به نڙ وانگر پوريون ڪاٺيون ٿيندا آهن، اهي ڪاٺيون گهڻو ڪري ٽالهي يا ڪڙر جون هوندو آهن، جن کي ڪاريگر پورو ڪري، ان مان ٺاهيندا آهن. انهن مان هڪ کي نر چون. نر رڳو سُر جو جوڙ ڏيندو آهي، نر ۾ هيٺ، وڌ ۾ وڌ ٽي سُر جهلائي سگهبا آهن، باقي سوراخ ائين هوندا آهن. ڇا ڪن جو ٽالهي يا ڪرڙ جي سوڌي ڪاٺي کڻي ان کي پورو ڪري، پوءِ ان کي هڪ پاسي کان سوڌو مڇو ڏين ۽ ٻئي پاسي کان آڏو پوءِ آڏي مڇي واري سوراخ ۾ هڪ ننڍي ڏگري هڻن، جنهن کي ”ٻنجي“ به چون ٻنجو به چون، ۽ ان جي مٿان چوڪنڊياريو سوراخ ڪڍن پوءِ ٻنجي واري منهن کان ڦوڪ ڏيندا ته وڄندي، وري مٿئين سوراخ کان گرانٺ کن هيٺ هڪڙي ئي سڌ ۾ ست اٺ سوراخ گول ڪڍن، انهن مان ڇهه لاچار ست وڄائن، باقي ٻيا ائين ڇڏين . پوءِ پهرين پهن سوراخن تي ٽي سڄي هٿ جون، ۽ ٽي کٻي هٿ جون آڱريون رکي منهن کان ڦوڪ ڏيئي وڄائين ۽ آڱرين کي هلائي جيڪو سر کپين سو ڪڍن. اها ٿي ماديءَ جي گهڙت. سر راڳ لهرا سڀ ماديءَ مان نڪرن. نر کي رڳو جوڙ جي سر لاءِ رکن، جتي نر ۽ مادي جي سر ۾ جوڙ نه پيدا ٿئي، مٿئين سوراخ تي ميڻ جو جهلو ڏين، ته سر مليو وڃن، ائين پايا ٺاهي پوءِ ٽنڊ لاءِ انهن تي پارا ۽ جنسار رکن.

الگرزا وڄائڻ به هڪ خاص فن آهي، جنهن ۾ ڦوڪ اهڙي ڏين جيڪا کُٽي نه اهڙي ڦوڪ ڏيڻ لاءِ سيکڙاٽ پهرين ڪڻڪ جي تيلي کڻي، ان جو هڪ پاسو وات ۾ وجهن، ۽ ٻيو پاسو پاڻيءَ ۾، پوءِ يڪي ڦوڪ ڏين. سکڻ کان پوءِ نڪ مان ساه به کڻندا ويندا، ۽ ڦوڪ به نه ٽٽندي. ائين ڦوڪ پڪي ٿيڻ کان پوءِ الگرزا وڄائين.

هن ساز ايتري ته ترقي ڪئي آهي، جو انهيءَ ساز ۾ راڳ ڪافيون ۽ طرحين طرحين لهرا وڄايو وڃن. هن وقت الگرزا وڄائڻ ۾ خميسو جهنجهي، ميرڻ جاگير وارو سنڌ ملوڪ آهي، خميسي جهنجهيءَ هن ساز ۾ واڌارو به ڪيو آهي. هن هڪ ئي وقت تي ٽي بينون وڄايون، جنهن مان ماديءَ مان ٻول نر مان جوڙ جو سر ۽ ٽي بين مان پنچم جو سر نڪرندو هو. انهيءَ لحاظ سان هن انهيءَ ساز جو نالو به بدلائي ”خمسه“ رکيو. واقعي انهيءَ نالي ۾ خميسي جو نالو به اچيو وڃي ٿو. ته پنچم جي اضافي جو به ذڪر ٿيو وڃي!

دنبوري: دنبوري سنڌ جو هڪ عام ساز آهي، جيڪو ڇپر ۾ مشهور آهي. ڇپر وارا هن ساز تي مورا ۽ لوليون ڏين. هن ساز جو ٺاهه تانپوري ۽ ستار تان ئي ورتل ٿو ڏسجي، پر تانپورو يا ستار وڏا سازٿين، دنبوري انهن کان گهڻي ننڍي ٿئي، دنبوري ڪاٺ مان ٺاهين، پهرين هيٺ اڌ گول وانگر پيٽ ٺاهين، جنهن کي پيٽ به چون، شڪم به چون، ان شڪم جي مٿان سنهون تختو هڻن، جنهن کي پلڪ يا پاٽيو چون، مٿان ٻه فوٽ کن پورو اڌ گول ڳن وجهي، جنهن کي ڳن به چون، ڏانڊي به سڏين. ان ڳن جي مٿئين حصي ۾ پاسن کان ڪليون يا ڪيريون هڻن، جنهن ۾ تارون ڇڪبيون آهن. دنبوري ۾ ٽي تاريون وجهن جيڪي ڪيرين کان ٿينديون ڳڻ کان ٿينديون شڪم جي هيٺيان ٻڌبيون آهن. اها ٿي سادي دنبوري جنهن تي رڳو سر ۽ لئي جهلائڻ لاءِ مضراب هڻندا آهن، ۽ تار تي مورو يا لولي چوندا آهن. انهي دنبوري ۾ ٿورو اضافو ڪري، ان جي ڳن يا ڏنڊي تي ڇهه تارن جا بند هڻندا آهن. جن مان راڳ يا ٻول ڪڍندا آهن. ۽ پهرين تار تي آڱر رکي ستار وانگر جدا جدا سر ڪڍندا آهن. انهي قسم جي دنبوري کي ”بندين واري دنبوري“يا ”گهريگ“ سڏين، انهي گهريگ جي پهرين تار ٻولن واري تار سڏين، ٻيءَ تار کي ”جهالارو“ يا ”سر ڏيڻ واري تار“ ۽ ٽي تار کي ”گهور“ سڏين سنڌ جو هي ساز اڪيلو به سٺو وڄي ۽ سنگت ۾ چڱو رنگ رچائي.

انهيءَ دنبوري کان ڪجهه وڏيٽڙو شاهه جو دنبورو ٿيندو آهي، جنهن تي شاهه جا راڳي جماڻي چنڊآڻي راڳ ڪندا آهن، پر شاهه جي دنبوري ۾ مضراب جو رنگ جدا ٿيندو آهي، فقير بيتن مهل ڍار واري، سٽ تي مضراب هڻندا آهن، وري وائي چوڻ مهل تي مضراب هڻندا آهن. پهريون ويندي، ٻيو ايندي، ۽ ٽيون ويندي. اهو ٽيون مضراب زور سان هڻن، اهڙيءَ طرح جو هٿ جو بڪ به دنبوري تي لڳي. اصل ۾ اهي ٽيئي مضراب ته ڇا پر شاه جو سارو ڪلام ٽن مضراين تي ٻڌل آهي، ۽ اهي ٽي مضراب ٽن ٻولن تي رکيل آهن. اهي ٽي ٻول آهن؛ ”آ، لا، هوُ“! اهو آهي شاه جي ڪلام جو بهر وزن يا لئي تال، شاه جي دنبوريءَ ۾ ستار وانگر آخري تار چڪاري جي به ٿئي، جيڪا ٻين تارن جي سر سان ملي سٺو آواز پيدا ڪندي آهي. انهي دنبوري جي بناوٽ به ساڳي ٿئي،جيڪا بيان ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي سازن ۾ شاه لطيف ڪينري، ڪماچ ۽ سرندي کي به ڳايو آهي. پر اهي ساز هندستان ۾ وڌيڪ مشهور آهن، ۽ ٻيو ته اهي سڀ ساز سرندي جي ئي ڊول جا آهن ۽ هي به سبب آهي ته اهي ساز هن وقت ايترا مشهور نه آهن، انڪري انهن جو ذڪر ترڪ ڪجي ٿو.

*-*-*-*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org