علاج
انسان ذات لاءِ علاج ضرورت وارين شين مان هڪ آهي، بيمار هرڪو
ٿئي ٿو ۽ هر ڪنهن کي علاج جي ضرورت ٿئي ٿي، ان ڪري
علاج به انسان ذات لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي.
علاج فقط انسانن لاءِ ئي ضروري ناهي پر جانورن
لاءِ به ضروري آهي، پالتو جانور جي بيمار ٿين ته
انسان انهن جو علاج ڪن پر جي جهنگلي جانور جي
بيمار ٿين تي پنهنجو علاج پاڻ ڪن. مشاهدو آهي ته
جي شينهن گهڻو گوشت کائي ويندو ۽ پيٽ تي اوکڙ ٿي
پوندي اٿس ته جابلو لوڻ چٽيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪتا
۽ ٻليون گاهه به کائيندا آهن اهو انهي ڪري جو هو
پنهنجي ڪنهن تڪليف جو علاج ڪندا آهن. سڪندر
بادشاهه جي باري ۾ هي ڳالهه مشهور آهي ته هو هڪ
دفعي شڪار تي نڪتو، سامهون ڪي هرڻ نڪتا سڪندر هڪ
هرڻ کي تير هنيو جيڪو هرڻ کي ٽنگ ۾ لڳو پر انهيءَ
حالت ۾ به هرڻ ٽن ٽنگن تي ڀڄي ويو. سڪندر هرڻ جي
پٺيان گهوڙو ڇڏيو ۽ زخمي هرڻ جو پير کنيو. هڪ هنڌ
هرڻ جو پير جبل جي ڪوڀ وٽان مٽيو ۽ ان کان پوءِ
سڪندر ڏٺو ته هرڻ جي چئن ئي پيرن جا نشان زمين تي
لڳندا وڃن. سڪندر اهو ڏسي تعجب ۾ پيو ۽ ارسطوءَ
کان پڇيائين ته ڪهڙي سبب کان ائين ٿيو آهي؟ ارسطو
هرڻ جو پير کڻي انهي هنڌ آيو جتي ڪوڀ وٽ هرڻ بيٺو
هو ۽ اتي جبل تي ڪا شيءَ لڳل هئي جنهن کي هرڻ چٽيو
ان کان پوءِ سندس ڀڳل ٽنگ جڙي ويئي ۽ هرڻ چئن ئي
ٽنگن تي ڀڄي ويو. جبل ۾ جنهن شيءِ کي زخمي هرڻ
چٽيو اها هئي مهمائي (مومائي) هرڻ کي خبر هئي ته
مهمائي ڇا جو علاج آهي، ان ڪري هو ڪوڀ تائين پهتو
۽ پنهنجو علاج پاڻ ڪيائين.
ائين حقني لاءِ مشهور آهي ته ڪنهن سامونڊي پکيءَ مڇي گهڻي کاڌي
جنهن کان ڪا تڪليف ٿي پيس، هن ڇا ڪيو چهنب ۾ سمنڊ
جو پاڻي ڀري پاڻ کي حقنو ڪيائين ۽ جلد تندرست ٿي
اڏامي ويو. ائين اسان ته ٺهيو پر جانور به پنهنجو
علاج ڪندا آهن. هونءِ ته سڄي دنيا ۾ انگريزي
دوائون ۽ سيون مشهور آهن پر هر ملڪ کي ڪي پنهنجا
علاج ضرور ٿين، جيڪي قديم زماني کان هلندا اچن ۽
انهن جي فائدي کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي.
سنڌ ملڪ ۾ به ڪي اهڙا علاج اول کان وٺي رواج ۾ آهن، جيڪي اڃا
تائين هلندا اچن. هونءَ ته هڏ ٻڌڻ، ڏنڀ ڏيڻ، سڱيون
هڻائڻ، ڄورون هڻائڻ، آڍ مک ڪرڻ سنڌ ۾ به رائج آهن
پر اهي علاج جا نمونا، ٻين ملڪن ۾ به آهن.، ان ڪري
انهن جو ذڪر نٿو ڪجي، هتي صرف اسي علاج لکبا جيڪي
يا ته فقط سنڌ ۾ رائج آهن يا عام طرح سان انهن کي
گهڻو استعمال ڪيو ٿو وڃي.
سنڌ ۾ هڏ ٻڌڻ لاءِ ڪنڀار مشهور آهن، ڪي ته اهڙا به ڪاريگر ٿي
گذريا آهن، جو ڀل هڏ چچريو پيو هجي، رڳو هٿ لائڻ
سان محسوس ڪري ويندا هئا، ته هڏي جو هي ٽڪر هتي
لڳندو، ۽ ائين کل جي اندر ئي اندر هڏيون ملائي ميٽ
يا ماکي جو پٽو چاڙهي ڇڏيندا هئا. بس ٿورن ئي
ڏينهن ۾ هڏ جڙي ويندو هو. لاچار، جي کڻي ڪا دوا به
کائڻ لاءِ ڏنائون ته اها يا مهمائي هوندي يا سوء
ورهيه پراڻي ڪرڙ جا ڪٽيل اڱر مکڻ ۾ کارائيندا ته
مريض جلد چڱو ڀلو ٿئي.
سڱين ۽ ڄورن جو ڪم سنڌ ۾ گهڻو ڪري ٻاليشاهي ڪن، آڍ مک دايون ڪن
۽ ڏنڀ ڏاها ڏين. سنڌ م ڏنڀ ڏيڻ جو رواج به عام
آهي، ڪيترين ئي بيمارين تي هڪ ٽڪ فائدو ڪري ٿو.
چاهي اها بيماري ماڻهوءَ کي هجي يا چوپائي کي، پر
جيئن ته ڏنڀ ڄؤرڻ سڱين جو علاج ٻين ملڪن ۾ به آهي،
۽ طب ۾ به آهي ان ڪري اهو ذڪر نه ڪيو ويندو.
سنڌ ۾ ٻارن کي سَٽ اچي يا ڪاڪڙو لهي پئي ته ڦوڪارو ڏين. ڇا ڪن
جو ڪني ڪاٺي، ڦودنو ۽ ڦوٽن جي ڪڻ ڪٽي، ڇاڻي ٻار جي
وات ۾ تارونءَ وٽ آڱر ڏئي پوءِ انهيءَ دوا جي
نڙيءَ ڏي ڦوڪ ڏين ۽ اسپنگر جي چپڙيءَ تارونءَ تي
رکن. پر انهن جو ذڪر به طب جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ان
ڪري باقي خاص سنڌ جي علاجن جو ذڪر ڪجي ٿو.
پيئڻ جو علاج: پيئڻ بلا جو ذڪر بازيگر واري باب ۾ به ڏنل آهي هت
سندس وڌيڪ بيان ڪجي ٿو.
پيئڻ هڪ قسم جي بلا ٿيندي آهي جيڪا سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ يا
وارياسن هنڌن تي ڏسبي آهي، هن بلا جي ڊيگهه وڌ ۾
وڌ چار فوٽ ۽ ٿولهه اڌ انچ جي برابر ٿيندي اٿس.
سندس رنگ مٽيءَ جهڙو هوندو آهي ۽ اونداهيءَ ۾ گهڻو
ڪري ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ايندي آهي ۽ روشنيءَ ڏي لڙي به
ڪانه. ٿر ۾ هُن بلا کي ڀوڪڻ چوندا آهن. هي بلا چڪ
يا ڏنگ ڪانه هڻي پر ستل ماڻهوءَ جي وات يا نڪ ۾ يا
زهر هاري يا زهري ڦوڪ ڏئي. ائين اهو زهر ستل
ماڻهوءَ جي بدن ۾ هليو وڃي ۽ ڦوڪ ڏيڻ يا زهر هارڻ
کان پوءِ اها بلا ستل ماڻهوءَ کي پڇ جو ڌڪ هڻي
هوشيار ڪري ويندي آهي. جيئن سج جو تڙڪو يا روشني
لڳندي ويندي تيئن سندس بدن ۾ زهر پکڙجي اثر ڪندو
ويندو ۽ ماڻهو ويندو اهربو تان جو ٿوري ئي وقت ۾
مري ويندو آهي.
هن بلا کان بچڻ جو اپاءُ هي آهي ته يا ته سڄي رات ماڻهو ويٺو يا
ٻيو هجي يا ڀرسان ڪا بتي ٻرندڙ هجي يا باهه جي
روشني موجود هجي. يا اهو ماڻهو ٿورو ڪچو بصر کائي
۽ بيو ڀرسان رکي سمهي ڇو جو هي بلا روشني ۽ بصر جي
بوءِ کان ڀڄندي آهي. ٿري ماڻهن کي جي رارت جو
ٻنيءَ جي رکوالي ڪندي يا مال سان هوندي ڪٿي رات
پوندي آهي ته هو ڇا ڪندا آهن جو پاڻ سان هڪ ڪپڙي
جي ڳوٿري رکي پوءِ رات جو سمهڻ وقت اها ڪپڙي جي
ڳوٿڙي رکي چاڙهي ڳچيءَ وٽان ٻڌي پوءِ سمهندا آهن.
پيئڻ گهڻو ڪري سانوڻ جي مهيني کان وٺي سياري جي
شروعات تائين مار ڪري.
هن بلا جي زهر واري جو هيئن علاج ڪندا آهن: جو مريض کي ڪنهن
اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙي طرح جو
ڪوبه سج جو ڪرڻو ڪٿا به نه اچي. ايستائين جو ڪٿي
ڪا ڦوٽ يا سوراخ هوندو آهي ته انهيءَ کي به بند
ڪريو ڇڏين پر ٿر ۾ جيئن ته ڪکاوان گهر ٿين ۽ انهن
مان تڙڪو ايندو رهندو آهي، ان ڪري اهي وري ڇا ڪن
جو منجي آڻي انهن جي پاون ۾ پانگارون ٻڌي مريض کي
منجيءَ تي ويهاري پوءِ کيس پانگارن جي ذريعي ڪنهن
اونهي کوهه ۾ پاڻي جي دنگ تائين لاهي پوءِ مٿي پڳ
تي پانگارون ٻڌي ڇڏين پوءِ چوٿين- پنجين ڏينهن کان
پوءِ مريض کي ٻاهر ڪڍن ٿر ۾ جيئن ته کوهه سوء پر
هن کان به اونها ٿين ان ڪري هيٺ تائين روشنيءَ جي
رسڻ جو امڪان ئي ڪونه هوندو آهي. ٻيو ته وري مريض
واري کوهه کي ڏينهن جو مٿان رلي ٽپڙ سان ڇانئي
ڇڏين، ائين ٽن –چئن ڏينهن ۾ مريض جي بدن مان زهر
جو اثر نڪري وڃي پوءِ کيس ٻاهر ڪڍن.
ڪي وري پيئڻ جي زهر جي اثر لاهڻ پوءِ سنباهي پکيءَ جا آنا ڪچا
پيارين، ائين ڪرڻ سان به پيئڻ جي زهر جو اثر ٺهيو
وڃي.
ڪي وري اهڙي مريض کي ڳاڙهي ڦٽڪي کارائين. پهرين ته مريض کي ڦٽڪي
جو ذائقو ئي معلوم نه ٿيندو پر جڏهن ذائقو معلوم
ٿيڻ لڳي تڏهن ڦٽڪي کارائڻ بند ڪجي. چون ٿا ته پيئڻ
جي زهر جو اهو هڪ-ٽڪ علاج آهي.
اڳي کان ائين مشهور آهي ته هيءَ بلا سُتي ماڻهو جو ساهه پي ٿي
وڃي، ان ڪري ماڻهو مريو وڃي ۽ انهي ئي سبب جي ڪري
انهي بلا کي سڏڻ ئي ”پيڻ“ لڳا يعني پي وڃڻ واري.
کل چاڙهڻ: کل چاڙهڻ جو رواج ممڪن آهي ٻين ملڪن ۾ به هجي پر هتي
عام آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڌڪيل هجي يا ڊگهي بيماري
ڪاٽي اٿيو هجي يا سائي هجيس يا دست الٽيون هجنس،
پراڻو تپ هجي يا بت ۾ سور. چون ته کل چاڙهيوس ۽ کل
چاڙهڻ سان مريض سفاياب ٿيو پوي. کل ٻاڪري چاڙهين.
ڇا ڪن جو پهرين مريض جي سيني تي ڌاڳو ڪڇي پوءِ اهو
ڌاڳو پهروءَ جي سيني تي ماپين. ماپ پوري اچي ته
پوءِ پهريوءَ کي مريض جي ڀرسان ڪُهن ۽ ٺرڻ کان اڳ
کل لاهيو وٺن. چون ته کل ٺرندي ته ڏپ ڇڏي ويندي.
ٻڪريءَ جون نريون به ائين وڍين جو کل ٻانهن ۾ اچي
وڃي، پوءِ گرم گرم کل مريض جي دن تائين اچي، پوءِ
ڇڏي ڏين. کل چڙهڻ سان بدن کي وٺي ڀيڙو ڏيندي ۽
پوءِ آهستي آهستي ڍري ٿيندي ويندي، جڏهن ڍري ٿيو
وڃي تڏهن هوا کان بچائي، مريض تان کل لاهي، ان کي
گرم پاڻيءَ سان وهنجاريو ڇڏين.
کل چاڙهڻ جو علاج قديم زماني کان وٺي هلندو اچي. ۽ اڄ به
ٻهراڙين ۾ عام آهي.
ڍُڪ ڀرائڻ: هن ملڪ ۾ ڍُڪ ڀرائڻ جو رواج به قديم زماني کان آهي ۽
مشهور آهي ته ڍڪ ڀرائڻ سان جلدي بدن ۾ طاقت اچيو
وڃي، ان لاءَ چوندا آهن ته ”جيڪي ڪري گيهه سو نه
ڪري ماءُ نه پيءُ“ مکڻ ته زالون ننڍڙي ٻار پسونءَ
کي به کارائين. ان کي دڪو چون دڪي جو مطلب ٿيو
تولو مکڻ جو وڌيڪ ڪيئن چون، خيرين صلحين ٻار نظر
جي پئي! پر گهه جو ڍڪ وڏن لاءِ عام آهي، جي ڪو
ماڻهو ڌڪجي پيو هجي يا اجايو رت ڇڏيو هجيس يا وڻ-
وهٽ يا جاءِ تان ڪريو هجي يا بلا جو ڌڪيل هجي ته
ان کي يڪدم ڍڪ ڀرائين. ڇا ڪن جو نج ڳائو گهه
ٽاٽاري اهو اڌ پاءُ پياري ڇڏين. جي ماڻهو ڌڪيل
هوندو آهي ته ان کي انهي گهه ۾ ڪُٽيل هيڊ گڏي
پيارين ته ڌڪن ۾ فائدو ٿئيس.
ڏاڱي: بلا جي ڌڪ لاءِ مانڊن جو ذڪر بازيگر واري باب ۾ ٿيل آهي،
جنهن ۾ گوگي جي جهاز ۽ سبي ٻڌڻ جو بيان ڪيل آهي،
اهي جوڳي سامي مانڊا به ٿين جيڪي زهر کي ڪڙي ڇڏين
پر اهڙائي ڪي ٻيا ماڻهو به آهن، جن جو ڪم ئي بلا
جي زهر جو علاج ڪرڻ آهي، انهن ماڻهن کي ڏاڱي چون،
اهي ماڻهو بلائن جو زهر لاهڻ جا سڀ حيلا ڄاڻن، جي
ڪو همراهه کاڄي پوي ته ان لاءِ ڏاڱي آڻين، پوءِ
اهو ڏاڱي پهرين ڪجهه پڙهي، سور تي دم ڪندو، ان کان
پوءِ بلا جي ڌڪ تي پهرين وائي سڱي هڻندو ته چڙهيل
زهر اچي ڌڪ ۾ گڏ ٿئي پوءِ وري اتي پاڪيءَ جا ڏنگ
هڻي رتائين سڱي هڻي ته جيڪو زهر انهي هنڌ گڏ ٿيل
آهي، اهو ٻاهر نڪري اچي پوءِ چڱي رت نڪرڻ کان پوءِ
ان جاءِ کي ڏنڀيو ڇڏين، ۽ بيمار کي ٻه-ٽي ڏينهن
لاڳيون گهه پيارين ۽ ڪَچو بصر کارائين، ته زهر جو
اثر لهيو وڃي ۽ بيمار چڱو ڀلو ٿيو پوي. پر جي ڪو
بلا جو اهڙو ڌڪيل آهي، جيڪو بيهوش پيو آهي ته
پوءِ ڏاڱي ڇا ڪن، جو زمين ۾ هڪ کڏ اٽڪل چار فوٽ
اونهي ۽ ٽي فوٽ کن موڪري ۽ ڊيگهه ۾ مريض جي قد
جيتري کڻن، پوءِ انهي کڏ کي ٻٻر جي ڪاٺين سان ڀري
باه ڏئي ڇڏيندا، جڏهن ڪاٺيون ٻري ٽانڊا ٿي وينديو
آهن، تڏهن ڇا ڪن جو انهن ٽانڊن کي سندرين. ٽاندا
سندرڻ سان کڏ ۾ فوٽ- ڏيڍ هيٺ ويهي ويندا آهن. پوءِ
انهي باقي بچيل کڏ ۾ کٻڙ جا ساوا پن منهان منهن
ڀريو ڇڏين. پوءِ انهن پنن جي مٿان بسترو وڇائي، ان
تي مريض کي ليٽائي، ان جي مٿان چڱي طرح سان ٽپڙ
وجهي ڇڏيندا آهن. پوءِ ٽانڊن جي تاوَ تي کٻڙ جا
ساوا پن سڙڻ شروع ٿيندا. ٽانڊن جي گرمائش ۽ پنن جي
بخار لڳڻ سان اچي مريض کي پگهر ٿيندو. پگهر به
بلڪل گهڻو ٿيندو ۽ پگهر جي وسيلي بيمار جي بدن مان
زهر نڪري ويندو، پوءِ مريض کي کڻي هوا کان بندجاءِ
۾ آڻي ويهاريندا، زهر نڪرڻ سان مريض هوش ۾ ايندو
پوءِ کيس گهه پياريندا. ۽ بصر کارائيندا. ائين بلا
جو ڌڪل چڱو ڀلو ٿيو پوي.
ڪي وري بلا جي ڌڪ کي چوسي به زهر ڪڍڻ ۽ ڏڪيل کي نم جا پن يا
ڪارا مرچ کارائين،جيسين انهن جو ذائقو بيمار کي
معلوم ٿئي.
***
|