ناچ ۽ وڄتون
ناچ ۽ وڄتن جو ذڪر هڪ ئي باب ۾ انهيءِ ڪري ڪجي ٿو، جو وڄت کان
سواءِ ناچ، هڙ ڌٻڙي کان گهٽ نٿو ليکيو وڃي. اهو سچ
آهي ته ناچ، هڪ وحداني ڪيفيت جي حرڪات جو نالو
آهي، پر وجد هر ڪنهن کي به نٿو اچي ۽ مطلوب وقت تي
به نٿو اچي. ان ڪري ڪن ادائن کي لئي ۾ آڻي ان کي
چون ناچ هندستان ۾ سلاطين جي وقت ۾ ناچ عروج تي هو
۽ ڇو نه هجي! ناچ ته هندڪي قوم ۾ عبادت ۾ شامل
آهي. هندستان ۾ وڏا وڏا ڪٿڪ ۽ نرتڪار ٿي گذريا
آهن. پر ڪن مسلمان رقاصائن به سچ ته ٻنون ٻڌي ڇڏيو
ڪي ڇا ڪنديون هيون: جو ٿالهه پاڻيءَ جا ڀري، هڪ-هڪ
رقاصه، هڪ ٿالهه جي ڪنن تي پير رکي، بيهي ادائون
ڪندي هئي، ۽ نچندي، مجال آهي جو ٿالهه مان پاڻيءَ
جو قطرو به ڪِري، ڪي وري فرش تي واري وڃائي، ان جي
مٿان چادر وڇائي، ان تي نچينديون هيون. ناچ ختم
ٿيڻ کان پوءِ چادر هٽائڻ تي واريءَ تي ڪانه ڪا
تصوير اوڪريل نظر ايندي هئي. ڪي وري فرش تي پتاشا
پکيڙي، انهن جي مٿان چادر وڇائي، اهڙي طرح ڳڻي پير
کڻنڊيون هيون، جو ڇا مجال جو ڪنهن پتاشي تي پير
اچي! چادر کڻن سان سڀ بتاشا سلامت نظر ايندا هئا.
ائين گهنگهرن جو ڇمڪو، وڄٽ ۽ ادائون ملي ناچ کي
مڪمل ڪن ٿيون ائين سنڌ ۾ وڄت ۽ گنگهرن سان
نرتڪاريءَ جو رواج ناهي، پر تنهن هوندي به مناسب
انداز ۾ هٿن. ٻانهن يا بدن کي حرڪت ضرور ڏين.
واديءَ سنڌ جي قديم ترين ناچن سان کڳي هڪ آهي. جنهن ڪنهن غريب
کي هڪ مدت کان پوءِ ضرورتن جو سامان ميسر ٿيندو هو
ته هن تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ هو
خوشيءَ ۾ نچڻ لڳندو هو، انهي انداز کي لئي ۾ هيئن
آندو ويو: جو تال جي لاءِ ڪي لفظ گهڙيا ويا، پوءِ
کڳي هڻن وارو انهن لفظن جي لئي تي کڳي هڻندو هو.
مثال ۾ کڳيءَ جي لئي قائم رکڻ جا ٻول آهن:
هه-اخ- دل- اخ
هاڻي کڳي هڻن وارو اهي لفظ به چوندو ويندو ۽ ٻانهون ڪَڇن سان به
وڄائيندو ويندو. هاڻي کڳي فقط پنڻن وٽ وڃي رهي
آهي. کڳيءَ کان پوءِ هنبوڇي آهي. کڳن يا هنبوڇي
قميص لاءِ پوءِ هڻن،. ڇو، جو ٻنهي ۾ ڪڇون وڄائڻيون
ٿيون پون، ۽ جي بت تي ڪپڙو هوندو ته ڪڇون وڄي نه
سگهنديون. هنبوڇيءَ جو رواج ٿر ۾ گهڻو آهي. جڏهن
سُڪ تڙ کان پوءِ مينهن وسندا آهن ۽ پاڻي جام ٿيندا
آهن. تڏهن انهيءَ خوشيءَ ۾ ماڻهو هنبوڇي هڻندا
آهن. آخر هنبوڇي لاءِ به کين ڪي لفظ گهڙڻان پيا
جيئن هنبوڇي جي لئي قائم رکي سگهجي.
اڳي ته هنبوڇي صرف خوشيءَءِ جي اظهار تائين محدود هئي، پر لفظن
گهڙڻ کان پوءِ ادائن ۽ انداز جي هڪ صورت اختيار
ڪري وئي آهي. هن وقت هنبوڇي هڻن وارو ڇا ڪندو جو
قميص لاهي سڄو هٿ ورائي ڪنڌ تي رکندو ۽ کٻو هٿ سڌو
جهلندو پوءِ چوندو:
ڪاڻڪي ڪوڏي تيل ۾ ڪري- سانول گهوڙي ڪين پلاڻي
هنبوڇي- ڇِي او ڇِي- هنبوڇي – ڇي او ڇي
ائين چوندو به ويندو ۽ سڄو هٿ ڪنڌ تي، کٻو هٿ سيني تي هڻندو به
ويندو. اها ٿي هنبوڇي.
وڄتن جي بيان ڪرڻ کان اڳ ، گهڙي جي ناچ جو بيان ڪرڻ به ضروري
آهي. سچ ته گهڙي جو ناچ سنڌ جي ناچن جو نڪ آهي.
اهو ناچ ڪو فنڪار ئي ڪري سگهندو، جهڙي تهڙي جي
جاءِ ناهي. فنڪار اهو ناچ هيئن ڪندا آهن؛ جو وٽن
هڪ چار فوٽ ڪن ڊگهي ۽ ٻه انچ موڪري گول جنڊيءَ
چڙهيل سوڌي ڪاٺي جنهن جا ٻئي مڇا ويٺل هوندا آهن.
اها کڻندا ۽ هڪ گهڙو پاڻيءَ جو تارو تار ڀريل کڻي
انهيءَ ڪاٺي جي هڪ مڇي تي پوري وزن سان بيهاريندا،
پوءِ ڇا ڪندا جو فنڪار جي مٿي تي ننڍڙو سينهوڙو
رکي، اها ڀريل گهڙي سوڌي ڪاٺي اڀي ڪري بيهاريندا.
فنڪار جي هٿ ۾ ٻه ڏونڪا هوندا، جن جي پڇاڙين ۾ به
گهنگرو ٻڌل هوندا آهن ۽ فنڪار بنا ڪاٺيءَ کي هٿ
لائڻ جي اٿي نچندو دهل وڄائڻ وارو ڪهڙي به ناچ جي
وڄت وڃائي مجال آهي، جو گهڙي مان پاڻيءَ جو قطرو
به ڇلڪي ڪري! ائين نچڻ کان پوءِ ڪاٺيءَ ڪي جهلي
مٿي ڪري وٺي اڇل ڏيندو ته ڪاٺي وڃي پٽ تي ڪرندي ۽
دلي کي هٿن تي جهٽي وٺندو. بس چوڌاري واه واه ٿي
ويندي. دنيا ۾ گهڻائي ناچن جا قسم آهن، گهڻائي
فنڪار آهن پر اهڙو ناچ سواءِ سنڌ جي ٻيو ڪٿي نٿو
لڀي، جنهن ۾ وڄت به هجي. پير به تار تي کڄي،
ادائون به هجن ۽ توازن به هجي ۽ ڪمال جي ڳالهه ته
هي آهي ته فنڪار نچڻ مهل تار تي آزاديءَ سان اٿندو
ويهندو آهي.
هي به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر ناچ کي جدا وڄت ٿئي. جيئن ڌمال
”چيڻون“، ”جهمر“، ”ڏانڊيا“، .ٽلو“، ”جمالو“،
”مغرمان“، وغيره انهن جو ذڪر واري سان هيٺ ايندو،
انهيءَ مان ثابت آهي ته سنڌ ملڪ نه رڳو راڳداريءَ
۾ اول اول آهي پر لُي ڪاريءَ ۾ برک رهيو آهي.
راڳن واري باب ۾ ٻڌايَل آهي ته ادب ۾ ڪيترائي محاورا راڳ ۽ لئي
جي ڪري ئي وجود ۾ آيا، جنهن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ راڳداري ۽ لئي ڪاري جي ڪيتري
ڄاڻ هوندي هئي. سنڌي ادب ۾ اڄ به ترڪ تان، تيرهين
تالي، ساڍ چال، تال گم ٿيڻ جهڙا محاورا استعمال
ٿين پيا، جن مان ظاهر آهي ته لئي ڪاري ۾ به هيءُ
ملڪ پوئتي نه هو. ان کان سواءِ جيئن سنڌ کي ڪي خاص
راڳ پنهنجا آهن جهڙوڪ: ڪوهياري، راڻو، سنڌي جوڳ،
ڪيڏارو، سنڌي ڀيروي وغيره تيئن هن ملڪ کي ڪي وڄتون
پنهنجون به آهن جن جو لاڳاپو هند لئي ڪاريءَ سان
ناهي.
انهن وڄتن مان نغارن جي وڄتن جو ذڪر عزاداري واري باب ۾ ٿيل
آهي، باقي دهلن جي وڄت جو ذڪر هن باب ۾ ڪبو. سنڌي
ناچ انهن دهلن جي وڄت سان ٻڌل آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن
ناچن جي وڄتن تي ڪي پراڻا رکيل ٻول به چوندا آهن
ته ناچ ۾ وڌيڪ رس ٿئي.
دس: سنڌ ۾ رواج آهي ته مڱڻيءَ شاديءَ يا ڪنهن پُني مراد جو
ڏينهن ٻڌي پوءِ دهل بيهاريندا آهن. دهلاري روز صبح
شام گهر جي اڳيان دس وڄائڻ ايندا. اتي دس جو مطلب
ٿيو وڄتن جو سيٽ. ڪي دهلاري، رڳو دهل شرناءِ سان
دل وڄائين، ڪي وري مُتو به آڻين ۽ متي وارو دس مزو
ڪري، هاڻي مُتو گهڻو ڪري رڳو چونڪي ڏيڻ مهل
وڄائين. مڱڻهار فقير دهل ٻن قسمن جا آڻين: هڪڙو
وڏو دهل، جنهن کي اڳواڻ چون ۽ ٻيو ننڍو دهل، اڳواڻ
جي مدد ۾ وڄائين. ان کي پهلوداري چون. اهو دهلن جي
دس وڄائڻ جو رواج فقط سنڌ ۾ آهي. مڱڻهار فقير دس
شروع به ڌمال سان ڪندا ۽ ختم به ڌمال تي ڪندا اهو
ضروري آهي. دس ۾ پهرين ڌمال وڄائين پوءِ اولنگ
پوءِ شادمانيون. پوءِ چيڻو، جهمر، وهول جهمٽ
(جهرمٽ ) ۽ آخر ۾ ڌمال وڄائي دس پورو ڪن. اڳي جهمٽ
کان پوءِ بندر ايني وڄائيندا هئا، پر هاڻي ڪونه
وڄائين دس ۾ڪيترا اهڙا تال آهن، جن تي سنڌ ۾ ناچ
به ٿيندو آهي، جيڪو هرتال جي بيان ۾ لکبو. جنهن
مراد لاءِ دهل بيهاربا آهن، مڱڻهار فقير انهيءَ
مراد پڄڻ تائين صبح شام دس وڄائيندا، مراد پڄڻ کان
پوءِ، ٻئي ڏينهن وري مبارڪ جو دس وڄائڻ اچن ۽
گهورون گهٻارون وٺي روانا ٿي وڃن. دس جيئن ته دهلن
تي وڄايو ويندو آهي. ان ڪري تائين جا ٻول به دهلن
جائي لکبا. ها ڌمال ۾ نغارا ۽ مغرمان ۾ ڌمرو
وڄائين، ان ڪري ٻولن ۾ فرق ضرور اچيو وڃي وري
نغارن ۽ ڌمر سان گڏ به دهل وڄائين ان ڪري ٻول
ساڳيا دهل وارا اچيو بيهن. ان ڪري هتي دهلن جا ٻول
لکڻ ضرور ٿيندا.
ڌمال: ڌمال سنڌ ۾ اولياء الله جي ميڙن تي ڌمال ضرور وڄي. اهڙي
ميڙا ٽي ڏينهن هلن ۽ ٽئي ڏينهن نوبت وڄڻ سان فقير
اچي گڏ ٿين ۽ ڌمال تي وجداني ڪيفيت ۾ ناچ ڪن. ڪي
فقير پاڻ ڇيريون، نقيلون ۽ گهڙيال به آڻين ۽ وقت
سر انهن کي به وڄائين يا علي ۽ قلندر مست جا نعرا
به لڳائين. جيڪو فقير ايندو سو پهرين نوبت جو سلام
ڀريندو ۽ پوءِ نغارن ۽ دهلن جي اڳيان بيهي تار تي
نچندو. هن ناچ ۾ ادائن جي ڪا خاص بندش ناهي.
ڌمال جنهن کي لئي ڪاريءَ ۾ ڌمار چون، اٺن ماترائن جو تال ٿئي.
اهي ماترائون هي آهن.
جها- ني- گِهنا- جهين تا- ڪتا- گهين
مڱڻهار فقير شاديءَ مراديءَ دس ۾ پهرين ۽ آخر ۾ ڌمال ضرور
وڄائين سنڌ ۾ ته ڌمال قلندر جي نوبت کي چون.
اولنگ: مڱڻهار فقير پنيءَ مراد دس ۾ ڌمال کان پوءِ اولنگ
وڄائين. اولنگ ستن ماترائن جو تال ٿئي،جيڪي هي
آهن:
گهنا- تيندا- ڪتيندا- جها
هن تال جو ذڪر لئي ڪاريءَ جي ڪتابن ۾ نٿو ملي، هي تال ناچ لئي ۾
ناهي، پر خاص سنڌ جي پيداوار آهي.
شادمانو: دس ۾ اولنگ کان پوءِ شادمانو وڄائين. هي تال چوڏهن
ماترائين جو ٿئي جيڪي هي آهن:
جهين داتا- جهين جهان- گهنا- تين داتا- جهين جهان- گهنا
هي تال به خالص سنڌي تال آهي ۽ ناچ لئي ۾ ناهي. هن تال کي دهلن
جي دس ۾ به وڄائين. ۽ نغارن تي به وڄائين.
چيڻيون: شادماني کان پوءِ دس ۾ چيڻيون وڄائين. چيڻون اٺن
ماترائن جو تال آهي جيڪي هي آهن:
تين ته گيدي، تين ته گيدي، ٿان ته گيدڪ
چيڻون هڪ ناچ ڌن آهي، جيڪا سنڌ کان ملتان تائين مشهور آهي. خود
بلي شاه انهيءَ ڌن تي ٻول به ٻڌا آهن:
چيڻان ابن چڙهيسان يار!
هن مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته هيءُ ڌن يا اهي ٻول چيڻي ڇڙهڻ مهل
ڳايا ويندا آهن.
سنڌ ۾ نچڻ وارا، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، هٿن ۾ ڇير دار ڏونڪا کڻي
نچيندا آهن، اڪيلا به نچن پر گهڻو ڪري ٻه-چار گڏ
ٿي نچن ته وڌيڪ مزو اچي.
سنڌ ۾ مڱڻهار چيڻي کي ڄمائي بلمپت لئي ۾ آهستي وڄائين شاديءَ ۾
جي ڪنواريتي گهر ۾ پِڙو کڻي ويندا آهن ته دهلاري
چيڻون وڄائيندا آهن، پوءِ انهيءَ تي ناچ به ٿئي ۽
زالون گهڻو ڪري هي لاڏو به چون.
آ لٿي ئي، آلٿي دروازي، لاڏي دي ڄڃ آ لٿي ئي!
آ لٿي ئي دروازي
هيٺ ابل دي هرڻان مهري، گاشيءَ جوڙ بنايا....
ائين ڳائي پڙو ڪنواريتي گهر رسائين..
جهمر: دهلاري دي ۾چيڻي کان پوءِ جهمر وڄائين جهمر اٺن ماترائن
جو تال ٿئي، سندس دهل جا ٻول هي آهن؛
ڌنڪ- تڙ- گڌاڙا تنڪ – تڙ-گڌڙا.
هي به سنڌ ۾ ناچ تال ليکيو وڃي، هن ۾ ناچو اڪيلا يا ٻه چار گڏجي
ناچ ڪن ۽ ناچ سان گڏ هن تال ۾ ڪافيون به چيون
وينديون آهن. هن ناچ ۾ به ادائن ۽ انداز جي ڪا
بندش نه آهي. هن ۾نچڻ جو نمونو سمورو ڇيڻي وانگر
ٿئي، هن ناچ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ چوڻي به مشهور
ٿي جيڪا آهي،”ڄهمر هڻڻ“. جنهنجو مطلب ٿيو، ڪنهن
مطلب جي پوري ٿيڻ تي خوشيءَ مان نچڻ
جهمر ئي اهو تال آهي جنهن تي جمالو ڳايو ويندو آهي جهمر ۽ جمالي
جو تال يا نچڻ جو انداز جدا جدا نه هوندو آهي. ناچ
تال کي جهمر چون ۽ ٻولن کي جمالو.
وهول: دس ۾ جهمر کان پوءِ مڱڻهار فقير وهول وڄائين. هي تال به
نيٺ سنڌي تال آهي. وهول ۾ اٺ ماترائون ٿين جيڪي هي
آهن.
ڌين نگ- تين تڪ-ڌين نگ- تين دگ
وهول به ناچ تال آهي جنهن ۾ ڇڙهڙو ناچ ڪن. هن ۾ به چيڻي جهمر
وانگر دائري ٻڌي نچڻ جي ضرورت ناهي.
جهمٽ: وهول کان پوءِ دس ۾ دهلاري جهمٽ وڄائين هي تال به سنڌي
آهي. هن تال ۾ ڇهه ماترائون ٿين جيڪي هي آهن:
ڌن ت گدڪ- تن ت گدڪ
چيڻي وانگر هي به ناچ تال آهي ۽ هن تال ۾ چيڻي جهمر ۽ وهول
وانگر ناچ ڪن.
دس ۾ اڳي جهمٽ کانوءِ بندرا بني وڄائيندا هئا، پر هاڻي اهو رواج
نڪري ويو آهي،هاڻي، هاڻي جهمٽ کان پوءِ ڌمال وڄائي
پورو ڪن.
دس جي نالن جو بيان ٿي جيڪو، جنهن ۾ گهڻي قدر سنڌي ناچ به اچي
ويا انهن ناچ تالن کان سواءِ ٻيا به ناچ تال آهن
جن جو ذڪر ڪجي ٿو.
ٽلو: ٽلو ناچ، جو به نالو آهي ته ناچ تال جو به تلو چار
ماترائون ٿين جن جا ٻول هي آهن:
ڌين – تا- تا- تڪ
هي تال به نج سنڌي تال آهي پر جيئن ته درٿ (تکي) لئي ۾آهي، ان
ڪري ناچ وارا تڪڙيون ادائون ڪن. هن تال تي نچڻ جو
انداز ساڳيو چيڻي جهمر وهول ۽ جهمٽ وارو ٿئي، البت
ٻولن جي لحاظ سان ادائن ۾ فرق اچيو وڃي. هن ناچ
۾گهڻو ڪري هي ٻول استعمال ڪندا آهن:
لئي لئي لارو، ٽي ٽلو! لئي لئي لاڙو
هن لئي تي سانگ وارا ناچ وڌيڪ مزو ڪن. سانگ وارن ناچن ۾ ٻولن جي
لحاظ سان ادائن ۾ائين ڪري ڏيکاريندا آهن، ڪي ناچ
وارا هي ٻول چون ۽ ائين ڪري ڏيکارين:
ماما- ماما- مار -گدڙ کي- نور- نور- سانڊو،
گدڙ مئو پيو گهت گهيڙ تي.
ڪي وري سانگ جا ٻول چون ۽ ائين ڪري ڏيکارين:
هش ڀٽاري گونري
هن ناچ مان البت هندي نرتڪاريءَ جو انگ ظاهر ٿئي ٿو.
ڏانڊيا: سنڌ ۾هي ناچ اڀي-لمي مشهور آهي، هن ناچ کي ڏانڊيا به
چون ته ڏئونڪا به. هيءُ ناچ به آهي ته تال به، تال
ڌانڊيا ۾اٺ ماترائون ٿينجيڪي هي آهن:
ڌين – داڪ- تين- تاڪ- داگ- ڌين- داگ
هن ناچ کي ڏانڊيا يا ڏئونڪار هن ڪري چوندا آهن جو نچڻ واري جي
هٿن ۾ ڪاٺيون ضرور هجن، هڪڙي هڪ هٿ ۾ ٻي ٻئي هٿ ۾،
ڪاٺيون اٽڪل فوٽ کن ڊگهيون ٿين ۽ آڱر جهڙيون
سنهيون. پوءِ دهلاري وچ ميدان ۾ ٿي بيهندو ۽
ڏانڊيا ٽال آهستي آهستي ڄمائي ولمپت لئي ۾وڄائيندو
راند ڪرڻ وارا جيترا گهڻو اوترو سٺو.دهلاريءَ کي
دائرو ٻڌي تال تي پير به پيا کڻندا ۽ ٻين همراهن
سان ڏئونڪن جو وارو به جهلائيندا ايندا. پوءِ
آهستي آهستي لئي تکي ٿيندي ويندي. ۽ راند مچندي
ويندي، نچڻ وارا هر مهم تي ڦيرو ڏئي ڏئونڪن جو
وارو به جهلائيندا ايندا ۽ وهندا به ويندا. دائري
۾ به پيا ڦرندا ۽ پاڻ به پيا ڦيرون پائيندا.ائين
لئي چڙهندي ويندي. چڙهندڙ لئي ۾راند کي مزو وٺائڻ
لاءِ دهلاري وهول جا به ٽچ ڏين. آخر ۾چوٽ لئي ۾
اچي راند ختم ڪن. هن ناچ ۾ جي ڏانڊين جي ٻئي ڇيڙي
۾ گهنگهرو ٻڌل هجن. ته اهو ڇمڪار به لئي ڪري، پر
جي نچڻ وارن جي پيرن ۾ به گهنگهرو ٻڌل هجن ته اڃا
به وڌيڪ مزو ٿئي. هن تال تي خاص ٻول به ٻڌل آهن جن
کي به ولمپت لئي ۾ڳائين اهي ٻول هي آهن:
اسين سيوهڻ هلنداسين، ميلو لڳو دولهه لال جو
هي ناچ چاليهه پنجاهه ماڻهن سان وڌيڪ مزو ڪري،هيءُ ناچ شاديءَ
مراديءَ رات جو ٿئي، جنهن ۾ ناچ ڄاڻڻ وارا سڀ ڄاڃي
شريڪ ٿين.
مغرمان: سنڌ ۾ هي ناچ برک آهي،هن ناچ کي مغرمان راند چوندا آهن،
هن ناچ جا شيدي سدا ملوڪ آهن. سنڌي ڪو ڇڊو هن راند
۾ شريڪ ٿئي. جهي ناچ به ڏانڊين وانگر ٿئي. ڇا ڪن
جو ڌمر کي واس ڌوپ ڏئي آڻي ميدان ۾ رکندا، پوءِ
ڌمر کي پهرين ڍري لئي ۾ وڄائين ان سان پهلوداري به
رکن، پوءِ شيدي چوڌاري ڌمر کي ڦري ويندا ۽ ڏانڊين
وانگر هڪ دائري ۾ نچندا به پيا ۽ ڌمر کي ڦري ويندا
۽ ڏانڊين وانگر هڪ دائري ۾ نچندا به پيا ۽ ڌمر کي
ڦرندا به پيا، ڏانڊين۾ هٿن ۾ ڏئونڪا کڻن پرهن راند
۾ هٿين خالي نچن. پوءِ ڌمر جي لئي ويندي تکي ٿيندي
۽ شيدي ويندا ناچ ۾ مچندا. ائين چوٽ لئي ۾ هيءَ
راند ختم ٿئي.وڄت ۾ڌمر جا هي ٻول هوندا.
ڌا- ڌا- دٿ- گڌ- ٿ.
اهي ٻول دهل جا نه آهن، ڌمر جي انهن ٻولن ۽ دهل جي جهمٽ جي ٻولن
۾ چال جي لحاظ سان ڪو فرق ناهي شيدي انهيءَ تال تي
موايون چوندا آهن.انهن ناچن کان سواءِ ٻيا به
ڪيترائي ڇرهڙي ناچ به آهن. جيئن ته شاديءَ مراديءَ
۾ زالون ڍولڪ تي نچنديون آهن پر اهي ناچ ايترا
معروف نه آهن، ان ڪري انهن جو ذڪر ترڪ ڪيو ٿو وڃي.
متفرقات
ٿي سگهو ٿي ته هن ڪتاب ۾ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۽ عوامي گيتن جو به
ذڪر ڪجي ها، مگر جيئن ته اهي ٻئي عنوان ادبي نوعيت
جا آهن. جنهن ڪري انهن جو بيان ترڪ ڪجي ٿو.البت
انهن عنوانن جو ٿورو ذڪر ڄاڻ لاءِ ڪجي ٿو.
سنڌ ۾ ”سسي پنهون“، سهڻي ميهار“، ”ليلان چنيسر“، ”عمر مارئي“،
”مومل راڻو“ ، ” مورڙو مانگر مڇ“ ،نوري ڄام
تماچي“، ” لاکو ڦلاڻي“، ”ڍول مارو“، ”بوبنا
جرار“،”ڏمڻ سونارو“،” ”دودو چنسير“، وغيره مشهور
آهن، جن مان پڇاڙيءَ واريون چار ڳالهيون ڳاهن سان
کڻندا آهن، اهي ڳالهيون ڪيتريون ڪيتريون راتيون
هلن. ڳاهن سان ڳالهه کڻڻ وارا ڍولڪ، يڪتارو،ڏنڊو
يا ڪنجهي جي ٿالهي وڄائي ڳاهه ڏين، ڪي گهڙو به
وڄائين. اهي ڳالهيون اهڙو ته ڪٺ ڪن جو ماڻهو اڙجن
ئي ڪين. انهن ڳالهين جو ذڪر ڪچهري واري باب ۾ ٿيل
آهي.
ائين عوامي گيتن جو ذڪر به ادبي آهي، انڪري اختصار سان بيان ڪجي
ٿو.
سنڌ ۾ ڪافيون، وايون، بيت، لوڙائو، مورا، ڇلا، لوليون، مداحو
مولود، موايون ، ٽيهه اکريون، ٽيهه راٽيون،ڳيچ،
سهرا، هيرا، پلهاڻان، هو جمالو، لوئي لال، همرچو،
لنواريو، راسوڙا، لکئو وغيره ٿين، پر انهن جو ذڪر
ڪنهن ادبي ڪتاب ۾ئي سونهي. ائين برابر آهي ته سنڌ
جي انهن ڪيترن عوامي گيتن جوذڪر اڻلڀ آهي پر امڪان
آهي ته ڪنهن دور ۾ ڇپجي وڃن.
ڪافي، وائي بيت ساري سنڌ ۾ مشهور آهن، مورا ۽ لوليون ڇپر ۾
مقبوليت آهن. همرچو، لنواريو، راسوڙو لکئو وغيره
تر جا عوامي گيت آهن.موايون شيدي ڌمر تي چون. ڳيج،
سهرا، هيرا، پلهاڻا زالون ڏين، لوئي ۾،لال کڌڙا
فقير ڳعائينب،.مداحون مولود مولودي چون.
انکانسواءِ ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن،جن لاءِ ڪو جدا باب قائم
ڪري نٿو سگهجي، جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون لکڻ ضروري نه
آهن، پر سنڌ جي مدنيت معلوم ڪرڻ واري لاءِ لکڻ
ضروري آهن. اهڙين ڳالهين جو ذڪر بلڪل اختصار سان
ڪجي ٿو.
جي ڪو ٻار صفر واري مهيني ۾ڄمي ته چون چڱو ناهي. جي ٽين پٽن جي
مٿان ڌيءَ ڄمي ته چون ٽکڙ آهي.هت پير مُنڊي ڇڏيوس.
پوءِ انهيءَ جا ڪن ٽوپي، واليون پارائي،هٿن ۽ پيرن
۾ڪڙيون پارائي ڇڏينس.
زالون تيرهن تيزيون به وارين. چون ته انهن پهرين تاريخن ۾ جي
گهر ۾ جهيڙو ڪبو ته تيرهن ئي ڏينهن جهِڙو هلندو
ايندو. جي اتفاق سان ٿانءُ ڀڳو ته تيرهن تاريخ
تائين ٿانوَ ڀڄندا ايندا. جي ڏينهن جو گهوڙي ويامي
ته ڪونه ڪو هورو ضرور اٿارجي. خاندان ۾ جي ڪو
اولادي اوقاتي وفات ڪري ته ان جي پڳ سندس وڏي پٽ
کي ٻڌائين پوءِ عزيز قريب يا پڳ جا پئسا ڏين يا
پڳون وٺي ڏين. پڳ سڀ ڀائر ور ور ڏئي ٻڌائين.جي ڪو
کوهه کڻائڻو هوندو آهي يا کاٽي يا زمين کيڙائڻي
هوندي آهي يا بند ٻڌائڻو هوندو آهي ته سنڌ ۾ ان
لاءِ ونگار ڪن جنهن ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿين ۽ اهو ڪم
هڪڙي ڏينهن جيترو ڪري ڏين؛ سنڌ ۾ ونگار کي ڇيڙ به
چون، مانيءَ جو بندبست ونگار ڪرڻ وارو ڪري.
جي ڪو کوهه کڻن ته ان جو چڪ ٺهرائي ان کي موڙ ٻڌي سرگس ڪڍن،
پوءِ چڪ هيٺ کوهه ۾ لاهين.
چورين هٿ ڪرڻ لاءِ پير کڻن، پير کڻڻ جا به سنڌ ۾ اهڙا استاد پيا
آهن جن جو ڪو مٽ ڪونهي، پڙهڻ وارن جي ڄاڻ لاءِ هڪ
واقعو لکجي ٿو.
ڇپر مان اٺ ڪاهجي وئي. پيريءَ کا آندائون پيريءَ پير کنيو پر اٺ
هيٺ لهي وئي. انهي واقعي کي ڪي سال گذريا ويا. هڪ
ڏينهن اهو پيري ڪنهن گس تان پيئي ويو ته اتان هڪ
همراه اٺ تي سوار اچي لنگهيو. پيريءَ پنهنجي ساٿين
کي چيو ته فلاڻي سال ۾ جيڪا اٺ ڪاهجي وئي هئي تنهن
جو پير اڄ لڌو اٿم. اهو ٻڌي همراه به ان جا ساٿي
ٿيا ۽ پير ڪُڙي آڻي انهيءَ سوار کي هٿيڪو ڪيائون.
انهيءَ چيو ته برابر فلاڻي سال ۾ ڇپر مان هڪ ڍڪي
اٺ ڪاهجي آئي هئي، جيڪا مون خريد ڪئي هئي، هيءَ
انهيءَ جو نسل آهي.
سنڌ ۾ اُٺن ۽ گهوڙن کي سوار به ڏين، جيڪي وهٽن کي پنڌ سيکارين،
اٺ جي ڪاهڻ وارا به سدا ملوڪ پيا آهن، پر گهوڙن کي
به سوار رلي من مان ڪڍي مٿئين پنڌ تي اهڙو ڪري
ڇڏين، جو سوار کير جو وٽو ڀري، تريءَ تي رکي،
گهوڙي کي مٿئين پنڌ ۾ ڇڏي ته مجال آهي جو کير جو
هڪ ڦڙو به هارجي! هڪ مڱڻهار سوار جو مشهور واقعو
آهي ته مينهن پيو هجي، نئي بارڻ پئي وڙهي.چوندا
آهن ته بارڻ جي مٿان کنوڻ جو چمڪو ٿئي ته بارڻ جي
پيٽ مان مال ڪڍي وٺجي،ڇو جو اها نئي اهڙي ته تکي
ٿي وهي، جو اوچنو اچو ڪڙڪي. ۽ هي به مشهور آهي ته
جڏهن بارڻ وهي دريا ۾ پوندي آهي، تڏهن درياءَ جي
وهڪري کي چيري ڇڏيندي آهي ۽ اهي ڳرا پٿر جيڪي ٻارڻ
پاڻ سان لوڙهي آڻيندي آهي، درياءَ جي هن ڪپ
اڇليندي آهي، سو بارڻ پئي وڙهي ته هڪڙو مڱڻهار
فقير سنگن جي سيڪڙي ڪري، ڊڊو ڪاهي اچي ڪپ تي پهتو
ته وهڪرو جهڪو ٿي ته مَٽيان ايتري ۾ واليان سنڌ
مان هڪ مير صاحب جيڪو شڪار تان واپس ٿيو هو، سو به
اچي نڪتو. مير صاحب جي سواريءَ هيٺ ان وقت طائوس
گهوڙو هو. ڳالهيون هلندي مير صاحب چيو ته فقير، آ
ته بارڻ ۾ گهوڙا هڻون. بارڻ جي ٻئي ڪپ تي هڪ وڏو
پٿر پيل هو، اهو نشان ڪري کڻي گهوڙا ڇڏيائون ٻيئي
گهوڙا بارڻ جو وهڪرو چيري ويا، پر طائوس گهوڙو ڇه
گز هيٺ لڙي ويو، ۽ فقير جي ڊڊي وڃي نشان واري پٿر
تي ڪَر رکيو. واه واه ٿي ويئي! مير صاحب فقير کي
انعام اڪرام ڏنا.
سنڌ جي گهرن ۾ طوطي ڌارڻ جو رواج به عام آهي اهو رواج ٻين ملڪن
۾ به آهي، پر هتي طوطي کي پڙهائڻ لاءِ خاص رٿيل
لفظ هوندا آهن، هتي طوطي کي اوجاڳا ڏين. بک ڏين يا
مرچ کارائين ته ياد رهيس ۽ زبان اٿليس، پوءِ آرسي
اڳيان رکي زالون چونديون، پڙهه پٽ ”مٺو“! ”مٺو پٽ
پڙهي“، ”ڪاج سري“، ”الله، نبي ياد ڪري“،! ”مٺو پٽ
طوطو“ .گُلين ڦلين پوتو“! ”مٺو پٽ حضوري“ کائي
ڪُٽي چوري! ”پڙهه پٽ مٺو“!
جيتوڻيڪ اڳي ٿڌڙيءَ تي پٽن مائون ٿڌو ڪنديون هيون، يعني گهر ۾
باه ڪانه ٻارينديون هيون، پاروٿو رڌل کائينديون
هيون، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اها غير اسلامي پَر
معاشري مان نڪري وئي آهي. وري اڳي سيتلا نڪرڻ تي
رک ڪنديون هيون، ميري ماڻهوءَ کي اچڻ ڪونه ڏينديون
هيون، جنهن ٻار کي ماتا نڪرندي هئي، ان جي ڀرسان
نم يا سرنهن جون سايون ٽاريون رکنديون هيون. طرح
طرح جون لوليون ڏينديون هيون. وري ڇنڊو وجهنديون
هيون. اهو رواج سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هو، پر
هندڪي پَر سمجهي هاڻي ماڻهو انهي کي ترڪ ڪري رهيا
آهن.
پُٽن مائون صفر پوئين اربع به ملهائين، انهيءَ ڏينهن بسريون يا
مٺيون مانيون ڏين وٺن.
سنڌ ۾ رواج آهي ته جي ڪو نئين جاءِ ٺهرائي ته ويهڻ کان اڳ ڀاڄي
ماني نياڻين کي کارائي پوءِ ويهي.
ميلا به سنڌ جي قديم روايتن مان آهن. ميلا گهڻو ڪري اولياء الله
تي لڳن، جن ۾ صبح جو ڌمال، شام جو ملاکڙو ۽ رات جو
فقراءِ جو راڳ ٿئي. سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، جهانيان، سچل سرمست،، راضي شاهه،
مُهراڻي وارو، شاه نوراني، مهر شاهه ۽ ساجن
سوائيءَ جا ميلا مشهور آهن. جيڪب آباد ۾ به هڪ
ميلو لڳندو آهي، جيڪو گهوڙن جي ميلي سان مشهور
آهي. اهو ميلو انگريز بهادر کي گهوڙن جي ضرورت
پوري ڪرڻ لاءِ هڻائڻو پيو. شاهه نوراني تي جنن
وارا اچن. ساجن سوائيءَ تي مال جو واپار ٿئي، پر
انهي ميلي جو ”ٿاهه“ مشهور آهي. ڇا ٿئي جو آڌي رات
مهل ڍور ڍڳا، ماڻهو ڇيڻو اٿي کڙا ٿين ۽ ماڻهو
تاڙيون به وڄائين، هو هو به ڪن. اهو سڀ ڪجهه ارادي
کان سواءِ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي سنهيون
سنهيون ڳالهيون رواج ۾ آهن، جن کي ترڪ ڪجي.
*-*-*-ختم
شد-*-*-* |