سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 7

 

ساٺ سوڻ

سنڌي زبان ۾ چوڻي مشهور آهي ته سوڻن جو کٽيو هر ڪنهن کاڌو آهي، ۽ جي شادي بنان سوڻن جي ڪجي ته چوندا ته شادي ڪانه ٿي ٻڪر ٻوساٽ ٿي‘! ان مان ظاهر آهي ته سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري زنانو لڏو ساٺن سوڻن ۾ خوش نظر اچي. شايد اهوئي سبب آهي جو ڄمڻ کان اڳ ۽ مرڻ کان پوءِ به سوڻ ضرور ڪنديون. من مُڙدي جي ڪفن مان پيٽ واري زال لاءِ تندون ڪي وٺن پر سوڻ ضرور ڪنديون. مرڻون هجي پرڻو هجي، بيماري هجي يا خوشي چڱڀلائي، زالون سوڻ کان سواءِ ڪين رهنديون.

ممڪن آهي ٻين ملڪن ۾ ٻين قومن ۾ به سوڻ جو ايترو رواج هجي پر ڀانئجي ٿو ته ساٺ سوڻ جو رواج جيترو سنڌ ۾ آهي اوترو ڪٿي به نه هوندو. مسلمانڪا سوڻ ته خير پر هندڪا سوڻ به اهڙا ته پنهنجا ڪري ڇڏيا اٿن جو هاڻي ته جند ئي نٿي ڇٽي، مثال ۾ ٿڌا ڇنڊا، لوليون، پنجڪين جو سوڻ، ستيون ڏاگهه چاڙهڻ، وغيره سڀ هندڪا سوڻ آهن. پر جو سنڌي معاشري ۾ جاءِ وٺي ويا آهن،. سي ڏاڍو مشڪل سان نڪرندا.

سوڻ مان ڪڏهن فائدو ٿيو به وڃي جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سوڻ حقيقت ۾ وهم جو علاج آهي ۽ سوڻ پاڻ به هڪ وهم ئي آهي، سو ڪڏهن ته وهم جو علاج وهم سان ٿيو به وڃي.

مثال ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڳهڙو آهي، هن سوڻ ڪرايو ۽ کيس ڳهڙو ڇڏي ويو. انهيءَ جو سبب اهو ٿيو ته سوڻ ڪرائڻ کان پوءِ هن جي دل تي اهو وهم ويهي ويو ته مون ڳهڙي جو سوڻ ڪرايو آهي، هاڻي مون کي ڳهڙو ضرور ڇڏي ويندو. بس انهيءَ نفسياتي عمل سان طبيعت بيماري جي دفع ڪرڻ ڏي رجوع ٿيو وڃي، طبيعت مدبره خود بخود بيماري دفع ڪريو ڇڏي. پر بيمار ائين ٿو سمجهي ته سوڻ کان پوءِ البت فرحت اٿم.

نفسياتي طرح سان ئي صحيح جنهن سان ماڻهو کي فائدو رسي ٿو انهيءَ کي ڇڏڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه ٿيندو. اهوئي سبب آهي جو قديم ايام کان سوڻ هلندا اچن ته هلندا ئي اچن. سوڻن ۾ ڊيڄڙي جو سوڻ، رائين جهائين، اڳ ۾ مٿين ڏندن جو اچڻ يا ٻارن جا هلڪا سلڪا جهڙوڪ: سَٽ، دئو يا اولڙو نظر وغيره جو ذڪر رسمن واري باب ۾ ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ انهن سوڻن جو ذڪر ڪبو جيڪي هن وقت رواج ۾ آهن ۽ سنڌ جي مدنيت جو هڪ جزو بنجي چڪا آهن.

وقت تي ٻار نه ڄمڻ جو سوڻ: جيڪڏهن ڪنهن پيٽ واري زال کي ڏهه مهينا گذريا ۽ اڃان به سو نه لڳا ته بس پوءِ ساهرن پيڪن جو ساهه مٺ ۾ ته هاڻي الاڇي ڇا ٿيندو. پوءِ زالون ڊپ ۾ علاج به ڪرائين پر سوڻ ضرور ڪنديون، پيٽ واري  ڇا ڪندي جو هڪ جڙي هٿ سان پنج سا ست لپون اَن جون مَئي هڪڙي هٿ سان ڇڙي ڇنڊي پيهيون پچائي انهن نياڻين کي کارائيندي، جيڪي نالي ٿيل نه هونديون آهن.

لاڙ پٽ ۾ انهيءَ سوڻ کي ٿوري ڦيري سان ڪن، ڇا ڪن جو اهو اَن گهوڙيءَ يا گڏهه جي اڳيان آڻين ته اُن ۾ ڦونگارو هڻي، جي گهوڙي يا گڏهه ڦونگارو نٿي هڻي ته اُن کي نَڪ ۾ سنهي ڪاٺي ڦيرائين ته ڦونگارو هڻي پوءِ پيهن پچائين ڪي زالون وري ڏهين مهيني واري سهائي آچر تي پيٽ واري زال کي هر تي وهنجارين ته جلد سو لڳن.

گرهڻ جو سوڻ: سج يا چنڊ جهلجي ته جيڪو ٻار پيٽ ۾ هجي ان جا ماءُ پيءُ ۽ ماما ضرور خيال رکن. ڪنهن به شيءِ کي ڌڪ نه هڻن نه وڍين، ڇو جو چون ته اهو ڌڪ يا وڍ جو نشان ٻار کي ٿي پوندو.

انهيءَ باري ۾ هڪ تاريخي ڳالهه مشهور آهي، شهنشاهه جلال الدين اڪبر ماءُ جي پيٽ ۾ هو ته سج جهليو، اڪبر جي ماءُ ان وقت ڇا ڪيو جو پنهنجي پِنيءَ تي سئيءَ سان نشان ڪرڻ لڳي. اوچتو همايون بادشاه اچي ويو، تنهن پڇيو ته پنيءَ تي نشان ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ پاڻ جواب ڏنائين ته سج گرهڻ آهي. آءٌ هي نشان پنهنجي پني تي انهيءَ ڪري ٿي ڪريان، ته اهو نشان ٻار ڄمي ته ان کي به هجي. واقعي اڪبر بادشاه ڄائو ته ان کي به پنيءَ تي اهڙو ئي نشان ٿيل هو!

سج يا چنڊ گرهڻ وقت پيءُ ۽ مامو ته احتراز ڪن پر ماءُ سرخي لائي، سرمون پائي، اُبداڻي ۾ سرائي وجهي، سنئين نئين ٿي سمهي رهي، جيسين سج يا ڇنڊ ڇُٽي. زالون چون ته ماءِ جي ائين ڪرڻ سان ٻار سهڻو ڄمندو.

نظر جو سوڻ: سنڌ جون زالون نظر جا سوڻ ضرور ڪن. ٻار ڄمي ته ان کي تَنجي مکي سرمون پارائي پيشانيءَءِ تي سرائي سان ڪانءَ پير ضرور ڪڍن، ڪي ته ٻار جي مِٽن تي سرمي جون تلو ڪڙيون به ڪڍن وري نماشام جو تئي مان آنڱري ڀري ٻار جي مِٽ تي لائي ڇڏين. چون ته ائين ڪرڻ سان ٻار کي نظر نه لڳندي،. ڪي وري ٻار کي ٻانهن ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌيو ڇڏين، ڪي نظر جو ڌاڳو وٽايو ٻڌن. مطلب ته نظر جو خيال ضرور رکن. جي خبر پين ته فلاڻي ڪي فلاڻي نظر هنئين آهي ته ان کان ٻار کي پڪ لارايو ڇڏين. ان کي پٺيان بجو ڏيو ڇڏين، ان جي پير جي مٽي کڻي اُن ۾ ست ڳاڙهيون مرچون گڏي، ٻار تان گهوري باهه ۾ وجهن. اهو ذڪر رسمن واري باب ۾ ٿي چڪو آهي.

ڪي زالون وري ڇا ڪن جو نماشام جو ڦٽڪي ٻار يا وڏي تان جنهن ۾ شڪ هجين ته هن جي نظر لڳي آهي ست دفعا اُبتا ست دفعا سُبتا گهمائي باهه ۾ وجهي ڇڏين، پوءَ اتي اها ڦٽڪي ڦلي پوي، وري صبح جو ان کي ڪڍڻ. پوءِ جهڙي شڪل بيهي، چون ته انهي نظر هنئين آهي.

جي ڪنهن اَگهي کي بک نه لڳي، هانوُ ورتل هجيس ته چون ته نظر اٿس! اُن کي ڇا ڪن جو بندوق جي ڇٽل گوليءَ وارو شيهو آڻي ڪڻڇيءَ ۾ ڳارين، پوءِ بيمار جي سيني تي ٿالهه رکي ان ۾ پاڻي وجهن، پوءِ ان ۾ اهو رجيل شيهو پلٽائين. ٺرڻ کان پوءِ شيهو ڪچي ان کي جاچينديون ته ڪنهن جهڙي شڪل اٿس، پوءِ جنهن سان شڪل ٺهڪي آئي اهو وٺ جي منهن ۾، ڳجها سجها پيون ان سان سوڻ ڳنڍينديون.

ڪي وري ڇا ڪن جو ٽن ٽه واٽن جي مٽي آڻي اُن ۾ سڄا ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ وجهي نماشام جو اگهي تان گهوڙي باهه ۾ وجهن ته نظر لهي. ڪي وري سٽ جي ڌاڳي کي سڀني کان ڳنڍ ڳنڍ ڏياري ٻار کي يا بيمار کي ٻڌن، پر اهو ڌاڳو ڪارو هجي يا ست رنگي پٽ جو هجي.

ٻيئڙ تپ جو سوڻ: جي ڪنهن کي ٻيئڙ تپ بيهي وڃي ته ان جو علاج کان سواءِ سوڻ به ضرور ڪن. جو تپ وارو گهران ڇيڻون دکائي کڻندو ، پوءِ ايندو ڪنهن هيڪلي وڻ وٽ اُن وڻ جي پاڙ ۾ پئسو يا اَن ڪڻان رکي هو دکيل ڇيڻون به اتي ڇڏيندو ۽ چوندو ته هي پنهنجي امانت قابو ڪجو اسين وڃون ٿا شاديءَ تي، ائين چئي اتان واپس ٿيندو پر پوئتي نه ڏسندو، اهو سوڻ اسر جو ڪن.

لاڙ پٽ ۾ وري هي سوڻ به مشهور آهي ته جنهن زال ٻه نڪاح ڪيا هجن، ان کان سڳو وٽائي ٻڌن يا جنهن زال ٻه نڪاح ڪيا هجن جي جنڊ مان داڻا چورائي اچن ۽ اُن جو پاڻي به چورائين، پوءِ ٻيئڙ واري کي اهي داڻا کارائي اهو پاڻي پياري ڇڏين.

ٽيئڙ تپ جو سوڻ: جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٽيئر تپ چيڙهو ٿي بيهي رهي ۽ نه ڇڏيندو هجي، ته ان جو علاج به ڪن ته سوڻ به ڪن. ڇا ڪن جو جنهن کي ٽيئڙ تپ هجي، اهو وڃي ڪنهن رستي تي بيهي. پوءِ جي اتان اڄ تي ٽيلهه چڙهيل ماڻهو لنگهن ته انهن ان ڏس پڃي ته ”ادا، ٽيئڙ تپ جو ته ڏس ڏيو وڃو؟“ پوءِ اهي جيڪي ڏس ڏين ائين ڪن.

اڌ مٿي جي سور جو سوڻ: اڌ مٿي جو سور يا سجاوتي جو سور يا سج اُڀاور سور ٿئي، ته ان جو سوڻ به ضرور سمجهن. زالون پهرين ڇا ڪنديون جو ڪاري ڏاس جو رسو آڻي بيمار جو پير ڪڇينديون، پوءِ ان رسي کي ٻيڻو ڪري وري ان سان مٿو ڪڇينديون، جي رسو مٿي تي پورو ٿي آيو ته چونديون ته مٿو وڌيو ناهي، پر جي رسو کٽي پيو ته چونديون ته سور کان مٿو وڌي ويو آهي. سوڻ ضرور ٿيندو پوءِ اهو رسو مٿي تي ڍرو ٻڌي ان ۾ ڏوئي وجهي آڪيڙو به ڏينديون ۽ چونديون به ته ”سور ڀڃان“ سور وارو چوندو ”ڀڃ“. ائين هڪڙي ئي وقت ٽي دفعا چونديون، پر اهو سوڻ بيمار کي ٽه واٽي تي ويهاري پوءِ ڪن.

ڪي وري ڇا ڪن جو صبح جو سج اُڀرڻ سان سج ڏي منهن ڪري، ڦلا جهولي ۾وجهي ويهن، پوءِ پرڻ کڻي اُن پرڻ مان سج کي به ڏسنديون وينديون ۽ ڦلا به کائينديون وينديون. چون ته ائين ڪرڻ سان مٿي جو سور ڇڏي ويندو.

آنڙي جو سوڻ: جيڪڏهن ڪنهن کي آنڙي نڪري ته زالون چون ته اهي هڪ ٻئي پٺيان ست نڪرنديون، انڪري انهن جو سوڻ ڪري چڱو ٿيندو. آنڙيءَ جو سوڻ هيئن ٿيندو آهي جو ڪابه پيٽ واري زال ست سرايون پاڻيءُ جون ۽ ست سرايون سرمي جون آنڙيءَ واريءَ اک ۾ اُبتي هٿ سان وجهي- ڪي وري هيئن ڪن جو ٻير جا ست پن پٽي آنڙيءَ واري اک تان ست دفعا گهمائي، انهن ستن ئي پنن ۾ ڪنڊو هڻي پوءِ اهو در جيڪو سج جي سامهون هجي ان جي اوڙي ۾ اهو ڪنڊو ٽنبي ڇڏين ۽ چون ته جيئن اهي پن سڪندا ويندا تيئن انڙيون به سڪي وينديون.

سرٽ جو سوڻ: جي اک ۾ سرٽ پئي، ڄڻ اک ۾ ڪا شيءِ پئي هُري ته ان جو به سوڻ ڪن. اهو هيئن ڪن جو هڪڙو پيالو مَلي ڌوئي اڇت پاڻيءَ سان ڀري اهو به رکن ۽ هڪڙو چانديءَ جو والو لسي ڳڻ سان به آڻين، پوءِ پيالي کي اک جي ڀر سان آڻي، ان مان والي جو ڳن ٻوڙي اندران اک جي ڇپر ۾ گهمائين وري پيالي ۾ ٻوڙين ائين ٽي دفعا ڪن ۽ هر دفعي سوڻ ڪرڻ واري زال چوندي ”سرٽ ڀڃان“ – جنهن کي سرٽ پيل هوندو اهو جواب ڏيندو ”ڀڃ“.

ڇوت جو سوڻ: جي اکيون ڳاڙهيون ۽ ڳريون ٿي پون ته زالون چون ته ڇوت ٿي اٿس، سوڻ ڪبس ته لهي ويندس. اهو ڇوت جو سوڻ هيئن ڪن. منڃن جي نوڙي آڻي ان جي هڪ پاسي ٿوري ڪپهه ويڙهي ان کي تيل ۾ ٻوڙي رکن ۽ هڪ وٽو پاڻيءَ جو ڀري اهو به رکن. پوءِ ڇوت واري کي سامهون گهنڊ گهنڊالو ڪري ويهارين. پوءِ نوڙيءَ واري ڪپهه کي باهه ڏئي ان وٽي مٿان جهلين ۽ ڇوت واري کي چون ته چتائي ڏس. پوءِ ڇا ٿيندو جو نوڙيءَ مان تيل جا ٽيپا وٽي ۾ ڪرندا ۽ پکڙندا ويندا. جڏهن ڪپهه سڙي وڃي تڏهن سوڻ پورو ٿيو.

گٻهڙي جو سوڻ: جي ڪڏهن ڪنهن کي گٻهڙو يا سڪي ڀونڪ واري کنگهه ٿي پوي ته زالون ان جو به سوڻ ڪرائڻ لاءِ چون.

اهو سوڻ هيئن ٿئي جو جنهن ٻار کي گٻهڙو ٿي پئي ان جو مامو ڏاٽي سان ساوا ڊڀ لڻي ايندو پوءِ ان مان نوڙي وٽي رکندو صبح جو سويل ٻار کي ويهاري نوڙي انهي جي ڳچيءَ ۾ وجهندو ۽ ٻئي پڇڙ مامو هڪ هٿ سان جهليندو ۽ ڏاٽي سان هڪ دفعو به نوڙي جا ٻئي پڇڙ وڍيندو ۽ چوندو ”گٻهڙو وڍيان) ٻار جواب ڏيندو ”وڍ“، ٻيو دفعو به ائين ڪندو ٽيون دفعو به ائين ڪندو، اهو ٿيو گٻهڙي جو سوڻ.

ههي جو سوڻ: جي ٻانهن جي ڦڻيءَ وٽ سور پئي ته چون ته ههي جو سور اٿس. ان لاءِ ڇا ڪن جو سور واري جاءِ تي تيل سان مالش ڪري آڍي پوءِ سور واري ٻانهن ورائي چيلهه وٽ جهلين ته ٻانهن جي ڦڻي مٿي ٿي بيهي پوءِ هڪڙو هٿ ڪلهي تي رکن ۽ ٻئي سان ڦڻي کي جهلين پوءِ ڦڻيءَ کي مٿي زور ڏئي چون ”ههو ڀڃان). جنهن کي سور هوندو اهو چوندو ”ڀڃ“ ائين ٽي دفعا ڪن.

چڪ جو سوڻ: جي ڪنهن کي سٽ اچي وڃي ۽ سٽ سان چيلهه ۾ سور پئجي وڃي ته چون ته چُڪ پئي اٿس، پوءِ انهيءَ چُڪ جو سوڻ هيئن ڪن. ڇا ڪن جو چُڪ جي سور واري کي پَٽ يا تڏي تي اونڌو ڪري سمهارين سندس ٻانهون منهن ڏي ورائي مُهري تي رکائين. پوءِ سور واري هنڌ تي پئسو رکن پوءِ اهو ماڻهو جيڪو پيرڙيو ڄائو هجي اهو پير جي کڙي انهي پئسي تي رکي زور ڏئي ماڻهوءَ جي چيلهه تان ٽپي هن پاسي ويندو ۽ چڪ ڀڃڻ وارو چوندو . ”آئي اي سلائي اي چڪ ڀڇاوڻ آئي اي، چڪ ڀڃان“ پوءِ چڪ واري کي چون ته سٽ ڏئي اٿ ۽ ٻنهي هٿن سان مهري کڻي مٿي تان ورائي پٽ ڏي اڇل ۽ اڳتي ڀڄ. ائين ڪرڻ سان چڪ جو سور لهيو وڃي.

ڪي وري اهو سوڻ هيئن ڪن، جو اهي ٻه ڀيڻون جيڪي پاڻ ۾ ڏيرياڻيون به هجن، سي ڇا ڪنديون جو چڪ واري کي چيلهه ۾ ڪپڙو وجهي هڪڙي هڪڙو پلاند جهلندي ٻي ٻيو پلاند. پوءِ چونديون ” ڌاڻيون ڳڙهاڻيون اسين ڀينر ڏراڻيون چڪ ڀڃان“  جنهن کي چڪ هوندي سو چوندو ”ڀڃ“ ائين ٽي دفعا چونديون ۽ ڪپڙي کي وٽينديون وينديون جيئن چڪ تي زور اچي.

ٻرهڪ جو سوڻ: جي ٻرهل وڌي وڃي ۽ نه ڇڏي ته ان جو سوڻ ڪن. ڇا ڪن جو سهائي آچر تي سج اُڀري کان اڳ درياهه جي ڪپ تي آلي مٽي آڻائين. پوءِ مٽيءَ جي ڊگهي ٻرهل جيتري پاڻي ٺاهي يا ٻرهل تي رکن پوءِ اڇي ڳن واري ڇري يا چاقو کڻي اها مٽي پيٽ تي ئي وڍين۽ چون ”ٻرهل وڍيان“ جنهن کي ٻرهل هوندي سو چوندو ”وڍ“ ائين ٽي دفعا چون.

ڪارڙو ڪمارڙو: مينهن نه پوندو آهي، ته ٻار ڪارڙو ڪندا آهن. جيڪو به مينهن جو سوڻ ليکيو ويندو آهي. نابالغ ٻار ڇا ڪندا آهن جو هڪڙو ڪپڙو کڻي ان جي هڪ هڪ ڪنڊ مان هڪ ٻار جهليندو پوءِ گهر گهر ويندا ۽ چوندا ” ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏيو ته مينهڙو وسي“ پوءِ گهر جا ڀاتي اُن جهوليءَ ۾ اَن جي لپ به وجهندا ۽ ٻارن جي منهن تي پاڻي جا ڇنڊا به هڻندا. پوءِ ٻار وري انهيءَ اَن جا ڪهر رڌي ورهائين.

ستيون: هي سوڻ به مينهن وسڻ لاءِ ڪن، جيتوڻيڪ هي سوڻ هندڪو ٿو لڳي پر تڏهن به رواج ۾ آهي. جي مينهن نه پوي ته ڇا ڪن جو ست نياڻيون جن تي نالو پيل نه هجي اهي ست گڏيون ڪاري اڳڙيءَ جون ٺاهينديون پوءِ زمين ۾ کڏڙي کوٽي ان ۾ گڏيون ويهاري، مٿان سنهڙين ڪاٺين جو ننڍڙو مَنهه اڏينديون پوءِ انهي منهه کي باهه ڏئي چونديون.

”ستيون ڏاگهه چڙهن مينهن شال وسي“ جيسين باهه وسامي تيسين ائين چونديون رهنديون.

اولڙو: جي پاڻيءَ جو دئو ڪنهن تي پئي، يا نه به پئي ۽ دست اُلٽيون ٿي پون ته چون ته دئو پيو اٿس، اولڙو ٿي پيو اٿس، سوڻ ڪريوس ته ڇڏي وڃي. پوءِ زالون ڇا ڪنديون جو گول ٺڪريون گهڙي انهن جي پٺين تي آڱر سان منڌيئڙا ڪڍنديون. پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي يا ٻار کي اولڙو هوندو ان جي پيشانيءَ تي، مِٽن تي، هانوَ تي- پيرن،گوڏن ، پنين تي ٺڪر رکي زور ڏينديون جيئن اهو منڌيئڙي جو نشان ٿي پئي ۽ چونديون ”اولڙو ڀڃان“ اولڙي وارو چوندو ”ڀڃ“ ائين سوڻ ڪري پوءِ چونديون ته ڪنهن ڪتي جو منهن ڏسي ڇڏ ته اولڙو وڃي ڪتي تي ڪري. ڪي وري اولڙي کي ”ويلڙو“ به چون،

پنجڪين جو سوڻ: جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌ ۾ سوڻ جي ايتري ته گهڻائي آهي جو ٻار ڄمڻ کان اڳ زالون سوڻ ڪرڻ شروع ڪن ته مرڻ کان پوءِ به سوڻ جي پچر نه ڇڏين ۽ مردن کي به ائين ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين.

هي پنجيڪين جو سوڻ به مئي ماڻهوءَ سان ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ هي پنجيڪين وارن جو اصول به هندڪو آهي، پر انهي اصول کي به سنڌ وارن پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو پنجڪين ۾ ڪري ته چون ته ”الله پليس“- ”الله قبر ڏي منهن ڪريس“، ”پوين جو خير گهرو، پنجيڪن جو سوڻ ڪري ڇڏيو.“ پوءِ ڇا ڪن جو مردي کي ڪُوڙو ڇلو وات ۾ ڏئي ڇڏين، جي زال هجي ته پنج گُڏيون، جي مرد هجي ته پنج گڏا ٺاهي ڪڇ ۾ ڏئي پورينس- وري قبر جي مٿان هڪ ڪِلي سيرانديءَ ، ٻي پيرانديءَ کوڙي ڇڏين. ڪي وري چار ڪليون قبر جي چئن ئي ڪنڊن تي هڻي وري سٽ جون تندون ڦيرائي ڇڏين، اهو ٿيو پنجڪين جو سوڻ.

چون ته ائين نه ڪبو ته اتي جلد جلد ماڻهو مرندا. پر جي ڪو ماڻهو مري ۽ ان کان پوءِ انهي ٽُڪر ۾ جلد جلد ماڻهو مرڻ لڳن ته چون فلاڻو مئو، ان کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان سانده ماڻهو مرندا اچن، لاشڪ ته ڪفن وات ۾ اٿس. تان جو اها ڳالهه ويندوگهرندي ۽ پکڙبي، پوءِ آخر اهو ڏينهن به ايندو، جو انهيءَ ماڻهوءَ جي قبر کوٽيندا، سندس وات مان ڪفن ڪڍي وات ۾ ڪِلي هڻي قبر بند ڪري ڇڏيندا.

اهي آهن مشهور ساٺ سوڻ، جيڪي قديم وقت کان وٺي سنڌ ۾ رائج آهن. انهن کان سواءِ ڪي ننڍا ننڍا سوڻ به آهن جيڪي پڻ ۾ وقت سر ڪن. مثال: جي جَهڪ لڳي ته جنهن ڇوڪريءَ جو مامو نه هجي، اها وڃڻون جنڊ جي پُڙ هيٺان ڏئي ته جهڪ بند ٿي وڃي وري جي واءُ ٺپ بند ٿي وڃي ۽ سٽ به نه هجي ته چون ”آ، ڏکڻ ڏيهي- ماڻهين وهنجڻ ويئي، ڪنجرو لاهي ڪنڊ تي رکيئين. اڀي ڏکڻ سڏ ڪيئين، ور ڙي ڏکڻ ڏکڻ، جي مينهن بيهي رهي ۽ جهڙ لهي ئي نه، ته سج جي ٿوري به تڙڪي نڪرڻ سان تيل جا ٻه ٽي ٽيپا مينهن جي پاڻيءَ جي دُٻي ۾ وجهن يا رات جو جي اتفاق سان ڪڪرن جي وچ ۾ ڪو تارو نظر اچي ويو ته ست ڪاڻان ٻڌن. جي هڪ تارو نظر آيو ته چونديون فلاڻو ڪاڻو، جي ٻيو تارو نظر اچن ته وري ٻئي ڪاڻي جو نالو وٺنديون، تان جو ست تارا نظر اچن ته ستن ڪاڻن جا نالا وٺن، پوءِ چون ته هاڻي جهڙ لهي ويندو.

جي ڪنهن کي رات جو تپ اچي، ته چون ته چور تپ اٿس، چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌوس. جي ڪنهن کن کرٽيو ٿئي ته کرٽيئي پير تي وٺي وڃنس، ۽ اتان جو پاڻي پيارينس. جي ڪو رات جو سُتي ڏند ڪرٽي ته شاهه محمد مڪيءَ جي چانٺ جيڪڙي ۾ چَڪ هڻائين ۽ ڪڙو ڏندن تي گهمائين ائين سنها سنها ٻيا به گهڻيئي سوڻ ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org