سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 12


بازيگر

سنڌ ۾هونءَ ته ٻاهران به گهڻا بازيگر سانگ سان ايندا هئا، سانگ ڪري وري وطن ورندا هئا، پر ڪي خاص هتي سنڌ جا ئي هوندا هئا. اڳي اڳي گهرن ۾ ڪبوتريون اينديون هيون. ڊگهين چوڙين وارين سٿڻن واريون. اهي گهرن ۾ گهڙي ابتيون سبتيون بولاٽيون کائي، ڪسرت جا ڪم ڏيکارينديون هيون. جڏهن کان سرڪس اچڻ لڳا، تڏهن کان ڪبوتريون ته ڪبوتر ٿي اڏامي ويون! وري ٻيا ماڻهو پتليون نچائڻ وارا هوندا هئا، جيڪي پنهنجو تماشو رات جو ڏيکاريندا هئا، ڇا ڪندا هئا جو کٽ اڀي ڪري، واڻ واري پاسي ڪو ڪپڙو ٽنگي، انهيءَ جي هُن پاسي پاڻ بيهندا هئا، ۽ اورئين پاسي کان تماشي ڏسڻ وارا ماڻهو ويهندا هئا. ماڻهن واري پاسي انهن مان ڪو ويهي ڊيٻڪي وڄائيندو آهي، ۽ کٽ جي هن پاسي وارو ماڻهو پتلين کي ڌاڳن تي لاهي نچائيندو آهي. ڪيڏي مهل ڏسو ته، مائي ويٺي ڪپڙا سٽي، وري جو کڻي ڏسو ته واڳون ترندو اچي، اهائي مهل ته ابا واڳون مائي کي کڻيو پيو وڃي! مطلب ته ائين طرح طرح جا کيل ڪندا هئا،  پر جڏهانڪو ٿئيٽر ۽ فلمون نڪتيون آهن، ڪتيءَ ڪن وڍيا! ڪو جو کڻي هڪڙو ماڻهو پتلي نچائو نظر اچي! اصل نه.

ائين ٻيا وري رڇ، ڀولڙا ۽ ٻڪر ساڻ کنيو وتن، جتي چار ماڻهو ڏسن، بس ٻيگهي متين، ان کان سواءِ جوڳين ڏي نظر ڪبي ته مرليون کڻيو وتن نانگ پنائيندا ۽ ڍارا هڻندا. جوڳي ڪو ڪو ڍارو هڻندو آهي، پر سامي ڍارڙيا بلا ٿيندا آهن. ماڻهو کي اک مان اهڙو سڃاڻن جو ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو. اچي جو اڳ پوءِ ٻڌائڻ تي ويهندس، ته پريون پٽي کڻي پڌريون ڪندس!

وري سنڌ ۾ تتر ڪڪڙ ويڙهائڻ جو به گهڻو شوق آهي، سو شل نه جمعو اچي! ڪڇ ۾ ڪڪڙ، هٿ ۾ پڃرو، همراهه ٽٽو ويندو آکاڙي ڏي، اتي عجيب تماشو ٿيو وڃي، انهن سڀني جو واري واري سان هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

رڇن ۽ ڀولڙن وارا: سنڌ ۾ رڇن ۽ ڀولڙن کي نچائڻ وارا گهڻو ڪري ”ڪهيري فقير“ ٿيندا آهن، اهي ڇا ڪندا آهن جو ڀولڙن يا رڇن جا ننڍڙا ٻچا وٺي، انهن کي نپائيندا آهن ۽ ننڍي هوندي کان ئي انهن کي تماشا ڪرڻ سيکاريندا آهن. جي رڇ هوندو آهي ته ان کي نٿ ضرور هڻي ڇڏيندا آهن. ڇو جو زناور آهي سگهارو، متان ڪٿي ڪو نشڪان (نقصان) نه ڪري وجهي! باقي ڀولڙو هوندو آهي ته رڳي ڏور ۽ گلکوڙ وجهو ڇڏينس، جڏهن اهي رڇن يا ڀولڙن جا ٻچا سکيو ڀڙ ٿيو وڏا ٿين، تڏهن ڪهيري فقير کين وٺي نڪرندا آهن، تماشو ڏيکارڻ. وتندا گهٽين ڳلين ۾ تماشو ڪندا، جتي چار ماڻهو ڏسندا، ڪڍي بگريءَ مان ڊگڊگي شروع ٿي ويندا وڄائڻ تي، ٻار ته اڳيئي پٺيان رڇن ۽ ڀولڙن کي چيڙائيندا پٿر هڻندا ايندا، سي به چوڌاري ويهي ويندا، ۽ تماشي جا شوقين به فقير کي پڙي هڻندو ڏسي ڦري ويندا، بس پوءِ ٿيندو تماشو شروع فقير کي اڳ ۾ ئي تماشي جو سامان جهڙوڪ لٺيون، ڇريون، ننڍڙيون صندليون ته اهين ئي بگريءَ ۾ هونديون ئي آهن، بس ”وي نچ وي ڀولو نچ وي“ لڳي ويندي اٿن. پوءِ ڪيڏي مهل ڏسو ته ڀولڙو قلابازيون پيو کائيندو، ڪيڏي مهل ته وري فقير پٽڪو کڻي ٻڌائيندس، پوءِ ته مڙس ٽٽو ويندو ميڙي تي، ته ڪيڏي مهل زال سان رٺو ويٺو هوندو ۽ ڀولڙي پئي پرچائيندس، ائين طرح طرح جا تماشا ڏيکاري پوءِ کڻي جهولي وڇائيندا، ڀولڙو به جنهن ڪنهن اڳيان سلام ڪري بيهيو رهي، ته من پئسو ملي. ائين اتان پني فقير وري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي پڙي هڻدو ۽ پئسا ڪمائيندو. جي ڪٿي ڪنهن ڳوٺ ۾ ماڻهو گهٽ هوندا آهن ته رڳو اٽو ٻاٽ پني هليا ويندا آهن.

ڪي شوقين ته وري فقير کي پئسن تي راضِي ڪري ڀولڙن ۽ ڪتن جي ويڙه ڪرائيندا آهن، جا به هڪ عجيب تماشو ٿيندي آهي. راقم الحروف پاڻ هڪ ويڙهه ڀولڙي ۽ ڪتي جي ڏٺي، جا اهڙي ته مزيدار هئي، جو کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويا! ڇا ٿيو جو مسٽر غلام حسين قريشي هو صوبيدار ٽنڊي ڄام. اتفاق سان آءٌ به اتي وڃي نڪتو هئس، چيم ته هاڻي ملندو وڃانس، ويٺاسين خوشي خيروعافيت ڪئيسين، ايتري ۾ هڪڙو ڪهيري فقير به اچي نڪتو، ساڻس هڪڙو ڏنڊو مٽو ڀولڙو به هجي. مون کي خبر هئي ته مسٽر غلام حسين وٽ هڪ بلٽري آهي، سو مون چرچي مان چيو ته ”غلام حسين خان اڄ توهان جي بلٽرِيءَ جا هٿ ڏسڻا آهن. ويڙهايوس ڀولڙي سان ته پئي خبر“، فقير ڪو اڳ ۾ ئي ڏاٺيو ويٺو هو، تنهن هڪل ڪئي ته ”نه سائين نه مون کي هڪڙا ڏهه رپيا ڏيو، پوءِ جي ڀولڙو مئو ته ڀلين آيو.“ فقير جو ائين چوڻ، مسٽر غلام حسين خان جو ٽپ ڏئي اٿڻ، اردليءَ کي چيائين ته ”وارو ڪر ڪتي کي ڪاهي اچ.“ اردلي ويو ڪتي کي ڪاهڻ، اسين سڀئي آياسين ٿاڻي کان ٻاهر. ٿورو ميدان هو اتي هڪ ٿوڻي اڳ ۾ ئي کتل هئي. فقير ڏور به ڊگهي ڪري ڀولڙو کڻي ٿوڻيءَ ۾ ٻڌو، نيٺ سائين ڪتو به آيو. ڪتو ڏسو ته اردليءَ جي هٿن مان پيو ڇڏائي، ڀانئين ته جهٽ ڪري ڀولڙي کي ناس جي چپٽي ڪري وٺان. فقير ڪتي جو قد بت ڏسي ٻانهون ٻڌي چيو ته ”سائين، زبان ڪري ويٺو آهيان، ڪتو آهي سگهارو، ڀلا ايترو ڪريو، جو هن سئونٽڙي جي موڪل ڏيو ته ڀولڙي جي هٿ ۾ ڏيان“ غلام حسين خان کي به هجي ڪتي تي باور، تنهن چيو ته ”ٻيلي موڪل اٿئي.“ فقير پوءِ اها سونٽي کڻي ڀولڙي کي ڏني، پاڻ ماٺ ڪري اچي اسان جي ڀرسان ويهي رهيو. ايتري ۾ ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو ڄڻ ڪو ڀٽائي جو ملاکڙو ٿو لڳي! بس پوءِ ته ڪتي جي کڻي وڊي ڪڍيئون، هيڏي ڪتي جي رومڙ ڪرڻ، هوڏي ڀولڙي جو ٽپ ڏئي ٿوڻيءَ تي چڙهڻ. ڪتي گهڻيئي بل هنيا پر وريو ئي ڪونه. نه ڀولڙو ٿوڻي تان هيٺ لهي نه ويڙه ٿئي. ماڻهن اچي ورايو ڪهيريءَ کي چرچن سان. ڪو چوي ته ”فقير ڀولڙي کي ڏول پڇ ۾ ٻڌ. ”ڪو چوي ته ”فقير ڀولي جي پاران اٿي ڪتي کي وات هڻ.“ ويچارو فقير ڇا ڪري ماڻهن ڏي ڏسيو کڻيو ماٺ ڪري، ڪتو به ڪجهه وقت ٿوڻيءَ کي ڦرڻ کان پوءِ ڪوڪڙاٽ ڪري، مالڪ ڏي ڏسي فتح تي خوش ٿي، پڇ لوڏڻ لڳو، ڪتي جو ٿورو بي خيالو ٿيڻ، ۽ هتان ڀولڙي جو ٽپ ڏئي لهڻ! ڀولڙي نڪا ڪئي هم نڪا تم، هڪڙو هٿ جهڙپ ڏئي وڌئين ڪتي جي پڇ ۾ ۽ ٻئي هٿ واري سئونٽيءَ سان جنهن پاسو ڪتو منهن ڪري، ڦهڪو ڪرايو ڇڏيس. آڻي جو ڪتي کي سئونٽين جون ڄرون بڇائين ته اچيو ٿي پيئي اسان ۾ کل! کلي ساڻان ٿي پياسين! ڀولڙو نڪي ڪتي جي پڇ مان هٿ ڪڍي نه ڪتي جي جند ڇٽي. ڪتي جو آهي، سو ڪونڪاٽ تي ڪونڪاٽ  پيو پوي. ڀولڙي جو ڪتي کي ڏاڍي ڀوڄ ڪڍڻ کان پوءِ هٿ ٿورو ڍرو ڪرڻ، ۽ ڪتي جو ماڻهن مٿان بل هڻڻ. ماڻهن به صوبيدار صاحب ڏي نه ڏٺو، وٺي ڪيائون اِهو اِهو، بس پوءِ ته هيون کلن جو ماڪون ڪير جو ٿورو کلي! صوبيدار صاحب به ڪهيريءَ کي ٻيڻو انعام ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. ٿوري وقت جي لاءِ اهڙو تماشو ٿي ويو جو واه واه!

رڇڻ کي وري ننڍي هوندي کان تماشو ڪرڻ سيکاريندا آهن، پر جڏهن ڪٿي تماشو ڪرڻو هوندو اٿن، تڏهن کيس نشو کارائي ڇڏيندا آهن. ان ڪري پنهنجي گهيرٽ ۾ پيو ڪم ڪندو آهي رڇن سان وري تماشي ۾ فقير ملهه وڙهندا آهن ۽ ڀولڙي جي تماشي وانگر پئسا ڪمائي وري وڄي ٻئي هنڌ ڊگڊگي وڄائيندا آهن.

پر رڇن سان ڪتن کي وڙهائڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿيندو آهي. ڇا ڪندا آهن جو فقير کي راضي ڪري پوءِ ڪنهن چوديواري ۾ رڇ جي ڏور ڪڍي کڻي ڇڏيندا آهن، جي ڪو وڙهڻ وارو ڪتو سگهو هوندو آهي ته هڪڙو، جي لٻوسي هوندا آهن ته ٻه-ٽي گڏي پوءِ ڇڏيندا آهن، رڇ جا وار ٿين ٿلها ۽ کل به ٿئين ٿلهي، سو ڪتن جو چڪ مس ڦٻندو آهي. پر جي رڇ کي ٻک ۾ ڪو ڪتو اچيو وڃي ته ڀاڪر ۾ آڻيو ٿوري زور جي چٻ ڏنئيس ته ڪتي کي وري اچي ٻيا کڻندا!

جي ڪتا گهڻا هوندا آهن ته رڇ ڪنهن آڏ کي پٺ ڏئي ويهندو آهي. ڪتا اچڻ سان چڙهي ويندس، پوءِ بل کائي اٿندو. جيڪو ڪتو جهڙپ ۾ آيس انهي کي وٺي اهڙي ڀيڙ ڏئي ڇڏيندو آهي، جو اهو ڪتو وري عمر ساري رڇ تي بهندو به ڪينهي! ائين ٻه-ٽي ڪتا ماريئين ته ٻيو ڪتو ويجهو به ڪين ايندس. پر ڪي ڪتا اهڙا ڪنڌار ٿيندا آهن، جو يڪي سِر وٺي نڪتي ته ڄڻ گولي ڇڏي، خبر تڏهن پوندي جڏهن رک پٺيان ڪن ۾ چڪ پيو هوندو. رڇ گهڻو ئي ڦٿڙندو سٿڙندو پر خير جي گذري! تان جو آڻي گوڏا کوڙائيندس. اهڙي ڪتي جو بند لڳو ته ڏاڍو ڏکيو ٿو ڇٽي. رڇ کي به ڀاڪر جو زور اجايو گهڻو ٿيندو آهي، جي ڪو ڪتو ڀاڪر ۾ آيو ته ڪرنگهو چٽ! جي ڪنهن ڪتي کي جان مڙد چٻ اچي وئي ته پڙ ڦاڙي ڀڄي ويندو.

جوڳي: سنڌ ۾ جوڳي به گهڻا آهن. اڳي جوڳي چوندا هئا، ويراڳي ۽ تارڪ الدنيا کي. پر اڄڪلهه جوڳي معنيٰ نانگ نپائڻ وارا. جوڳين جو ڪم ئي هوندو آهي، نانگ ڦاسائي پنڻ يا جهاڙون رکڻ. جوڳي نانگ بلائون هيئن ڦاسائيندا آهن، جو هلندي جي ڪٿي ڪنهن به بلا جو تازو پٽو ڏٺائون، ۽ کين پنڻ لاءِ گهربل هوندي، به بلا جو تازو پٽو ڏٺائون، ۽ کين پنڻ لاءِ گهربل هوندي، ته هاسيڪار ڪري اهو پٽو وٺي وڃي دنگ ڪرائيندس. پوءِ انهيءَ حد کي چوڌاري ڪڙيندا ته ڪٿان اها بلا نڪري ته نه وئي آهي. پوءِ ڪڙو چاڙهي پاڻ انهيءَ ڪڙي ۾ ٿي ويهندا  ۽ ويهي مرليون وڄائيندا. تان جو وڃي ريجهائيندس، پوءِ بلا اتان ٻوٿي ڪڍندي، ائين مرلي تي ريجهي اچي فقير جي ڪڙي ۾ پوندي، پوءِ فقير منڊيندا اٿس. منڊڻ کان پوءِ باڇا پير جا هدا (عهده) گوگهي جا قسم ڏئي، مدو ڏئي ڇڏيندا اٿس. پوءِ انهي مدي پوري ٿيڻ تي کيس وري جهنگ ۾ ڪوشش ڪري ساڳئي جوءِ ۾ ڇڏي ويندا آهن. تيسين تائين کيس کير، چيڪي مٽي ۽ گوشت، کاڌي لاءِ ڏيندا آهن.

ڪي فقير ته اهڙا تجربي وارا ٿيندا آهن، جو بلا جي پٽي ڏسڻ سان ٻڌائيندا ته ڪهڙي بلا جو پٽو آهي، ۽ ڪيترو وقت ٿيو جو هتان مَٽي آهي. اهڙي جوڳي مانڊا به اهڙا ته ٿيندا آهن، جو جي اتفاق سان بلا ڦاسائيندي، ڪو کاڄي ٻيو ته جهاڙون رکي زهر ڪڍي ڇڏيندس يا پاڪيءَ جا ڏنگ هڻي ڌڪن مان زهر ڪڍي وٺندا آهن، يا ڪا ٻوٽي يا ڪلاڌاري نانگ جي مڻ رکندا آهن، ته زهر چوسي ڪڍي وٺي. پوءِ وري انهيءَ مڻ کي کڻي کير ۾ وجهندا ته اهو چوسيل زهر وري کير ۾ ڇڏيندي آهي.

سنڌ ۾ بلائون به گهڻن قسمن جون ٿينديون آهن، جن مان ”ارڙ“ کان سواءِ ٻين سڀني ۾ زهر هوندو آهي، مثلاً: ”واسينگ“، ”گڊا“، ”کپر“، ”گهوڙيال“، ”لنڊيون“، ”ڪوراڙيون“، ”ڪنڀاريون“، ”لهاريون“، ”ٻه منهنيون“، ”ارڙ“، ”ڪلاڌاري“، ”پيئڻيون“، ”کڻ“، ”سرنگ“، وغيره انهن سڀني بلائن مان تکي ”گهوڙيال“ ٿئي، چون ٿا ته گهوڙي جهڙي تکي ڊوڙي ٿي، ان ڪري ئي سندس نالو ”گهوڙيال“ پيو آهي، ۽ اڇل ڏئي ڌڪ هڻڻ ۾ ”لنڊي مشهور آهي، ۽ ”واسينگ“ نانگ جو وير وٺڻ مشهور آهي، سندس وير وٺڻ جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن.

”کڻ، وري سانڊيءَ وانگر ٿيندو آهي. کڻ ۾ اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو جتي ٿورڙي رهڙ آئي همراهه اتي ئي پورو. ان ڪري ان کي چوندائي آهن، ”هڻکڻ“ يعني ڌڪ لڳو ته کڻي وڃي قبر ڀيڙو ڪريوس! بچندو ڪونه! ڇو جو علاج ڪرڻ جيترو وقت ئي ڪونه ملي. علاج رسڻ کان اڳ ئي ماڻهو مريو وڃي. ”ٻه-منهنن“ بلا ڇهه مهينا هڪڙو منهن کوليندي آهي، ڇهن مهينن کان پوءِ وري اهو منهن بند ٿي ويندو اٿس، ۽ وري پڇ وارو منهن کلندو اٿس. هي بلا به ذري گهٽ بي ضرر ٿيندي آهي. ”ارڙ“ بلا ۾وري زهر اصل ڪونه ٿئي، ٿئي به سڀني بلائن کان وڏي ۽ ٿلهي، پر زهر ذات ڪونه ٿئيس! ارڙ رڳو ڳهيندي آهي، يا وري وجهه وٺي زور ڏيندي آهي. انهيءَ زور ۾ چون ٿا ته هڏا به ڀڃيو ڇڏي. ڪن جو چوڻ آهي ته ارڙ جي اکين ۾ اهڙي ته ڪشش هوندي آهي جو جنهن ڏي ڏسندي آهي، انهيءَ کي وري چرڻ جي به طاقت ڪانه ٿيندي آهي، تان جو وڃي وات هڻندي اٿس يا ور وجهنديس باقي ”ڪلاڌاري“ نانگ ۾ ته اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو وس ڪندي جوڳي سنڍيندا به ڪونه اٿس ڪو اهڙو قابل جوڳي هوندو آهي، جو ڪلاڌاري نانگ سان ويڙهه کائيندو، جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي، ”ڪلاڌاري“ ناگن جو رڳو ڦوڪ ۾ ئي اهڙو زهر ٿيندو آهي، جو ڦوڪ ڏيڻ سان سامهون سڀ شيون ساڙي ڇڏيندو آهي. ”پيئڻ“ بلا وري چوندا آهن ته رات جو ننڊ ۾ ساهه پي ويندي آهي، پر حقيقت ائين نه آهي. بلڪ هئين ٿو ڀانئجي ته ستل ماڻهو جي نڪ ۾ پنهنجي زهري ڦوڪ ڏئي ويندي آهي، پوءِ جيئن ٻيو ڏينهن جو تڙڪو ٿيندو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي سج جي روشنائي ۽ گرمي لڳندي، تيئين زهر ويندو چرندو، تان جو ٿوري وقت ۾ هڻي اوراٽي ماري وجهندو. پيئن گهڻو ڪري وارياسيءَ زمين ۾ ٿيندي آهي. ٿر ۾ پيئڻ تمام گهڻي ٿئي. ان ڪري ٿري ماڻهو پيئڻ جي زهر کان بچڻ لاءِ بصر کائي ۽ بصر ڀڃي ڀرسان رکي رکندا آهن. پيئڻ، بصر جي ڌپ تي ڪانه ايندي آهي. ٿري پيئڻ جي پيتل ماڻهوءَ جو علاج به ڪندا آهن، جيڪو هن ڪتاب جي علاج واري باب ۾ لکيو ويندو.

”مرلي“ ڄڻ ته جوڳيءَ جو سينگار آهي، جي مرلي ناهي ته جوڳي بيڪار آهي. جوڳي مرليون کنيو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وتندا آهن نانگ پنائيندا. جهاڙون ڦيڻا به رکن،ڍارا به هڻن، ۽ ماڻهن کي مڻڪا پڙهيو ڏين. نانگن جا هڏا، کلون ۽ مڻيون به وڪڻن. ڪي ڪي جوڳي مرلي وڄائڻ جا سدا ملوڪ ٿيندا آهن. اهڙا اهڙا لهرا ٻڌائيندا آهن، جو ماڻهن کي به مست ڪريو ڇڏين، ڪٿي ڪٿي وري ماڻهن مان پئسا ڪڍڻ لاءِ جوڳي راند به ڪندا آهن. سو هيئن جو تماشبينن مان ڪو ماڻهو، جوڳيءَ جي مرلي منڊي وجهندو، بس پوءِ ته اچي هڪٻئي تي وارا ڪندا، ڪيڏي مهل ڏسو ته ڪنهن کي چيلاٽا بڇيا پيا آهن، ته ڪيڏيءَ مهل همراهه اٿڻ کان بس ٿيو پيو آهي، ته ڪيڏيءَ مهل جوڳيءَ جي وات ۾مرلي ڦاٿي پئي آهي، ته ڪيڏيءَ مهل مرلي منڊڻ وارو ڪنڌ ڀر پيو آهي. مطلب ته راند اهڙي ڪندا آهن، جو ماڻهن کي سيراف وٺيو وڃي. ماڻهو سچ سمجهيو ويهن، پر حقيقت ۾ جوڳي ۽ ٻيو راند ڪرڻ وارو پاڻ ۾ ٺهي ويندا آهن. ٻيو ڪجهه به ڪونه هوندو آهي.

سنڌ ۾ جوڳي ”پير پٺي“ جا مشهور هوندا آهن، جهڙا نانگن ڦاسائڻ جا تهڙا مرلي وڄائڻ جا. اهي سڀ جوڳي بلائن جي بادشاهه گوگهي چوهاڻ کي مڃيندا آهن. گرناري گاروڙين کي به علم ۾ مڃين، پر گرناري خود گوگهي کي مڃين.

جوڳين ۾ گوگهي جي باري ۾ هيءَ هڪ ڳالهه ڪندا آهن ته پير پٺي (راجا ڀرتري) جو ٻالڪو راجا گوپي چند هاڻوڪي پير پٺي جي بٺ تي رهندو هو (راجا ڀري راجا گوپي چند ۽ گوگهي جون بٺيون اڄ به پير پٺي تي موجود آهن). راجا گوپي چند کي هڪ ڌيءُ هوندي هئي، جنهن جو نالو واڇل ٻائي هو. هن پنهنجي ڌيءَکي اهڙيءَ حفاظت سان پاليو هو جو ڪنهن به مرد جي منهن نه پئي هئي. واڇل ٻائي جڏهن جوان ٿي،  تڏهن محل کان ٻاهر سهيلين سان راند ڪندي درياءَ جي ڪپ تي اچي نڪتي (ممڪن آهي، انهيءَ زماني ۾ اتان درياءُ وهندو هجي). اتي کيس هڪ سهڻو گل ترندي ڏسڻ ۾ آيو. واڇل ٻائي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته گل وٺان، پر کيس هٿ نه آيو. نيٺ پنهنجي هڪ سهيليءَ جي مدد سان گل ڇنيائين. گل ڇني سونگهيائين ته کيس پيٽ ٿي پيو ڪجهه وقت کان پوءِ اها ڳالهه لڪي نه سگهي، راجا گوپي چند کي خبر پئجي وئي جنهن واڇل ٻائي جي دائيءَ ۽ ساهڙين کي سڏرائي ڌمڪائي، خبر پڇي، پر سڀني ناڪار ڪئي. راجا پنهنجي بدنامي به سهي نه سگهيو، ۽ اولاد جهڙي شئي کي ماري به نه سگهيو، تنهن حڪم ڪيو ته واڇل کي هڪ رٿ (بيل گاڏي) تي چاڙهي ڪنهن بيابان ۾ ڇڏي، سندس اکيون ڪڍي اچو. آخر چار سپاهي واڇل ٻائي کي رٿ ۾ ويهاري اٿي هليا، جڏهن رٿ ٻه-ٽي ميل شهر کان ٻاهر آيو، تڏهن هڪ ڍڳي کي کپر ڌڪي وڌو، ڍڳو ڪري پيو، سپاهي حيران ٿيا ته هاڻي ڇا ڪريون، هڪڙي ڏاند سان رٿ اڳتي ڪيئن هلي،. اڃا انهن ئي خيالن ۾ هئا ته واڇل ٻائيءَ جي پيٽ مان ٻار آواز ڪيو. چيائين ته ”آئي امان، هتان ڊڀ پٽي انهن جي سبي (نوڙي) ٺاهه ۽ هي جهاڙ پڙهي سبيءَ تي ڇوڪاري ڍڳي کي کپر جي چڪ وٽ ٻڌ ته ڍڳو اٿي کڙو ٿئي.“ واڇل ٻائي به حيران ٿي وئي، پر اٿي ائين ڪيائين ته برابر کاڌل ڏاند اٿي کڙو ٿيو. سپاهي به حيران ٿي ويا. اها جهاڙ جوڳين ۾ نانگ بلا جي ڌڪ لاءِ مشهور آهي، جنهن کي بلا کائيندي آهي، انهيءَ کي ڊڀن جي سبيءَ  تي ڇوڪاري ٻڌندا آهن، ته زهر مري ويندو آهي. اها جهاڙ جوڳي ڪنهن کي ڪونه ٻڏائين. جهاڙ هي آهي:

ڌن ڌن گوگها گاروڙي، چل وي مائي ڌِيا
تيڏي ڪيتي ساوا پيلا ڏاند پلاڻيان
تنهن تي تيڏا بار اٺايا، آيا کپر نانگ-مار يا ڏاند
جڏا جيار-مئا اٿيار- سبي شاهه گوگهي سلطان

انهيءَ جو اثر سپاهين تي ٿيو ۽ ڊنا، ان ڪري واڇل راڻيءَ جون اکيون به نه ڪڍيائون، ۽ کيس بيابان ۾ هڪ ٻن نم جي وڻن هيٺيان ڇڏي، رٿ ڪاهي ويا هليا.

انهيءَ بيانان ۾ گوگهي ڄائو، اتي زمين تي کڙيون گهوڙيائين، ته اتي هڪ پاڻيءَ جو چشمو پيدا ٿي پيو. پاڻيءَ جي ڪري گاهه به پيدا ٿيو. اتي گوگهو جڏهن ”رڙو، رڙو“ وٺي ڪندو هو ته انهيءَ بيابان جون سڀ بلائون اچي گڏ ٿينديون هيون، جن کان گوگهو زهر وٺندو هو. ٿوري ٿوري زهر هر بلا کان ملڻ سان به وٽو ڀرجي ويندو هو ۽ گوگهو ۽ ماڻس انهيءَ زهر کي پي گذران ڪندا هئا.

هڪ دفعي هڪ لڏو چهواڻن جو اچي انهيءَ بيابان مان لنگهيو. تن جو ڏٺو ته جهوپڙي ٺهي پئي آهي، ساوڪ لڳي پئي آهي، سو سمجهيائون ته ضرور انهيءَ وسنديءَ ۾ پاڻي هوندو. اهو خيال ڪري اتي آيا. واڇل ٻائي کان پاڻي ڀرڻ جي اجازت گهريائون. واڇل چيو ته منهنجي ڇوڪري گوگهي کان پڇيو. موڪل ڏئي ته ڀلي. ماڻهو گهوگهي وٽ آيا. گوگهي ويٺي بلائن سان راند ڪئي. ماڻهو حيران ٿي ويا، نيٺ گوگهي کان پاڻي ڀرڻ جي اجازت گهريائون. گوگهي چيو ته مون کي توهان جي ڇوڪرن مان مون جيڏا ست ڇوڪرا ڏيو ته آءٌ پنهنجا ٻالڪا ڪريان. ماڻهن دل ۾ خيال ڪيو ته جي نه ٿا چئون، ته پاڻي ڪونه ملندو، ان ڪري في الحال ها ڪري پاڻي ڀري ويا ۽ پوءِ راتو واه لڏو کڻي ڀڄي ويا. سڄي رات پنڌ ڪري صبح جو کڻي ڏسن ته اهيئي ٻه نمون ۽ جهوپڙيءَ جي ڀرسان بيٺا آهيون، سو ڏاڍا اچي حيران ٿيا! نيٺ ست چوڪرا گوگهي کي ٻالڪا ڪري ڏنائون، تڏهن مس مس ڀڄڻ جي ٻوا ٿين. هوڏي بلائن ڏٺو ته هونءَ ته هو هڪڙو گوگهو، پر جي گوگهو ٿو هنن ستن کي هنر ڏئي ته هي ست ئي گوگها ٿي پوندا. اسان جي لاءِ ظلم ٿي پوندو، ان ڪري سڀ بلائون مڙي صلاح ڪرڻ لڳيون نيٺ صلاح هيءَ بيٺي ته خود گوگهي کي مارجي. ان لاءِ لنديءَ بلا، ارڙ بلا کي چيو ته ”آءٌ آهيان ننڍڙي مون ۾ زهر آهي ٿورو، سو گوگهي تي اثر نه ڪندو، تون جي مون کي پنهنجو زهر ڏين، ڇو جو تون وڏي آهين ۽ زهر به تو ۾ گهڻو آهي ته آءٌ گوگهي کي ماريان“. ارڙ بلا انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿي ۽ پنهنجو سڀ زهر لنڊي بلا کي ڏئي ڇڏيو. ان ڏينهن کان اڄ تائين ارڙ بلا ۾ زهر ڪونه ٿئي. واسينگ نانگ، لنڊي جي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته لنڊي جي تو گوگهي کي ماريو، ته آءٌ توکڱي جتي ڏسندس اتي ماريندس. انهيءَ ڏينهن کان وٺي واسينگ نانگ، لنڊي بلا جو دشمن ٿي پيو ۽ اڄ تائين واسينگ نانگ لنڊيءَ کي جتي ڏسي، اتي ماريو کايو ڇڏيس. آخر بلائن اها رٿ رٿي، لنڊيءَ کي ارڙ بلا کان زهر مليو. لنڊي وجهه وٺي وڃي جهوپڙيءَ جي در جي اوڙي ۾ لڪي ويٺي. گوگهو جيئن ئي اندر گهڙيو، تيئين لنڊي بلا کيس ڪياڙيءَ ۾ جهٽ هڻي ڪڍيو، گوگهي جي نظر ۾ اهڙي ته طاقت هوندي هئي جو جتي بلا چڪ هڻندي هئي، اتي رڳو ڏسندو هو ته زهر مري ويندو هو. پر لنڊي جو ڪياڙيءَ ۾ چڪ هنيو سو ڪيئن ڏسي؟ گوگهي پنهنجي ستن ئي ٻالڪن کي چيو ته جي آءٌ مران ته مون کي ضرور رڌي کائجو. نيٺ گوگهي انهيءَ زهر جي وگهي مري ويو، ۽ گوگهي جي ستن ئي ٻالڪن، گوگهي جي چوڻ موجب کيس رڌيو. انهن مان هڪ ڀرئي نالي ٻالڪي، گوگهي جي ٻور جو لوڻ چکيو. جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ ڀرئي جي اولاد کي ٻين جوڳين کان زهر به گهٽ اثر ڪري ۽ سندن جهاڙ به سٺي هلي.

پوءِ جڏهن گوگهي جو ٻور رڌجي تيار ٿيو، تڏهن سڀني ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ماڻهو، ماڻهوءَ جو گوشت ڪيئن کائيندو. انهيءَ ڪراهت کان ڇا ڪيائون جو انهيءَ ديڳڙيءَ جو منهن ٻڌي کيس درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اهو ديڳڙو درياءَ ۾ لڙهندو ويو، هوڏي وري ڪي چور چوريءَ تي نڪتا هئا. ُسي جڏهن ڪناري تي آيا، تڏهن کين اچي بک لڳي. ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو جان کڻي ڏسن ته منهن ٻڌل ديڳڙو لڙهندو پيو اچي! انهيءَ مان هڪڙي ڄڻي وڃي ديڳڙو جهٽيو. جان کڻي ڏسن ته ٻوڙ رڌل ٺهيل پيو آهي، بس اچي جو لڳا، ته کائي کڻي رڄ ڪيائون. ٻوڙ کائڻ کان پوءِ انهن ۾هڪ عجيب طاقت اچي وئي ۽ اهي چور اڳتي هلي ”مامويون“ سڏجڻ لڳا، جن جا اڄ به بيت سنڌي ادب ۾ وقعت رکن ٿا. اهي بيت به ناظرين جي ملاخطي لاءِ پيش ڪجن ٿا:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.

 

وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،
تڏهن ٻارو چاڻو ٻار، پنجين درمين وڪيو.

 

ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مر مڇي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

 

مر مڇي ماري، مر مڇي ڪهڙا پار،
هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.

 

لڳندي لاڙن  سو نڪو ٿيندو سري ۾ ،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، اوڳاڻان وڻاهه.

 

نيرا گهوڙا  ڏٻرا ، اتر کئون ايندا،
گها گهر يون گمس تي، وراهي ويندا.

 

اچي ويجها ماڙ هئا ننگر جي آڌار،
پراڻان پرار، نوان م اڏجا نجهرا.

 

کير کٿيرين  ان پڙ ئين ڌيمي ڌيمي راڄ،
سنڌڙي سيئي ماڻيندا، جنين پاپ اجهاڳ.

 

ڪل کٽي ڪوڙ پيو ڏهي آيا ڏينهن،
راجائون راڪاس ٿيا مند نه وٺا مينهن.

 

گولئين ڪي کولئين ڦربي ڦڪي ڀت،
سندڙي سيئي  ماڻيندا، جنهن ڳالهه نه ڳت.

ماموين جي قصي کي گربخشاڻيءَ، شاهه جي رسالي ۾ بيتن سوڌو لکيو آهي، پر بيتن ۾ پڇاڙيءَ واري حصي سان سواءِ ٻيو قصو غلط پيو لڳي، ۽ ٻيو ته اهي فقيرن جا ست ڪونه هئا پر  الائجي گهڻا هئا. گربخشاڻيءَ ستن فقيرن جا ست بيت لکيا آهن. راقم الحروف کي ماموين جا ٽي بيت هٿ آيا جيڪي 8_9_10 بيت جي نمبرن سان لکيا ويا آهن. ممڪن آهي اهي بيت گهڻا هجن.

جوڳي جڏهن ڪنهن ڪلاڌاري نانگ جو ڪنهن هنڌ ٻڌندا آهن، تڏهن ٽوليون  ڪري انهيءَ هنڌ ٿي ايندا آهن، پوءِ  ڇيڻان چونڊي کڻي ڍڳ ڪندا آهن، پوءِ پاڻ ڇيڻن جي ڍڳ جي پٺيان لڪي ويهي مرليون وڄائيندا آهن. پوءِ جڏهن نانگ  ريجهي منهن ٻاهر ڪڍندو آهي، تڏهن رڳو هڪ ڦوڪ ڏيندو آهي ته سڀ ڇيڻان سڙي ويندا آهن. فقير ائين وري ڇيڻا گڏ ڪندا آهن، تان  جو  ناگ جي  ڦوڪ جو اثر  ويندو گهٽ ٿيندو پوءِ وڃي ڦاسائيندا اٿس.ڦاسائي پوءِسندس  مغز  مان ’مڻ‘۽ پيٽ مان ’مهرو‘ ڪڍندا آهن. پوءِ انهي ءَ کي ٽهڪائي انهي ءَ  نانگ جون ٻوٽيون ورهائي  کڻندا آهن. پوءِ جڏهن  ڪو  ٻار  منجهن ڄمندو آهي، تڏهن انهي ءَ  ڪلاڌاري  نانگ جي ٻوٽي ءَ مان ٿوروگهرڙي ٻار جي نڪ ۾ ناس ڏيندا ۽ ٿورو گهرڙي ٻارڪي پياري ڇڏيندا آهن، ته ڪيس نانگ بلا جو زهر اثر نه ڪري. وري ’مڻ، ۽  ’مهرو، ته زهر  لاءِ اهڙ و  ٿيندو آهن، جو نانگ بلاجي ڌڪ تي ڌوئي  کڻي  رڪجي ته چهٽيو وڃي. سڄي زهر چوسڻ ڪان پوءِ پاڻيهي لهي پوندو، پوءِ جي کڻي کير ۾ وجهبو ته اهو کير سڄو زهر ٿي ويندو. پر اڄو ڪن جوڳين ۾ ڪنهن ڪلاڌاري نانگ تي سنڊڻ جي همت ئي ڪانهي. ڪو جوڳي جهو ني جڳ جو ڪار استاد هوندو، ته ڪلاڌاري نانگ تي سنڊيندو نه ته پيو مڙئي ٿيو خير ! ها اڃا به گرنار جا  گاروڙي اهڙا استاد پير وارا پيا آهن، جيڪو اهو ڪم اڄ ڏينهن تائين به ڪندا اچن.

سنڌ جي جوڳين جي ويس جو ڪهڙو ذڪر ڪجي ! جوڳي نالو وٺڻ سان معلوم ٿيو وڃي. کيس ضرور گيڙوءَ رتو  ويس هوندو. پر اڄڪلهه جا جوڳي به ڪوٽ بوٽ وارا ٿي پيا آهن، نه ته جوڳي هوندا هئا:

ڪن پٽ  ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪن وٽيا ڪن ڪٽ

ڪن چيريل تن ۾ وڏا والا پيل، هٿ ۾ مرلي، وار وڏا، ڪلهي تي بگري، گوڏ ٻڌل، گيِڙو ڪفني پيل، اگهاڙا، جوڳي رمتا ڀلا.

ڪڪڙن ۽ تترن جي ويڙهه: ڪڪڙن ۽ تترن جي ويڙهه کي بازيگرن جي باب ۾ انهي ڪري لکيو ويو آهي، جو هيءُ به هڪ تماشو آهي. سنڌ ۾ سان  گهٽ ويڙهائين . دنيا به ڪٿي ڪٿي ويڙهائين. باقي تتر ۽ ڪڪڙ جي ڏاڍي تات ڪن، شل نه ڪنهن ڪوڪڙيءَ يا تيتريءُ کي ڪو چڱي ذات وارو ڪڪڙ يا تتر هٿ نه لڳي. بس پوءِته پير ڪري پوڄيندس. پاڻ نه کائي ٻارن کي تسيا ڏئي به، جهڳو ڏول ڪري به، ڪڪڙ جي پوري ضرور ڪندا. ڪڪڙن تي وري اهڙا آر رکن جو ڏاڍيون ڀونر ڪليون، ست رنگيون ڏوريون تن ۾ وري جهاٻا، جهوڙا به وجهن ته هيڪاري حسن وڌيو وڃي.

آکاڙي لڳڻ کان اڳي جي ڪو نئون ڪڪڙ هوندو آهي ته انهيءَ کي ڪنهن ٻئي ڪڪڙ سان ڦڙڪائيندا آهن. ڇا ڪندا آهن جو ڪڪڙ کي وڏيون (کڙهن جي مٿان چمڙي جا کوپا ڏئي يا کڙهن تي اڳڙيون ويڙهي)  ٻڌي، پوءِ ويڙهائين ته ڪڪڙ زخم جي نه پون. ڪجهه وقت ڦڙڪائي ڪڪڙ جو دم ڏسي پوءِ ڇڏائي ڇڏيندا.

جنهن ڏينهن آکاڙو لڳڻو هوندو آهي، انهي ڏينهن بس خفتين کي سر جي لڳي ايندي آهي. ڪڪڙ کي تيار ڪري کڻي ايندا آکاڙي ۾، جتي ٻيا به ويڙها ڪڪڙ گهڻائي اچي گڏ ٿيا هوندا. بس پوءِ ته پڙ ٻڌجي ويندو ۽ ڪڪڙي جوڙي جوڙي ڪري ڇڏيندا، هو ڏي تماشين ڪڪڙن تي بازيون  رکندا آهن.

بس پوءِ هيڏي پيا ڪڪڙ وڙهندا، هوڏي ڪڪڙن جا مالڪ پيا پاسا ورائيندا. کڙهه کڙهه سان همراه ٻيڻا ٿيندا ويندا. راقم الحروف خود هڪڙي آکاڙي ۾ ڏٺو ته هڪڙو مير صاحب کٽ تي ويٺو هو، ٻئي پاسي سامهون هڪ شيدي ٻاريءِ ۾ ويٺو هو. آکاڙي ۾ هڪڙو مير صاحب جو ڪڪڙ  هو ۽ هڪڙو شيديءَ جو. خدا جي قدرت پهرين ئي ڦوڪاري ۾ شيدي  وارو ڪڪڙ ٺڪا جو ڪري کڙه، مير صاحب جي ڪڪڙ کي ته بچائي نه سگهيو. کڙهه لڳي ته ڪڪڙ کي، مير صاحب وات مان ”گهوڙا“ نڪري وئي! مير صاحب سڄو ٻيڻو ٿي ويو. وري جو شيدي هو چرچائي، تنهن بس کڙهه سان مير صاحب کي کڻي ورتو. هڪل ڪيائين ته ”ادا ماٺ ڪريو ماٺ، مير صاحب جي گهر چلهه تان دانگيءَ ڪرڻ جو آواز جونه ٻڌوَ، ٻڌوَ ٻڌوَ،حاويلي تي ڍنڍ پئي وڄي.“ بس پوءِ ته شيديءَ تماشو کڻي وڌو، گوڏو کوڙي سڄي ٺونٺ سان ٻٽي دفعا ڪڇون ٺوڪي چيائين ته ٺڪا جو شيديءَ جي کڙهه ٿي وئي ته مير صاحب ڦٿ ڦٿ، ڪڪڙ جو زمين ۾ چڪ هڻائي ڇڏيئين! واه ڙي ڦليا وا“!

ائين ٿورو وقت ڪڪڙ ويڙهائي پوءِ کڻي وٺندا آهن. ۽ ڪڪڙن کي ڦوڪارو (ڦوهارو) ڏيندا آهن. ڇا ڪندا آهن جو وات ۾ پاڻي جهلي، ڦوهاري وانگر ڪڪڙ جي منهن، ڇاتيءَ ۽ کڙهن تي هڻندا آهن، ڪي ته ڪڪڙ جي منهن کي وات ۾ جهلي، ٿورو چوسي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڪڪڙ جي پٺن تي وات رکي ڦوڪ ڏيندا آهن، پوءِ ڪڪڙ جي هڪڙي هڪڙي ٽنگ وٺي سندس سيني سان لائي ٿورو زور ڏئي ڇڏيندا آهن ته چوڪڙو ڀڄيس، ڪي  ڪوڪڙي ويڙهه کان اڳ ڪڪڙ جون کڙهون گهڙي ڇڏيندا آهن، ته ڌڪ ڪاري هڻي. ائين وري ڪڪڙن کي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيترا ڦوهارا ڪڪڙ وڙهن تان جو هڪڙو ڪڪڙ يا ڪرندو، يا وٺي ڀڄندو، جنهن جو ڪڪڙ ڀڳو يا ڪريو، انهيءَ بازي هارائي ۽ تماشين مان جن جن به انهيءَ ڪڪڙ تي بازي رکي هوندي تن هارايو. ڪوڪڙي هونئين چوندا آهن ته ”ڀائو، اک چهنب جو خير ته بازي پنهنجي.“ برابر جي اکيون ڪري پيون يا ڪنهن ڪاري کڙهه هڻي چهنب ڀڄي وڌي ته ڪڪڙ ڪهڙو وڙهندو! ائين پنج چار جوڙيون وڙهيون ته آکاڙو ٽٽو. 

اڳي ڪڪڙن ويڙهائڻ جو خفت تمام گهڻو هوندو هو هاڻي به آهي، پر البت گهٽ. اڳي ته هر جمعي تي جمعي نماز کان پوءِ آکاڙو ضرور لڳندو هو، جي اتفاق سان نه لڳو ته خفتين کي ڄڻ ته ٻاڙ ٿي پوندي آهي. ننڊ ۾ به هڻ ڦليا، هڻ پيلا پئي پوندي اٿن.

ائين ئي وري تتر به ويڙهائيندا آهن. ساڳيءَ طرح سان جيئن ڪڪڙ ويڙهائيندا آن. مون کي ياد آهي، هڪ خفتي همراه چاليهه ٻڪريون ڏئي، هڪڙو ايراني تتر وٺي آيو. تتر به ڪنڌار ٿي ڏسڻ ۾ آيو، وري تتر جي پڃري جو جنسار ڇا چئجي! رڳا موتي جڙيل هجن. اسان اچي ورايو همراه کي ته ”ٻيلي اهو تتر شل وڙهي، لاشڪ ته سڀاڻي شام جو انهيءَ جو ٻوڙ ٿيندو.“ واقعي ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن تي هجي آکاڙو لڳڻو، همراهه تتر کڻي وڃي پهتو. تتر ٿورو وقت سو وڙهيو، پر پوءِ اچيو ٿو پئي ڀاڄ ۾، ڀانئي ته ٻانهين ڀڃي وڃان، نيٺ مس مس ڪري همراه وڃي تتر کي هٿ ڪيو. بازيءَ جا پئسا به هارائين ۽ ڦلهو ٻوٿ ڪري اچي نڪتو. اسان پري کان ئي سمجهي ورتو ته همراهه پڪ هارايو اچي، سو اچي تتر کي پنڃري کان ٻاهر، هڪڙي هٿ ۾ جهلي، ٻي ملڪ ٺڪا جو ڪرايائينس ته ساهه نه تو ڏٺو نه مون، تتر کي ڪاتي به ڪانه رسي. بس پوءِ ته کلن جا هجن ڪوڪريا، پيٽن ۾ هٿ، رڙهون پيا رڙهيون، چئي، ”چاليهه ٻڪريون ڏئي ڪنڌار ڪري وٺي آيوسانس، ٻاويهه روپيا ڏئي  پنڃرو ورتم، چار کڙهون به ڪين ڏيکاريائين، مئو ڀلو آهي. ڪوٻلو ٻلو کڻيس ها ته به ڏک ٿئي ها، هاڻي گهوڙيو ڏک ته ڪونه ٿيندو.“

تيتري وري تترن جي پنڃري کي کڻي صبح شام ويندا آهن، تتر چڳائڻ، پوءِ ويندا مال جا ڇيڻا اٿلائيندا ۽ تتر ويندا اُڏيهون ۽ جيت کائيندا. ڪي وري ڪارڙا تتر ڌاريند آهن، پر اهي تتر، تتر جي شڪار لاءِ ڌاريندا آهن، جن جو ذڪر شڪار واري باب ۾ گذري چڪو آهي.

سانگ: شاديءَ مراديءَ منهن مارڪي سنڌ جا ماڙهو وري سانگ وارن کي به سڏائين. سانگ جو به عجب مزو ٿيندو آهي، طرح طرح جا سانگ ڪندا آهن. ڪي ماڻهو بنا لباس بدلائڻ جي سانگ ڪندا آهن. ته ڪي وري لباس بدلائي پوءِ ڪي ڳجهه ۽ ڪتي جي ويڙهه ڪري ڏيکارين، ڪي مرونءَ ۽ ڪتي جي لڙائي ڪن. مطلب ته واه جو مزو ڪندا آهن. هن وقت ۾ تلهار ۽ بڪيرن ۾ ڪئي اهڙا مشهور ماڻهو آهن، جيڪي سانگ جا ٺاهوڪا آهن. سانگ کيل وانگر ڪندا آهن، جنهن ۾ هرڪو ڪردار پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪندو آهي، سانگ ۾ ناچو به ٿين، راڳ به چون مطلب ته شاديءَ ۾ واه جو مزو ڏيکارين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org