سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 14

 

شڪار

شڪار قديم زماني ۾ انسان خوراڪ حاصل ڪرڻ جو محبوب مشغلو هو، ۽ هاڻي فقط دل وندرائڻ  جو ذريعو ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ وڏا وڏا جانور جهڙوڪ هاٿي، شينهن، رڇ وغيره نه آهن ته به جيڪي جانور آهن، تن جي شڪار لاءِ ماڻهو چار ڪم سيڙائي به تيار ٿيو وڃن. سنڌ ۾ گهڻو ڪري شڪار لاءِ مرون، ڦاڙها، چراخ، بگهڙ، سيڙهون، گڊ، سرهه، هرڻ، گهٽا، واڳون، سيسر مليو وڃن. پکين جي شڪار ۾ تلورون، ڪونجون، چڙخ، ڪروانڪون، مور، تتر، ٻٽيرا، آڙيون، نيرگيون، ٿرانڌا وغيره مليو وڃن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ وڏا وڏا ٻيلا ۽ شڪار گهاهون نه آهن، پر تڏهن به  شوقين ٿوري ٿوري شڪار تي به وقت گذاريو وڃن.

سنڌ جا گهڻو ڪري سڀ خاندان شڪار جا ڪوڏيا آهن، جن مان ڪي ڪي ته شڪار جي سانگي مهينن جا مهينا بندوق ڪلهي تي گهمندا وتندا آهن. ڪي ته اهڙا به آهن جي خرچ ڪري سنڌ کان ٻاهر به ويندا آهن.

قديم زماني ۾ شڪار ڏڦن، ڀالن، ترارين، بازن ۽ ڄارين سان ٿيندو هو، هاڻي به انهن مان ڪن ڪن اوزارن جو استعمال ٿئي ٿو. رستي پڌ جي ڪنهن مهمايل مرونءَ جي پير جي نشان کي ڏسي ورتئون ته پير کڻي وڃي ڪنهن ويڙهه ڀيڙو ڪندس. پوءِ هيٺئين واءِ پير ڪڙي ويندس ته اٿي ته ناهي ويو، پوءِ ويندا وڃي ڪتا، ڏڦا ۽ پنجوڙيون کڻي ايندا، جي ڪو توپچي به ويجهي ڇڪ ۾ ڌپائبو ته انهيءَ کي به وٺي ايندا، انهيءَ جاءِ تي پهرين گهٽ جاچي پنجوڙيون هڻندا، پوءِ توبچي کي کڏڻي ۾ وهاريندا، پوءِ ڪتن کي مٿعئين واءِ اچي ڌپائيندا. جي مرون ڪتن جي ڌپ تي نڪتو ته به شڪار ٿيندو، ڀلا جي نه نڪتو ته کڻي ڪتن جون رسيون ڪڍندا، ڪتا پاڻيهي کيس ويڙهه مان ڪڍندا، مهمايل مرونءُ ۾ ڌپ ٿئي گهڻي. سو ڪتن کي ڳوليندي دير ئي ڪانه لڳي. پوءِ جي توبچي جي ور چڙهيو ته اهو ڌڪ هڻندو جي پنجوڙ ۾ لڳو ته اتي وٺبو جي ڪتن جي ور چڙهيو ته تيسين چرڻ نه ڏيندس، جيسين ڏڦڙيو رسي، ڏڦڙيو ڏڦي تي زور لائيندو جو ڏڦو سندس ئي زور تي هنجهيءَ مان مٽي ويندس. ائين ڏڦن سان شڪار جو اڄ به رواج آهي. سڀ کان پهرين پٿرن سان شڪار ڪندا هئا، پوءِ ڌاتن جي اوزارن سان تير ۽ گز ڪماڻين سان ۽ گهوٻاٽن سان شڪار ڪندا هئا. هاڻي بندوقن ۽ رائفلن سان شڪار ڪن ٿا. جانورن سان شڪار ڪرڻ اڳي عام هو. جهڙوڪ بازن سان، پلنگن سان ۽ ڪتن سان، پر هاڻي چيٽن سان شڪار ڪرڻ جو رواج ته بلڪل نڪري ويو آهي، البت ڪنهن زماني ۾مير علي مراد خان چيٽن سان هرڻ جو شڪار ڪندو هو. چيٽن سان شڪار هيئن ڪندا آهن جو چيٽن ڪي نندي هوندي  کان ئي پالي، شڪار ڪرڻ تي هيرائيندا آهن جڏهن  چيٽا هري ويندا آهن تڏهن هڪ هڪ چيٽي  ڪي جدا جدا منجي ءَ  تي  ڪڻي شڪار   گاه ۾ ايندا آهن، پوءِ ڀلي  اهو شڪار  هرڻ جو هجي يا ڦاڙهي  جو. پوءِ ڦاڙهو  يا هرڻ پري ڪان ڏسندا ته چيٽي کي منجيءَ کان لاهي، وڊي ڪڍي، شڪار ڏيکاري، پٺيءَ ٺپري شاباس ڏئي، ڪي فخريه جملا چئي ڇڏي ڏيندس ۽ شڪاري لڪي ويهي تماشو ڏسندا.

گاهه کائڻ وارن جانورن جي اها عادت ٿيندي آهي ته گاهه مان ٻه-ٽي چڪ هڻي، وري منهن مٿي ڪري هيڏي هوڏي ڏسندا آهن ته ڪو دشمن ته ڪونه ٿو اچي. ائين ڏسي وري گاهه کائڻ ۾مشغول ٿي ويندا آهن. چيٽو وري جڏهن شڪار کي ماڻهن کان کڻائي ايندا هو شڪار گاهه ۾ پوءِ ماڻهو ڇا ڪندا هئا، جو چيٽن کي شڪار ڏيکاري پاڻ لڪي ويهي ڏسندا هئا. چيٽا جڪندا جڪندا ٻليءَ وانگر شڪار ڏي وڌندا هئا. جانورن جي اها عادت ٿيندي آهي، جو چرندي چرندي ڪنڌ مٿي کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا آهن ته ڪو شڪاري يا ڪو ڪتو يا ڪو ٻيو جانور ته ڪونه ٿو اچي. جڏهن جانور ڪنڌ مٿي کڻندا هئا، تڏهن چيٽا اڳتي سرڪندا ويندا هئا، تان جو وڃي شڪار کي ويجها پوندا هئا، بس پوءِ ته بل ئي هڪڙو اوراٽي جانور تي چڙهي ويندا. تيسين نه ڇڏيندا، جيسين شڪاري اچي پٺي نه ٺپرين ۽ شاباس نه ڏئين. پوءِ شڪاري اچي پٺي ٺپرين ۽ شاباس نه ڏئين. پوءِ  شڪاري اچي پٺي ٺپريندن، شاباس ڏيندن، لقمو ڏيندن، پوءِ  وات ڪڍندا. جي بُل مان شڪار نڪري وين ته ڏاڍي ڪاوڙ وٺي ويندين، ايتري جو شڪارين کي به سنوت نه ڏيندا آهن. پوءِ شڪاري لقما ڏيندا ٿن، شاباس ڏيندا اٿن، تڏهن وڃي مس مس ڪاوڙ ڍري ٿيندي اٿن. وري شڪاري اتان کڻي ٻئي شڪار تي ويندا آهن. پر اهڙا مڙس ئي لَڏي ويا، جي اهڙا شڪار ڪندا هئا، اڄڪلهه ڪو ڪتو ئي ٿو ڌاري ته ڳل پئجو وڃي، سو چيٽا ڪير ٿو ڌاري.

بازن سان شڪار: بازن سان شڪار به ڏاڍو مزيددار ٿيندو آهي. اڳي اهو شڪار عام هو. هاڻي ڪٿي ڪٿي ڪو کڻي ڪنهن وٽ باز يا لغڙ هوندو ته هوندو، نه ته رڳو بندوقن سان شڪار ڪن. بازن سان شڪار ڪرڻ وارا بازدار، پهرين پهرين باز ڦاسائي، انهن کي اکين تي چمڙي جا کوپا چاڙهي ڇڏيندا آهن۽ پيرن ۾ دوال وجهندا اٿن. پوءِ ڪنهن ڪوٺيءَ ڏسندو آهي ته پهرين ته ڄڪي ويندو آهي، ايترو جو  پيٽ وڄي پٽ سان لڳندس، جڏهن جانور گاهه کائڻ ۾ مشغول هوندو آهي تڏهن چيٽو تڪڙو تڪڙو اڳتي شڪار ڏي وڌندو آهي. جڏهن جانور ڪنڌ مٿي کڻي هيڏي هوڏي ڏسندو آهي، تڏهن جيٽو ڄڪي زمين تان لڳي ويهي رهندو آهي. ائين جانور جي غفلت جو فائدو وٺي وڃي  ويجهو پوندو آهي ۽ جڏهن ڏسندو آهي. ته هاڻي آءٌ جانور کي رسي سگهندس، تڏهن وجهه وٺي ڇال هڻندو وڃي شڪار کي جهٽيندو ،تيسين شڪار کي جهلي بهيندو جيسين شڪاري اچي شڪار جهلن ۽  سندس پٺي ٺپري ڏين. پر جيکانئس شڪار ڇڏائي ويو ته پوءِ شڪاري اچي کيس ريجهائيندا آهن. چوندا آهن: ”پرواهه ناهي، فڪر ناهي تون بهادر جانور آهين“ وغيره ، وغيره.  پوءِ جي شڪار ڪيل جانور کي سِير وجھن،ته اُن مان ڪجهه گوشت ڪڍي،چيتي کي لقمو ڏين. جي شڪار نه ڦاٿو ته وري چيٽي کي وٺي وجهي منجيءَ تي ويهاري ٻي جوءِ ڏي روانا ٿين. اهڙي قسم جي شڪار جو رواج هاڻي سنڌ ۾ ڪونهي.

بازن جو شڪار : باز سان شڪار ڪرڻ لاءِ پهرين دامن يا درن ۾ باز ڦاسائيندا آهن. پر بازن ڦاسائڻ جو هڪ طريقو هي به آهي. ڇا ڪندا آهن جو سرڻ ڦاسائي تنهن جون اکيون سبي ، پيرن ۾ گوشت جو کينهڙو ٻڌي، ان ۾ مضبوط ڦاهيون ٻڌي ، اڏائي ڇڏيندا آهن. اکين ٽوپيل سرڻ وٺي مٿي اڏامندي. پوءِ جي باز جي نظر پئي ته سمجهندا  ته سرڻ شڪار کنيو ٿي وڃي ، سو اچي جهٽ هڻندس. ائين سندس پير به ڦاسيو پون ۽ ٻئي اچو پٽ تي ڪرن. پوءِ باز دار پهرين بازن جون اکيون سبيو ڇڏين ۽ دولا ٻڌيو ڇڏين، پوءِ ڪجهه هرن کان پوءِ اکيون کولي مٿان چمڙي جا کوپا چاڙهيو ڇڏين ۽ کوپن جي مٿان سنها ٽنگ ڪريون ڇڏين، جن کي وقت سر وڏو ڪندا ويندا آهن، ائين دستانا پائي هٿ تي ويهاري، مٿان هٿ گهمائيندا ويندا آهن ته جيئن مانوس ٿي وڃي، هري وڃڻ تي کيس شڪار تي ويجهندا آهن، بازن سان هرڻن جو شڪاري هيئن ڪندا آهن: جو باز کي هرڻ ڏيکاري، دوال ڪڍي مُٺ ڏئي ڇڏيندا آهن، پوءِ باز هرڻ جا مٿان اُڏامندو ۽ وجهه سان چنبا هرڻ جي اکين ۾ هڻندو ويندو، تان جو هرڻ جون اکيون نڪري پونديون، پوءِ شڪاري وڃي وٺندس. پکين جي شڪار ۾ به ائين ٿيندو آهي جو پکين جي جوءِ ۾ اچي تلوار يا تتر باز کي ڏيکاري اوڏي مٺ ڏئي ڇڏيندا اٿس،. پوءِ باز ترو تر وڃي بل ۾اچڻ تي پکي کي جهٽي وٺندا آهي، البت تلوار جو شڪار گهڻو مزيدار ٿيندو آهي. ائين باز پکي جهٽي ويهي رهندو آهي تان جو شڪار اچي پکي حلال ڪندو ۽ باز کي طعامو ڏيندو پر جي پکي ڪنهن گهاٽي لوڙهي يا ويڙهه ۾ لڪي ويو ته پوءِ باز اکين لائي ويهي رهندس تان جو شڪاري اچي ساٽو هڻندا ۽ باز اکيئن لائي ويهي رهندس تان جو شڪاري اچي ساٽو هڻندا ۽ ٻاهر ڪڍندا ڪي پکي ته اهڙا ڊپ کان لڪي ويهندا آهن، جو شڪاري وڃو هٿن سانوٺن. اهو بازن سان شڪار گهڻو ڪري گهوڙن تي ڪندا آهن. پر هاڻي اهو شڪار اصل ڏسڻ۾ نٿو اچي اهو شوق هاڻي نڪري ويو آهي.

ڪتن سان شڪار : سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ”ماڻهو کان سواءِ خاندان ائين آهي جيئن ڪتن کان سواءِ شڪار.“ سنڌ ۾ ڪتن ڌارڻ جو رواج تمام گهڻو آهي. ٻهراڙين ۾شڪار لاءِ ڪٿي به  هڪل ٿي وئي ته گري گنجي کي لوسي لٻوسي، پر رس ضرور هٿ ۾ هوندي. ڇو جو ڦاڙهي، مرون، هرڻ، چراخ، لڌڙن جي شڪار لاءِ ڪتو گهڻو ڪم آڻيندا آهن، ته  ڪي ڪتا ته اهڙا ڪنڌار ٿيندا آهن، جو ڀلي ڏهه آڱريو مرون هجي،پر رسي کنئي ته نه ويو. ڪي ڪتا وري ڳولا، بلا ٿيندا آهن تڙ ۾ انهن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي ته زناور کي تڙي ڪڍندو، سنڌ جا شڪاري خاندان گهڻو ڪري لوڌين جون لوڌيون ڌاريندا آهن.شڪار تي چڙهندا ته جيترا ماڻهو اوتريون رسيون. هرڻ جي شڪار لاءِ تازي ڪتا ڌاريندا آهن. ڪتن کي قدرت اها سمجهه عطا ڪئي آهي جو سڄي هرڻ جي ولر مان سرواڻ جي پٺيان لڳندا. هن ڪري نر هرڻ شڪار ۾ ٿورو ڀڃي سگهندو آهي، ڇو جو ڪتن ۽ شڪارين جي ڊپ کان سندس مثانو پيشاب سان ڀرجي ويندو آهي.  ۽  نر هرڻ جيسين اڳيون ٽنگون اڳي ۽ پويون ٽنگون پوءِ نه ڪري بيهي تيسين کيس پيشاب ئي نه ايندو انڪري ٿورو ڀڄي بيوس ٿي پوندو تان جو ڪتا اچي رسندس ۽ مادي هلندي به پيشاب ڪندي ويندي آهي. ائين تازي ڪتا هرڻ کي کيل ڪيو وٺن. پر هرڻ جي شڪار کان به مرون جي شڪار ۾ ڪتا مزا ڪندا آهن. سو هيئن جو نر واري جهنگ ۾ پنجوڙين جي ڪتن کان وٺي ٻنهي پاسن کان جوڙيون جوڙيون رسين جون ٿوري ٿوري پنڌ تائين بيهاريندا ويندا آهن، تان جو اچي تڙ وارن وٽ دنگ ڪندا ۽ ڪي رسيون تڙ وارن وٽ به هونديون آهن. ته متان مرون ڦاٽ کائي نه نڪري يا ڪو مهمايل نه هجي ان کان سواءِ ڪي ڳولا ڪتا به هوندا آهن. جن جون رسيون کڻي ڇڏيندا آهن. انهن ڪتن جو ڪم اهو هوندو آهي جو ٿمن، ڍنگهرن، لوڙهن، ويڙهن مان نوسي نوسي مرون ڪڍندا آهن، پاسن وارن ڪتن جو هي ڪم هوندو آهي. جو جي ٻانهين ڀڃي مرون ٻاهر ڀڳو ۽ پنجوڙ ڏي نه لڙيو ته جنهن جوڙيءَ وٽان ماٽائو ٿيندو اها رسي کڻائيندي، پوءِ جيڪو ڪتو وڃي رسي. جيڪو ڪتو رسيو ته ويڙهه کائيندو جي مرونءَ کي بند نه هڻي سگهيو ته ڀڄڻ به ڪين ڏيندس، جي ڪتو سگهارو هوندو ته بند هڻي تيسين ويٺو هوندو جيسين ڪو  ڏڦڙيو اچي رسي، مرونءَ جو تيسين ڪيهاٽ پيو پوندو. پر جي ڪو مرون مهمايل هوندو آهي. يا ڪتن کي ڏاٺيو ويٺو هوندو آهي ته پوءِ ڪتي جو خير ڪونهي، جيسين ڀڄي نه جند ڇڏائي، اهڙو مرون ڪن ڍٻا ڪري وڄ وڄائي آڻي جو وچان ڏيندس دونار، ته ڪتو ڪئون به ڪونه ڪندو، ڦاٿو پيو هوندو. پر ڪي مهمايل مرون ويهي ويڙه کائيندا آهن سو تڏهن جڏهن ٻه چار ڪتا اچي مڙندا آهن. پوءِ مرون ڪو ٻوڙو پٺ ۾ ڏئي ويهي رهندو. ڪتن جو مٿان چڙهڻ ۽ هن جو بل کائي اٿڻ، بس پوءِ ته ڪو ڪتو ڪٿي وڍيو پيو هوندو ته ڪو ڪٿي. شڪار جي وقت ڪتن کي پٽا يا ڳانيون ٻڌڻ چڪ آهي، ڪيترا سٺا سٺا ڪتا ائين مريو پون جو مرن جا وڄ ڳانيءَ يا پٽي ۾ اٽڪيو پون بس پوءِ ته مرون اِلهو ٻلهو کڻيو ڪرين.

مرن جو شڪار : مرن جو يا جهنگ جي جانورن جو شڪار سنڌ ۾ گهڻو ڪري ”تڙ“، ”اوسر“ ۽ مهاڙيءَ“ سان ٿيندو آهي. اهي ٽنهي قسمن جا شڪار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا وڻندڙ ٿيندا آهن. هونءَ ته ٿمن تي ڪتا ڦيرائي يا گهٽين تي سگهاريون ڪوڙڪيون هڻي به شڪار ڪندا آهن، پر تڙ ۾ مهاڙيءَ سان ڪو شڪار لڳي ئي ڪونه. تڙ جو شڪار هيئن ٿيندو آهي؛ جو شڪار واري ڊائيءَ تي ڪتا همراه، ڏڦا، پنجوڙيون توبچي هڙئي اچي گڏ ٿيندا، پوءِ هيئين واءِ تي ايندا انهيءَ جاءِ ۾، جتي شڪار ڪرڻو هوندو اٿن: پوءِ جهنگ جو لهه ڏسي جتان سمجهندا ته هتان زناور مٽيندا اتان پنجوڙيون ٻڌندا. هيرا ٻيرا ڏئي تاڙن سان ٺاهي جوري پنجوڙ جي ٻنهي پاسن کان اُڀي لام ٿوري ٿوري پنڌ تي ۽ ڪتن وارا ويهاريندا. توبچي گهڻو ڪري کڏڻون ٺاهيو وهن، جي اتفاقاًَ ڪو مرون ٻانهين ڀڃي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ضرور توبچين جي ور چڙهندو، جي واڍوڙجي پيو ته ڪتن جون رسيون کڻائيندو، جي سڌو ويو ته وڃي پنجوڙ ۾ لڳندو، پنجوڙ کان ڏهه- ويهه قدمن اوري ڪنهن وڻ تي ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ کي ويهاريندا آهن، جو جانور جي ڪڙٻاٽ مان ئي سهي ڪندو آهي ته فلاڻي جانور فلاڻي پاسي کان اچي ٿو. جڏهن اهو جانور انهيءَ تاڙي وٽان اچي لگهندو آهي ته اهو تاڙو جانور مَٽي وڃڻ کانپوءِ جانور کي ڀتر هڻي تاري وڄائي چوندو ”هڙٻڙهيو“ ائين ڪرڻ سان تڙيءَ جو ماريل جانور ويتر تان جي ويندو،۽ وٺي زور سان ڀڄندو ۽ زور سان اچي پنجوڙ ورائي کڻي سٽينديس پٽ سان. بس پوءِ ته ڪتن وارو شڪاري چڙهي ويندو مرونءَ تي، اٿڻ ئي ڪونه ڇڏيندس اتي ئي سيري ڪاٺي وات ۾ڏئي دونار ٻڌي ٽنگون ٻڌي ڇڏيندس ته پيو هجي ۽ شڪار کان پوءِ الڙ ڪرائيندس. پوءِ تڙ وارا ڪتا وٺي هيٺين ئي هيٺين واءِ وڃي منڊي تي بيهندا، ڪجهه ترسندا ته ڀلي جانور کي ڪتن جو ڌپو پوي. پوءِ ساٽن سان سٽيندا، ها ها هو هڙڪندا پنجوڙين  ڏي وڌندا. سندن اڳيان ڳولا ڪتا نوسيندا هلندا. ڪي همراه سٽيندا هلندا آهن ڪي هُل هو چربو ڪندا هلندا آهن، ڪي ٿالهيون، ٽول، دهل وڄائيندا هلندا آهن ته گوڙ تي جانور اٿي ڀڄن. ٺنڀي خور جانورن کي وري ڪتا بَهيو ڪڍن. ائين تڙي وارا آهستي آهستي اڳتي وڌندا هلندا، جي ڪو مرون نڪتو يا ڪنهن ڏسي ورتو ته مرون هتان نڪري هتي ٻڏي بيٺو آهي ته هڪل ڪندو ته ”قابو شڪاري قابو“ بس گهڙي کن لاءِ سو سڀئي هڪ ڪنا ٿي ويندا، وري وٺي زور سان هُل ڪندا. جي ڪو مرون مهمايل ۽ ڄاڻو هوندو ته ڦاٽ کائي ڪاهي پوندو تڙيءَ وارن ۾ ۽ ٻانهين ڀڃي ٻاهر نڪري ويندو، جي ڪو ڪتو لڳس ته وه واه جي نه، ته ويندو ڇڏائي. ڦاٽ کائڻ وارو مرون تڙيءَ! وارن ۾ وٺ-وٺ گهڻي وجهيو ڇڏي پر جي جانور اڳتي ڀڳو ته توبچين کي ٻولائيندا ته ”اچئي ٿو شڪاري“ جي کٻي پاسي ويندو هوندو ته چوندا ”اچي ٿو شڪار کٻئين“ جي سڄي پاسي ويندو ته چوندا ”اچئي ٿو شڪاري سڄئين“ پوءِ جنهن پاسي جي هڪ ڪندا انهيءَ پاسي وارا توبچي وڌيڪ هوشيار ٿي ويهندا؛ جي ڪنهن جي ور چڙهيو ته ڊز ٿي ويندس بندوق، جي ڌڪ نراڙ يا هنجهيءَ ۾ آيس ته اتي ئي پيو هوندو، جي چامائو ٿيس يا واڍڙجي پيو ته پوءِ ته سائين تماشا ٿي ويندا. وٺي جو ٻهڪ ٻهڪ ڪندو ته جهنگ ٻر ويندو، هر ڪو پيو پنهنجن پيرن ۾ سمجهندو، پوءِ  ڪي ته ايمان جا ڏاڍا، وڻن تي چڙهيو وڃن، ڪي ٽارن ۾ لڙڪيو پون. ڪنڊي ڪرڙِي جي به ساڃاهه ڪا نه پوين. شڪار کان پوءِ انهن تي کلن جا ڪُوڪريا هوندا آهن. ڦٽيل مرون ڪتن جي ور چڙهيو يا ته ويڙهه ڏيندو يا ته ڪتا وٺي وجهندس. جي سڌو پنجوڙ ڏي ويو ته ضرور اچي تاڙي وٽان ماٽائو ٿيندو. تاڙي تاين نه چڀ پنجوڙ  ۾، پوءِ ته همراه چڙهي ويندس ۽ ٻڌي وجهندس، جي ڪو ڌڪائجي ڀڳو ته توبچي ڪتا شڪار وارا هڙ پويان لڳندس، پير ۽ رت جا نشان وٺي نيٺ وڃي ٿم ڪرائيندس هڪ ٻن ٿمن کان پوءِ هڦجي اهڙو ته ڪونئرو ٿي پوندو جو چُري به نه سگهندو، وري جو ڌڪ ٺرندس ۽ رت ڏيندو ته آقي باقي به هٿيڪو. بس پوءِ ڦري ويندس يا وري ڪنهن توبچي جي ور چڙهندو يا ڪو ڪتو وڃي جهلندس، تان جو ڏڦڙيو اچي رسندس بس پوءِ ته ڏڦڙيو هنجهيءَ تي ڏڦو رکي بيهندس ته مرون وٺي پاڻهئي ڏڦي تي زور ڀريندو تان جو ڏڦو کائي ويندس.

هوڏي وري جيڪو مرون پنجوڙ  ۾ لڳو هوندو ان کي سل هڻي کڻي ايندا ڪنهن  پوٺڙي تي، جتي الڙ ڪرائيندس. الڙ هيئن ٿيندو آهي جو مرونءَ جي پوئين کرچيءَ ۾ رسو ٻڌي ڪنهن کٽ سان ڏاڍو ٻڌي ڇڏيندا، شڪاري پڙ ڪري بيهندا ، بس سگهارو هڪڙو هڪڙو ڪتو يا چڳا موچارا ٻه- ٻه ڪتا مٿا ڇڏيندس. بس پوءِ ته جي ڪنهن کي وجهه لڳو ته ڪتو چهٽيو پيو هوندس، جي ڪو ڪتو مرونءَ جي بل تي چڙهي ويو ته پڙ جي به مٿان پيو ويندو يا وڍيو پيو هوندو. تان جو مرون اڌ مئو ٿي پوندو، پوءِ ڪو ڏڦڙيو ڏڦو هڻي ماري وجهندس. بس پوءِ ته اچي هلنديون شڪار جون ڳالهيون: هو چوندو ته فلاڻي توبچيءَ جي ڏاڙهي ۾ ئي ڪونهي، هو چوندو ته فلاڻي هينءَ: ڊڄي تي ڄار تي چڙهيو. هو چوندو ته فلاڻي جو جنڊ ڪتو مانيءَ جي ڌپ تي آيو هو. هو چوندو ته فلاڻو ڏڦڙيو هونديون ماڪون، ڪير جو ٿورو کلي. ڪيترا ڏينهن پيا اهي رونشا هلندا.

اوسر جو شڪار: اوسر جو شڪار ڏاڍو سولو ٿيندو آهي نه هُل نه بکيڙو. اوسر کي پِيئي جو شڪار به چوندا آهن. هن سڪار ۾ نه ڪتن جي ضرورت نه پنجوڙين جي، نه ڏڦن جي نه تڙي جي. هي شڪار رات جو ٿيندو آهي: ڇا ڪندا آهن جو پاڻيءَ جي ڍنڍ يا درياهه جي ڪپ جو اهڙو گهٽ جاچيندا آهن، جتي جانور پاڻي پيئڻ لاءِ لهندا هجن، پوءِ ان گهٽ جي ويجهو کڏڻو ٺاهي، سنجهي مان ئي بندوق کڻي اچي ويهي رهندا هي شڪار ڪو هوشيار شڪاري هوندو، جو اونداهه ۾ ڪندو، باقي گهڻو ڪري چانڊوڪيءَ ۾ ڪندا آهن. بس پوءِ چپ چاپ ويٺا ڏسندا ان کي جاچي ڇڏيندا. جڏهن پاڻي پي ورندو تڏهن، ٺڪا ڪرائيندس بندوق. پيئي وارا جانور بي ڍپا هوندا آهن. پاڻ ۾ رانديون رونديون ڪندا، آهستي آهستي ويندا آهن ان ڪري توبچي کي سٺوڌڪ هڻن ڏيندا آهن. پر جي ڪو واڍوڙجي پيو ته کڏڻي تي سمهي پوندا. صبح جو پيرو کڻندس. اهو شڪار پاڻي کان سواءِ جُئار، گجرن وغيره تي به ڪندا آهن، جتي روز رات جو جانور نقصان ڪرڻ ايندا آهن. انهيءَ شڪار ۾ توبچر گهڻو ڪري ٻه يا ٽي ڌڪ هڻي سگهندو آهي، ڇو جو رات جو نوائيءَ ۾ جهنگ ۾ ڌڪ ٻوريو وڃي، ان ڪري پيا جانور لهن ئي ڪونه، ها جي سنجهي سان شڪار ٿيو ته وري ڪو پوئينءَ رات شڪار ٿيو ته ٿيندو، جي نه ته ان کي کڏڻي وارن مان هڪ جاڳيندو ۽ جاچيندو رهندو آهي ٻيو ستل هوندو آهي، وري ستل جاڳيندو ته هو سمهندو.

مهاڙيءَ جو شڪار: مهاڙيءَ جو شڪار به واهه جو ٿيندو آهي. هي شڪار انهيءَ هنڌ سٺو ٿيندو آهي، جتي مرون گهڻا هجن. مهاڙيءَ جو شڪار هيئن ڪندا آهن. جو شڪار جي جوءِ جاچي انهيءَ ۾ مٿين واءِ توبچين کي ويهاريندا ۽ توبچين جي سڄي کٻي، اڀي لام ٿوري ٿوري مفاصلي تي لانگهن جي مٿان جوڙي جوڙي سگهن ڪتن کي جهلندا. هيٺئين واءِ تڙ وارا هل بکيڙي جي سامان ۽ ساٽن سان هوندو. تڙي وارن وٽ وري ڳولا ڪندا هوندا. بس پوءِ تڙي شروع ٿيندي، ساٽا سٽيندا ويندا ڪتا نوسيندا ويندا. جي ڪٿي ڪتي کي ڌپو پيو ته بس باها ڪتا رڻ ٻاري ڏيندا، تيسين ساٽيا به اچي رسندن، بس پوءِ ته هو چريي تي مرون ڦاٽ کائيندو، اڳيان مرون پٺيان ڪتا، ڪڙٻاٽ پوندو ويندن. جي منهن چڙهيا توبچين جي ته ڊز تي ويندس، جي کٻي ويا ته به رسيون کڻائيندا، جي سڄي ويا ته به رسيون کڄنديون. بس پوءِ ته مرون اچي پوندو سگهن ڪتن جي ور. پوءِ يا وڃي ويڙهه ڪندس يا وٺي ٿم ڪرائيندس. ائين مهاڙيءَ ۾ جيڪو جانور آيو سو نڪرندو.

ٻوليءَ سان شڪار:  سنڌ ۾ ٻوليءَ سان شڪار ڪرڻ جو رواج به عام آهي، پر ٻوليءَ سان صرف ڦاڙهي جو شڪار ٿيندو آهي. شڪاري ڇا ڪندا آهن جو ڳجهه جي پَرَ جي وچ واري ڏانڊي ٻيڻي ڪري ان مان يا ٻه ننڍا هڏا گهڙي ان جي وچ ۾ سنهو پن ڏئي ان مان سيٽيءَ وانگر پوپري ٺاهيندا آهن جنهن کي ڦوڪ سان وڄائيندا آهن پوءِ جنهن جوءِ ۾ ڦاڙهو هوندو آهي، اتي ڪنهن کڏڻي ۾ بندوق ڀري لڪي ويهندا، ۽ ويهي پوپريءَ کي رکي رکي ڦوڪون ڏيندا. ڦاڙهو ڪن جو ڏاڍو سرلو ٿيندو آهي، بس ڦاڙهي جي ڪن تي ڪوڪ پئي ته ڪٿي به هوندو ته آيو رهيو. بس پوءِ جڏهن شڪاريءَ جي وجهه ۾ ايندو آهي ته هڻي سلهي رکندو اٿس. هن ٻوليءَ جي شڪار ۾ وري هيءَ خرابي آهي، جو انهيءَ ٻوليءَ تي نانگ ايندو آهي، ان ڪري ٻولي ڪرڻ مهل شڪار جاچيندا آهن ته ڪٿان ڪو ناگن ته ڪونه ٿو اچي! روجهه جو شڪار گهڻو ڪري سنڌ ۾ ائين ڪندا آهن.

هرڻ جو شڪار: هرڻ جي شڪار جو مزو سچي ته اڄڪلهه آهي ئي ڪونه! هرڻن جي جوءِ ۾ جنهن بٺيءِ، جنهن ڊٻ، جنهن پوٺي تي ڏسندو اتي جيپن جا نشان ڏسڻ ۾ ايندو جيپن وارا شل نه ڪو هرڻ ڏسن، وٺي جيپ پٺيان ڇڏيندا، جڏهن ويجها اچي پوندا تڏهن اڻ وارئتا بندوق جا ڌڪ هوندا، جي هڻيو ڇنيو ڇڏين. اهو شڪار مزي لاءِ ڪونهي پر رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ آهي. هرڻن جو شڪار سنڌ ۾ گهڻو ڪري ٽن قسمن سان ٿيندو آهي: هڪڙو توبچين کي جبل جي گهارين ۾ لڪائي ويهاري شڪار ڪرائيندا آهن. ٻيو والي جو، ٽيون گرگ. هونءَ ته وڏا وڏا خاندان يا رياست جا والي هرڻن واري جوءِ کي وڏا وڏا لوڙها ڏياري ان ۾ به شڪار ڪندا آهن، پر اهو شڪار ڪري به رڳو واليان رياست سگهن ٿا، ٻئي ڪنهن جي جاءِ نه آهن. باقي نمونن جي شڪار جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

گهار جو شڪار: هي شڪار هرڻ، سرهه، گڊن ۽ گهٽن جو ٿيندو آهي ۽ رڳو جبل ۾ ٿيندو آهي. ٿر يا پوٺن تي اهو شڪار ڪين ٿيندو آهي، هن شڪار ۾ شڪاري ڇا ڪندا آهن، جو شڪار واري جوءِ ۾ اچي توبچين کي جبل جي گهارين ۾ لڪائي ويهاريندا آهن، پوءِ پاڻ اٺن تي چڙهي، جانورن جا ڳولائو ٿيندا آهن. پوءِ جانورن کي پريان پريان ڏيکائي ڏيندا آهن ۽ ائين جانورن کي ٺاري ٺاري آڻي، انهن گهارين وٽان لنگهائيندا آهن، جتي اڳي ئي شڪاري لڪيا ويٺا هوندا آهن. بس پوءِ جيئن جيئن جانور انهن گهٽن مان مٽيندا ويندا آهن، تيئن تيئن وارا ٿيندا ويندن بندوقن جا. هڻيو جانورن کي کٻيو ڇڏين، بس پوءِ حلا ڪندا ويندا هڪڙو گهٽو يا گڊ يا سرهه مري پئي ته راڄ ڍئي وجهي! اهو شڪار به ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي.

ولي جو شڪار: هرڻ جو شڪار ولي سان به ڪندا آهن، ولي جي شڪار ۾ به ايتروئي انتظار ڪرڻو پوندو آهي جيترو گهار يا گرگ جي شڪار ۾. ڇو جو هرڻ هڪ ڏاڍو ٽهڻو ۽ ڇرڪندڙ جانور آهي، ٿوري ڪٿي شڪي حالت ڏٺائين ته هوا ٿي ويندو، وري نُنهي به ڪانه لڳنديس، ان ڪري کيس ٺاري ٺاري ماربو آهي. هن شڪار ۾ ڇا ڪندا آهن، جو شڪاري ۽ توبچي ڪنهن اٺ تي ويهاريندا، يا ڪنهن بيل گاڏيءَ ۾ صبح جو سوير  ايندا هرڻ جي جوءَ ۾. پوٺو هجي يا رڻ، يا جبل پوءِ ڳولي وڃي جانور هٿ ڪندا. جانور پهرين ته شڪارين کي ڏسي ٽهندا، پر شڪارين کي به پڪو ٿيڻو پوندو آهي. سچ آهي ته جڏهن پنهنجو ساهه ماربو تڏهن ٻئي کي ماري سگهبو آهي. پوءِ پهرين ته جانور ڀڄي ويندا پر وري هوشيار وڃي کين هٿ ڪندا. پوءِ آهستي آهستي پاسا پاسا وٺندا ويندا هرڻن کي ويجها پوندا. ايتري محنت ۾ هرڻ به ڊپ ڀڃيو وڃن. اُٺ ۽ بيل گاڏيءَ کان هونءَ به هرڻ گهٽ ٽهندو آهي. تان جو اٺ چڙهي ئي توبچيءَ کي بل ڏئي وجهندا يا ته شڪاري ڪنهن ٻُوڙي يا پٿر يا جهڪ واري جاءَ تي،هرڻن  کان لڪائي توبچي کي هلندي اٺ جي ٻئي پاسي کان لاهي ڇڏيندا آهن. توبچي انهيءَ آڏ سان هڪ ٿي ويندو آهي. ۽ شڪاري اٺ کي وٺي هرڻن جو پاسو پاسو وٺيو ڦرندا ايندا، هرڻن جو سڄو خيال هوندو آهي، اٺ ڏي، تان جو اچي توبچيءَ جي مٿان پوندا. پوءِ جيترا ڌڪ هڻي سگهي، جيئرا هرڻ ڪيرائي سگهي.

گرگ: گهڻا شڪار گرگ جو شڪار به ڪندا آهن. اهو شڪار به گهڻو ڪري ولي جي شڪار جي جاکوڙ جهڙو ئي ٿيندو آهي.هي شڪار به ذري گهٽ ولي جو شڪار جهڙو ٿيندو آهي. ڇا ڪندا آهن،جو اٺ تي چڙهي هرڻن جي جوءِ ۾ ايندا. پوءِ هرڻ ڏسي شڪاري بندوق سوڌو هيٺ لهي پوندو. هڪ طرف هرڻ هوندا ۽ وڄ ۾ اٺ، ٻئي پاسي شڪاري. شڪاري ڇا ڪندو جو اٺ جي مهار ۾ لٺ ٻڌي، لٺ جي هڪ پاسي ۾ مهار ٻڌل هوندي، ۽ ٻيو پاسو شڪاريءَ جي هٿ ۾، ائين لٺ سان شڪاري اٺ جي اڳين ٽنگن سان پنهنجو ٽنگون ملائي اهڙي طرح هلندو آهي، جو هرڻ لکندائي ڪونهن. هرڻ ائين ڀائيندا آهن ته ڪو رول اٺ پيو چري، ائين شڪاري لٺ ۾ مهار ٻڌل اٺ کي ڦيرائيندو ڦيرائندو اچي هرڻ کي ويجهو پوندو آهي، ۽ هرڻ به آهستي آهستي ڊپ ماري ويندا آهن، پوءِ وجهه  وٺي شڪاري ٺڪاءُ ڪرائيندو بندوق هڪ يا ٻه جيڪي ڌڪ هڻي سگهيو. اوترا هرڻ ڪيرائي وجهندو. ڪيريلن هرڻن کي حلال ڪري کڻي رکندو اٺ  تي وري  جي شڪار ڪرڻو هوندو اٿس ته ڪا   جوءِ جاچيندو.

بازن سان هرڻ جو شڪار : اڳي بازن سان به هرڻن جو شڪار ڪندا هئا، پر هاڻي بازن جو ئي رواج ڪونهي. بازن سان هرڻن جو شڪار ڏاڍو رؤنشي وارو ٿيندو آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته بازن کي ڪربزون ۽ بانوليون کارائي هيرائي ٺاهي تيار ڪندا آهن، پوءِ گهوڙن تي چڙهي نڪرندا هرڻن جي شڪار تي. پوءِ پري کان بازن کي هرڻ ڏيکاري دوال ڪڍي ڇڏيندا، باز مٿان ئي مٿان اڏامندا ويندا هرڻن جي مٿان. پوءِ وجهه ملڻ تي پنهنجا چنبا هرڻن جي اکين ۾ هڻندا،هرڻ ڪيترو به ڀڄن ٽهن پر باز مٿان مٿان پيا اڏاميندن، وجهه ملڻ تي وري اکين ۾ چنبا هڻي ڪڍندن، تان جو هرڻ  انڌا ٿي  پوندا،  چُرڻ  کان ئي چورٿي  پوندا،  شڪاري اچي هٿن سان  وٺندن.

انهن کان سواءِ جبل  يا ٿر ۾  ٻنين جي ڪرڻ سان کڏڻا ٺاهي به ويهندا آهن ته جيئن رات جوهرڻ کاڌ تي اچي تيئن ڌڪ هڻڻ ڏين. پر گهڻو ڪري سنڌ جا شڪاري انهن مٿين قسمن جو شڪار ڪندا آهن.

دريائي جانورن جو شڪار: سنڌ م رڳو هڪ درياءُ آهي، جيڪو ٿلهو ڪي گهڻو پر هميشه پيو وهي، باقي حب ندي سان ته هڪ ته سنڌ جي سرحد تي تمام پري آهي، ۽ ٻيو ته مجهنس واڳون کان سواءِ ڪو اهڙو شڪار ئي ڪونهي. اڳي سنڌ ۾ مانگر مڇ جو شڪار به ٿيندو هو، پر هاڻي رڳو سيسر ۽ واڳونءِ جو شڪار ٿئي. هونءَ ته ٻهلڻ (ٻرون) لڌڙا، ڪميون، وغيره گهڻي ئي جانور ٿيندا آهن، پر اهي جانور رڇن ۾ به ڦاسيو پون  انهن جو شڪار ڪو اهڙو دلچسپ به ڪونهي، جنهن کي شڪاري چاهه سان ڪن، باقي سيسر يا ويڙهو واڳونءَ جو شل نه ڪٿي ڏس پئي، شڪاري هلي به وڃي ماريندس. جي رائفل آهي ته اهي جانور مارين ٿا سي دنگ ڪريو ڇڏين. اهو شڪار سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه ٿئي،. اهي سنڌ جي ميربحرن جا ئي جگر آهن. جي پاڻيءَ ۾ ڍريو شڪار ڪيو اچن حقيقت ۾ اهڙو شڪار سڌي سنئين سر جي سٽ آهي. انهن نمونن جو بيان ڪجي ٿو.

مگر مڇ جو شڪار: مانگرمڇ جو هڪڙو ئي شڪار سڌ ۾ اهڙو ٿي گذريو آهي، جو اهڙو ڪنهن نه ڪيو. سڄي دنيا جي تاريخ ڳولجي ته به اهڙو مثال نه ملندو، اهر هو مورڙي وارو  شڪار ! اهو شڪار ڪري مورڙي پنهنجو نالو وڄائي ڇڏيو. اڳي ڪراچيءَ کي ڪلاچي ڪري سڏيندا هئا، جتي ميربحر رهندا هئا، ۽ مڇي ماري گذران ڪندا هئا. ڪلاچيءَ جي ڀرسان سمنڊ جو ڪنارو هڪ هنڌان کاڌل هوندو هو. جتي اونگهاڙ لڳو پيو هوندو هو، پاڻ اتي ڪُن ڪري ويو هو. اتي هڪڙو مڇ اچي ساماڻو جو جيڪا ٻيڙي مارجي يا جيڪو قضاقي ايڏي شڪار تي وڃي نڪتو، سو رڇن سوڌو ڳٿو پيو هوندو هو. اتي مورڙي جا ڀاءَ به سانگي سان وڃي نڪتا، ۽ مڇ ڳهي ڇڏيا. مورڙو ويڇارو البت ٽنگن کان جڏڙو هوندو هو. سو رڳو گهر ويهي رڇ الهائيندو هو يا سنهي ٿلهي گهر جي سِر پِر ڪندو هو تنهن جو ڀائن جو حال ٻڌو سو هارجي ويو، ۽ سٽ سٽيائين ته اهو مڇ ڪيئن به ماربو، سر ويو ته گهوريو ، پوءِ مورڙي هڪ وڏو پنڃرو ٺهرا يو ايڏو وڏو جنهن ۾ ماڻهو خلاصو ويهي سگهي، ان کي ٻاهران ڪنڊا هڻائي؛ مٿان پٽ جو ٿلهو رسو ٻڌرائي،کڻائي ويو سمنڊ جي ڪپ تي. پوءِ پاڻ ان ۾ ٿي ويٺو ۽ ماڻهن رسي جي آڌار تي انهيءَ پنڃري کي لاهي ڪيو پاڻي ۾. مٺايل مڇ اڳ ۾ ئي واٽ پٽيو ويٺو هو، تنهن نڪا ڪئي هم نڪا تم پنڃري سوڌو مورڙي کي ڳهي ويو. ڳهي ته ويو، پر پنڃري جون سانڀون اندران ئي اندران چڙهي پيس؛ ويتر جو مورڙي آڻي اندران ڪات وهايا سو هڻي اندر وڍي وڌائينس. مڇ گهڻو ئي اوڳارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چليس ئي ڪانه! نيٺ ائين مڇ ڦٿڙي ڦٿڙي مري پيو. مورڙي وٺي رسو لوڏيو؛ ڪنڌي وارن همراهن سان جوٽي انهن جي پٺن تي کڻي موئا دُکائي رکيائون، تن ڇڪي ڪيو مڇ کي ٻاهر. پوءِ پيٽ چيري مورڙي کي ۽ سندس ڀائيرن جي هڏن کي ڪڍيائون .مورڙي جي انهيءَ هڪ ئي شڪار دنيا ۾ مثال قائم ڪري ڇڏيو، اڄ ڏينهن تائين نه ڪو اهڙو شڪار ٿيو نه ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org