رانديون
سنڌ ۾ رانديون به تمام گهڻن قسمن جون ٿينديون آهن. مثلاًَ:
”سيڙهه“ ، ”گلي ڏڪر“، ”بلورين“، ”لاٽئين“، ”ونجهه
وٽي“، ”ڪڪل ڪڪل“ ، ”کيروٽي“، ”اک ٻوٽ“، ”ڪوڏي
ڪوڏي“، ”ڏاڪ“، ”چمي ڏائي“، ”ٽنڊي ماڪوڙي“، ”هي
ڪير؟“، ”سوني پرڻ“، ”ليٽ ڪبوتر“، ”وڏ ڪول“، ”ٻٽڻ“،
”نوٽڻ“، ”سورنهن ٽڻي“، ”ڀيتين“، ”شطرنج“، ”چلهر“،”
چوپڻ“،”چيچ مڪڙي“،”ارچڪ مرچڪ“،”ڊڊي“، ”تزي“،
”چيڪلي“، ”آپڻا گليلا“ وغيره وغيره. گهڻيئي
رانديون کيڏيون وينديون آهن. پر انهن مان گهڻيون
رانديون اهڙيون آهن جي پاڪستان جي صوبن ۾ ۽
هندستان ۾ به کيڏيون وڃن ٿيون. ”جهڙوڪ: سيڙهه گلي
ڏڪر، بلورين، لاٽئين، ونجهه وٽي، اک ٻوٽ، ڪوڏي
ڪوڏي، ٻٽڻ نوٽڻ، سورنهن ٽڻي، ڀتين، شطرنج، چوپڻ،
تزي، چيڪلي وغيره وغيره. باقي ڪي رانديون اهڙيون
آهن جي ٻين هنڌ ٻيءَ طرح سان کيڏيون وينديون آهن،
پر هتي ٻي طرح سان. ۽ ٽي رانديون اهڙيون آهن جي
خاص سنڌ جي پيدا وار آهن، اهي ٻين ملڪن ۾ ڪين ٿيون
کيڏيون وڃن. ممڪن آهي هندستان ۾ هينئر سنڌي هندن
جا ٻار ڪندا هجن، باقي ٻيو ڪٿي به رائج نه آهن.
مٿين راندين مان ”چوپڻ“ عربن ۾ به کيڏي ويندي آهي، باقي ”شطرنج“
ته هڪ عالمي راند آهي جا دنيا جي تقريباًَ هر ملڪ
۾ کيڏي وڃي ٿي. شطرنج جا کيڏاري به سنڌ ۾ تمام سٺا
سٺا رانديگر ٿي گذريا آهن. پر انهن سنڌ جي
رانديگرن ۽ ٻين ملڪن جي رانديگرن ۾ فرق رڳو هي آهي
جو سنڌ جا رانديگر شطرنج کي راند ڪري کيڏندا آهن ۽
ٻيا ذريعه نام و نمود ڪري ٿيا کيڏن. سنڌ ۾ هڪ اتر
ڏي مولوي ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
هو ڪهڙي به کيڏاريءَ سان راند ڪندو هو ته يا فرزين
(وزير) کڻي يا ٻئي فيل (رخ) کڻي پوءِ ۽ ڪنهن به
کانئس راند نه کنئي. اجهو ويجهڙائيءَ ۾ پير پاڳاري
صاحب کي جڏهن ڦاسيءَ جو حڪم ٻڌايو ويو هو، تڏهن هڪ
انگريز بهادر ساڻس سڄي راند شطرنج ڪئي، پر هڪ به
بازي نه کڻي سگهيو. خيال ته ڪريو، جنهن ماڻهو کي
صبح جو ڦاسي اچڻي هجي، موت پيو اکين اڳيان ڦري ،
انهيءَ حالت ۾ به هڪ به گورند ئي کي هڪ به راند نه
ڏئي، اهو جي آزاد هوندو ته ڪهڙي راند ڪندو هوندو.
انهن راندين کان سواءِ هي رانديون آهن، جيڪي صرف سنڌ ۾ کيڏيون
وينديون آهن، جهڙوڪ: ڪڪل ڪڪل، کيروٽي ٽنڊي ماڪوڙي،
هي ڪير؟، سوني پرڻ، چيچ مڪڙي، ارچڪ مرچڪ، آپڻا
گليلا، وڏ ڪول، ڏاڪ چمي، ڏائي ۽ چلهر، اهي خاص سنڌ
جون رانديون آهن، جي سنڌ ۾ کيڏيون وڃن ٿيون. ممڪن
آهي ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان هڪ ٻه راند ٻين ملڪن جي
حصن ۾ به کيڏي ويندي هجي،. هتي آءٌ صرف انهن سنڌي
راندين جو ذڪر ڪريان ٿو. جيڪي مون مٿي صرف سنڌ جون
رانديون ڄاڻايون آهن.
لڪ لڪوٽي: ٻارن ۾ لڪڻ ۽ لڪل کي ڳولڻ وارين راندين جا گهڻا قسم
هوندا آهن، پر سنڌ جي لڪ لڪوٽي پنهنجو مٽ پاڻ آهي،
ڇا ڪندا جو هڪ ٻار کي اکين تي هٿ رکرائي اوڪڙو
ويهاريندا، ان جي چوڌاري پڙ (گول ليڪو) ڪڍندا، ۽
سندس مٿي تي ٻار مٺيون ڀيڙي هڪٻئي جي مٿان رکندا.
هڪ ٻار جي هڪ مٺ ته ٻئي جي ٻي، ائين سب ئي اڀيون
مٺيون رکي ويندا، پوءِ جنهن جي مٺ مٿان هوندي، اهو
ٻئي هٿ جي آڱر وات ۾ گهمائيندو ۽ گهمائڻ مهل آواز
به ڪندو ۽ چوندو ته.
لڪ لڪوٽي ........ پاڻي ڀري ڦوٽي..... ڦوٽا ڦڪيندس..... لونگ لٽيندس........
هيٺيون ڀڄي ڪي مٿيون، ڪي وچون.
پوءِ جيڪو ٻار اکيون پوريون ويٺو هوندو، انهيءَ جي مرضي. هيٺيون
چوي يا مٿيون يا وچون، جنهن جي نالي چيئين اهو
انهيءَ قطار مان مٺيون ڪڍي ڀڄي وڃي لڪندو. وري لڪ
لڪوٽي چوڻ وارو ٻار وري چوندو، تان جو سڀ ڀڄي وڃي
لڪندا، پوءِ آگ ڏيڻ وارو ڏاڍيان چوندو ته ”ڪوڪ
ڪريو“ جڏهن لڪڻ وارا لڪي ويندا، تڏهن انهن مان هڪ
ڪوڪ ڪندو، پوءِ آگ ڏيڻ وارو اٿي کين ڳوليندو، جنهن
کي پڙ ۾ اچڻ کان اڳ هٿ لاتئين سو کاتو، اهو آگ
ڏيندو ۽ جنهن کي وجهه لڳندو سو ڊوڙي اچي پڙ ۾
بيهندو ۽ چوندو ته ”ڌو ڌو پڙ جو گهٽو“ جي ڳولڻ
وارو ڪنهن کي به وٺي نه سگهيو ته وري آگ ڏيندو.
ڪڪل ڪڪل کيروٽي: پهرين ٻار پاڻ ۾ ٻه ڌوڙي ٺاهيندا، پوءِ باقي
بارنمان ٻه – ٻه ڄڻا ڌوڙين کان لڪي ڀڄي ايندا، ٻن
آڱرين مان ڪو هڪڙو ننڍي کڻندو ٻيو وڏي پوءِ ايندا
ڌوڙين وٽ، هڪ ڄڻو هڪ ڌوڙيءَ کي چوندو ته ”اوڙي
ڌوڙي“ ڌوڙي وراڻي ڏيندس ته ” کاءُ کير مان ٻوڙي“
پوءِ ٻيو ٻئي ڌوڙيءَ کان پڇندو ته ”ننڍ ڪي وڏ“
پوءِ انهيءَ ڌرڙيءَ جي مرضي، ننڍ چوي يا وڏ، جي
ننڍ چيائين ته جنهن ننڍ کنئي هوندي اهو ڀيچي
انهيءَ ڌوڙي ڏي ويندو ۽ ٻيو ٻئي ڏي، ائين همراهي
ٿي پوءِ ڌوڙي پاڻ ۾ طرف ورهائي کڻندا، جيئن ته هڪ
چوندو ته مون کنيون اڀرندو ته ٻيو کڻندو الهندو،
پوءِ پنهنجن پنهنجن طرفن جون حدون ظاهر ڪندا ته
اڀرندي ۾ فلاڻي دنگ کان فلاڻي دنگ تائين ۽ الهندي
۾ فلاڻي حد کان فلاڻي حد تائين. پوءِ جن اڀرندو
کنيو هوندو سي اڀرندي ويندا ۽ جن الهندو کنيو
هوندو سي الهندي. پوءِ وڃي لڪي لڪي ۽ لڪائي لڪائي
ڀئين جي اوٿن، ٺڪرن، ڀترن سرن، ڪاٺين ڪلن جي هيٺان
سنها سنها اڀا اڀا ليڪا ڪڍندا. جڏهن ليڪا ڪڍي
رهندا تڏهن ڪونه ڪو ڌوڙي وڏي واڪي چوندو ته ”ڪڪل
ڪڪل کيروٽي“ ته ٻيو ڌوڙي جواب ڏيندو ته ”ڌونري
دکي“ ائين چوڻ سان ٻئي ڌريون اچي گڏ ٿينديون. پوءِ
اڀرندي وارا الهندي ۽ الهندي وارا اڀرندي ويندا
هڪٻئي جا ليڪا ڊاهڻ، ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن ليڪا
ڊاهي رهندا، تڏهن وري ڪو ڌوڙي چوندو ”ڪڪل ڪڪل
کيروٽي“، ٻيو جواب ڏيندو ته ”ڌونري دکي“ ۽ وري اچي
مڙندا، پوءِ سڀئي گڏجي ڪنهن به هڪ طرف ويندا، جي
اڀرندي ويا ته اڀرندي وارا پنهنجا لڪل ليڪا
ڏيکاريندا، جيترا الهندي وارا نه ڊاهي سگهيا
هوندا، اهي ياد ڪري ڇڏيندا، جيترا الهندي وارا نه
ڊاهي سگهيا هوندا، اهي ياد ڪري ڇڏيندا. ائين وري
الهندي وارا پنهنجا ليڪا ڏيکاريندا، پوءِ جنهن
ليڪا گهڻا ڊاهڻ کان رهجي وڃن تن کٽيو.
ٽنڊي ماڪوڙي: ٻار ڪنهن به هڪ ٻار کي هڪ وڏي گول ليڪي ۾ بانبڙو
ڪري بيهاريندا. پوءِ باقي رهيل ٻار مان هڪ ٻار
انهيءَ بانبڙي ٿيل ٻار جي پٺيءَ تي آهستي آهستي ڌڪ
به هڻندو ۽ چوندو ته.
ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا........ ماڻهين پڪي ماني...........
مانيءَ ۾ ڪنڊا.............. هڻ پڻهين کي
ڏنڊا...............
ائين چئي اهر ڇوڪر به ڀڄي ويندو ته متان ٽنڊي ماڪوڙي کيس لت هڻي
کامائي نه وجهي. پوءِ اهو ماڪوڙو ٿيل ٻار ڪوشش
ڪندو ٻئي ٻار کي لت هڻي کاپائڻ جي ۽ ٻيا ڇوڪرا
ڪوشش ڪندا کيس پٺن تي ستن ڌڪن هڻڻ جي، جي ماڪوڙو
ڪنهن کي کاپائي نه سگهيو ۽ ڇوڪرن کيس ست ڌڪ هڻي
ڪڍيا، ته ماڪوڙي تي آگ چڙهي ۽ وري آگ ڏسندو آهي ته
پهرين ته ڄڪي ويندو آهي، ايترو جو پيٽ وڄي ڀت سان
لڳندس. جڏهن جانور گاهه کائڻ ۾ مشغول هوندو آهي
تڏهن چيٽو تڪڙو تڪڙو اڳتي شڪار ڏي وڌندو آهي، جڏهن
جانور ڪنڌ مٿي کڻي هيڏي هوڏي ڏسندو آهي تڏهن چيٽو
ڄڪي زمين سان لڳي ويهي رهندو آهي. ائين جانور جي
غفلت جو فائدو وٺي وڃي ويجهو پوندو آهي ۽ جڏهن
ڏسندو آهي ته هاڻي آءٌ جانور کي رسي سگهندس، تڏهن
وجهه وٺي ڇال هڻندو وڃي شڪار کي جهٽيندو تيسين
شڪار کي جهلي بيهندو جيسين شڪاري اچي شڪار جهيلن ۽
سندس پٺي ٺپري کيس شاباس ڏين. پر جي کانئس شڪار
ڇڏائي ويو ته پوءِ شڪاري اچي کيس ريجهائيندا آهن.
چوندا آهن : ”پرواهه ناهي، فڪر ناهي تون بهادر
جانور آهين“ وغيره وغيره پوءِ جي شڪار ڪيل جانور
کي سِير وجهڻ، ته اُن مان ڪجهه گوشت ڪڍي، چيٽي کي
لقمون ڏين. جي شڪار نه ڦاٿو ته وري چيٽي کي وڍي
وجهي منجيءَ تي ويهاري ٻي جوءِ ڏي روانا ٿين. اهڙي
قسم جي شڪر جو رواج هاڻي سنڌ ۾ ڪونهي.
بازن جو شڪار: باز سان شڪار ڪرڻ لاءِ پهرين دامن يا درن ۾ باز
ڦاسائيندا آهن. پر بازن ڦاسائڻ جو هڪ طريقو هي به
آهي. ڇا ڪندا آهن جو سرڻ ڦاسائي تنهن جون اکيون
سبي، پيرن ۾ گوشت جو کينهورو ٻڌي، ان ۾ مضبوط
ڦاهيون ٻڌي، اُڏائي ڇڏيندا آهن، اکين ٽوپيل سرڻ
وٺي مٽي اُڏاميندي. ۽ باز جي نظر پئي ته سمجهندو
ته سرڻ شڪار کنيون ٿي وڃي. سو اچي جهٽ هڻندس. ائين
سندس پير به ڦاسيو پون ۽ ٻئي اچو پٽ تي ڪرن. پوءِ
پازدار پهرين بازن جون اکيون کولي مٿان چمڙي جا
کوپا چارهيو ڇڏين ۽ کوپن جي مٿان سنها تنگ ڪريو
ڇڏين جن کي وقت سر وڏو ڪندا ويندا آهن، ائين
دستانا پائي هٿ تي ويهاري، مٿان هٿ گهمائيندا
ويندا آهن ته جيئن مانوس ٿي وڃي، هري وڃڻ تي کيس
اهو آگ ڏيندو.
وڏڪول: پهرين ڇوڪرا هڪ وڏو گول ليڪو ڪڍندا پوءِ انهيءَ ليڪي جي
هڪڙي هنڌان ٿي واري واري سان ڪوڏي ڪوڏي ڪندا
انهيءَ ليڪي تي ڊوڙندا. ڪوڏي ڪوڏي يڪساهيءَ ڪندا،
جنهن جو جتي دم کٽو، اهو اتي ويهي رهندو. پوءِ
جنهن جو دم ويجهو کٽيو هوندو، اهو اٿي آگ ڏيندو.
سو هيئن جو انهيءَ گول ليڪي جي اندر اندر ڇوڪرا
ڀڄندا ۽ هو وٺندو، پوءِ جنهن کي هٿ لاتئين اهو
کاتو پوي، اهو ۽ هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏاڍو جهلي، ٻين کي
وٺندا پوءِ جيئن گهڻا ٿيندا ويندا، تيئن جنجيري
(زنجير) وڏي ٻڌندا ويندا ۽ ٻيا ڇوڪرا وجهه وٺي
پٺيان انهن جي هٿن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جي
هٿ ٽٽي ويا ۽ انهيءَ جي وچ ۾ ڪو کاتو ته ڪار نه
آهي. ائين کاپائيندا ويندا، تان جو وڃي هڪ بچندو،
آگ وري اهو ڏيندو
ڏاڪ چمي: هيءَ راند گهڻو ڪري جهنگن ۾ ڌراڙ ڪندا آهن. جڏهن مال
کي پهرائڻ آڻيندا آهن. مال پاڻي پي هڪ هنڌ ٿي
وهندو آهي، ۽ ڇوڪرا تيسين راند روند ڪري وٺندا
آهن. اها راند هئين ڪندا آهن جو هڪ ڏڪر کان ڪهه
ننڍي ڪاٺي کڻندا آهن، جنهن کي ڏاڪ چوندا آهن. پوءِ
هڪ ننڍڙو گول ليڪو ڪڍي، ان ۾ ڏاڪ ڪندا. پوءِ انهن
ڇوڪرن مان هڪ آگ ڏيندو ۽ ٻيو ڇوڪرو انهيءَ پڙ ۾
بيهي ڏاڪ کي چمي، ٽنگ جي هيٺيان وٺي زور سان
اڇلندو، پوءِ جيترو پري وڃي. هوڏي ڏاڪ اڇلي، هوڏي
ٻيا سڀ ڇوڪرا ڊوڙي چڙهندا وڻن تي. ڏاڪ اڇلڻ کان اڳ
وڻ تي چڙهڻ ڪار ناهي ۽ آگ ڏيڻ وارو تکو ڊوڙي ڏاڪ
کڻي اچي، پڙ ۾ رکندو، ۽ پوءِ ڇوڪرن کي هٿ لائي
کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو جي ڪنهن کي کانچائي وڌئين ته
وري اهو آگ ڏيندو، پر جي ڪنهن ڇوڪري کي وجهه لڳي
ويو ته ڪنهن ڏار يا ٽاريءَ تان ٽپ ڏئي اچي پڙ مان
ڏاڪ کڻي چمندو، جي ڏاڪ چمجي پئي ته انهيءَ تي
چڙهي.
ڏائي: هي راند پاڻيءَ جي آهي، تارو ڇوڪرا يا وڏا ڪندا آهن. هي
راند هيئن ٿيندي آهي، جو جيڪو آگ ڏيندو ۽ ٽٻي ڏيڻ
مهل ٻه آڱريون هٿ مٿي ڪري ڏيکاريندو، اها ڄڻ ڏائي
آئي. پوءِ اهو تري ٻين کي وٺڻ يا هٿ لائڻ جي ڪوشش
ڪندو. پر جڏهن ڪنهن کي کانچائڻ لاءِ ويجهو ايندو
ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه پرهه پري کان ئي ٽٻي هڻي پوءِ
وٺندو، هونءَ ته ڪار ناهي، انهيءَ وچ ۾ جي ڪو ڀڄڻ
وارو سڪي تي نڪتو ته اهو به کاتو. پوءِ ڀڄڻ وارن
مان جيڪو کاتو اهو ۽ آگ ڏيڻ وارو گڏجي ٻين کي
وٺندا، تان جو وڃي هڪ بچيندو پوءِ جيڪو بچندو اهو
آگ ڏيندو.
چيچ مڪوڙو: هي ننڍڙن ٻارن جي ويٺي جي راند آهي. پهرين پهرين سڀ
ٻار ڪنرڙو ڪري ويهندا آهن، ۽ هڪ ٻار کي پري پٺي
ڏياري بيهاريندا آهن. ويٺل ٻارن مان هڪ ٻار هڪ
تمام ننڍڙي ۽ سنهي ڪاٺيءَ
جي ٽڪري کڻي چوندو، ”چيچ مڪڙو ڪنهن کي ڏيان؟“ ٻيا ٻار مٺيون
ڀيڙي ماٺ ڪري ويهندا ته جئن خبر نه پئي ته چيچ
مڪڙو ڪنهن وٽ آهي پوءِ هڪڙو ٻار چوندو ” آءٌ ڙي
ڪانگ،، تنهنجي منيءَ تي موچڙو ڇنان.“ پوءِ پري
بيٺل ٻار ايندو، جنهن ۾ شڪ پوندس انهيءَ جي مٺ تي
هٿ هڻندو، جي برابر نڪتو ته اهو کاتو جي نه ته ٻيو
ٻار جنهن وٽ چيچ مڪڙو هوندو، اهو مٺ کولي
ڏيکاريندو ۽ ساڳيو ٻار آگ ڏيندو.
ارچڪ مرچڪ: هيءَ راند چون ٿا ته ڪنهن استاد ڪيمياگر جو نسخو
آهي، پر اهڙي رمز ۾ چيل آهي، جو آهي به گهر گهر،
پر حل نه ٿو ٿئي. ٻار هي راند هيئن ڪندا آهن. جو
ڪنرڙو ڪري وهندا آهن. ۽ سڀ هٿ اونڌا ڪري زمين تي
رکندا آهن، پوءِ انهن مان هڪ ٻار آڱر وات ۾ وجهي
گهمائي گهمائي آواز ڪري واري سان هڪ هڪ ٻار جي هٿ
جي پٺيءَ تي رکندو ويندو ۽ چوندو ويندو، ”ارچڪ
مرچڪ ڌامان ڌرچڪ، آڳ پٽيهڻ، نانگڻ جوڳڻ، کارا
کٽي، ٻٽي ڇٽي، الار ملار پور هزار.“ جنهن هٿ تي
هزار جو لفظ ايندو اهو هٿ سنئون ڪري رکندو، ۽ چوڻ
واريو ٻار وري انهيءَ جي هٿ جي ڀر واري هٿ کان
شروع ڪندو. جي ڪنهن سنئين هٿ تي هزار جو لفظ آيو
ته اهو ٻار زمين تان هٿ کڻي ڦوڪي ڪوسو ڪري، ڪڇ ۾
لڪائي ڇڏيندو. تان جو سڀ ٻار پنهنجا هٿ کڻي لڪائي
ڇڏيندا. پوءِ ارچڪ مرچڪ ڪرڻ وارو سڀني ٻارن کان
واري واري سان پڇندو ايندو ته:
پهريون: رات باهه ڇو ٻاري هئي؟
ٻيو: ماما آيو هو!
پهريون: ماما ڇا آندو؟
ٻيو: صندوق!
پهريون: صندوق ۾ ڇا هو؟
ٻيو: بندوق!
پهريون: بندوق ۾ ڇا هو؟
ٻيو: ترار!
پهريون: ترار ۾ ڇا هو؟
ٻيو: وٽي وٽو!
پهريون: وٽي وٽي ۾ ڇا هو؟
ٻيو: تيل ميٽ!
پهريون: تيل ميٽ ۾ ڇا هو؟
ٻيو : ڦڻي ڦڻوٽو:
پهريون: ڦڻي ڦڻوٽو ۾ ڇا هو؟
ٻيو: جُون!
پهريون: جون ۾ ڇا هو؟
ٻيو: ليک!
پهريون: ليک ماري تيڪ، ملا ڇوڙ ڳيا مسيت،
مون کي ڪوسڙا مامڙا ڀراءِ.
پو ٻيو ٻار پنهنجا ڪوسڙا ڪوسڙا هٿ وري ڦوڪي کڻي پهرئين ٻار جي
مٺين تي رکندو، ائين ارچڪ مرچڪ ڪرڻ وارو اهو سبق
سڀني کان پڇندو ايندو ۽ سڀئي کيس ڪوسڙا مامڙا
ڀرائيندا ايندا ۽ کانئس وري ڪو ٻيو پڇندو، ائين
اها راند ائين ختم ٿي.
ٻٽڻ: هي راند گهڻو ڪري وڏا ڪندا آهن، ڇا ڪندا آهن جو پهرين پت
تي يا ڪنهن چوڪنڊياري سر تي هڪ چوڪنڊيارو ليڪو
ڪڍي، ان جو ڪوبه هڪ ليڪو ڊاهي ڇڏيندا آهن، ۽
انهيءَ ليڪي جي اندر ٻوانچرا ٻه ليڪا منڌيئڙي
وانگر ڪنڊن کان ڪڍندا، پوءِ ٻه ڄڻا ٻه-ٻه ساريون
کڻندا، جي هڪ پٿر کنيا ته ٻيو کڻندو ٺڪريون، مطلب
ته جدا جدا قسمن جون ساريون کڻندا. پوءِ پهرين
هڪڙو هڪڙو ساري رکندو، وري ٻيو ٻي ساري رکندو، وري
ٻيو رکندو. آهي ساريون ڪنڊن تي رکندا يا وچ تي
پوءِ واري سان هلندا. جنهن جي ساريءَ کي وچ ڏي يا
ڪنهن ڪنهن ڪنڊ ڏي جاءِ ٿي، اوڏي هلندو تان جو
هلندي هلندي هوشيار رانديگر ٻئي رانديگر جي سارين
کي اهڙو اچي وڪوڙيندو جو هلڻ جي واهه ڪانه ٿينديس،
ائين جنهن جون ساريون ڦاٿيون ان تي ٽڪي چڙهي، وري
ساريون کڻندا ۽ وري رکندا.
نوٽڻ: هي راند ٻهراڙين ۾ گهڻو مشهور آهي، جتي ٻه رانديگر اچي
گڏيا، ڀلي سج لهي وڃي، هي راند هندستان ڏي به کيڏي
ويندي آهي، هتي رڳو هن ڪري لکي ٿي وڃي جو هي راند
به ٻهراڙيءَ ۾ عام وندر آهي. سنڌ ۾ هن راند جا به
وڏا وڏا ڪاريگر پيا آهن، هتان ساريون رکيون هتان
چوندا ته کڻ ٻي رک، هي راند هيئن ڪندا آهن جو ڪنهن
شي تي يا زمين تي هڪ وڏو چوڪنڊيارو ليڪو ڪڍندا ،
وري انهيءَ ليڪي جي پوري اڌ کان هڪ هڪ ليڪو اڀو
ڪڍندا، جيڪو تنهي چونڪڙين جي ليڪن جي اڌ مان ٿيندو
ايندو. پوءِ ٻه ڄڻا نو نو جدا جدا قسمن جون ساريون
کڻندا. پوءِ واري وٽيءَ سان ساريون ڪنڊن تي يا
منڌيڙن تي رکندا ايندا، جي ڪنهن جون ٽي ساريون هڪ
ئي ليڪ تي سڌيون يا ابتيون آيون ته ٽڻ ڀريو. جنهن
ڀريو ڪيو، اهو ٻئي جي ڪابه هڪ ساري کائي سگهي ٿو.،
پر ساري ڀرئي مان کائڻي نه آهي، پر جي هلندي هلندي
هڪ سڌو ڀريو ۽ ٻه ساريون انهيءَ جي هيٺيان ڪنڊن تي
ائين اچي ويون جو وچين ڀرئي واري ساري جي مٿي هلي
ته به ڀريو، جي هيٺ هلي ته به ڀريو انهيءَ کي ٻٽڻ
مچڻ“ چوندا، اتر ڏي وري انهيءَ کي ”ٻيگهي مچڻ“
چون، بس ٻٽڻ متي ته راند وئي. ٻٽڻ کي وري ڪا
چوساري ماري. چوسار ان کي چوندا آهن. جو ٻن ڪنڊن ۽
اڀي ليڪي جي ٻن مٿن تي چار ساريون اچي وڃن پوءِ
ٻٽڻ وارو انهن چئن سارين مان کائي کائي به هڪ ساري
کائيندو: ٻئي واري تي چوسار ڀريو ڪري، ساري کائي
به هڪ ساري کائيندو، ٻئي واري تي چوسار ڀريو ڪري،
ساري کائي ٻٽڻ ڊاهي ڇڏيندو. هن راند ۾ ڪي رانديگر
اهڙيءَ ڪاريگري سان ساريون رکندا ۽ هلندا آهن جو
اڳلي کي ڪا هلڻ جي واهه ڪانه رهندي آهي. انهي کي
”ٻڌڙي“ چوندا آهن ٻڌڙيءَ جون ٻارهن ٽڪيون ليکبيون
آهن.
چلهر: هن راند کي ڪي ”چلهر“ چون ڪي ”چنهر“. هيءَ راند هئين ڪندا
آهن جو جيترا رهڻ وارا اوتريون ڪوڏيون کڻندا. هر
ڪو پنهنجي پنهنجي ڪوڏي سڃاڻي ڇڏيندو، پوءِ هڪڙو
هڪڙو واري واري سان سڀ ڪوڏيون هٿ ۾ جهلي کڻڪائي
کڻڪائي کڻي پٽ تي ڇڏيندو، جنهن جي پهرين چلهر پئي
اهو پهرين چٽيندو، چلهر ۾ سڀئي ڪوڏيون يا ته کل
پون يا ٻٽ. وري ٻئي واري سان چلهر وارو ڪوڏيون
اڇلي پوءِ پنهنجي ڪوڏيءَ سان ٻين جي هڪڙي هڪڙي
ڪوڏيءَ کي هڪڙي هڪڙي ڌڪ سان چٽيندو ايندو، پر هيئن
جي ڪوڏي ٻٽ پيل هجي ته ڌڪ لڳڻ سان کل پئي، جي کل
هجي ته ٻٽ پئي، جي هڪ ڌڪ سان ٻن ڪوڏين کي ڌڪ لڳي
ويو ته ٿي ٻيڙهه، ٻيڙهه لڳڻ سان وري ٻيو هلندو. جي
ڪوڏيءَ مان ڌڪ گسي ويو تڏهن به ٻيو هلندو، پر جي
سڀني کي چٽي ويو ته هٿ جي آڱر بند ڪندو ۽ وري
ڪوڏيون اڇلندو. جي انهيءِ وچ ۾ چلهر پئجي وئي ته
جي آڱريون بند ڪندو هوندو ته چار آڱريون هڪ ئي وقت
تي بند ڪندو، جي کوليندو هوندو ته چار آڱريون هڪ
ئي وقت تي کوليندو. ائين آڱريون بند ڪري وري کولي،
پوءِ هڪ داءُ واري ٽاري جو ڇڏيندو ۽ ٻئي داءُ ۾
”ڇنڇڪتر“ هڻندو. ڇنڇڪتر هڻن مهل چوندو ته ”ڇنڇڪتر
وار تتر“، پوءِ ٻيو رانديگر انهن پٽ تي پيل ڪوڏين
مان ٻيون سڀ ڪوڏيون کڻي وٺندو، باقي وڃي ٽي ڪوڏيون
هڪٻئي کي ڇڏيندو. پوءِ ڇنڇڪتر وارو هڪ ڪوڏي وچ ۾
ڇڏي ٻيءَ کي چٽڻ جي ڪوشش ڪندو، جي چٽي ويو ته
انهيءَ کٽيو باقي ٻيا پيا پاڻ نبرندا، جي گسي ويو
ته وري ٻئي داءَ تي، جيسين وڃي لڳي.
آپڻان گليلا: سڀ ٻار پاڻ ۾ ڪڪل ڪڪل کيروٽيءَ وانگر ڀڄي ايندا،
پوءِ هڪڙا ويهندا هڪڙي پاسي ٻيا ٻئي پاسي، انهن
جا ڌوڙي ويهندا وچ ۾ پوءِ ڌوڙي ٻئي پاڻ ۾ گليلا
ساريندا. سمجهو ته هڪڙا پنج گليلا ساريئون. بس اهو
پنجن جو انگن رکندا دل ۾ ۽ واري واري سان هر ڪو
ڌوڙي پنهنجن همراهن کان پڇيندو ته ”ڀيچي ڙي ڀيچي“.
هو چوندا ته ”جي ڙي ڀيچي“ وري ڌوڙي چوندو ته
”آپڻان گليلا گهڻان؟“هو جيڪي دل ۾ ايندن اهي چوندا
جي برابر پنج چيائون ته ڌوڙي چوندو ته ”چڙهي چيلهه
ڀڃون“ پوءِ جن پورو انگ ٻڌايو هوندو اهي ٻيءَ ڌر
جي ڊڊيءَ تي چڙهندا. |