لباس
سنڌ جي ماڻهن جي جيئن رهڻي ڪهڻي، کاڌو پيتو، رسم رواج جدا، تيئن
سندن لباس به ٻين ملڪن جي لباس کان بلڪل نرالي
نموني جو آهي. اڄڪلهه جي فيشن ڪري زناني يا مرداني
لباس ۾ ڪنهن به قوم يا ملڪ جي ڪا سڃاڻپ ئي نه رهي
آهي، پر هونءَ ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجو خاص لباس
به آهي. سنڌي لباس وارو ڀلي ڪهڙي به ملڪ ۾ هجي، پر
ڄاڻو ماڻهو لکي وجهندو ته ، اهو سنڌي آهي. ان
کانسواءِ اڳي سنڌ ۾ هر قوم کي پنهنجو لباس هوندو
هو. سماٽن کي پنهنجو لباس، ته ٻروچن کي پنهنجو
لباس. هينئر ته ٻهراڙين مان به اهي قبيلي ۽ ذات
وارا لباس آهستي آهستي نڪرندا وڃن، پر اڃا ڪي
قومون ۽ ڪٽنب آهن جي پراڻين روايتن کي قائم رکندا
اچن ٿا.
لاڙ، ٿر، سرو يا ڪوهستان جتي ڏسو، اتي اڳئين جُڳ جا ماڻهو
پراڻين رسمن ۾ پورا نظر ايندا. سندن اهي لباس درزي
ڪونه ٺاهين، پر زالون تيار ڪن. ٻهراڙيءَ جون زالون
اهڙيون ته هٿن جون سڄيون ۽ سگهڙيون هونديون آهن،
جو ڳنڍي ٽوپي ته ٺهيو، پر ويٽڻ، ڪوڪڻ، بخڻ لاءِ به
ٻين جون منٿ موٿاج ڪين ٿين
. درزي ۽ سلائي جون مشينون ته هاڻي نڪتيون آهن،
پر انهن کان اڳ، گهڻو ڪري اهو ڪم به زالون ئي
ڪنديون هيون. گجن ۽ رلين جي ڀَرت ۽ ٽُڪ جي ڪم تي
ته زالن کي ٻه ٻه مهينا به لڳيو وڃن، پر ڪم جون به
اهڙيون ته ڏاڍيون جو ورچن ئي ڪونه. ڪڏهن به ايڏي
وڏي ڪم کان ڪونه ڪيٻائين. گهر جي سانجڻ کان ٿورو
هٿ واندو ٿين، ته لڳي وينديون ٽوپي ٽنگڙ کي_ ڪي ته
اهڙيون به ڪم جون نرجون ٿينديون آهن، جو تتيءَ ٿڌي
کي به ڪين ڏسن. ڏيئي جي وٽ تي به پيون نور
نچوئينديون. شل نه ڪا شادي وهانءَ جي تٿ ٻڌجي، ننڊ
ڦٽي ايندين. اڄڪلهه جي مڇيءَ مانيءَ وارين زالن جي
گهرن ۾به ماني رڌڻ لاءِ جدا نوڪر ۽ نوڪرياڻي، ڪپڙن
ڌوئڻ لاءِ ڌوٻي، سبڻ لاءِ درزي وغيره، پر اڳي ته
زالون درزي به پاڻ، ته ڌوٻي به پاڻ، ته بورچاڻيون
به پاڻ.
ايتري ڪم هوندي به، سدائين
سنريون ۽ نمريون ڪڏهن به وس لڳندي اگهائي اوڏي
ڪانه آين.
سراسري نظر ڪبي ته سنڌي سگهڙ جويون سگهڙپڻي جي ڪم ۾ دنيا جي
زالن کان به وڌيڪ نظر اينديون. سئيءَ جو ڪم ته ڪو
اچي هنن کان سکي. ڀرت، موتين، ٽِڪن، ٽوئنرن، ۽
اڳٺن اُڻڻ جو ڪم ته اهڙو ڄاڻن، جو ڌارين ملڪن جا
ماڻهو ڏسيو حيران ٿيو وڃن، ان کان سواءِ سنڌ جا
ٻيا ڪاريگر جهڙوڪ ڇُر وارا، يا ڪوري به پنهنجو مٽ
پاڻ آهن،. ڇر وارن جون چُنيون ۽ اجرڪون ته ديسان
ديس مشهور آهن. نيروٽين جا کهنبا به _ پر وري
ڪورين جون سوسيون ۽ موٺڙا به جتي ڪٿي مشهور آهن.
جن جو ذڪر ترتيبوار هيٺ ڪبو.
اجرڪ:سنڌ جي اجرڪ مشهور آهي.، اجرڪ تي ڇر جو ڪم اهڙي ڪاريگريءَ
سان ڪندا آهن. جو عقل حيران ٿيو وڃي. اجرڪن جا ٻه
قسم ٿيندا آهن: هڪڙيون هڪ پُڙيون ۽ ٻيون ٻه
پُڙيون. ٻه پُڙيون اجرڪون ڀليون ٿينديون آهن،
وڏيون ويڪريون اهڙيون، جو جهول ڀري، ڪانبي ۾
پوريون. وري اجرڪن جي ڇر ۾ به نمونا ٿيندا آهن: ڪي
اجرڪون ڪڪرن تي ته ڪي ڦلن تي ته ڪي دٻلين تي. ٻه
پُڙين اجرڪن کي ٻهراڙيءَ جون زالون وچ ملائڻ لاءِ،
کير يا ڪنڊوڙو هڻنديون آهن. ڪي ست رنگي پَٽ يا سُٽ
جو، ڪي هڪ رنگو.
اجرڪن کي به سنڌ جي لباس ۾ خاص جاءِ آهي. جي سيءُ هجي نه ڪلهن ۾
ڪن يا سمهڻ مهل مٿان اوڍين، جي ميڙي ملاکڙي وڃن ته
مٿي سان ٻڌن، جي ڪچهريءَ يا رس رهاڻ ۾ ويهن ٽه
ڪانڀ ڪڍن، جي چونڊو ڪن ته ڪانبو ٻڌن، جي گاهه ڪن
ته ڀري ٻڌن. زالون وري مَنهَه مارڪي مٿي تي ڪن.
گهر کان ٻاهر نڪرن ته اجرڪ جي ( يا ٻي ڪنهن چادر
جي) اکڙي ڪڍي وڃن. لاباري لائيءَ تي جهول ٻڌي ٻار
کي سمهاري لوڏين. ان کان سواءِ جي ڪنهن مڙس کڻي ڪو
انصاف جهڙو ڪم ڪيو ته وڏيرو يا زميندار کيس اجرڪ
يا لونگي وٺي ٻڌرائيندو ۽ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن
زال کي دين جي ڀيڻ ڪري سڏيو ته به اجرڪ وٺي کڻي
اوڍائيندس. اجرڪ جو رواج سواءِ سنڌ جي، ٻيو ڪٿي به
ڪونهي. سنڌ ۾ به لاڙ واري ڀاڱي ۾ گهڻو آهي، ٻين
هنڌ ٿورو.
رلي: سنڌي جي زالن جو جيڪڏهن ڪو شاهڪار آهي ته رلي، آهي سياري
اونهاري گهر ۾ يا مزمان مڙهي جي ڪم اچڻ واري شيءَ
آهي. سنڌ ۾ ته زالون چونديون آهن. ته جنهن زال جي
گهر ۾ اوڇڻ گهڻو، اهائي سگهڙ آهي.
رلي، اٽڪل ڇهه ست فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ کن ويڪري ٿيندي آهي. سندس
مٿئين يا سٺي پاسي کي پُڙ چوندا آهن ۽ هيٺئن پاسي
کي لِهُه يا تر چوندا آهن، ۽ وچ ۾ ڳڀ پوندو اٿس.
زالون مٿاماري، رڳو پُڙ سان ڪنديون آهن. پراڻن
ڪپڙن کي جدا جدا قسمن جا رنگ ڏئي، پوءِ انهن مان
ويهي، ٽڪنڊا، چؤڪنڊيارا، گول گول ٽڪر ڪپينديون، ۽
انهن کي قينچيءَ سان جداجدا نمونن ۾ ٽڪي ڪتري،
پوءِ انهن کي ڳنڍينديون. ائين وچ ٺاهي، چوڌاري گڏُ
يون يا ڪنهن ٻيءَ قسم جي ورڇ رکي وينديون، پوءِ
لهه وڇائي، ان ۾ ڳڀ رکي، ان مٿان پڙ ڏئي، سبديون
وينديون. جي وچ ۾ ڪم ڪار ٿي پيو ته ويڙهي رکنديون.
ڪم ڪار لاهي وانديون ٿي، وري کڻي رلي وڇائينديون.
قصا به ويٺيون ڪُٽينديون. رلي به پئيي سببي. ڪي
زالو يڪي سر رلي کڻن، ڪي گڏجي. اُڪر تي رلي، ٽڪرين
۽ اڪر واريون رليون، مٽياري- هالا وغيره ۾ سٺيون
ٿين ٿيون، لاڙ ۾ اڪثر ٽڪرين وارين رلين. جو رواج
آهي- ٿرپارڪر جي علائقي جي رلين جو وري هڪ جدا
گانه نمونو ۽ ٽوپو آهي ائين سٺي رلي مهينن پڄاڻا
وڃي تيار ڪنديون. رليءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ،
ڪُنڊن تي ڪچ ڪوڏيون، ٽونر، موتي، جهاٻا به
رکن.پوءِ ته سائين رلي واه واه ٿيو وڃي.
جيئن لاڙ پٽ ۾ ٽُڪ واريون رليون مشهور آهن، تيئن مٽارين ۽ هالا
ڏي وري اُڪر جي رلين جو عام رواج آهي. اڪر رلي به
واه جو جنسار ٿي ڪري_ وري ٿر ڏي زالون رليءَ جو
ٽوپو ٻي ڍار تي رکن. انڪري ٽوپي جي لحاظ سان ٿري
رلي سڀني ۾ پڌري ٿيو پوي. هاڻوڪي زماني ۾ ته زالون
ڀرت ۽ ڇر جا پڙ به پيون رواج ۾ آڻين، نه رڳو ايترو
پر لِهه يا تر ۾ اوني ڪپڙن جا ٽڪر ڳنڍيو پيون
رليون ٺاهين، ته جيئن سياري ۾ رلي ذري گهٽ سوڙ جو
ڪم ڏئي وڃي.
اڳٺ: سنڌ جا اڳٺ به بهترين ٿيندا آهن. ڇپر- باقي اڳٺ ته خير
عام آهن، پر ڄاريءَ جا اڳٺ زالون اهڙا ته
اُڻينديون آهن، جو حيرت وٺيو وڃي. اڳٺ اڻڻ لاءِ
پهرين زالون سٽ يا پٽ هٿ ڪنديون آهن. ڪي رنگي رنگي
جو، ڪي هڪ رنگو. پوءِ زمين تي چار ڪليون کوڙي انهن
۾ اڳٺ جي تاڃي ڪڍنديون، ننڍو اڳٺ ٺاهڻو هوندو اٿن
ته ننڍي تاڃي، جي وڏو ته وڏي تاڃي ڪڍنديون. پوءِ
اڳٺ ڪلين تان لاهي ڪارچوب تي چاڙهينديون ۽ اڻنديون
وينديون، جي تيليون گهڻيون تيار ٿي ويندو. ته وري
ڇنڊي پڇڏينديون، تان جو سڄو اڳٺ تيار ٿي ويندو.
ڪي زالون اهڙيون به هونديون آهن، جو جي انهن جون
اکيون ٻڌي ڇڏجن ته به هٿ کي مجال آهي، جو ڪا ٻِٽ
پوي يا تند رهجي يا گهاري پئي.
ڪاريگر زالون اڳٺ تي اوڄي جا اهڙا ته گل رکي وينديون آهن، جو
واه واه! ڇا جن جيرا، ڇا ڄاريون مطلب ته تعريف لڳي
پئي هوندي آهي، ڪي زالون ته اهڙيون هنر واريون
ٿيندون آهن، جو اڳٺ اُڻي وڃڻ کان پوءِ، ڪٿان به
کڻي تند ڪڍجي ته ڇا مجال جو اڳٺ اڌو اڌ ٿي پئي.
اهي هوندا آهن ڏيڍي اُڻ وارا اڳٺ. سادا اڳٺ هر ڪا
زال ٺاهيو وڃي، پر ڏيڍي اُڻ وارا ڪي ٿوريون زالون
ٺاهي ڄاڻن. اڳٺ لاهڻ کان پوءِ اڳٺ جا پلاند
ٻڌنديون. پلوَن تي هريڙون اهڙيون ٻڌي وينديون، جو
ڳنڍ ڏسي عقل حيران ٿيو وڃي ته اهڙي سوڌي ۽ ڊگهي
ڳنڍ ڪيئن آئي! پوءِ پڇڙن تي زري ويڙهي هيٺيان
چانديءَ جا جهاٻا به هڻنديون آهن. ڪي موتي ۽ ڪچ
ڪوڏيون به هڻن، جي اڳٺ جي زينت وڌايو ڇڏين.
کٿا: سنڌ ۾ هيءَ چوَڻي ته مشهور آهي ته ”کٿيءَ ۾ کينءَ“ – شاهه
عبداللطيف به کٿي کي گهڻو ڳايو آهي. سيءَ ۾ کٿو
مارو ماڻهن لاءِ نعمت آهي. ٻهراڙيءَ وانگر سانگي ۽
مارو ماڙهو گرم ڪپڙن ۽ گرم ڪوٽن کان کٿيءَ کي وڌيڪ
پسند ڪندا آهن،. کٿو اُنَ ڪُتي، ان مان ٺاهيندا
آهن. جهڙو ٿئي مضبوط اهڙو ئي ٿئي سيءَ جو ڏاڍو.
مڙس لاءِ هڪڙو کٿوئي گهڻو آهي. ڀل پيو پارو پلٽجي!
ٿر جا ماڻهو ڪچهرين تي ايندا، ڪيڏي ٻاهر ويندا ته
کٿو ضرور ڪلهي تي هوندن، جي سياري ۾ ڪنهن ڪچهريءَ
۾ کٿو اوڍي ويٺا ته پوءِ وڃي خير ٿيا. ڀل تارو
اُڀري وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته کٿن کان ڀريءَ جو ڪم به
وٺن. اچي وين جهڙپ ۾ ته گاهه ڪري ڀري ٻڌي آڻي، مال
اڳيان اڇلائيندا. کٿو گهڻو ڪري، ٿر ملڪ ۾ عام جام
آهي. سنڌ جي ٻين حصن ۾ البت گهٽ استعمال ٿيندو
آهي. کٿي کي جي سنڀال سان هلائجي ته ڳچ وقت هلي
ٿو. رنگن جي لحاظ سان کٿا ٻن رنگن جا ٿين:
هڪڙاڪارا، ٻيا اڇا ٿر ۾ ڪارو کٿو گهڻو ڪم اچي، ۽
لاڙ ۾ وري اڇي کٿي جو عام رواج آهي. انهن ٻنهي
رنگن جي کٿن جي پلاندن تي اُڻڻ وارا رنگدار اوڄو
رکيو ڇڏين، جنهن سان کٿي جي سونهن وڌيو وڃي. کٿو
”يڪبرو“ به ٿئي. پر گهڻون رواج ”دهر“ جو آهي.جيڪو
کيس وانگر ٻن پڙن ۾ هوندو آهي. پوءِ زالون انهن
پڙن کي ڳنڍڻ لاءِ وچ ۾ ڪنڊڙو يا کير هڻي ڇڏيندو
آهن. ڪن کٿن کي اڄا به ٺاهه ٺوهه وارو بنائڻ لاءِ،
ڪاريگر بَر تي چونڪڙيون به رکندا آهن، جنهن جي ڪري
سڄي کٿي تي خانا ٺهيو بيهن. اهڙي کٿي کي ”ٻرڙي“
به سڏين. ڪي زالون وري کٿي جي پلاندن کي ٽوئرن
وانگر به ٻڌن.
لونگي: هونءَ ته ٻئي قسم جون لونگيون ٻاهر به ٺهنديون آهن، پر
سنڌ جون لونگيون به عجيب ٿينديون آهن. ڪن جو ته
تاڃي پيٽو پٽ هوندو آهي، ڪن ۾ وري زريءَ جا ڌاڳا
به هوندا آهن. ڪوري رنگا رنگي ٻٽ جا سنهي اوڄي تي
اهي هٿ رکي ويندا آهن، جو پري کان ڄڻ مينا ڪاريءَ
جو ڪم پيو معلوم ٿيندو آهي. سنڌي لونگي بنان ڪُُلي
جي ٻڌندا آهن. رسم و رواج ۾ سنڌ ۾ گهوٽ کي مڱڻي ۽
شاديءَ ۾ ڪلهن تي وجهندا آهن. يا موڙن مهل
ٻڌائيندا آهن، ڪي سرند ته آهنز کي به لونگي ڏيندا
آهن. ان کانءِ سواءِ جي ڪنهن ماڻهوءَ انصاف جهڙو
ڪم ڪيو ته انکي به ڳوٺ جو وڏيرو يا زميندار لونگي
انعام ۾ ڏيندو آهي. ڪنهن ٻهراڙيءَ واري کي لونگي
ٻڌل هوندي ته چوندا ته ڪو رئيس ماڻهو آهي، يا
زميندار آهي. مرڻي ۾ لونگي يا اجرڪ ڇاڙه ڪري به
ڏيندا آهن.
کيس: هونءَ ته کيس سنڌ کان سواءِ، ٻين هنڌن به اُڄندا آهن، پر
سنڌي کيسن جو چلتو ئي نرالو. پٽ يا سٽ جا کيس
سامهون ڪري رکبا ته ڄڻ ڪمانگري چٽ پيا لڳندا. اها
آهي سنڌي ڪورين جي ڪاريگري، جي اهڙا اهڙا
ڪاريگريءَ وارا هٿ ۽ اوڄا رکندا آهن، جو ڏٺي عبرت
وٺيو وڃي. پر هن زماني ۾ انهن جو ڪو قدر ڪونهي.
اڳيان ماڻهو کيسن، اجرڪن ۽ لونگين جا شوقين هوندا
هئا سٽ يا پٽ جي کيس تي اهڙي سنهڙي اُڻت جو ڪم
ڪندا هئا، جو اڄڪلهه جي مشينن کي به شهه ڏيو وڃن.
پر اهڙن ڪاريگر ڪورين جو مان هينئر مشين لاهي وڌو
آهي. ڪاريگر کيس کي به ٻن پُڙن ۾ ٺاهين، جنهن کي
”ڏهر“ چوندا آهن پوءِ زالون ٻنهي پڙهن کي ملائڻ
لاءِ وچ ۾ پٽ يا سٽ جو ” ڪنڊڙو“ يا کير هڻي
ڇڏينديون آهن. ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪونهي، باقي کيس
نصرپور کان پوءِ وڃي ٿيا خير. نصرپوري کيس ڪٿان
لڀن. ڇا سندن بيهڪ ڇا سندن اوڄو چئجي ته ميناڪاري
لڳي پئي آهي مينا ڪاري!
سوسيون ۽ موٺڙا: اڳي سنڌ ۾ رڳو هرک ۽ گيگم جي سٿڻن جو رواج ڪونه
هو پر مرد زنانين سوسين جون سٿڻيون به پائيندا
هئا. اهي سوسيون سنڌ جي ڪورين جون اڻيل هونديون
هيون. ائين موٺڙن جا به تاڪين تي تاڪيا اڄندا هئا.
اهي ڪپڙا جهڙا هوندا هئا. جهالُو، اهڙا هوندا هئا
رنگ جا پڪا، ڳاڙهي تر يا ڪاري تر وارين سوسين جو
رواج عام هو. زالون انهن مان سٿڻون ٺاهينديون
هيون. ٻار ٻچي، ننڍي وڏي کي هيٺ، گهڻو ڪري سوسي
هوندي هئي، هاڻي مشينون نڪتيون آهن ته پڻيون بافتو
عام جام ٿي پيو آهي، پر اڳي رڳو سوسيون هونديون
هيون. شاهوڪار ۽ امير البت ٻيا ڪپڙا ڍڪندا هئا،
باقي عام رواج رڳو انهن ڪپڙن جو هو. ڪوري ڪاريگرن
کي ته مٿي کنهڻ جي وار کائي ڪانه هوندي هئي. آڏاڻي
تان هڪڙو تاڪيو لٿو، ته ٻيو چڙهيو. اهي سوسيون ۽
موٺڙا به خاص سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو چئبو هو، ۽ سنڌ جي
ماڻهن جي پوشاڪ هوندو هو. ٻين کي ته انهن جي ويٽ
ئي ڏانءِ ڪانه ايندي هئي. موٺڙي ۽ سوسيءَ ۾ فرق
اهو هوندو آهي، جو موٺڙي ۾ اوڄو منهڙي وانگر ٿيندو
آهي، ليڪو به موٺڙي جو سنهڙو ۽ گهڻو ڪري ٻه رنگو
ٿئي، پر سوسيءَ ۾ ليڪو ٿلهو ٿئي. ۽ اوڄو سڌو،
سوسيءَ ۾ ڪاريگر ست رنگ به رکيو ڇڏين، پر اگهه ۽
اوڄي ۾ موٺڙو وڌيڪ، سوسي گهٽ.
اڄڪلهه جي زماني ۾ وري موٺڙي ۽ سوسين جو رواج پوندو وڃي. اڳي
زالون موٺڙن ۽ سوسين مان سٿڻون ٺهرائيندون هيون،
پر هاڻي ته چولن ٺهرائڻ جو به فيشن ٿي پيو آهي.
ڀرت: سنڌ جو ڀرت ته اهڙو عاليشان ٿيندو آهي جو ٻاهرين، پرديسين
کي به اڱريون واتين اچيو وڃن! هونءَ ته ڪٽاهه –
مڪي- (مقيس) – زري ۽ ڏورن جو عام رواج آهي پر پور
تي سنڌي زالون اهڙو ڀري وينديون،جو عقل چرخ ٿيو
وڃي. ان کان سواءِ موتين ٽِڪن، ڪچ ڪوڏين جو به
اهڙو ڪم رکي وينديون جو ڏٺي پئي دل خوش ٿيندي. ٻين
ملڪن ۾ به پؤرن جي ڇر گهڻي ٿيندي آهي، پر پؤرن تي
ڀرت ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ٿئي، سواءِ سنڌ جي.
سنڌ ۾ ڇر جي پؤرن جا گهڻا قسم ٿيندا آهن، جن تي ڀرت ٿيندو آهي.
انهيءَ پؤرن واري ڀرت کي زالون ” هرمچ“ جو ڀرت
چونديون آهن. ”هر مچ“ جي ڀرت ۾ گهڻو ڪري هي پور
مشهور آهن. جيئن ته: ”ڪانءَ پير“ ”مشڪرو“ ”ٻٽو
ڪوٽ“، ”منو ڪوٽ“، ” ٽه مکو گل“، ”چئومکو گل“،
”جنجيرو“، ”پتاشو“، ”پوپٽ“، ”نانگيل“، ”ڪُنگري“،
”سرندڙو“ وغيره. انهن ڀرت جي نالن کي سنڌ جي مشهور
سگهڙ ”سانوڻ“ چڱو ڳايو آهي، سندس هڪڙو بيت انهن
نالن سان آهي:
(بيت)
ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار،
اپت کپت ان جي، ڪيئن ڀري ڪلتار،
عمر آندي مارئي، ٻيلهه کڻي ٻڪرار،
سهسين ڪيائين سيگهه مان، ڪارڻ ڪوڏ ڪنوار،
اچڻ سان ارزان ڪيئين، تهتان طعام تيار،
کٽون خوب خوشيءَ مان، هندورا هزار،
طول وهاڻا تن تي هئا، سيج بند سينگار،
سهسين وڇائيون سوڙيون، بيلن سان بسيار،
ارزان اوت عنبير ڪيا، هندن تي هٻڪار،
ڪپڙا آندئين قيمتي، ڪي ذاتيون زريدار،
پٽ پٽيهر بافتا، سرسالون ٻيا سينگار،
روا پرهين روح تي،ٻيا سبوٽا ۽ سالار،
ڪچ ٻانڌڻون، ڪان پير، اکر ڪَتي ڪاروڪار،
مينهن پير، مورک پک، ٻگ، پُسي وري ڌار،
اَڪ ڦلڙي، اورنگي،رنگ ڪيمياگر ڪار،
پاٽويو، اکر مٿي، ٻيون چنڊوليون چوڌار،
راس رتيون، ريٽيون، ٻيون هالاري هزار،
خاصي اکر کينهوڙو، اکر ڪورڪي ڪار،
پوشيده پنج گُلابتون، سڄي ۾ سينگار،
ٻهون ٻيا ٻانڌڻا، گج ٻه گلن دار،
گل گلابي پٽ جا اڇا ڪارا ڪار،
ڦڪا نيلا پڌرا، ساوا سال سينگار،
سبو سبڻ واريون، مَلُوڪئون موچار.
هي بيت اڃا وڏو آهي،جنهن ۾ سڀني ڳَهن جو به ذڪر آهي، جو اڳتي
لکبو . سنڌ جون زالون پورن جي ڇر تي اهڙو ته ڀري
وينديون آهن. جو واه واه ٿيو وڃي. پؤر جي ڇر کي
پهرين سٽ يا پٽ سان ڪَچو ڪن، پوءِ ان کي ڀري پڪو
ڪنديون آهن. انهن ڀرتن سان، پوتيون، ڇئون،
ٻانڌڻيون، چاندنيون، گج، لاوڻيون، پائچا وغيره
ڀرينديون آهن. ان کان سواءِ ٻه پڙين اجرڪن جي وچ ۾
” کير يا ڪنڊڙر“ به واه جو هڻنديون آهن. کير يا
ڪنڊڙو ٻه پڙن کيسن يا کٿن کي به هڻنديون آهن. وڏي
ڳالهه ته هي آهي ته ڇرين به پاڻ، ته ڀرين به پاڻ.
سبڻ ڀرڻ جي سرندڙي سان گڏ پؤرن جي ڇٻڙي به ضرور
هوندي اٿن.
موتي: موتين مڙهڻ جورواج جبل جي زالن ۾ ڏاڍو آهي، ڪچ جا موتي،
رنگي رنگي وارا ڪپڙي تي اهڙا ته ٽانڪي وينديون، جو
سبحان الله! گل ٻوٽا، ٽاريون وليون، پکي پکڻ مطلب
ته جيڪي رکڻو هوندو اٿن، ڏاڍي سگهڙپڻي ۽ ڪاريگريءَ
سان رکي وينديون. اهي زالون گهڻو ڪري ڇئون،
ميزپوش، ٻارن جا ٽوپ، واسڪوٽ، پائچا، چولن جا آڳا،
ڳچيون، اهڙيون ڀرينديون آهن، جو واه واه ! جي
زرئيءَ تي موتين جو ڪم رکڻو هوندو اٿن، ته هٿ ئي
اور! رنگي جي موتين کان سواءِ، زرئيءَ وارن موتين
سان به دنگ ڪريو ڇڏين. ان کان سواءِ جبل جون زالون
موتين جي مڙهه جون به ڪاريگر آهن. سوپاريون،
ڦوٽا، سرميداڻيون، آرسيون، وڃڻا، مطلب ته جيڪي
ڏيون- سو اهڙو ته سان مڙهي ڏينديون، جو ڀانئجي ته
پيو ڏسجين. جهڙو ڪمانگري چٽ ! ان کان سواءِ سڄا
پوش، پردا به رڳو موتين جا ٺاهينديون آهن، پر
اهڙين ڪاريگر زالن جا هٿ مشينن هڻي ڀڃي وڌا آهن.
اڄڪلهه ته هنر جو قدر ئي ڪونهي !
ٽڪون: سنڌ جون زالون آهريءَ جي ننڍرين ننڍرين گول گول ٽُڪرين کي
به ڪپڙ ي تي اهڙو ته ڪار يگريءَ سان جَڙيو وڃن، جو
وس پڄندي ڌوپ ۾ به نه ڀڄن. ٽِڪُُن جڙڻ جي ايجاد
به سنڌ جي سگهڙ ٻهراڙيءَ جي زالن جي آهي. ٽڪن جڙڻ
جو ڪم به سنڌ کان سواءِ ٻئي ملڪ ۾ ڪونه ٿئي. اهو
ڪم جبل ۽ لاڙ جي زالن کان پوءِ دنگ آهي. ٽڪ کي
ڪپڙي جي جنهن هنڌ ٽانڪڻون هوندو اٿن، انهيءَ هنڌ
تي جهلي، پاسن کان ائين ڀري وينديون، جو مجال آهي
جو ٽڪ ڍڪجي وڃي يا نڪري وڃي. مضبوطي به اهڙي. اهي
ٽڪون. زالون گهڻو ڪري گج، گگهي يا وهاڻن تي
هڻنديون آهن. ٻانڌڻين تي به لڳنديون آهن. ڪي
زالون ته رلين تي به جڙيو ڇڏين. ٽڪن جي ڀرت وارا
در درين جا پردا، ڏاڍا سونهن وارا ٿيندا آهن.
کهنبا : کهنبي جو سنڌ ۾ عام رواج آهي. شاديءَ مراديءَ’کهنبو‘،
سوڻن ۾ ضرور ڪم ايندو آهي. نئين ڪنوار کي ته هرڀرو
به کهنبو مٿي تي هوندو. شهر جون زالون هاڻي البت
کهنبي کان ٽهن ۽ ڇرڪن ٿيون، پر ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڍو
رواج آهي. شاديءَ لاءِ ته ڪي زالون هاسيڪار پنهنجي
نموني تي کهنبا رڱائينديون آهن. کهنبن رڱڻ وارا
کهنباٽي به سنڌ جا شاهه ڪاريگر هوندا آهن. جيئن
چئون تيئن رڱي ڏين. ٻَڌَ به اهڙي رکي ويندا جو
واه واه ٿي ويندي. هونءَ ته کهنبا رڄواڙن ڏي به
رڱبا آهن، پر سنڌ جي کهنبن جو ڏيک ئي الڳ. ڇا رڱ
جي بيهڪ ڇا ٻڌ جي.
سينگار : سنڌ جا مڙس ماڻهو البت سينگار کان ٽهندا آهن. پر ميلي
ملاکڙي جي کڻي سينڌ سرمو ڪيئون ته خير جهڙو ڪم
ٿيو. هونءَ ته اڳي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو وار ڇنڏيندا
هئا، تن جي ڏاڍي سنڍور ڪندا هئا، پر هاڻي هرڪو
ڪياڙي ڪوڙايو وتي. مڙس ماڻهو ڇٽي ڇماهيءَ تيل
سرمو ڪري پوءِ ڪپڙا پائيندا آهن. ٿر ۽ جبل جا
ماڻهو مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي رکائين، ڏاڙيءَ جا خط
وٺرائين. پر وارن جي سانڍ زالون گهڻي ڪنديون آهن،
جي ڪنهن زال کي جوُن يا ليکون پيون، ته وارن کي
ڏندي ڏئي، وهنجي ڪڙي تيل ۾ پارو ماري، مٿي ۾ سيرون
ڏئي وجهي، ڏاڍو ور ڏياري ڪسابو (ڪيس آبو ) ٻڌي
ڇڏينديون ته جون ۽ ليکون مري وينديون، جي وار
کُسندا هوندن ۽ ڏاڍا ڪرڻا هوندن ته وري بيهيداڻا،
نموريون، ڪِنڙو ۽ آئونرا، انهن جو ليس ٺاهي، سيرون
ڏئي مٿي ۾ وجهي ڏاڍو ور ڏياري، ڪسابو ٻڌي
ڇڏينديون.
سنڌ ۾ زالون وار ٻن ٽن قسمن سان ويڙهينديون آهن. وانگوڙي کان
سواءِ، اڳي زالون ٻه ور وجهنديون هيون. هاڻي به
ٻهراڙيءَ ۾ ٻن ورن جو رواج آهي. شاديءَ مراديءَ،
ڇٺي مُنڻ تي ڪنهن زال نوان ڪپڙا پاتا، ته ٻه ور
ضرور وجهرائيندي، ۽ ور به اهڙا ڇڪي وجهرائينديون
آهن، جو ٻه ٽي ڏينهن ته وار هٿيڪا ٻڌا پيا هوندا
آهن. وس ڪندي پاڻهي اکلندا ئي ڪونه. زالون چونديون
آهن ته ٻن ورن سان چوٽي کِڙيل لڳندي آهي پر شهر جي
فيشن وارين زالن جي وارن جو ته اوجهو اهو حال آهي
جو ڏينهن ۾ چار دفعا ور ڏين ته به اکليو پوي. پوءِ
ٺاهيو ڇڏين ته ڊهيو پوي، جيڏي ڪيڏي مهل ڄنڊا پيا
وات ۽ اکين ۾ پوندن. وري ڏيارين به گهڻو ڪري هڪڙو
ور، سو به ڍرو. ان کان سواءِ لاڙي زالون گهڻو ڪري
ڇوڪرين ٻاڪرين جا منهڙا ويڙهي ڇڏينديون آهن.. وس
پڄندي منهڙا ڏهن پندرهن ڏينهن کان اڳ اکلن ئي
ڪونه. منهڙا سنهڙا سنهڙا ور ٿيندا آهن،. جن جون به
ور وانگر ٽي چڳون ڪري آڱرين سان ور وانگر
ويڙهنديون وينديون آهن ۽ ونهه (ونواه) ۾ وري ڪنوار
جي مينڍا ٻڌنديون آهن.
اُٻٽڻ: زالون بدن جو رنگ کولڻ لاءِ اٻٽڻ هڻنديون آهن. اٻٽڻ سان
منهن جون جهايون جهريون. اس جي اڊام ۽ لوساٽ، کَل
جي ميراڳ سڀ لهيو وڃي. رنگ اڇو ٿيو پوي. اٻٽڻ گهڻو
ڪري زالون انهيءَ زال کي لائينديون آهن، جيڪا ونهه
(ونواه) ۾ ويٺل هوندي آهي، جيئن رنگ کليس، اٻٽن ۾
ڪيسوڦلن جو پاڻي، جَونَ جو اٽو ۽ تيل گڏيل هوندو
آهي. ونهه کان شاديءَ تائين زالون روز پيون ڪنوار
کي اٻٽڻ هڻنديون آهن. جيسين وڃي شادي ٿئي، ۽ وري
ڪنوار کي ”اِکيو“ ٻڌي ڇڏينديون آهن، جيئن اگهاڙيءَ
کل تي سج جي روشني نه پئي، متان کل ڪاراٽجي نه
وڃي. اٻٽڻ جو ذڪر رسمن ۾ شاديءَ واري حصي ۾ ڏنل
آهي.
ان کان سواءِ زالون سينگار ۾-مسي، مساھ، ڪجل، سرمو، سرخي، ميندي
۽ عطر به گهڻو ڪم آڻينديون آهن. جن ڌيئن يا پٽن جي
شاديءَ جي اميد هوندي آهي، زالون انهن کي پيرن کي
ميندي ڪونه لائڻ ڏين. ڪي لاڙي زالون ڪجل، مساھ، ۽
مسيءَ لاءِ چونديون آهن، ته پَلَ پيل اٿئون، البت
منهه مارڪي ميندي لائڻ جون شوقين ٿين. وچولي جون
ڪي زالون ڪجل پائڻ کان اڳ جَوَ اک ۾ گهمائينديون
آهن، پوءِ ڪجل پائينديون آهن ته اک ڳاڙهي ۽ سهڻي
لڳي! ڪجل به گهڻو ڪري پاڻ ٺاهين. چونديون آهن ته
ڏياريءَ جي رات وارو ڪجل سٺو ٿيندو آهي. ڏياريءَ
جي رات ڇا ڪنديون جو ڪوري ڏيئي ۾ ڳائو گيهه وجهي،
ان کي ٻارينديون. ان جي مٿان ڪورو ڍڪڻ ڪجهه ويڇيٽو
ڪري رکنديون، ته ڏيئي جي ڪارنهن اچي ڍڪڻ ۾ گڏ
ٿيندي. پوءِ اها لاهي ان مان ڪجل جون ڪانبون ٺاهي
باڪسن ۾ وجهي رکنديون آهن، ۽ پيون ڏينهن وار تي
پائينديون.
ڳهه: سنڌ ۾ به زالن ۾ ڳهن پائڻ جو رواج تمام گهڻو آهي. شاديءَ
مراديءَ ته زالون ڳهن سان جهنجهيون پيون هونديون
آهن. جيتوڻيڪ انهي نموني جي ڳهن پائڻ جو رواج ٻين
ملڪن ۾ به آهي، پر سنڌ ۾ اهي ڳهه پنهنجي پنهنجي
نالي سان مشهور آهن.
سنڌ ۾ پُٽن مائرون پنجن پٽن جا ڪن ٽوپائي، انهن ۾ دُر يا
ڪيوٽيون(سونيون يا روپيون) پائينديون هيون، جن جو
رواج هاڻي گهٽ ٿيندو ٿو وڃي. اهي در يا ڪيوٽيون
قلندر شهباز جي باس هوندي آهي. ڪي زالون وري هاڻي
ڪنن کي ٽوپائي در يا ڪيوٽيون ڪونه پائين، پر انهن
جو مُلهه، قلندر جي درگاهه تي ڏياريو منجن. وري ڪن
ڪن نياڻين جا به نڪ ڪنواري هوندي ئي ٽوپائي ننڍڙي
نٿڙي پائي ڇڏينديون آهن. اها به ڪا باس هوندي آهي،
جن زالن کي ڪو پٽ ٻار نه بچندو آهي، ته پٽ ڄمڻ سان
ان جو نڪ ٽوپي ڳهي ڇڏينديون آهن، ان ۾ به ڪا نٿڙي
پارائي ڇڏينديون آهن. ڪجهه مُٺڙ مٿي ٿيو ته ڪنهن
نه ڪنهن پير تي دهلن ڌمالن سان وڃي ڏئي اينديون
آهن. سنڌ ۾ ڪابه سهاڳڻ نڪ ٻُٽو نه ڪندي آهي. هر
حال ۾، نٿ، نه ته ڪوڪو، نه ته به لونگ يا ڪاٺي
ضرور پيل هونديس، ڇو جو چونديون آهن ته خيرين
سلهين(صلاحين) نڪ ٻٽو رَنَ زال ڪندي آهي، انڪري
سهاڳڻيون نٿ ضرور پائين. |