نٿون:گهڻن قسمن
جون ٿينديون آهن؛ ڪي شورخيون، ڪي جهانءِ سان، ڪي
وَرَن سان، ڪي ڇاپرو مور سان،پر هونديون سڀئي سهاڳ
جون نشانيون آهن. نٿ کي ڇڪي مٿي بيهارڻ لاءِ زالون
ڏانوڻي پائينديون آهن. جن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪُنڍي
ٿيندو آهي. ڏانوڻي جو هڪڙو پاسو نٿ جي ڳنيءَ ۾ ۽
ٻيو پاسو سينڌ کان ورائي ڪياڙيءَ وٽ وارن ۾ اٽڪائي
ڇڏينديون آهن، ته نٿ مٿي بيٺي هجي، ۽ نڪ جو ڳڙک
ويڪرو نه ٿئي. اهي ڏانوڻيون ڪاري پٽ يا سٽ جون يا
سون جون ٿينديون آهن. ڪي زالون وري نٿ کي سوگهي
جهلڻ لاءِ، جيئن نڪ نه ڏکي؛ نٿ جي ٻئي پاسي ڪارو
ڌاڳو ٻڌي، ڪن ۾ وراڪي ڇڏينديون آهن. جيئن نٿ لڳي
بيهي. ڪي زالون وري نٿ جي بدران وينڊو (سونو)
پائينديون آهن.جنهن جو رواج هاڻي ڪونهي. البت
اڳئين جُڳ جون سهاڳڻيون ڪڏهن ڪڏهن پائينديون آهن.
وينڊي جو رواج اڃا به ڇپر جي زالن ۾ آهي. هونءَ به ڇپر جون
زالون سدائين ڳهن سان سٿيون پيون هونديون آهن. جي
ڪا شادي هجي ته پوءِ ڳهن تي ڳهه. ڇپر جي زالن جون
نٿون، دهريون، وڏيون ۽ انهن ۾ ڏانوڻيون اهڙيون ته
ٿلهيون ٿينديون آهن، جو نٿ واري پاسي واري اک کان
ڏسڻ ئي بس. جيسين ڏانوڻي پري نه ڪجي، تيسين انهيءَ
اک سان نظر نه پوندي، ۽ وري انهن تي موتين ۽ زريءَ
جو ڪم به عاليشان ٿيل هوندو آهي.
زالون نٿ کان سواءِ نڪ ۾ بولو يا ڏاندڙو به پائينديون آهن، رواج
اهو آهي ته ڏانڊڙو ڪنواريون ڇوڪريون پائينديون
آهن. بولو نڪ جي ٻنهي چونٽين جي وچ واري بنيي
ٽوپائي ان ۾ پائينديون آهن. بولي کي مڪراني زالون
پولو چون. مڪراني زالن ۾ فيروزي وڏي ٽڪ سان بولي
پائڻ جو رواج عام آهي. لاڙ ڏي ڇوڪريون چانديءَ جا
بولا نڪن ۾ جهانءِ سان بولا به پائينديون آهن. ڪي
وري بولي جي بدران چانديءَ جي ڇلڙي يا والو پائي
نڪ ٻٽيو ڇڏين. چون خيرين سلهين ڀائن جي ڀيڻ ٻٽي نڪ
سان ڪيئن هلي.
آخر اهو بولي وارو نڪ جو سوراخ پوڙهين مائن کي ٽوپو ڏيندي سئيءَ
رکڻ جي ڪم ايندو آهي. ٽوپو ڏيندي جڏهن ٿڪبيون
آهن،يا ڪنهن ٻئي ڪم سان لڳنديون آهن، تڏهن اها
سئي، بولي واري نڪ جي سوراخ ۾ هڻي ڇڏينديون آهن،
ته متان وڃائجي نه وڃي يا ڌاڳي سوڌي جهرڪي نه کڻي
وڃي ۽ هٿ سيڙ ٿئي.
ڪي زالون ٻيلهڙو باس ۾ به پائينديون آهن، جڏهن مراد پوري ٿيندي
اٿن، تڏهن ٻيلهڙو ڏينديون آهن. نٿ ۽ بولي کان
سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ايترا ته ڳهه تيار ٿيندا آهن،
جو جيئن زالون ٻلهاڻي ۾ چونديون آهن، ته ”ڇڄ ڳهن
جو زال کي“ سو جي هڪڙو هڪڙو ڳهه کڻجي ته ڇڄ کان به
وڌي پوندا. چڱي خاصي هڙ جيترا ڳهه ٿي پوندا. انهن
ڳهن جا نالا هي آهن:
”پازيب“، ”ڪڙيون“، ”منڊيون“، (هٿن پيرن جون) ”تسبيون“، ”پنڙا“،
”جهومڪ“، ”جهالر“، ”چوٽي ڦل“، ”دهري“، ”هس“،
”بئنسر“، ”والا“، ”ڏيڍا“، ”ڇلڙيون“، ”ڪنگڻيون“،
”ڪٺمال“، ”بازو بند“، ”ٻانهن رکيون“، ”ڏورڙا“،
”دستون“، ”منگليون“، (گهڻو ڪري ٿري زالون پائين)
”کير منڊي“، ”ويڙهه“، ”ميلاوڙا يا ڀيلهڙا“،
”نورا“، ”ٽوڙها“، ”تائيٿ“، ”در“، ڀٽا“،” اڻ وٽ“،
”ڦليون“، ”بينو“، ”الي“، ”پٽي“، ۽ ”ڇلا“ وغيره.
انهن ڳهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻانهين پائڻ جو رواج عام آهي، لاڙي
ٿري ۽ ڇپر جون زالون عاج يا ڪافور جون ٻانهيون
اُلهي ڪلهي پائين. ڀلي کڻي ماني کائڻ مهل گرهه وات
۾ وجهڻ ڏکيو ٿئي، پر پائينديون ضرور! ٻانهين جو
ذڪر شاديءَ جي سهرن ڳيچن ۾ به ضرور هوندو آهي، پر
هوندي سان هونگ آهي. ڪي زالون، عاج يا ڪافور جي
ٻانهين الهي ڪلهي پائين، ڪي اڌ. الهي ڪلهي ٻانهين
گهڻو ڪري لاڙي سرند زالون پائين. لاڙي زالون الهي
ڪلهي ٻانهينءَ کي کُنج بُڪي ٻانهين به چون هاڻي
البت ڪچ ڪنگڻين ٻانهن جو مان لاهي وڌو آهي. ان
کانسواءِ ”سڳيون“، ”چڙا“،”چندن هار“ ۽ ”سرها هار“،
به پائين.
جبل جي زالن ۾ ته ڳهن پائڻ جو رواج تمام گهڻو آهي. سهاڳڻ ته ڳهن
۾ ڳهي پئي هوندي، پر ٻيون ٻهراڙيءَ جون زالون، ڳهه
شاديءَ مراديءَ مَنَهه مارڪي پائين. ڇا ڪنديون جو
وهنجي سهنجي پيرن کي ڇنڊڙي جهالون هڻي، ڪپڙا پائي
ور ڏيارينديون، تن ۾ سڳيون، چوٽي ڦل وجهنديون.
سڳين جي پڇاڙيءَ ۾ وري چانديءَ جا سنهڙا سنهڙا
جهاٻا ۽ گهنگهرڙيا هوندا آهن، ته وينگس لوڏ سان
هلي ۽ ڇمڪو ٿئي. پوءِ سرمو يا ڪجل پائينديون. لاڙي
زالون ڪجل ڪونه پائين. ڏاڍيون سرمي جون تلوڪڙيون
ڪڍنديون، مساڳ هڻنديون. مساڳ هڻن کان پوءِ اڳٺ جي
هريڙ چپن تي گهمائي ڇڏينديون، ته ڦٽي نه پون، ڪي
سرخي لائين. لاڙي زالون سرخي به ڪين لائين. هٿن
پيرن کي اڳ ۾ ئي ميندي لڳل هوندين. پوءِ ڏاڍا ڳهه
ڳٽا پائي عطر عنبير لائي، ٻُڪل هڻي ، بادشهزاديون
بنجي، وچ مارڪي ۾ وڃي ڪر ڪڍي ويهنديون. پر جي گهر
کان ٻاهر وڃڻو هوندو اٿن ته برقعو پائي يا چادر
ڍڪي، اکڙي ڪڍي پوءِ، هاڻي به اڳئين زماني جون
زالون پڙو پائي اکڙي ڪڍي، پوءِ گهر کان ٻاهر پير
پائين، وري به تن ۾ سنڌي زالن جي ٻانهن جي لوڏ پري
کان ئي پڌري! ٺونٺ کان ٻانهن کي کڻي زمين جيءَ سِڌ
تي جهلنديون، پوءِ انهي ٻانهن کي سڄي کٻي
لوڏينديون هلنديون. جهونن خاندانن ۾ پڙي ۽ اجرڪ جو
رواج اڃا به هلندو اچي. زالون سٿڻ جي مٿان پڙو
پائي مٿي تي اجرڪ گهونگهٽ وانگر ڪري، پوءِ ٻاهر
نڪرن. هن زماني ۾ ته برقعي ۽ چادريءَ جو رواج
ايتريقدر ته وڌي ويو آهي جو اڳين رواجن کي ڪير پڇي
به نٿو! جيڏي ڏسو اوڏي لَنڊي ٻُٽي چادريءَ ۾ اهو
پڙي جو رواج مٽيارن ۾ اڃا به عام آهي خصوصاً سادات
جڏهن به ٻاهر نڪرن تڏهن اجرڪ جي ڍار ۽ شلوار مٿان
پڙو پائين. برقعي پائڻ جو رواج به هاڻي پئجي ويو
آهي. پيرن ۾ ٽه-ٽونري يا هڪ-ٽونري جتي هوندين،
جنهن مان پير جي چيچ نڪتي پئي هوندين. سِرڪ سِرڪ،
هتان جو هت، هتان جو هت پيون سِر ڦِر ڪنديون.
ٻهراڙيءَ جا مرد، سينگار ۾ رڳو وارن کي وهنجي سهنجي وچان سينڌ
ڪڍي، ٻنهي لوڻن کان وٺي، ڪياڙيءَ وٽ پاڻ ۾ وچڙائي
ڇڏين. سرمو پائين. ڪڏهن ڪڏهن مساڳ به لائين. منهن
کي تيل به لائين مردن جي ويس جو ذڪر اڳتي ايندو.
ويس: سنڌ ملڪ جي گهڻو ڪري هر حصي کي پنهنجو پنهنجو ويس آهي.
انکان سواءِ سماٽن ۽ ٻروچن جي ويس ۾ به وڏو فرق
آهي. اڄڪلهه جي شهري ويسن ته اهڙو ڪم ڪري ڏنو آهي،
جو ڇا سماٽ ۽ ڇا ٻروچ، رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون،. اهو
پتوئي ڪونه پوندو ته سماٽ آهي يا ٻروچ! ڪهڙي ڏِس،
جو ماڻهو آهي، اڄ ڪلهه ته شهري زالن ويسن سان اهڙو
ڪم ڪري ڏنو آهي، جو جي ڪنهن مرڻ تي وينديون. تڏهن
به نوان ڪپڙا پائي سينڌ سرمو ڪري پوءِ وينديون
تڏهن به نوان ڪپڙا پائي سينڌ سرمو ڪري پوءِ
وينديون. پر ٻهراڙيءَ ۾ ته مرڻي تي وڃڻون هوندو
اٿن ته وس ڪندي ڌوتل ڪپڙو به ڪونه ڪري وينديون،
سينڌ سرمو ته پري ٿيو. انهي ڪري ته متان جن جي تڏي
تي وڃون ٿيون، اهي ائين نه چون، ته شايد انهي موت
۾ هي راضي هيون، جو خوشي ڪري ويس وڳا ڍڪيا اٿن.
پرڻون: انهن قومي لباسن ۽ موقعي جي لباس جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
شادي مرادي، منهه مارڪي خوشيءَ جي ڏينهن ۾ زالون
ويس گهڻو ڪري ڳاڙها ڪنديون آهن. شاديءَ تي ڪنوار
جا کهنبا به ڳاڙها ته پڙو به ڳاڙهو، سٿڻ به ڳاڙهي،
ته چولو به ڳاڙهو. ايتريقدر جو اڳٺ به ڳاڙهو هوندو
آهي! ساڳئي وقت گهوٽ جي لونگي ٻه ڳاڙهي، ڳانو به
ڳاڙهو هوندو آهي. ڪير جو انهيءَ ڏينهن تي ڪارو يا
نيرو ڪپڙو پائي! خيرين سلهين بدسوڻي ٿي پوي.
گهوٽيتيون ويڻن سان کڻي ڇڏينس وري جيڪي سهاڳڻيون
سي به ڳاڙهائي ڪپڙا پائينديون آهن ۽ شادي ۾ ته
خوشيءَ جو رنگ به ڳاڙهو وجهن. پارا به ڳاڙها
چِٽين، دهل تي به ڳاڙهو رنگ لائين. بنان عذر جي
ڪنهن سهاڳڻ کڻي ڪو ڪارو يا نيرو ڪپڙو ڪيو ته
مٽياڻيون مائيٽياڻيون اوڙي پاڙي واريون نندي کل
ئي کڻي ڇڏيندس. چونديس ته خيرين سلهين ڪنهن جي
سوءِ ڪئي اٿئي، جيئيي وَر، ٻَن وجهه انهن ڪپڙن کي.
گهڻو ڪري سهاڳڻ کي ڪورو سادو ڪپڙو به ڪين سهن.ڌوئي
ڌمالي پوءِ پائڻ لاءِ چونس- پرڻي تي زالون باقاعدي
سورنهن ئي سينگار ڪنديون آهن.
مرڻون: مرڻي تي سنڌ جي زالن جو لباس ۽ ڏيک ويک پري کان ئي پڌرو
– جي مرڻي جو ڪو تڪڙو ڄاڻ ملين ته ان وقت ويجهيون
عزيزياڻيون (رت واريون) واري وڇوڙي ڳهه ڳٺا لاهي،
سرخي سرمو لاهي، پوءِ وينديون. ڪو نئون ڪپڙو هيٺ
هوندن ته اهو به لاهي، ڌوتل يا ميرو پائي وينديون.
جنهن ڳوٺ ۾ مرڻون ٿيو هوندو انهيءَ ڳوٺ وارا جنازي
جي دفن ٿيڻ تائين، دانگي ڪانه چاڙهين کائين پيئن
ڪونه. ڏڌ ڪونه ولوڙين، پاڻي ڪونه ڀرين ۽ ڀريل
پاڻي هاريو ڇڏين. اهو سڀ مئل جي مائٽن سان همدردي
ڏيکارڻ لاءِ، پوءِ جنازه دفنائي ايندا، ته منهن تي
پاڻي وجهي، پوءِ پنهنجي گهر گهڙندا. ان کان سواءِ
جي ڪا زال رَنِي هوندي. ته اها نَڪ ٻوٽو ڪري
ڇڏيندي. سوءَ تائين ڪارا يا نيرا ڪپڙا پائيندي،
عدت تائين ٻئي ڪنهن مڙس جي منهن نه لڳندي. وار
ڇوڙي ڇڏيندي، سينگار کي اوڏو به ڪين ويندي. سوءَ
لٿي کان پوءِ ڪاري سٿڻ، اڇو چولو، اڇو رئو، يا
ڪورا ڪپڙا ڪندي. ٻه ور نه ڏياريندي، سينگار نه
ڪندي ۽ سهاڳڻين جي سوڻن ساٺن ۾ حصو نه وٺندي.
هونءَ جن جي گهر ۾ موت ٿيو هوندو، اهي زالون پٿر
وجهنديون آهن. سوءِ تائين ڪارا يا نيرا ڪپڙا ڪن،
ڪي ٽيجهي تائين، ڪي يارهي تائين، ڪي ته چاليهي،
اڍائين مهيني، پنجين مهيني تائين پر ڪا زالون سڄي
عمر به سوءِ ۾ ڏٺيوسين. سو موت ٿيل گهر ۾ زالون
تڏي تي ويهن سمهن. سٺو طعام ڪونه کائين. سوءَ
تائين کير ڪونه کائين. نه سينگار ڪن، نه ڪي
وهنجن،. ڪارن لٿي کان پوءِ ڪورا ڪن. ڪاري موٺڙي جي
سٿڻ، ڪوري ململ جو چولو، ڪوري ململ جو رئو ڪن.
هونءَ ته جبل جا ماڻهو به ڪارا يا نيرا ڪپڙا هن
لاءِ پائينداآهن، ته جلد نه مرجن، پر وڏن وڏن ڳوٺن
يا شهرن ۾ ڪارا يا نيرا ڪنهن عزيز جي موت تي ڪندا
آهن. اها پراڻي پر آهي ٽيجهي يا يارهي ته مٿا
ڌوئبا آهن. ان کان پوءِ وهنجي سهنجي سگهجي ٿو.
ساڳئي طرح سان مرد ڪارا به ڪن. ڪورا به . پٿر به
ڪن، مٿو به ڌوئن. سادو به کائين . سينگار به ڪونه
ڪن ۽ جنازي سان هلن ته مٿو اگهاڙو ڪري.
مرد: سنڌ ۾ اڳي مردن جو لباس ڏاڍو سادو سودو هوندو هو. هاڻي ته
لباس لباس ئي ڪونهي! اڳي مرد ماڻهو گهڻو ڪري هي
لباس هيٺ ڪندا هئا: اهي ئي زنانيون سوسيون هونديون
هيون، جي جون سوڙهن پائچن سان سٿڻون پائيندا هئا ۽
پائچا به اهڙا سوڙها جو کُڙيءَ کان ئي مس لهن،
سٿڻون ته تختيون يا چوتاڪيون. هوندون هيون. مٿان
ويڪرو ململ جو پهرياڻ ويڪرين ٻانهن- پاسي تي ڳچيءَ
سان پائيندا هئا، جنهن جي ڳچي ڀريل ۽ مٿي ٻيڙو
هوندو هئو. مٿي سان وري ململ جو پٽڪو يا اجرڪ ٻڌل
هوندي. ڪلهي تي بوڇڻ پيرن ۾ سنڌي جُتي چانديءَ جي
ڀرت واري، شهپر وٽيل ڏاڙهي ۽ وار وڏا، هٿ ۾ لوڙه
يا لٺ، ڪهاڙي يا ڪو ٻيو هٿيار هوندو اٿن. ڪچهرين
جا ڪوڏيا، سام ٻئي ته سِر ڏيندا، قول ڪندا ته ڪنڌ
لهي پئي، پر نه هٽندا. جهيڙي ۾ پيا ته وري جهيڙو
ڪونه ٿيندو.
لاڙ ۽ ٿر ڏي مرد صدري پائين. اُتر ڏي ڪمي ڪاسبي ڊگهو چولو پائين
۽ گوڏ ٻڌن مٿي سان رومال يا بوڇڻ ٻڌن. ڪي ٽوپ به
پائين، جنهن تي ڀرت ۽ ٽڪن جو ڪم ٿيل هوندو آهي.
اوڏ صدريون ۽ سٿڻ پائين، ڪولهي ۽ ٻيون هندو ذاتيون ڌوتيون ٻڌن،
مٿن تي ٽوپڙيون پائين يا بوڇڻ ٻڌن. ڪولهي چيلهه
سان ڪپڙو به ٻڌندا آهن ۽ صدري جو هڪ خاص قسم، جنهن ۾ ڪَهيون ٿينديون آهن، سو پائين. جت
ڊگهو چولو پائين. ڦيروون پٽڪو ٻڌن.
زالون: سماٽ قوم جون زالون، البت مناسب لباس پائينديون آهن:
گهرن ۾ ململ جا چولا ويڪرين ٻانهن سان، پاسي تي
ڳچي ٻيڙي سان پائين. مٿي سان ڪسابو ٻڌن. سٿڻون
سوسيءَ جون ست رنگيون يا موٺڙي جون ڳاڙو تر سان
پائين. سٿڻون ججهيون ۽ چوڙين سان پائين، جي ڪا
پائچي واري سٿڻ پاتائون ته به پائچا اهڙا ته سوڙها
هوندا جو کڙيءَ تان مس لهندا ۽ سٿڻون اهڙيون
هونديون جو ڇا مجال جو ڀيڏي اگهاڙي ٿئي! ڀيڏيءَ جي
هڏي جي اگهاڙي ٿيڻ کي به اگهاڙپ ۾ ڳڻينديون هيون،
۽جي اڳٺ جو پلاند چولي جي دوان کان هيٺ لڙڪيل ڏسڻ
۾ آيو ته شرم ۾ ٻڏي وينديون هيون. چوڙيءَ واري سٿڻ
جو رواج البت لاڙ ۾ ڪونهي. ۽ لاڙ جون زالون.
ڪنجريون ۽ بيٽي سان گج پائين. انهيءَ ڪري اڳٺ
لڪائڻ جو رواج ڪونهين. لاڙ جون زالون اڳٺ کي
اهڙيءَ طرح سان ڏيڍي ڳنڍ ڏين جو اڳٺ جو هڪڙو پلاند
ضرور گوڏي تائين لڙڪي، ۽ اڳٺ وري پائين جهاٻن ۽
جهوڙن وارا. پوءِ هلڻ مهل اهي جهوڙا يا جهاٻا ڪيڏي
مهل هن گوڏي تي لڳن، ته ڪيڏيءَ مهل هن گوڏي تي.
اهو عام لاڙي زالن جو فيشن آهي. اڳي زالون مٿي تي
اڇي ملم جو رئو ڪنديون هيون، جنهن جو رواج اڄ به
گهڻو آهي. مٿي تي ٻه ور ڏيارينديون هيون، چوٽيون
سدائين کڙيون پيون لڳنديون هئن. هڪ ته مٿا سٺا
ويٺل، ٻيا وري ٻه ور ڏنل ، سو ڇو نه سونهن وڌائين.
پيرن ۾ ٽه-ٽؤنري يا ٻه ٽؤنري جتي جنهن مان پير جي
چيچ نڪتل هوندي هئن. اهڙيون آئي جي آڌر واريون، جو
ڀل ڪو دشمن ئي اچي، تڏي آيو ته تنگ نه پونديون. جي
ڪنهن وات پائي ڪو سوال ڪيو ته پاڻ وانجهي به ان جو
غرض پورو ڪنديون. ڳالهين جون ڳهير، هٿ جون سڄيون،
ڪم جون سگهڙ، گهڙ کان ٻاهر وس پڄندي پير ڪين رکن،
پر جي ڪا ويل آئي ته چادر يا اجرڪ جي اکڙي ڪڍي،
پڙو پائي پوءِ نڪرنديون هيون اهو ويس سماٽ قومن جي
زالن جو هو. هاڻي ته پراڻو ويس اٽي ۾ لوڻ به
ڪونهي. سماٽن قومن ۾ اڃا زالون (ٻين قومن جون) ٻيا
ويس به ڪنديون آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
ٻروچ: ٻروچ قوم جي زالن جو اصل ويس گگهو ۽ لاوڻ آهي. وري گگهي
جي بڙيءَ تي جو ٻروچ زالون هٿ رکندون آهن، سي ڏسڻ
وٽان ٿيندا آهن. بريءَ تي ٽِڪن. ٽؤنرن، موتين،
ڦُلن، ڪچ ڪوڏين جو اهڙو ڪم رکنديون آهن، جو ڏسيو
حيرت وٺيو وڃي. هڪ هڪ گگهو ڍڳي لهي! گگهو ڊيگهه ۾
ذري گهٽ اچيو ڀيڏي کڻي. وري چيلهه وٽان جهولدار ٿي
هيٺ پڙي وانگر لڳندو آهي. ان تي ڀرت وري اهڙو ٺاهه
وارو رکن جو واه واه ٿيو وڃي. ٻانهيون ڊگهيون ڪونه
ڪن، پر گگهي يا لاوڻ کي پٺو به ڪين وجهن،. ڪي
وجهن، ڪن کي مرشد جي پَل هوندي آهي. جي ڪا سهاڳڻ
هوندي آهي ته گگهو ڳاڙهي حلواڻ جو هوندو اٿس، جي
نه، ته اڇو. ٻيو رنگ استعمال ڪونه ڪن. سٿڻيون
سوسيءَ جون چوڙين سا، مٿي تي ڪابه ڀرت واري گندي
ڪن. ٻروچن جي زالن ۾ به وڏي نٿ جو عام رواج آهي ڪي
وري الهي ڪلهي ٻانهن چاڙهائين. ڪي چانديءَ جا ڪنگڻ
نهرا يا پورا پائين. باقي مردن جو ساڳيو لباس
هوندو آهي، جنهن جو ذڪر ٿي چڪو آهي.
سماٽ: سماٽ قومن جي زالن جي عام لباس جو ذڪر زالن جي لباس ۾ ٿي
چڪو آهي. انهيءَ لباس کان سواءِ ٻهراڙيءَ جون ڪي
زالون گج ۽ ڪنجريون به گجن جي بريءَ تي گگهي وانگر
موتين، ٽڪن جو ڪم ۽ ڀرت رکن. گج ۾ پيٽي وجهن، پُٺو
ڪونه وجهن. سٿڻيون ساڳيون سوسيءَ جون ننڍن پائچن
سان مٿي تي ڪابه گندي ڀرتر واري چني يا لسي. پير ۾
ٽه-ٽؤنري جُتي پائين. شهر جون زالون ململ جا چولا
۽ روا پائين. سوسيءَ يا گربيءَ جون سٿڻون ڪن.
ان کان سواءِ ٻيون سنڌ جون قديم قومون جهڙوڪ اوڏ، چهواڻ، ڪولهي،
وغيره زالون پڙا پائين ۽ گج ڪنجريون بنان پٺيءَ جي
پائين. مٿي تي چني يا ٻانڌڻون ڪن. ڪم ڪار تي پير
اگهاڙا. نه ته پير ۾ اها ساڳي زناني جتي پائين.
ڪولهاڻيون سنڌي زناني جتي ڪونه پائين. ڪولهي مرد
راڄواڙي نموني تي گوڏ ٻڌن، چيلهه سان بوڇڻ ٻڌن. هڪ
خاص قسم جي ٺهيل صدري پائين. مٿي تي وٽيل پٽڪو
ٻڌن. پيرن ۾ جيسلميري نموني جي جتي پائين. هٿ ۾
ڪاتر کڻن. سنڌ جا واڻيان ڌوتي ململ جي ٻڌندا هئا.
مٿي تي ننڍڙي ٽوپي يا ڪڏهن بوڇڻ ٻڌندا هئا، قميص
پهراڻ پائيندا هئا. زالون پڙو يا پراڻي نموني ننڍي
سلوار، ٿورن وَرَن سان، پتلون وانگر پائينديون
هيون. روا ۽ چولا ساڳيا مسلمان زالن وانگر هوندا
هئن.
جاتي ۽ مغلڀين ڏي جَت مٿي سان ڳاڙهو رومال ٻڌي، مٿان پٽڪا ٻڌن.
ٻيو لباس سڄو عام مردن وانگر ڪن ۽ زالون کڙيءَ
تائين ڊگهو ڪارو گگهو پائين. ڪي ڪي چيلهه کان ڪو
سڳو به ٻڌڻ.
اتر: اترادي زالون گهرن ۾ گهڻو ڪري هلڪو ويڪرو ويس ڪن، ڇو جو ان
طرف گرمي تمام گهڻي ٿيندي آهي؛ ململ جو رئو، ململ
جو چولو پائين، چوڙين واري سٿڻ البت ڪانه پائين.
سٿڻن جا پائچا وڏا ڪن. شاديءَ مراديءَ دلپسند ويس
پائين. ڳهه ڳٺا به پائين. ڪاسبي مرد گهڻو ڪري گوڏ
ٻڌن. شهر جا ماڻهو گهڻو ڪري هلڪيون. سٿڻيون ڪن.
مٿي سان ٽوال يا بوڇڻ ٻڌن.
اتر جا ٻروچ قوم وارا ماڻهو جهجيون سٿڻو ڪن. چولو گوڏي تائين
ڊگهو. ڪري ڊگهو ڪوٽ يا واسڪوٽ پائين. مٿي تي ٽڪڙن
وارا ٽوپ پائي مٿان بوڇڻ ٻڌن. ڏاڙهيون ۽ مٿي جا
وار رکن، پير ۾ سنڌڻ جُتي پائين. سٿڻن جا پائچا
ننڍا ڪن، پر سٿڻون ڀيڏيءَ جي هڏيءَ کان آڱر کن مٿي
ڪن، چولن جون ٻانهون ويڪريون ڪن.
وچولي جي زالن جي لباس جو ذڪر زناني لباس ۾ ٿي
گذريو آهي.
جبل : ڇپر جي مسلمان زالن جو ويس گهڻو ڪري ساڳيو لاڙي زالن جي
ويس جهڙو ٿيندو آهي. ڇپر جون زالون سوسيءَ جون
سٿڻون ننڍڙن پائچن يا چوڙين سان پائين، گج گگهي
ڪنجريءَ تي گهڻو شوق رکن. گجن، گگهن جا پٺا به
وجهي پا ئين، مٿي تي ٿلهي ڪپڙي جي پوتي ڪن، پرگهڻو
ڪري ڀريل. پيرن ۾ پيرڻ يا شاهلون پائين. هندو
زالون پڙو پائين. گج جو پٺو ڀري پائين. ڳهه گهڻا
پائين. مٿي تي چني يا ٻانڌڻون ڪن. پيرن جي آڱرين
۾ منڊيون ايتريون پائين جو پير ئي- ڦريو وڃن ۽
ڪا جتي به پوري ڪانه ٿئين. نٿ ته ڇاپرو پنهنجي
نالي سان هوندي آهي.
ڇپر جا مسلمان مرد ڪانچ گيگم يا هيرک کي رڱي ان مان ڪن. صدريون
يا ڊگهيون قميصون يا ڊگها چولا پائين، جن جي ڳچيءَ
تي گهڻا بخيا لڳل هوندا آهن. سٿڻون ڳريون ڪن. مٿي
تي وڏو پٽڪو ٻڌن. ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ڇڏين.
شاهلون ۽ پيرڻ پائين. هٿ ۾ ڪهاڙي يا لورهه ضرور
کڻن، چڙهيءَ ۽ پنڌ جا ڏاڍا ٿين.
ڇپر جا هندو ڌوتيون به ٻڌن، شلوارون به پائين. گهڻو ڪري ڪنن ۾
سونيون ڪيوٽيون پائين، مٿي تي اهائي واڻڪي ننڍڙي
ٽوپي ڪن، پهرياڻ، صدريون يا قميصون پائين. مٿي تي
ڪڏهن ڪڏهن بوڇڻ به ٻڌن، ڪي ڪي واسڪوٽ به پائين.
مڪراني زالون بدن تي گوڏي کان هيٺ تائين چولو ڪن. جنهن جي ڳچي
۽ آڳو ڀريل هوندو آهي، ان کي پيرام چون. مٿي تي
ڀريل پوتي ڪن، جنهن کي سريگ چون. پيرن ۾ سپاٽي
وانگر جتي پائين، جنهن کي ڪؤش چون. پر بولو ضرور
نڪ هوندن. ڦلي پائينديون سا به وڏي، مسي، مساڳ،
تيل ۽ ڪجل جون شوقين ٿين.
لاڙ: لاڙي زالون گهڻو ڪري سماٽڪو ويس ڪن. پر جن کي فيشن جو ٻنگ
اچي لڳو آهي، سي به سڃاڻپ کان ئي پري ٿي پيون آهن.
لاڙي زالون گج ۽ ڪنجريون پائين. گج کي ته ٽؤنرن،
ٽڪن، مڻين، موتين سان جڙيو ڇڏين. پر اهو ڪم برَيءَ
تي ڪن. گج کي پُٺُو ڪين وجهن. پر لاڙي گجرن گج کي
اڃا به ٺاهوڪي ڪرڻ لاءِ پيٽو رنگا رنگي ۽
پٽائون وجهن ، ته جيئن پري کان گج جنسار ڪري
بيهي. ڪنجري وري لسي ٻُسي ٿئي. ڪنجري جو رواج به
ڏاڍو پراڻو آهي، خود لطيف به چيو آهي:
ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾ لطيف.
ڪنجرو لباس لاءِ ۽ ڪڄاڙو لهچي لاءِ اهڙو اشارو آهي جنهن مان خبر
پئجو وڃي ته اهي لاڙ جا پار!
زالون گهڻو ڪري سوسيءَ جون سٿڻون سوڙهن پائچن سان پائين. پوءِ
ڪم ڪار جي وقت پائچا مٿي ڇڪي، پِنيءَ ۾ اٽڪايو
ڇڏين. ائين ڪرڻ سان سٿڻون هيٺ جهول ڪر يو بيهن.
مٿن تي ٻانڌڻيون يا پاسن سان ڀر يل پوتيون يا
چنيون ڪن. ڪجل، مساڳ کي هٿ ڪونه لائين. البت
سوئرو ٿلهي ڪاني سان پائين. پيرن ۾ ٽؤنرن واريون
جتيون پائين. لاڙ چوڙين واري سٿڻ جو رواج ڪونهي.
سٿڻون ننڍي پائچي سان ۽ پائچن تي منُهڙي لڳل
پائين. ڪيٽي، شاهبندر ۽ جاتي ڏي جت قوم جون زالون
ڪارو ڊگهو چولو پائين ۽ چيلهه تي ڪو گڙُند ٻڌن.
لاڙي مرد وري هرک کي ڪارو يا نيرو رنگ ڏياري، انهيءَ جي ننڍن
پائچن سان چهٽي سٿڻ پائين. انهيءَ خاص رنگ جي نير
۾ ٻڏل سٿڻ کي ماويِِ ڪري سڏين. صدري ٻن کيس واري
پائين، مٿي سان ململ جو پٽڪو يا اجرڪ ٻڌن. لاڙي
ماڻهو اجرڪ يا پٽڪي ٻڌڻ جا سدا ملوڪ ليکجن. لاڙي
ماڻهو اڳي وار رکائيندا هئا، پر هاڻي ٻٽون يا
انگريزي وار ڪترائين، ڏاڙهيون به خاصيون موچاريون
ڇڏين، تيل ۽ سوئري جو گهڻو واهپو ڪن. هٿ ۾ لوڙهه
يا ڪهاڙي کڻن.
لاڙي لوڏ پري کان پڌري!
ٿر: ٿري ماڻهن جو لباس نهايت هلڪو ۽ سادو ٿئي. البت زالون ڳهه
گهڻا پائين ۽ الهي ڪلهن ٿلهن چوڙن سان عاج يا
ڪافور جي ٻانهين يا چانديءَ جي يڪي ٻانهين (چوُ ڙ
) پائين. ٿري زالون هلڪيون هلڪيون سٿڻون پائين،
لسيون ٻسيون ڪنجريون ڍڪين، جن ۾ ڊگها پيٽا پيل
هوندا آهن . مٿي تي چني ڪن يا اڪ ڦلائين ڀرت تي
پوتي ڍڪين، پر هندو هجن يا مسلمان گونگهٽ ضرور
ڪڍن. پيرن ۾ ٿري، ٽؤنرن واريون جتيون پائين.
ٻروچاڻيون لاوڻين ۽ گگهن ۾ ئي ريڌل رهن. ٿر ۾ڪي ڪي
مسلمان زالون پڙا به پائين.
ٿر ي مرد: پيرن ۾ کُڙن ڀڳل جتُي پائين، کٿي جي لاک کي پسند
ڪن. شلوار به پائين، جي گهڻو شوق ڪيئون ته کٿي جو
ڪوٽ ٺهرائي تنهن کي پيلو رنگ ڏئي پائين. مٿي سان
بافتي جو ڦيروون پٽڪو پلاندن وريل پائين. ململ
جا پٽڪا به ٻڌن. کٿي ڪلهن تي ڪن. ڊگهي لٺ هٿ ۾
ضرور هوندي اٿن. بدن تي صدري ڪن. پر ڪي ماڻهو گوڏ
به ٻڌن.
هندو زالون ججها پڙا ڪن، سدائين گونگهٽ ۾ رهن. ڳهن سان شونق
رکن. ڪنجريون پائين. پير گهڻو ڪري اگهاڙا ڪن.
لاچار ته کڙن ڀڳل ٿري جتي پائين.
انهن لباس کان سواءِ، سنڌ جون پراڻيون هندو قومون
جهڙوڪ: ڀائيبند ۽ عامل به جدا جدا ويس ڪن.
ڀائيبند مرد ڌوتيون ٻڌن، پهرياڻ پائين، مٿي تي هلڪي واڻڪي ٽوپي
يا ٻڌل پڳ رکن. پيرن ۾ سليپر پائين. ڪنن ۾
ڪيوٽيون وجهن. مٿو ڪوڙائي جاد ضرور رکن ۽ جڻَيو
پائين.
عامل وري پڻئين جي پتلون ۽ قميص پائيندا هئا، جڻيي ۽ جاد جو
خيال ڪونه ڪندا هئا، مٿا اگهاڙا پيرن ۾ بوٽ ضرور
هوندو هئن.
پوڙهيون هندو زالون، اڇو پڙو يا ساڙهي ٻڌنديون هيون. باقي
پائجاما ۽ چولا ڪنديون هيون، سهاڳڻين کي سنهي
ڪاري ڌاڳي جي ڏانوڻيءَ سان ننڍڙي نٿ پيل هوندي
هئي.
ٻيون عام هندو قومون جهڙوڪ؛ مينگهواڙ، ڪولهي، گيدڙي، تن جون
زالون ججهو پڙو پائين، ڪنجري پٺي کان سواءِ
پائين. مٿي تي چني ڪن ۽ جيسلميري جتُي پائين.
مرد ڌوتيون ٻڌن، بدن تي ٻيڙن ۽ پٽين سان راڄواڙن جي لباس جي
نموني تي صدريون پائين، مٿي تي وٽيل پٽڪو ٻڌن.
بوڇڻ چيلهه سان ٻڌن ، جنهن ۾ ڪاتر يا کنو لڳل
هوندو آهي.
اهي آهن سنڌ جي مشهور ڪپڙن ۽ لباس جا نمونا. |