ناشر طرفان ٻه اکر
”سنڌ جي مدنيت“ سنڌ جي نامور شاعر ۽ اديب محترم سيد لطف علي
شاهه، منظور نقويءَ جي ڪاوش جو نتيجو آهي. شاهه
صاحب تمام
گهڻي جاکوڙ ڪري ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪم آيل ٻولي
سپڪ، سوادي ۽ ٺيٺ ٻولي آهي.
هن
ڪتاب ۾
سنڌ جي ريتن، رسمن، هنرن، ڪاريگرين، کاڌي
خوراڪ، سارسرود ۽ شيل شڪار جي مختصر پر جامع
اپٽار ڪيل آهي. موضوع جي لحاظ سان هي ڪتاب اوليت
جو درجو رکي ٿو. اميد ته مستقبل جي محقق لاءِ هي
ڪتاب مشعل راهه ثابت ٿيندو ۽ پڙهندڙن جي معلومات ۾
اضافو ڪندو.
ڊاڪٽر اسدالله شاهه
13- نومبر 1969ع
پيش لفظ
پالڻهار زمين جي مٿاڇري کي انسان جي رهڻ جي لائق بنايو. خالي
هنڌن کي هوائن سان پُر ڪيو. هوائن جي ڪلهن تي ڪڪرن
کي سوار ڪيو، ڪڪرن مان مينهن وسائي خشڪ زمين کي
سيراب ڪيو، پاڻيءَ سان اوڀڙ کي حياتي ڏني؛ زمين ۽
اوڀڙ تي سج جي ڪرڻن ۽ موسمن اثر ڪيو. زمين پنهنجي
بدن تي خوشرنگ گلن جو پهراڻ پاتو. چنڊ جي روشنيءَ
ميون کي مٺو ڪيو. تارن گمراهن کي ڏِس ڏسي. پهاڙن
زمين کي چُرڻ کان روڪيو. مطلب ته زمين جي مٿاڇري
کي سينگارڻ کان پوءِ الله تعاليٰ ابو البشر حضرت
آدم عليه السلام کي پنهنجي حڪم سان پيدا ڪيو ۽ کيس
زمين تي خليفو ڪري موڪليو. حضرت آدم عليه السلام
زمين جي گرمين سردين جو هيراڪ ٿيو. سندس اولاد ٿيو
۽ اولاد وڌڻ ويجهڻ لڳو. حضرت آدم عليه السلام جو
اولاد زمين جي مٿاڇڙي تي پکڙجڻ لڳو. تان جو حضرت
نوح عليه السلام جو زمانو آيو. حضرت نوح عليه
السلام جي زماني ۾ هڪ وڏي ٻوڏ آئي. جنهن کان صرف
اهي بچيا، جيڪي حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي ۾
سوار هئا. انهيءَ وڏي ٻوڏ کان پوءِ وري حضرت آدم
عليه السلام جي اولاد وانگر حضرت نوح عليه
السلام جو اولاد وڌڻ ويجهڻ لڳو. پراڻن ۾ پراڻيون
تاريخون ۽ نئين ۾ نيون تحقيقون شاهد آهن ته حضرت
نوح جي اولاد وڌڻ جو هنڌ ايشا جو وچ هو.
حضرت نوح عليه السلام جو اولاد، جيئن جيئن وڌندو ويو، تيئن تيئن
پري پري تائين پکڙبو ويو، آخر صدين گذرڻ کان پوءِ
کين اها به خبر نه رهي، ته ڪي سڀئي هڪ ئي پيءُ جو
اولاد آهن!
ائين حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان جدا جدا قومون ٺهنديون
ويون ۽ اهي قومون جتي جتي رهيون، اتي اتي انهن
پنهنجا پنهنجا يادگار قائم ڪيا.
انهن ئي قومن مان ڪي قومون فنا ٿينديون ويون، ۽ ڪي وري اڀرنديون
رهيون. انهن قومن جو احوال يا ته اسان کي سندن
ڇڏيل يادگارن مان ملي ٿو، يا مقدس ڪتابن مان.
پراڻن يادگارن تي نظر ڪندي اسان کي معلوم ٿيندو ته سنڌ جو موهن
جو دڙو به هڪ تمام پراڻي قوم جو ڇڏيل يادگار آهي.
موهن جي دڙي مان اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ
زماني ۾ هتي رهندڙ قوم پنهنجي رهائش طريقن مان
چڱيءَ طرح سان واقف هئي. سندن جايون، وڙهڻ ۽ شڪار
ڪرڻ جا هٿيار، سينگار ڪرڻ جا سامان، لباس، زيور،
رانديڪا، مهرون، پوک ڪرڻ جا سامان، عبادت جون
جايون ٻڌائين ٿيون، ته هتي رهندڙ قوم رهائش جي سٺن
طريقن مان واقف هئي. چيو وڃي ٿو ته اها قوم وچ
ايشاء کان آئي ۽ هن ملڪ جي آب و هوا مطابق گهرن جي
اڏاوت ۽ ڪپڙن جو نمونو تيار ڪري، اتي ئي رهي پئي.
انهيءَ قوم پاڻ سان گڏ پنهنجي زبان ۽ تهذيب به
آندي.
وقت جي ڏور اڳتي سرڪندي وئي. قومون اينديون ويون ۽ آباديون
وڌيون.تهذيب جو دور به قومن سان گڏ وڌندو رهيو.
پراين پنهنجن، پراڻين ۽ نين رسمن جي ملاوٽ سان ڪم
هلڻ لڳو.
موجوده صديءَ ۾ سنڌ ۾ ٻه مکيه قومون رهنديون هيون، جن مان هڪ
هندو قوم ۽ ٻي هئي مسلمان قوم. ٻنهي قومن جي گڏ
رهڻ جي ڪري اهو اثر ٿيو، جو ڪي هند ڪيون رسمون
مسلمانن ۾ اچي ويون ۽ ڪي مسلمانن جون رسمون هندن ۾
هلڻ چلڻ لڳيون. مسلمانن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪي
هندڪيون رسمون رواج ۾ اچي ويون، اهي آهن ٿڌڙيءَ تي
ٿڌو ڪرڻ؛ اماس يا ڇنڇر تي تيل نه مکڻ، ماتا جون
لوليون ڏيڻ، رک ڪرڻ، ڇنڊو وجهڻ، ڇٺي ڪرڻ وغيره
وغيره.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آهستي آهستي اهي هندڪيون رسمون نڪري رهيون
آهن.
هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي گهڻو ڪري خالص
سنڌي ڳالهيون آهن.
سنڌي لباس ۾ اجرڪن، رلين، کٿن، لونگين، کيسن، سوسين، موٺڙن
وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. کهنبا سنڌ کان سواءِ
رجھواڙن ۾ به ملن ٿا، ان ڪري کهنبن کي خالص سنڌي
لباس ۾ سمار نٿو ڪري سگهجي، پر ڇا لاءِ ته کهنبا
سنڌ جي رسمن ۾ ضروري آهن؛ ائين سينگار ۾ اٻٽڻ ۽
زيور به عام آهن، پر انهن جو مختصر طرح تي ذڪر ڪيو
ويو آهي، جيئن ڪتاب نامڪمل نه ليکجي.
کاڌن ۾ انهن عام کاڌن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي خاص سنڌي آهن.
ممڪن آهي، نئين دور ۾ کنهي، پُسي، پڪا، جهِل وغيره
ماڻهو نه کائيندا هجن، پر اهي کاڌا آهن. خالص
سنڌي.
رسمن ۾ مڱڻو ۽ شادي ته عام آهن، پر انهن جون رسمون اسان کي ٻين
رسمن کان جدا ڪن ٿيون.، البت ڇٺي هڪ هندڪي رسم
آهي، پر جيئن ته اها رسم اڃا تائين مسلمانن ۾
موجود آهي، ان ڪري ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
ساٺن سنوڻن ۾ البت گرهڻ، ستين ۽ پنجڪين جا سنوڻ، به هندڪا آهن،
مگر اهي سنوڻ اڃا سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ مان
نڪتا نه آهن، انڪري انهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
وري ڪچهريءَ ۾ اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي! اهو هن ڪري جو ڪچهري
هڪڙو اهڙو عنوان آهي، جنهن ۾ سنڌ جون سڀ لوڪ
ڪهاڻيون ۽ اصناف سخن اچي وڃن ٿا. انهن جو جدا جدا
ذڪر ڪرڻ اجائي ڊيگهه جي برابر ٿيندو، ان ڪري انهن
کان پاسو ڪيو ويو آهي. اهڙو ذڪر ٻين ادبي ڪتابن ۾
ڏسي سگهجي ٿو.
زبان واري باب ۾ صرف انهن لهجن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو ذڪر
ادبي ڪتابن ۾ نٿو ملي، پر انهن جو وجود سنڌ ۾ ضرور
آهي.
ائين سازن واري باب ۾ انهن سازن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي نج
سنڌي ساز سمجهيا وڃن ٿا، يا جيڪي عام سازن مان
ٿوري ڦير گهير سان تيار ڪيا ويا آهن. مثال ۾
گهريگ، تالپوري يا ستار تان ورتل آهي، يا ڪينرو
مشهور ساز سُرندي جو هڪ خاص نمونو آهي. الگوزو،
قديم زماني ۾ رائج هو، مگر وچ واري دوؤر ۾ سندس
پتو نٿو پوي البت موجوده زماني ۾ ساڳيءَ پراڻيءَ
شڪل ۾ نظر اچي ٿو.
سنڌ جي راڳن مان جيڪي راڳ هن دور ۾ ڳايا وڃن ٿا، تن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي. راقم الحروف، سامونڊي، ۽ مارئي راڳ به
ٻڌا، مگر هينئر انهن راڳن ڳائڻ وارو ڪو ڳائڻو
موجود نه آهي ۽ نڪي انهن جي ڪا شڪل ڪنهن کي ياد
آهي، ان ڪري انهيءَ ذڪر کي به ترڪ ڪيو ويو آهي.
موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ جيڪي به سنڌ جا خالص زور آزمائي جا طريقا
آهن، انهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ائين بازيگرن واري
باب ۾ گوگهي چوهاڻ جي ڳالهه ۽ ماموين جي لڌل بيتن
کي گهڻيءَ تحقيق کان پوءِ لکيو ويو آهي. البت
انهيءَ باب ۾ سامين ۽ ڏُٿ جو ذڪر ڪيو ويو آهي .
اڄڪلهه سامين ۾ ڏٿ لهڻ جو رواج رهيو ناهي،
سامياڻيون ڪانگڙا،ڪوپنجڙيون، اڃا به سٺيون چون
ٿيون. جن جي تحقيق ڪجي ته ڪو وڏو ذخيرو هٿ اچي
ويندو.
راندين ۾ گهڻيون تڻيون رانديون ته نج سنڌي آهن، پر ڪي رانديون
ملتان واري حصي جي راندين سان پڻ ملن ٿيون، تاهم
انهن جو به بيان لکيو ويو آهي، ڇو جو اهي رانديون
اسان ۾ جاءِ وٺي چڪيون آهن ۽ مقبول عام ٿي چڪيون
آهن.
شڪار واري باب ۾ ڪوشش ڪري ڪنهن به شڪار جي نموني کي ترڪ نه ڪيو
ويو آهي، گهڻا شڪار پاڻ پنهنجي سرڪري، ڏسي پالي،
پوءِ لکيا ويا آهن، ۽ جنهن قسم جي شڪار جو اڄڪلهه
رواج ناهي، ان جو سرسري طرح سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
عزاداريءَ ۾ سنڌ ۾ روٽن، جهنڊن، پِڙن چوڻ، عَلم نصب ڪرڻ جو خاص
رواج آهي. ممڪن آهي. علم نصب ڪرڻ جو رواج ايران ۽
عراق ۾ پڻ هجي، مگر جيئن هت آهي، ان طرح سان نه
آهي، ائين نقارن وڄائڻ جو ٿورو ڪي گهڻو رواج ملتان
ڏي به آهي، پر شرناءِ ۾ ڪيڏارو وڄائڻ، خاص سنڌ جو
رواج آهي. سنڌ ۾ پڙن جو تمام وڏو ذخيرو آهي، جنهن
جي تفصيل ۽ تاريخ کي سميٽڻ به هڪ وڏي ادبي خدمت
ٿيندي.
علاج واري باب ۾ خاص انهن علاجن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي هن
وقت رواج ۾ آهن. ”پيئڻ“ جو علاج خاص ٿر سان تعلق
رکي ٿو پر ”ڏاڱي“ گهڻو ڪري سنڌ جي هر حصي ۾ ملن
ٿا، علاج ۾ به هر علاج جي تحقيق ڪري، پوءِ اهو باب
لکيو ويو آهي.
” ناچن“ تي به تحقيق ڪئي وئي آهي، ۽ انهيءَ بنا تي راقم الحروف
کي هن راءِ قائم ڪرڻ جو حق آهي ته: ڇيڄ ناچ جو قسم
نه آهي.، ها البته اها هڪ راند چئي وڃي ٿي، جنهن ۾
پاڏن کي ٻڌي تلوارن سان وڍيندا هئا؛ ڇيڄ لفظ جي
ٻي معنيٰ آهي، ”اُڪير يا سڪ جو اظهار“، جيئن ته
شاهه لطيف فرمايو آهي:
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾ پنهون ايندم پاڻ (لطيف)
اتي ”نچڻ“ جو مطلب اصل نٿو ٿي سگهي.
وڄتن ۾ ”لئي“ کي صحيح طرح سان ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻول به لکيا ويا
آهن.
هن ڪتاب جو هر عنوان اعليٰ تعليم جي شاگردن لاءِ رهنمائيءَ جو
سبب بڻجي سگهي ٿو.
آءٌ ٿورائتو آهيان، سنڌي ادبي بورڊ جو، ۽ خصوصاً حضرت مخدوم
محمد الزمان ”طالب الموليٰ“ جن جو جن جي ڪوشش سان
هي ڪتاب منظر عام تي اچي سگهيو آهي.
سيد منظور نقوي
***
|