سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :8

روايت[4]*

 

1-     ”ٻاچو“ ۽”ٻالاچ هئا، ذات ڀلا بهليم،

گهارين ڪِلي ڪوٽ ۾ مٿي ماڳ مهيم.

سکر کـﺂن سوناري کڻي، ڦڪل ساڻ فهيم،

بديءَ کان بدنام ٿيا، چوري کـﺂن چڪيم،

پوءِ ترت ڏيئي تعظيم، وڃي وڏو پرڻيو نار کي.

2-                  ”اوباهيو“ ٻاراچ کي ڏنو پٽ خداءِ،

طرحين ترتيبان ڪري، ستت ڪي ساماءِ،

پر پيءُ مئي ڇورو ٿيو، مري ويڙيس ماءِ،

تڏهن ڳرڙا ڳروٽين تي، ڪُرڙيون پنيو کاءِ،

ڪار سکيو هو ميئڪي، هنر سرس سواءِ،

پوءِ ملاحن پرڻاءِ، مير ويهاريو وچ ۾.

3-                  ڇهه ڄڻيائين هڪ مـﺂن، گهوٽ پرڻيو ٻيو گهر،

ننڍيءَ پيٽئون ”مورڙو“، ٿيا ست سڀر،

اٺين ڀيڻ ”جمڙي“ جنهن ڀائن مٿي ڀر،

ٻڌئون شوق شهر، سون مياڻي پانهنجو.

4-                  ”پنهير“ ”اڱاريو“ پاڻ ۾، ڀاءُ ”مانجهاندو“ ڀانءِ،

چوٿون جَلو جُنگ جوهري، پنجون هنجهه ڪراڙو هانءَ.

ڇهون ڀاءُ ننڍو هو، ”للو“ جنهن جو نانءُ،

سون مياڻي گانءَ، شهر ٻڌائون پانهنجو

5-                  ستئي پُٽ ”اوباهي“ سندا، دانهه اَڙيا در،

پرڻائي تنهن پورا ڪيا، ناڻو ڀري نر،

ڇهه ڇڪين ڄار کي، ستون ويهي گهر،

مور نه سکيو مورڙو، ڪا پاڻيءَ گهڙڻ پر،

پر ڀائر آڻيو گهر، ويٺي وانٽو ڏينِ پيا.

6-                  ڏنا ڏيراڻين ميهڻا، ساهيڙين ستت،

چي: ڪانئر ورجي ڪامڻي هاري هوريين وت،

ناهه شريڪي پاهت، اسان ساڻ تنهنجو.

7-                  ويٺي وانٽو نه ملندءِ ڪنهين ڀاڱي ڪور،

ڪانئر ڪم جو چور، تنهنجو ڪانڌ نه ڪم جو ڪوڏيو.

8-                  انهيءَ ور کـﺂن ولهي ڀلي، وڃي پيڪن گهار،

جان وِههُ ڏيئي وُر مار، جان ٻُڏي مر ٻيڙي

9-                  رويون رويون رت، اچي معلوم ڪيائين مور کي،

چي: سيڱين اچ ستت، ڏنا ڏيراڻين ميهڻا،

10-            چي: مر وات وڃائين پانهنجو، جوئر مارين جک،

ڪتر جيڏو ڪَک، ادل آن تي نه سهندا.

11-            چي: ادا آن کي ڏين، سڏ وهيڻو سَڏ،

هڏ سڱيڻو هڏ، آءٌ ته ادن جو آهيان.

12-            وري ويڻ ٻڌندو آئيو، پنهنجي ڪنين مور،

ملي ويو ملاح جو، هنيان لپٽي هور،

لڏي هليو لاڏڪو، شرط ڪري اي شور،

ترت رکيائين طور، ٻهڳڻ ڀانڀڻ واهه تي.

13-            جوئر پلي پانهنجون، آيس ڀائر ميڙ ڪري،

موٽ مانجهي مورڙا، پوئتان پير ڀري،

توڪاڻ مور! مري، اوباهو آهون ڪريو.

14-            ميڙ نه مڃي مورڙي، ڇڏيائين ڦيري،

اچي دلوءَ جي ديري، لٿو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

15-            دلوءَ دلاسو ڏئي، وٺي ويهاريو وير،

مـُونجهُو ٿي نه مورڙا، هينئڙو ڪر سـُڌير،

جيڪي کائين کنڊون کير، سا مولا ماني موڪ ڏني.

16-            دُنگ ڏنائينس هٿ ۾، دارون درس ورهاءِ،

دم تنهين اُت لاءِ، ڪڙول ڪوڪي آئيو.

17-            ڪڙول ڪوڪي آئيو، دلوءَ جي درٻار،

مڙس ماريا آهن مامري، نَو پورائي چار،

ڪيهر سان ڪير ڪري، آرڻ مٿي آر،

پاڻ چڙهي سرڪار، يا چڙهن صوبا سڀئي.

18-            وير وڄائي واگهه کي، تائيءَ منجهه تلوار،

لڪ اٿائين ليث جو، پيس لنگهيئي پار،

چي: جيڪي گهرين سو لهين، دلوءَ جي درٻار،

چي: لاهه ڏن ڏوار، ”سون مياڻي“ گانءَ جو.

19-            نو سـﺂ ٻيڙي گانءَ ۾، هئي تيرهن ويهان تر،

ڇتين سانبوهين سان، وري هئا ويتر،

انهن ڪمي ڪا نه هئي، جيڪي ڀَن جهلين ٿا ڀر،

ڏين ڏهاڻي ڏانـِڪي، لک دلوءَ جي در،

ٻي جيڪا اُڳڙي زر، سا کڳل کائين پاڻ ۾.

20-            ڀڙ مُڪو ڀائرن ڏي، پيءُ مَڻي پيغام،

چي: هي گهڻو انعام، راڄيي راور ڇڏيو.

21-            موڪلائي ملوڪ کـﺂن، مور مياڻيءَ آيو،

ماءُ پيءُ مانجهي مورڙو، ڳوڌو ڳر لايو،

ڀاڄاين پيرين پئي، پرنهه پرچايو،

جمڙي آئي جـﺂنس کـﺂن، جنهن وارو وڳايو،

جُمڙيءَ چيو مور کي، ادا! تنهنجو اچڻ اجايو،

ڀائرن مـﺂن توڏي مورڙا، نڪو اوباهو آيو،

مهاڻين مهڻا ڏيئي، توکي لوٺين لڏايو،

کائين بـُغدي ٻل ونڊيون، تنهنجو ڪمايو،

اڏي وڌءِ انعام سان، اٿن سون رُپي سايو،

تون پنهنجو ڪمايو،هٿن ساڻ هلاءِ اچي.

22-            چي: اَئين ڀائر منهنجا، مون کي ڪيو ڀاءُ،

ڪاڪا ڪيانوَ ڳالهڙي، ڀائرو! مَنيجاءِ،

ڪالاچيءَ جي ڪُن کي، ٻهڳڻ ٻَن ڏجاءِ،

مرون مستاني سندو، آهه ڊپ گهڻيرو ڊاءُ،

نه ته ڦريا ڦوڪ وينداءِ ماربا ديواني مڇ کـﺂن.

23-            چي: ڪُڻڪ ديواني مڇ جي، شابس وڌءِ ڪَنِ،

اسين ٻهڳڻ ڏيون ٻن، ڪالاچيءَ جي ڪُن کي.

24-            پٽ اوباهي پڌرا، موڪ جني ماني،

ٿياسي انعامي، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه تي.

25-            سنج سٻر جوڙين، ريشم سان راس ڪيون،

اڄ سڀان لوڙين، اکر ايرادت جو.

26-            مورڙا! مياڻيءَ ڏي، آهن، شايد وٺا مينهن،

ايترا لاتئي ڏينهن، اسان کي اُلڪو ٿيو.

27-            چي: ابي جمڙي ڀيڻ جي، هُئي اُڪنڊ اڳيئي،

ماڻهومياڻيءَ گانءَ جا، ور ڏر گڏيا ڏيهي،

ڀائن وٽ ويهي، ٻه ٽي لاتم ڏينهڙا.

28-            ڄاريون ڪاريون مڇ لاءِ، جودئون جوڙيائون،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، هڪ لِک نه لاڙيائون،

مرڻ کان ”محمود“ چئي، منهن نه موڙيائون،

لکيو لوڙيائون، جو آيو ڏينهن ازل جو.

29-            چي: ظاهر تنهنجي زور جو، ڪو آزمودو ڙي!

چي: وڏا ورک تار ۾، پاڻي ٿو ٻوڙي،

پر سو وڻ وچئون ڙي، ڄوتي ڪڍان ڄار سان.

30-            چي: تَر سين اپار تر، گهوٽيا! آءٌ گهڙندوس،

ڪلاچيءَ جي ڪُن مـﺂن، پهر اٺين ايندوس،

سڄي خبر ڏيندوسِ، رَڇ جنهن کـﺂن رنڊيا.

31-            پهر اٺون ئي آئيو، ويٺا ڪن وائي،

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي،

کاهوڙيءَ کائي، ڪنهن راوت رپ رهائيو.

32-            تَر سين اپار تر، گهوٽيا آءٌ گهڙندوس،

ڪالاچيءَ جي ڪُن مـﺂن، پهر ستين ايندوس،

سڄي خبر ڏيندوس، ته راوت ڪنهن رپ رهائيو.

33-            ستون پهر آئيو، ته ويٺا ڪن وائي،

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي،

کاهوڙيءَ کائي، هي راوت ڀي رپ رهائيو.

34-            ماڻهو آيو مور ڏي، کڻي خاطي خط،

پڙهي پروڙج پاڻهي، اسان ڪونهي اَت،

ڏسي اهڙا اکرڙا، هئي هئي هڻي هٿ،

وهيس نار نيڻن مان، ريلا ڪري رت،

پر مون کي ڪانهي پت، ته گهاتو گهر نه آئيا.[1]

35-            ماڻهو آيو مور وٽ، رهبر ڏي روئي،

ڀائر تنهنجا مورڙا! ڌڱ ڇڏيا ڌوئي،

ڪڍ ڪُن ڪالاچيءَ کـﺂن، سنڀاري سيئي،

انهن کـﺂن پوئي، ڪهڙي ڪم ايندين مورڙا!

36-            خاطي! وڃ وري سگهو، ڪجان تون سعيو،

آيو مرد مياڻيءَ تي، لاڳاپا لاهيو،

ڪَل هجي جنهن ڪـُن جي، سو سورهيه سنڀرايو،

صبح ساڻ موڪلايو، آءُ به ايندس اوڏهين.

37-            دُنگ هئڙس هٿ ۾، دارون دُرس ورهاءِ،

ڇهه ڇهه ڪري ڇڻي پئي، وٽي وير هٿاءِ،

چوي دلوراءِ، ڪو آيئي ماڻهو اوچتو؟

38-            آءٌ ادا! اورتان، ڏي خاطي خبر چار،

چي: مهاڻا مياڻيءَ ۾ هئا پورا پنج هزار،

هيڪاندا ٿي هليا، دوست دلين جا يار،

مٿي ٻڌائون مور چڙا، ڪري پاڻيءَ جي پچار،

مڇ اُتي ماري وڌا، جيڪي جگري يار،[2]

وڙهن مس ”محمود چئي، جنهن ڌڪي ڪيا ڌار،

چي: پاڻهي ٿيندي پچار، ڪڏهن منهنجي ۽ مڇ جي[3]

39-            خاطو! وري وڃ، ڪر پوئتي جو سعيو،

سون مياڻيءَ سڀ جا، لاڳاپا لاهيو،

بادشاهه کان موڪلايو، آءُ به اچان ٿو اڱڻ تي [4]

40-            ماڻهو آيو مور وٽ، روئي ڏي رهبر،

هت ترسين، تعظيمان لهين، هُت ڪَڇئين ڪئو قهر،

خونيءَ سڀ کپايئي، وڍي ڏيئي ور،

هاڻي ڪهڙو کڻندين ڪر، مياڻيءَ ۾ تون مورڙا!

41-            چي: پـُيِو سڀني جو هيڪڙو، هئي آڻي پاڻي ماءِ،

ڄائينَ ٻيءَ پيٽاءِ، ٿو تڏهن ترسين تار کـﺂن.

42-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو دانهن دلوءَ کي ڏي،

دلوڙي منهنجا بادشاهه! مون کي مڇ مارائي ڏي [5]

ڪاريگر، جي ڪم جا، انهيءَ دم گهرائي ڏي،

ڪَل ٺهرائي ڪائي جي، تکا ڪات به ڏي،[6]

منهنجون ۽ مل مڇ جون ڳالهيون ڪندا ڪي،

ته ٽُڪر ڪري ٽي، مان لاهيان مئي مڇ مان.

43-            موڪل ورتئين دلوءَ کان، دل جهلي هاڻ،

مدد ڏي مسڪين کي، مون کي ڪانهي ڪاڻ،

ڪل ٺاهي ڏي ڪائي جي، جنهن ۾ خوني کاڻ،

ڇريون ڪٽاريون، ڇاهيون،[7] چڙهيل سڀ سراڻ،

ڪري همت هاڻ، وجهان وچ ويريءَ کي.

44-            ڪاريگر انهيءَ ڪم جا، جيڪي چُئين ڏيان سيئي،

رضا رب ڪريم جي ،آهي ڀوڳڻي پيئي،

ڪٽاريون، ڇاهيون ڪيتريون ڪاتيون ڏيانءِ ڪيئي،

سج سنئون سيئي، هٿيار ڏيندو سانءِ هٿ ۾.

45-            رات وچ ۾ راس، ڏنئينس ڪائي جي ڪَل،

چي: وڃي وڙهه ويريءَ سان، جي اچئي ڪا اٽڪل،

هو گهاون اڳيئي گهائيو، سورن ڪيس سل،

مانجهي نوکـﺂن مل، خونيءَ سڀ کپائيا.

46-            خونيءَ سڀ کپائيا، هٿ منجهه هزار،

هئا هيڪاندا هڏهين، جاني جگر يار،

رضا هئي رب جي، جنهن ڇني ڪيڙا ڌار،

هاڻي ڏيندم سوڀ ستار، ته ماري ايندس مڇ کي.

47-            مارڻ ڪارڻ مڇ جي، هُت گهاتو ڪو نه گهڙي،

هلي ملاح مورڙو، ٿو ويريءَ سان وڙهي،

مرڻ مناسب ”محمود“ چئي، چانئڪ تي نه چڙهي،

هاڻ اچي راڄ مڙي، جو مورڙو وڙهي ٿو مڇ سان.

48-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، بيٺو ”ادا، ادا“ ڪري،

ويجها آهيو ته وري اچو، اوهان کي پيئي رات پري،

ويهان ڪيئن ڪري، جوگهاتو گهر نه آئيا.[8]

49-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، بيٺو کڻي رَڇ،

وڃي ٿيان شل ويجهڙو، وٺان ڪلاچيءَ ڪَڇ،

ڪري ميل مڙس جو، تنهن تي ڪندس بڇ،

ماريندو سانءِ مڇ، ڏيئي ڪات ڪلين کان.

50-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، پَسي ڀاڄائيون،

نٿون هُئن نڪ ۾، ڪَرَ ڪُلهيريون ٻانهيون.

ننڍڙا ٻار ٿڻن تي، ڇتن ۾ ڇايون، [9]

اهڙيون ملاحيون، ورن ري ولهيون ٿيون.

51-            ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، هونگ جَني جي هُئي.

تن جا مولهيا مينهن پُسائيا، مٿئون ماڪ پئي. [10]

ڪلاچئون ڪهي، ڪڏهن مڇ ماريندين مورڙا!

52-            اوڀايو پٽن جا، پيو رويون ڪڍي پار،

گهوڙيون هيون گهوٽن سان، هئا تـَرين جا هسوار،

سي ڌڪي ڪيڙا ڌار، جي وُڙهن مس ”محمود“ چئي.

53-            ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، آيا جُنگ جوان،

واقف نه هئا وجهه جا، نه سوگها هئن سامان،

سورهين پئي سر ڏنا، پاڻيءَ ۾ پهلوان،

ڪل لڌائون ڪا نه، جو وڌا ويريءَ وات ۾.

54-            وڌا ويريءَ وات ۾، سي ڇهه ئي ڇوڙي،

اوڀايو پَٽن تي، رند وٺيو ووڙي،

گهاتو ڪنهن گهٽي وڌا، سوگها ڪيا سوڙهي، [11]

لکيو هرڪو لوڙي، جو آين ڏينهن ازل جو.

55-            ويريءَ وڌا وات ۾، ڇهه ئي مهاڻا،

ستين ڀيڻن ڀَر تي، ڪڍي آيل اوراڻا،

خاصا هنڌ ادَن جا، هئا طول وهاڻا،

نٿي آءٌ ڄاڻا، ته ڪيهيءَ جهل جهلي وڌا.

56-            موٽ مانجهي مورڙا، ٻڌ مياڻيءَ تي موڙ،

ڪالاچيءَ جي ڪـُن ۾، تنهنجا ڪين هلندا ڪوڙ،

ڏسي مڇ ”محمود“ چئي، ٿو سڌي ڪري سوڙهه،

سمجهي ڪجان گهور، انهيءَ مڇ تي تون مورڙا!

57-            مورڙو وڙهي ٿو مڇ سان، سوئي پنهنجو پاڻ،

عقلمند اڳي هيو، سو سرت ڀريو سڄاڻ،

هو ٿو تکو تار وهي، مئي متو مهراڻ،

سائين ننگ سڃاڻ، پڄاڻي ڪندس پانهنجي.

58-            منهن چڙهيو اُت مڇ، جو گهوٽ وڌو گهائي،

ڏنئينس ڪات ڪلين ۾، سُوئا سمجهائي،

بيٺس وات وهڻ کـﺂن، وڌئينس ليٽائي،

ڀانڊي اندر ڀيم جي، ويٺو ورنهه واجهائي،

ڏسان ميٿ ڀائرن جا، جن گهوٽ وڌا گهائي،

هاڻ هر هر هلائي، مُـُنهن مٿي ”محمود“ چئي.

59-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، دانهن دلوراءِ ڏي،

هن ديواني مڇ جون، ڳالهيون ڪندا ڪي،

سسي مانگر مڇ جي، مون ٽُڪر ڪئي آهه ٽي،

هاڻَ راڄ سڏائي ڏي، ته مڙي ڪڍن مڇ کي.

-------


 

* هيءَ روايت علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجهورو) کان محمود شاعر جي نالي ملي. اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان هن روايت جا 13 بيت مليا، جي هن ٻُڍي شر جي زباني قلمبند ڪيا، جن جا اختلاف حاشيه (ف) ۾ ڏنا ويا آهن.فاضل قائمي کان مليل بيتن مان پڻ هڪڙي بيت ۾ ”محمود“ جو نالو آيل آهي. هن روايت جا اڪثر بيت ساڳيا مير ٻگهيي وارا  آهن.

[1] روايت ف موجب: لکڻ ٿيس آپت، هن جا مارو مڇ کڻي ويو.

[2] روايت ف

[3] روايت ف موجب: هاڻي سوڀون ڏئين ستار، ته لاهيان مئي مڇ جي.

[4] روايت ف.

[5] روايت ف موجب.

[6] روايت ف موجب: ڇريون، ڪٽاريون، ڇاهيون، مون کي ڪائو ڪات ڏي.

[7]  ڇاهيون = سنهي ۽ ويڪري منهن واريون ڪهاڙيون، تبرون.

[8]  روايت ف

[9]  روايت ف

[10] هي بيت شاهه جي رسالي ۾ هن طرح آيل آهي:

ماڪ ڀڄاين مولهيا، مٿان رات پئي،

اوليون اُڄهڻ لڳيون، ويا ونجهه وهي،

ڪلاچيا ڪَهي، ڪڏهن ڪو نه آئيو.

[11] روايت ف موجب: ڪهڙيءَ گهٽ گهٽي وڌا، يا سوگها ڪيا سوڙهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org